; سنڌي شخصيتون: برڪت علي آزاد، تهذيب الاسلام رضوي، انجنيئر عبدالوهاب سهتو، ڊاڪٽر محمد علي محمدي، محبوب علي سومرو،
Showing posts with label برڪت علي آزاد، تهذيب الاسلام رضوي، انجنيئر عبدالوهاب سهتو، ڊاڪٽر محمد علي محمدي، محبوب علي سومرو،. Show all posts
Showing posts with label برڪت علي آزاد، تهذيب الاسلام رضوي، انجنيئر عبدالوهاب سهتو، ڊاڪٽر محمد علي محمدي، محبوب علي سومرو،. Show all posts

16 July, 2019

برڪت علي آزاد

برڪت علي آزاد
سياسي، سماجي، ادبي ۽ صحافتي خدمتون
تهذيب الاسلام رضوي
انجنيئر عبدالوهاب سهتو
مؤلف پاران
جناب برڪت علي آزاد صاحب سنڌ جي نامور صحافين ۾ شمار ٿين ٿا. ۱۹۳۷ع کان صحافتي زندگيءَ جو آغاز ڪيائون. پنھنجي ساري زندگي صحافتي مشن کي جاري رکڻ ۾ ڳاري ڇڏيائون. آخر تائين سندن اهو ارادو هيو ته؛ هڪ اهڙي اخبار جاري ڪجي، جنھن ذريعي هر طبقي جي فڪرمند ماڻھن جي رهنمائي ڪري سگهجي.
مون هن مقالي لکڻ ۾ کين وقتاً فوقتاً زحمت ڏني ۽ کانئن مفيد مشورا پڻ ورتا، جن لاءِ مان دليون جانيون سندن ٿورائتو آهيان. ان کان علاوه پراڻين اخبارن ۽ ڪيترن ڪتابن مان، گنجائش آهر استفادو پڻ حاصل ڪيو اٿم.
هيٺ آزاد صاحب جي زندگيءَ کي ننڍڙن موضوعن ۾ ورڇيندي پڙهندڙن جي دلچسپيءَ لاءِ پيش ڪجي ٿي ته جيئن گهڻن لاءِ راهِ عمل پيدا ٿي سگهي.