30 September, 2011
حاجي شاهنواز خان چاچڙ - شوڪت چاچڙ
متارو ڏاهري - سليمان ڏاهري
حاجي ڦوٽو حلوائي - علي جان ڀٽي
رائچند هريجن - ڪي پي مهتاب سوٽهڙ/ مٺي
ڪي اين واسواڻي عرف ساڌو واسواڻي - رکيل مورائي
پروفيسر خوشي رام نيڀراج واسواڻي 19 مئي 1911ع تي سنڌ جي ٻئي نمبر وڏي شهر حيدرآباد ۾ جنم ورتو. سندن والد ناليوارو وڪيل هو. ممبئي يونيورسٽيءَ مان قانون جي ڊگري حاصل ڪرڻ باوجود ڪي اين واسواڻي ڊي جي نيشنل ڪاليج حيدرآباد ۾ پروفيسر ٿيو ۽ شاگردن کي تعليم ڏنائين. سندن عوامي خدمت جي جذبي، بهترين ليکڪ، مقرر ۽ آرگنائيزر وارين خوبين، ناليواري تعليم دان ٽي ايل واسواڻي کي ڏاڍو متاثر ڪيو. ڪي اين واسواڻي انتهائي ذهين شاگرد هو ۽ بمبئي يونيورسٽيءَ مان ايم اي هسٽري ۾ فرسٽ نمبر حاصل ڪيائين. هو آءِ سي ايس لاءِ اهل هو پر پنهنجي اسٽوڊنٽ ليڊر طور سرگرم ڪردار سبب،، هندستان جي حڪومت مٿس آءِ سي ايس امتحان ۾ ويهڻ تي پابندي لڳائي ڇڏي.
21 September, 2011
مولانا محّب علي سنڌي - پير حسام الدين راشدي
18 September, 2011
ڄيٺمل پرسرام - شوڪت حسين شورو
سيٺ وشنداس نهالچند - شوڪت حسين شورو
سيٺ هرچند راءِ وشنداس - شوڪت حسين شورو
محمد جمن - شوڪت حسين شورو
حليم بروهي - شوڪت حسين شورو
مورج منگهناڻي! - شوڪت حسين شورو
رام بخشاڻي! - شوڪت حسين شورو
مگهن مل پنچوليا - شوڪت حسين شورو
پروفيسر رام پنجواڻي - شوڪت حسين شورو
رئيس غلام محمد ڀرڳڙي - شوڪت حسين شورو
17 September, 2011
وشنو ڀاٽيا - تاج جويو
16 September, 2011
فقير غلام علي ”مسرور“ بدوي - ميمڻ عبدالغفور سنڌي
فقير عثمان سانگي
[ ۱۷۷۸ع – ۱۸۶۰ع ]
ميمڻ عبدالغفور سنڌي
فقير عثمان ولد خيرمحمد سانگي، تعلقي لاڙڪاڻي جي ڳوٺ
”ڄاماڻي سانگي“ ۾، ۱۶ صفرالمظفر ۱۱۹۳هه مطابق ۲۴ نومبر ۱۷۷۸ع تي تولد ٿيو. ننڍپڻ کان ئي نهايت ذهين ۽ ماٺيڻو هو.
اڪثر ڪري والد جي وٽ ۾ ويهي، هدايت جون راهون معلوم ڪندو رهيو. پيءُ جو مٿس ايترو
ته گهرو ۽ گهاٽو اثر پيس، جو عربي، فارسي ۽ سنڌي زبانن تي ڪڙو چاڙهي ڇڏيائين. ويتر
صوفين جي صحبت کيس ”تصوف“ جي واٽ به ڏيکاري. باطني فيض وٺڻ لاءِ، پاڻ نوشهري فيروز
جي نقشبندي بزرگ، مخدوم خواجه عبدالحي رح جو وڃي پوئلڳ ٿيو؛ جنهن جي صحبت ۾ رچي
ريٽو ٿيو. سندس پير ڀائي، فقير خيرمحمد ”خوش“ هيسباڻي بلوچ به هو؛ جنهن جي صحبت ۾
شعر چوڻ شروع ڪيائين. فقير نانڪ يوسف، فقير ڇتو سانگي، فقير دريا خان قريشي، فقير
موهن آهوجا ۽ فقير هاسا رام آهوجا سندس گهڻگهرا هئا.
فقير عبدالخالق ”غمدل“ دايو - ميمڻ عبدالغفور سنڌي
فقير ڇتو سانگي - ميمڻ عبدالغفور سنڌي
علامه آءِ - آءِ – قاضي - ميمڻ عبدالغفور سنڌي
عثمان علي ”اَنصاري“ - ميمڻ عبدالغفور سنڌي
عبدالڪريم ”گدائي“ - ميمڻ عبدالغفور سنڌي
عبدالله ”اثر“ چانڊيو
عبدالله ”اثر“ چانڊيو
[۱۹۷۶هه ۱۹۲۰ع]
ميمڻ عبدالغفور
سنڌي
لاڙڪاڻي
جي ادبي تاريخ ۾ مولوي عبدالله ”اثر“ ولد مولوي الله ڏنو چانڊيو، اهم حيثيت رکي
ٿو. سندس ولادت تعلقي لاڙڪاڻي جي ڳوٺ ”ٻيڙو چانڊيو“ ۾ ۱۳۳۹هه مطابق ۴ جولاءِ ۱۹۲۰ع تي ٿي آهي. ابتدا ۾ قرآن پاڪ، مولانا محمد عمر جان چشمويءَ وٽان
پڙهيائين. اهڙيءَ طرح مولوي غلام الرسول
عباسيءَ وٽان عربي ۽ فارسيءَ جي سکيا به ورتائين. پاڻ نهايت ذهين ۽ اورچ هو؛ جنهن
ڪري اُستاد به سندس حافظي ۽ هوشياريءَ جا مداح هئا ۱۹۳۶ع کان
پرائمري اُستاد بڻيو. شمس العلماءُ علامه ڊاڪٽر عمر بن محمد دائود پوٽي جي خاص
مهربانين سان ترقي وٺي اي ڊي آءِ ايس (A,D.I.S) ٿيو. ايم اي سنڌي ادب جي سلسلي ۾ راقم الحروف سان به
سندس ڏيٺ ويٺ ٿي. شعر و شاعري، لاڙڪاڻي جي ادبي محفلين ۽ سگهڙن جي ڪچهرين مان قرب
حاصل ڪندي؛ ”تارڪ“، ”شيدا“، ”اَثيم“، ”نظام“، ”نياز“، جعفري، ”خادم“ لاڙڪاڻوي ۽
”دلگير“ دريانيءَ جن جي صحبتن مان خاصو استفادو حاصل ڪيائين.
صوفي قبول محمد (ثاني) درازي رح - ميمڻ عبدالغفور سنڌي
[ 1842هه – 1925ع ]