; سنڌي شخصيتون: ماھين ھيسباڻي ، انجنيئر عبدالحفيظ ڀٽي،
Showing posts with label ماھين ھيسباڻي ، انجنيئر عبدالحفيظ ڀٽي،. Show all posts
Showing posts with label ماھين ھيسباڻي ، انجنيئر عبدالحفيظ ڀٽي،. Show all posts

18 July, 2019

ماھين ھيسباڻي - انجنيئر عبدالحفيظ ڀٽي


ماھين ھيسباڻي
ڪل جڳ جي شاعره
انجنيئر عبدالحفيظ ڀٽي
سنڌ ڇھ ھزار سالن کان وٺي ڪري ڌرتي جي وايو منڊل تي سندر سڀيتا جو اھڃاڻ رھي آهي. سنڌ ازلي خوبصورتي سان پنهنجي خاموش مرڪ سان پنهنجي محور ۾ رقص ڪندي نظر ايندي اٿم جتان جو ھر شخص پنهنجي ڪَلجُڳ جو مَھراجا ھجي ٿو. ھر شخص پنهنجي عشق جي پڙلاءُ جا سَڏ سُرڪي ٿو. اندر جي سونهن سان ٽمٽار وجودَ ماحول ۾ امن جو سنديسو ارپين ٿا. اھي امن جا اولڙا روشن مستقبل جي نويد آڻين ٿا، جتي ماڻھون، ماڻھون رند ۽ شاعراڻن خيالن سان سونهن جي سرھاڻ کي پنهنجي سِراٽي رکي ڪري پر سڪون ھُڳاءُ سان مسرور رھن ٿا. اھا مسروريت جي ڪيفيت شاعر جي سڃاڻپ ڪرائن ٿا جيڪي پنهنجي محنتن سان ۽ جفاڪشن سان سنڌ جي سونهن کي مان بخشن ٿا.