قاضي عبدالمجيد عابد
هڪ مثالي شخصيت
ڊاڪٽر محمد يعقوب مغل
قاضي عبدالمجيد عابد پنهنجي ابتدائي تعليم سيوهڻ ۾ حاصل ڪئي. ان بعد
باقي تعليم حيدرآباد ۾ مڪمل ڪئي. سندن تاريخ پيدائش مارچ ۱۹۱۵ع چئي وڃي ٿي. عملي زندگي جو آغاز خانداني پيشي حڪمت سان ڪيائون.
قاضي صاحب هڪ متحرڪ انسان هئا. جيتوڻيڪ قاضي صاحب جڏهن ۱۱ سالن جا هئا ته سندن والد محترم قاضي عبدالقيوم وفات ڪري ويا هئا
والده به ٿوري عرصي اندر گذاري وئي. سندس وڏي ڀاءُ قاضي محمد اڪبر سندن سرپرستي
ڪئي جو ان وقت ۱۵-۱۶
سالن جو هو. قاضي عبدالمجيد عابد ۽ ٻيا ننڍا ڀائر قاضي محمد اڪرم ۽ قاضي محمد اعظم
هئا. چئني ڀائرن ۾ بي حد محبت هئي. قاضي
عبدالقيوم جي وفات کان پوءِ قاضي برادران وڏي جدوجهد ڪري خاندان جو نالو روشن ڪيو
۽ سياست توڙي صحافت ۾ پنهنجو پاڻ کي مڃرايو.
قاضي عبدالمجيد عابد هڪ خوددار نوجوان هو. هُن پنهنجي پير تي بيهي
اڳتي وڌڻ ٿي چاهيو تنهن ڪري پنهنجي زندگي جو آغاز روزاني الوحيد اخبار ۾ ملازمت
سان ڪيائين. ان وقت کيس ۲۰-۲۵ رپيا ماهوار پگهار ملندو هو پر ايتري پگهار ۾ ڏاڍا خوش هئا. روزانه
الوحيد اخبار ۾ کيس عملي صحافت جو تجربو حاصل ٿيو. اڳتي هلي سندن رجحان صحافت
ڏانهن ٿيو. قاضي عبدالمجيد عابد ڪجهه عرصي لاءِ سنڌ مدرسة السلام ڪراچي ۾ استاد
رهيو. جتي کيس استاد جي حيثيت سان کين نئين نسل جي تربيت ڪرڻي پئي ۽ بطور استاد
پاڻ به گهڻو سکيو. قاضي عابد گڏوگڏ تعليم به جاري رکي. انگريزي ۾ گريجوئيشن سان گڏ
ايل ايل بي به ڪري ورتائين.
قاضي عبدالمجيد عابد جو جواني وارو زمانو سياسي تحريڪ جي ڪري ڏاڍو
اهم هو. پهرين عالمگير جنگ (۱۹۱۴-۱۹۱۸) کان پوءِ گڏيل يورپي طاقتن خلافت عثمانيه کي ٽڪر
ٽڪرا ڪرڻ جي سازش ڪئي. استنبول جيڪو خلافت عثمانيه جو تخت گاهه هو تي برطانيه ۽
فرانس قبضو ڪري ورتو ۽ ترڪ فوج کان هٿيار واپس وٺي Disarmڪيو ويو.
انهي جي رد عمل ۾ سڄي هندستان ۾ تحريڪ خلافت شروع ٿي. سنڌ جي مسلمانن به تحريڪ
خلافت ۾ ڀرپور حصو ورتو. تحريڪ خلافت مسلمانن ۾ سياسي شعور پيدا ڪيو. ۱۹۲۲ع ۾ مصطفيٰ ڪمال پاشا يونانين کي ازمير ۽ ٻين
علائقن مان ڌڪي ترڪي ۾ جمهوريت جو بنياد رکيو. مارچ ۱۹۲۴ع ۾ خلافت جو خاتمو ڪري ترڪيه جمهوريه جو پهريون صدر بنيو. سنڌ ۾
هندوئن جو وڏ اثر رسوخ هو ۽ هو تعليم کان علاوه زندگي هر شعبي تي ڇانيل هئا ۽
سياسي طور به وڌيڪ باشعور هئا. ۱۹۳۶ع
۾ سنڌ جي مسلمانن جي هلايل آزادي جي تحريڪ ڪامياب ٿي. سنڌ کي بمبئي پريزيڊنسي کان
ڌار ڪري جدا صوبو بنايو ويو. جنهن جي نتيجي
۾ مسلمانن لاءِ اڳتي وڌڻ جا رستا کليا.
حيدرآباد ۾ به هندوئن جو وڏو زور هو. حيدرآباد ۾ ان وقت قاضي برادران
قاضي محمد اڪبر ۽ قاضي عبدالمجيد عابد ۽ مير برادران مير علي احمد ٽالپر ۽ مير
رسول بخش خان ٽالپر سياسي طور پاڻ کي منظم ڪري رهيا هئا.
قاضي عبدالمجيد عابد کي ان وقت سياست جو ماهر سڏيو ويندو هو ۽ کيس
ماسٽر مائينڊ سڏيو ويندو هو. سندس وڏو ڀاءُ قاضي محمد اڪبر سنڌ مسلم ليگ جو اهم
ڪارڪن هو ۽ قائد اعظم محمد علي جناح رح قاضي محمد اڪبر جي صلاحيتن جو قائل هو.
انهي ڪري سائين جي ايم سيد سان ڊسمبر ۱۹۴۶ع
واري اليڪشن ۾ کيس مسلم ليگ جو اميدوار نامزد ڪيو. انهي مقابلي جي پلاننگ قاضي
عبدالمجيد عابد پاڻ ڪئي هئي. قاضي محمد اڪبر جي ورڪ لاءِ علي گڙهه مان شاگرد به
آيا هئا. انهي اليڪشن ۾ قاضي محمد اڪبر مسلم ليگ جي سيٽ تان ۴۱۶۵ ووٽ کڻي ڪامياب ٿيو ۽ سائين جي ايم سيد جيڪو سيد گروپ جو اهم
اميدوار هو ۲۸۶۹ ووٽ کنيا ۽ ناڪام ٿيو. الله ورايو ميمڻ جيڪو آزاد
اميدوار هو صرف ۲۵ ووٽ کنيا. اها سيٽ بي حد اهم هئي. جيڪا مسلم ليگ
جي نوجوان ڪارڪن قاضي محمد اڪبر کٽي نه صرف مسلم ليگ کي ڪاميابي سان هم ڪنار ڪيو
هو پر ان سان گڏوگڏ اهو هڪ اهم سياسي ڪارنامو هو جنهن قاصي برادان جو مان مٿانهون
ڪيو. ۱۴ آگسٽ ۱۹۴۷ع تي جڏهن پاڪستان قائم ٿيو ته اهو جمع جو ڏينهن هو ۽ رمضان المبارڪ
جي ۲۷ تاريخ هئي. مسلمانن جي خوشي جي ڪا انتها نه هئي. ان ورهاڱي جي نتيجي ۾ لکها ماڻهو سکن ۽ هندستان
جي انتها پسند هندوئن هٿان شهيد ڪيا ويا ۽ لڏ پلاڻ جي نتيجي ۾ لکين مسلمان هندستان
مان بي سرو ساماني جي حالت ۾ لڏي هتي آيا. انهن جي اڪثريت هجرت ڪري سنڌ ۾ آئي.
انهن جي آبادڪاري ۾ قاضي محمد اڪبر ۽ قاضي عبدالمجيد عابد عملي حصو ورتو ۽ انهن
ڏتڙيل مهاجرن کي سنڌي مسلمانن جنهن اسلامي جذبي سان مهمان نوازي واري ڪردار سان
هتي رهايو اهو واکاڻ جوڳو آهي. قاضي برادران جي ڪوششن جي نتيجي ۾ هزارين خاندان
سنڌ ۾ آباد ڪيا ويا ۽ اڄ اهي وڏا سرمائيدار ۽ صنعتڪار ٿي ويا آهن ۽ الله تعاليٰ
کين هر طرح سان نوازيو آهي. قاضي عبدالمجيد هڪ گهڻن پهلوئن واري شخصيت هو. هو محنت
ڪري هن مرتبي تي پهتو هو. هن ڏکيو وقت به ڏٺو هو. انهي ڪري کيس غريبن جي پريشانين
جو احساس ٿيندو هو. ڏاڍو يار ويس ماڻهو هو. پاڻ شرافت جي سياست جو قائل هو ۽ اها
سندس وڏي خوبي هئي جو سندس دوست نه صرف سنڌ بلڪه سڄي پاڪستان تائين موجود هئا.
بلوچستان ۾ قاضي محمد عيسيٰ، پنجاب ۾ ممتاز دولتانه ۽ سرحد ۾ خان عبدالقيوم خان
سان سندس وڏي دوستي هئي.
قاضي صاحب پهريائين ڪائونسلر جي حيثيت ۾ اليڪشن ۾ ڪامياب ٿي.
حيدرآباد ميونسپل ڪميٽي ۾ آيا. جلد پنهنجو هڪ وڏو گروپ ٺاهي ورتائين. ان کان پوءِ
جلد ئي حيدرآباد ڊويزن ڪوآرڊينيشن ڪيمٽي جي چونڊ ٿي. جنهن ۾ قاضي عبدالمجيد عابد
کي وائيس چيئرمين چونڊيو ويو. قاضي عابد صاحب هاڻي تجربه ڪار سياستدان بنجي چڪو
هو. اڳتي هلي سندس ڪوشش جي نتيجي ۾ بشير احمد چانڊيو حيدرآباد ڪارپوريشن جو ڊپٽي
ميئر ٿيو ۽ ندوي صاحب ميئر مقررٿيو نه صرف ايترو بلڪه حيدرآباد جي هڪ مقبول ۽
مثالي شخصيت جي نالي سان سڃاتو ويندو هو پاڻ نه صرف روزانه عبرت جو باني ليکڪ ۽ دانشور
هو بلڪه اهم سياسي شخصيت به هو.
قاضي عبدالمجيد عابد کي صحافت جو به عملي تجربو هو. انهي اخبار ڪڍڻ
لاءِ ڪافي عرصي کان سوچي رهيو هو. پاڻ محسوس پئي ڪيائين ته اخبار جي ذريعي عوامي
مسئلن کي اجاگر ڪرڻ سان سياست ۾ به اها ڪم ايندي.
۱۹۵۷ع ۾ حيدرآباد مان هفتيوار نڪرندڙ اخبار عبرت اکين وارن لاءِ قاضي
برادران محمد عثمان ڏيپلائي کان خريد ڪري روزانه عبرت جي نالي سان پهريون ايشو ۱۴ آگسٽ ۱۹۵۸ع تي ڪڍيو. اڳتي هلي
روزانه عبرت روزانه الوحيد جي جاءِ اچي والاري، گذريل ۵۴ سالن کان روزانه عبرت وڏي شان ۽ دٻدٻي سان شايع ٿيندي رهي ٿي.
۷ آڪٽوبر ۱۹۵۸ع تي پاڪستان ۾ جمهوريت
جي خاتمي ۽ مارشلا لاءِ لڳڻ کان پوءِ سنڌي صحافت لاءِ بي حد آزمائش وارو وقت آيو ۽ سنڌي پريس لاءِ ڏاڍيون سختيون
۽ رڪاوٽون پيدا ٿيو. ون يونٽ جي قائم ٿيڻ ۽ مارشل واري دور ۾ لفظ سنڌ جو
پرچار ۽ سنڌ جو نقشو روزانو عبرت ۽ ٻين اخبارن جي لوح مان حذف ڪرايو ويو ته جيئن
سنڌي نئين نسل جي ذهن مان سنڌ صوبي جو خيال نڪري وڃي.
اهڙي آزمائش واري دور ۾ محترم قاضي عبدالمجيد عابد مرحوم ايڊيٽر ان
چيف چيف وڏي همت سان سنڌ جي ڪاز کي روزانه عبرت جي ذريعي سنڌي عوام آڏو پيش ڪندو
رهيو ۽ مارشل لا حڪومت جي غلط پاليسين خلاف ايڊيٽوريل، مقالا ۽ مضمون روانه عبرت ۾
شايع ڪري سنڌي صحافت ۾ پنهنجو مقام پيدا ڪيو.
انهي دوران هاري اڳواڻ حيدربخش جتوئي جو انقلابي مضمون ”سنڌ ۽ وطن جو
سرشتو، قسطوار عبرت ۾ ڇپيو. جنهن بعد جنرل محمد ايوب خان جي مارشل لائي حڪومت
روزانه عبرت اخبار جا اهي پرچا ضبط ڪري اخبار کي تنبيهه ڪئي.
دراصل روزانه عبرت اخبار سنڌي عوام جي ترجمان رهي آهي ۽ سنڌ جي مسئلن
۽ نقطه نظر پيش ڪرڻ لاءِ هر اديب ۽ لکندڙ لاءِ روزانه عبرت جا دروازن کليل رهيا
آهن. ون يونٽ جي دور ۾ سنڌ تي جيڪي ظلم ۽ زيادتون ڪيون ويون ان جي باري ۾ فڪر
انگيز مضمون، تنقيدي جائزه ۽ مقالا عبرت ڇاپيا.
ڪوڙن ڪليمن جو پول پڌرو ڪيو ۽ مارشلا حڪومت جو ڌيان انهي
طرف ڇڪايو.
هتي آئون ايترو ٻڌائيندو هلان ته روزانه سان منهنجو تعلق ايترو پراڻو آهي جيترو عبرت اخبار جي ڄمار آهي. منهنجو
پهريون مقالو بعنوان ”حضرت محمد صلي الله عليه وسلم باني اسلام“ روزانه عبرت ۾۲۷ سيپٽمبر ۱۹۵۸ع ۾ ڇپيو. ييعني روزانه عبرت جي اشاعت کان هڪ مهينو
تيرهن ڏينهن کان پوءِ. ان وقت آئون انٽر آرٽس ۾ گورنمينٽ ڪاليج حيدرآباد جو شاگرد
هئس. قاضي عبدالمجيد عابد هميشه نئينب ٽهي جي لکندڙن جي حوصله افزائي ڪندا هئا.
انهي ڪري جڏهن به منهنجي ساڻن ملاقات ٿيندي هئي ڏاڍو ڀائيندا هئا.
اهو تعلق آخر وقت تائين قائم رهيو ۽ اڄ به قاضي اسد عابد سان اهو رشتو قائم آهي.
آئون گذريل ۵۴
سالن کان عبرت ۾ سرڪاري مصروفيات جي باوجود يا تقريبن ۱۵ سال ملڪ کان ٻاهر هئڻ جي باوجود مقالا ۽ مضمون، تبصرا ۽ تجزيا لکندو
رهيو آهيان. ڏيڍ سال کن هفتيوار ڪالم حال احوال به لکندو رهيس. جنهن ۾ ملڪي،
معاشرتي خرابين، عوام مسائل ۽ تعليمي پسماندگي جهڙن موضوعن تي سنڌي عوام اڳيان
پنهنجو نقطه نظر روزانه عبرت ذريعي پيش ڪندو رهيو آهيان. انهي کان علاوه تحريڪ
پاڪستان سنڌ جي بمبئي پريزيڊنسي مان عليحدگي لاءِ جدوجهد، سنڌ جي تاريخ ۽ سنڌ جو
تحريڪ پاڪستان ۾ حصو وغيره وغيره تي مسلسل لکندو رهان ٿو.
قاضي عبدالمجيد عابد مرحوم جو پنهنجو هڪ اسٽائيل هو. روزانه عبرت
قاضي صاحب لاءِ هميشه ناياب اثاثو رهي آهي ۽ سندس اڻٿڪ ڪوششن جي نتيجي ۾ وڏي معيار
تي پهتي آهي. قاضي عابد مرحوم ڪارڪنن کي هميشه همٿائيندا رهندا هئا ۽ سندن دلجوئي
ڪندا رهندا هئا. جنهن ڪري ڪارڪن هڪ جذبي ۽ لگن سان اخبار جي ترقي لاءِ ڪم ڪندا
رهيا اهو پنهنجي قلم کي انصاف جي ڪرسي تي ويهڻ واري جج جيان حق ۽ انصاف جو علمبدار
سمجهندا هئا. قاضي عابد مرحوم صحافين ۽ قلمڪارن جو قدر دان هو. مون کي ڏاڍو
ڀائيندا هئا ۽ منهنجي ساڻن هميشه نياز مندي رهي. قاضي عابد صاحب جن آخري وقت تائين
باقائدگي سان روزنه عبرت جي آفيس ۾ صبح ۽ شام جو اچي ويهندا هئا ۽ اهم خبرن،
مضمونن، مقالن ۽ تبصرن جي باري ۾ پنهنجي راءِ ۽ مشورا ڏيندا هئا.
قاضي عبدالمجيد عابد نه صرف روزانه عبرت جا باني هئا پر ان سان گڏوگڏ
ناميارا صحافي، اديب تحريڪ پاڪستان جا سپاهي ۽ سابق وفاقي وزير به رهيا پر انهي جي
باوجود پاڻ هڪ سٺا انسان، غريب نواز ۽ عوام دوست شخص هئا. سندن هميشه اها ڪوشش رهي
ته روزانه عبرت عوام جي ترجمان اخبار رهي.
روزانه عبرت پنهنجو اوائلي سفر سنڌ موٽرز واري بلڊنگ مان شروع ڪيو.
بعد ۾ انهي بلڊنگ واري جڳهه تي هوٽل اورينٽ تعمير ڪئي وئي.
قاضي صاحب جي ڪوششن ۽ صحافي برادري لاءِ احترام سبب روزانه عبرت کي
شروع ڏينهن کان ئي سنڌ جا برک صحافي مليا. محترم شيخ علي محمد مرحوم بحيثيت ايڊيٽر
۽ هڪ سال بعد ۱۹۵۹ع ۾ عزيزم پروانو ڀٽي عبرت جي ماهوار ايڊيشن کي
عوام ۾ مقبول بڻائڻ لاءِ بي لوث خدمت ڪئي. ڪجهه عرصي بعد شيخ عزيز پڻ هن اخبار ۾
اچي ويو. ان کان سواءِ خير محمد کوکر ته آخري دم تائين عبرت سان نڀايو. روزانه
عبرت جي عوام مقبوليت جي ڪري انهي دور جا لاتعداد ناميارا اديب شاعر عالم ۽ محقق
پنهنجا مقالا عبرت ۾ ڇپجڻ لاءِ موڪليندا هئا. جنهن جو نتيجو اهو نڪتو جو ڏينهون
ڏينهن هي اخبار سنڌ عوام ۾ مقبول بڻندي وئي ۽ اهڙي طرح سنڌي عوام خصوصن سنڌ جي ڳوٺاڻن کي باشعور بڻائڻ ۾ عبرت وڏو
رول ادا ڪيو آهي.
انهن برک عالمن اديبن ۽ تجزيه نگارن مان چند جو ذڪر ڪرڻ بي حد ضروري
آهي. جن جا ڪالم پڙهڻ لاءِ عبرت جا پرستار ٻي ڏينهن جو بي چيني سان انتظار ڪندا
هئا. مولانا غلام محمد گرامي مرحوم جو جهول داتا وارو ڪالم، تحريڪ پاڪستان جي عظيم
اڳواڻ ۽ روزانه والوحيد جي سابق ايڊيٽر ۽ سنڌيت جي پرچارڪ شيخ عبدالمجيد سنڌي جو
”نعره مستانه“ سنڌ جي عوامي ليڊر محترم رسول بخش پليجي جون لکيل ڪورٽ جون ڪهاڻيون۽
قائد اعظم جي باري ۾ لکيڪ تحقيقي مقالا، سنڌ جي عظيم سياستدان ليکڪ ۽ صحافي محترم
پير علي محمد شاهه راشدي جو رند ۽ پنڌ وارو ڪالم ۽ خود قاضي عبدالمجيد عابد جا
پنهنجا مضمون، مقالا ۽ سفرناما ۽ انهي کان علاوه ٻين ڪيترن عالمن ۽ محققن جا مقالا
۽ مضمون به روزانه عبرت ۾ ڇپندا رهن هئا. جنهن ڪري پڙهندڙ جي تعداد ۾ اضافو ٿيندو
رهندو هو.
انهي کان علاوه قاضي عابد مرحوم نوجوان ادبين مقالا نگارن ۽ شاعرن جي
به حوصله افزائي ڪندا هئا. روزانه عبرت جو هڪ ٻيو ڪارنامو هي آهي ته اخبار ننڍڙن
ٻارڙن جي شوق ۽ اتساهه لاءِ ٻارڙن جي ٻاري جو سلسلو شروع ڪيو جنهن جو پهريون
انچارج سنڌ حڪومت جو موجوده سينيئر وزير پير مظهر الحق هو جيڪو ان وقت ماما موجي
جي نانءُ سان انهي صفحي کي سنواريندو هو. عورتن لاءِ خواتين جي محفل اديبن لاءِ اديبن جي ڪچهري ۽ شاگردن لاءِ
وري شاگردن جون سرگرميون جو سلسلو شروع ڪيو. انهي کان علاوه زراعت جي باري ۾
معلومات ۽ اسلام جي ڄاڻ لاءِ اسلامي تاريخي مضمون شايع ڪري سنڌي عوام جي علم ۾
واڌارو آندو. انهي چوڻ ۾ يقينن اسين حق بجانب آهيون ته روزانه عبرت سنڌي صحافت جو
هڪ چمڪندڙ ستارو آهي. جنهن سنڌي عوام ۾ ۽ خاص ڪري سنڌي ڳوٺاڻن ۾ اخبار پڙهڻ جو شوق
پيدا ڪيو ۽ سجاڳي پيدا ڪئي. پاڪستان جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو سنڌي صحافت اردو ۽
انگريزي صحافت سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي سنڌي ٻولي جي اهميت جو احساس ڏياريو. اهو
انهي ڪري ممڪن ٿيو جو قاضي برادران سنڌي صحافت جي تمام گهڻي خدمت ڪئي ۽ آخر ۾ آل
پاڪستان نيوز پيپرز سوسائٽي جا صدر بڻيا ۽ هن سوسائٽي ۾ پاڪستان جي سڀني ٻولين کان
علاوه اردو ۽ انگريزي جون اخبارون به شامل هيون.
جڏهن مارشل لا دور حڪومت ۾ ۱۹۸۵ع ۾ غير پارٽي بنيادن تي چونڊون ٿيون ته قاضي عبدالمجيد عابد ان وقت
جي سينيئر سياستدان مير علي احمد ٽالپر کي وڏي ليڊ سان شڪست ڏئي ڪامياب ٿيو. قومي
اسيمبلي جي ميمبر ٿيڻ کان پوءِ پاڻ اطلاعات نشريات، پاڻي ۽ بجلي جو وفاقي وزير
ٿيو.
وزارت دوران عام ماڻهن جا ڪم خدمت جي جذبي سان ڪندا هئا. هو نه صرف
سندس تڪ جي ماڻهن جا بلڪ تڪ کان ٻاهر سنڌ جي ٻين شهرن جا ماڻهو به وٽس ايندا هئا
ته هو نه صرف انهن جي نوڪرين لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪندو هو. پر جيستائين انهن کي
نوڪري جو آرڊر نه ملندو هو تيستائين سندن رهائش ۽ کاڌ خوراڪ جو بندوبست پڻ ڪندو
هو. صوبائي وزارت هجي يا مرڪزي سندس ڪراچي اسلام آباد
۽ حيدرآباد جي آفيسن توڙي رهائشگاهن جا دروازا هميشه کليل رهندا هئا. وزير جي حيثيت
۾ عبرت اخبار واري آفيس نه وساريائين. اتي به سنڌ مان آيل ڳوٺاڻن ۽ شهرين سان ملاقات
ڪري سندن مسئلا حل ڪندا هئا ۽ ڪم ڪار سان گڏوگڏ سندن چانهه يا شربت سان آجيان ڪئي
ويندي هئي. قاضي عابد صاحب پنهنجي عوام جي خدمت عبادت جي جذبي سان ڪندا هئا. اڄ
وزيرن ۽ صلاحڪارن تي اهي الزام لڳايا وڃن ٿا ته هو پئسا وٺي نوڪريون ڏين ٿا ليڪن
قاضي عبدالمجيد عابد لاءِ سندن مخالف به اها گواهي ڏيندا هئا ته هو شرافت جهو
مجسمو آهي ۽ هن جي سياست جو اهم نقطو بي لوث خدمت آهي. مٿس ڪوبه
الزام نٿو لڳائي سگهجي. قاضي عابد جو سياست تجربو ايترو ته وسيع هو جو هو جيڪي سياسي
اڳڪٿيون ڪندو هو سي ۹۰ سيڪڙو صحيح ثابت ٿينديون هيون. ۶ صفحن تي مشتمل. قاضي عابد
صاحب جو هڪ سياسي تجزيو قاضي اسد عابد وٽ موجود آهي جنهن ۾ ۱۹۷۱ع وارين چونڊن جي باري ۾ لکيو هئائين ته اولهه پاڪستان ۾ ذوالفقار
علي ڀٽو جي پاڪستان پيپلز پارٽي ڪامياب ٿيندي ۽ مشرقي پاڪستان ۾ شيخ مجيب الرحمان
جي عوامي ليگ ڪاميابي ماڻيندي. کين ائين پئي لڳو ته پاڪستان ٽٽي ويندو. جيڪو اڳتي
هلي سچ ثابت ٿيو. پنهنجي وڏي ڀاءُ قاضي محمد اڪبر کي منع ڪئي هئائين ته هو پ پ جي
مخالفت ۾ چونڊون وڙهي نه ته هارائيندو اها اڳڪٿي به سچ ثابت ٿي. قاضي افضل عابد
سندس ننڍو فرزند هڪ واقعي جو ذڪر ڪيو آهي. هو چوي ٿو ته هو گهر ويٺو هو ۽ ڊرامو
ڏسي رهيو هو ته ان وقت خبر آئي ته فاروق احمد لغاري پاڪستان جو صدر ٿي ويو آهي. هن
هڪدم چيو ته هاڻي پ پ ۱۰ سال حڪومت ۾ رهندي جنهن
تي قاضي عبدالمجيد عابد چيو ته اهو ئي محترمه جو سر وڃائيندو. اها پيشنگوئي به سچ
ثابت ٿي.
محمد خان جوڻيجو جڏهن وزيراعظم پاڪستان هو ته هن اي پي سي سڏائڻ جو
فيصلو ڪيو ته جيئن بين الاقوامي صورتحال ۽ پرڏيهي پاليسي بابت ڪي اهم فيصلا ڪي
سگهجن. محمد خان جوڻيجو جي سوچ هئي اها اي پي سي اوستائين ڪامياب نه ٿي سگهندي
جيستائين محترمه بينظير ڀٽو صاحبه، مولانا شاهه احمد نوراني ۽ امير جماعت اسلامي
اي پي سي ۾ شريڪ نه ٿيندا. ان وقت جنرل ضياالحق پاڪستان جو صدر هو ۽ جنهن محترمه
بينظير ڀٽو جي والد ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي جي سربراهه ذوالفقار علي ڀٽو جي حڪومت
ختم ڪئي هئي. محمد خان جوڻيجو بخوبي واقف هو ته قاضي عبدالمجيد عابد سلجهيل
سياستدان آهي ۽ بهترين صلاحيتن جو مالڪ آهي ۽ پنهنجي سياسي تدبر فهم ۽ فراست جي
ذريعي منجهيل مسئلا به حل ڪري ٻين کي قائل ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو. انهي ڪري کيس
ڪيبنٽ ۾ سينيئر وزير بڻايو هئائين ۽ محترمه بينظير ڀٽو صاحبه، مولانا شاهه احمد
نوراني ۽ امير جماعت اسلامي کي اي پي سي ۾ شريڪ ٿين جو ٽاسڪ ڏنو هو. اهو ٻڌائڻ
ضروري آهي ته قاضي عابد صاحب جا سڀني سياستدانن سان سٺا تعلقات هئا. مولانا شاهه
احمد نوراني سندس ويجهو دوست هو. جنهن ڪري اي پي سي ۾ شامل ٿيڻ لاءِ تيار ڪري
ورتائين. امير جماعت اسلامي کي اي پي سي ۾ شامل ٿيڻ لاءِ پروفيسر غفور احمد ذريعي
دعوت ڏنائين. جيڪو قاضي صاحب جو دوست هو. محترمه بينظير ڀٽو صاحب کي اي پي سي جي
اهميت ٻڌائيندي نيٺ قائل ڪري ورتو ته سندس شرڪت پ پ ۽ پاڪستان لاءِ بي حد فائدي
مند آهي. اهڙي طرح سڀني ليڊرن محترمه بي نظير ڀٽو شهيد سميت اي پي سي ۾ شرڪت ڪئي. اها قاضي عبدالمجيد عابد جي
سياسي زندگي جي سڀ کان وڏي ڪاميابي هئي انهي چوڻ ۾ اسان بلڪل بجانب آهيون ته قاضي
عبدالمجيد عابد هڪ مدبر سياستدان ۽ مثالي شخصيت هئا.
ازدواجي زندگي:
قاضي عبدالمجيد عابد جي ازدواجي زندگي به مثالي هئي. سندس ٻه گهر
واريون هيون. پهرين گهرواري سندس چاچي حڪيم فتح محمد سيوهاڻي جي نياڻي هئي جنهن
مان ۶ پٽ ۽ ٻه نياڻيون هئس. بي گهر واري اردو
ڳالهائيندي هئي. جنهن مان ٻه پٽ ۽ چار نياڻيون دنيا ۾ آيون. قاضي صاحب پنهنجي
اولاد کي اعليٰ تعليم ڏياري ۽ بنا فرق جي پنهنجي اولاد کي سار ڏنو. اهڙو مثالي
ڪٽنب اسان کي مشڪل سان ملندو. قاضي عابد صاحب جي ڀائرن ۽ ڀيڻن لاءِ به مثالي محبت
هئي ۽ هو سڀني جو تمام گهڻو خيال رکندو هو. اولاد لاءِ قاضي صاحب هڪ مثالي پيءَ هو
۽ سڀ پٽ ۽ ڌيئون ساڻس والهانه پيار ڪندا هئا ۽ سندن دل ۾ قاضي عابد صاحب لاءِ بي
حد احترام ۽ عقيدت جو جذبو قائم رهيو. قاضي عابد صاحب عمر جي آخري ڄمار ۾ پنهنجن
پٽن توڙي نياڻين جي رهائش گاهن تي پهچي پاڻ سندن خير خيريت پڇندو هو ۽ پنهنجن پوٽن
۽ ڏهٽن کي پيار ڪندو هو. قاضي عابد صاحب جي سڄي زندگي توازن ۾ گذري. شام جو گهر واپسي
جو وقت مقرر هو. هو هميشه ٻارن کي چوندا هئا ته ڪيڏانهن به وڃو پر رات جو ساڍي
اٺين يا نوين وڳي تائين گهر پهچي وڃو.
هو رات جو وقت ٻارن سان
گڏ گذاريندو هئا. عشا جي نماز پڙهڻ کان بي بي سي تان خبرون پڻ ٻڌندا هئا. دستر خوان
تي سياست توڙي ڪٽنب جي معاملن تي ڳالهه ٻولهه به ڪندا هئا. انهي ڪچهري مان سڀ لطف
اندوز ٿيندا هئا. رات جا جنهن مهل ۱۰
يا ساڍا ڏهه ٿيندا هئا ته هڪدم اٿي چٽڪي وڄائي چوندا هئا ته هاڻي رٽائر ڪريو.
دراصل قاضي عبدالمجيد عابد سڄي زندگي منظم طريقي سان گذاري ۽ ٻارن ۾ ڊسيپلين پيدا
ڪيائين. پٽن ۽ ڌيئرن سان برابري جو سلوڪ ڪندا هئا. جنهن ڪي سڀڪو وٽائنس خوش هو.
قاضي عابد صاحب جون نياڻيون ڊاڪٽر ٿيون ۽ ٻه پٽ پڻ ڊاڪٽر آهن ۽ ڪي وري انجنئير،
قاضي اسد عابد صحافت جي ميدان ۾ پنهنجو پاڻ مڃايو آهي.
قاضي اسد عابد کي محترمه بينظير ڀٽو صاحبه پ پ جو ٽڪيٽ ۱۹۹۳ع ۾ ڏنو. اها سيٽ قاسم آباد ڄامشورو گڏوگڏ لطيف
آباد جا ٻه يونٽ ڇڏي باقي سمورو لطيف آباد ان تڪ ۾ شامل هئا. سندس مقابلي ۾ اردو
ڳالهائيندڙ آبادي هئي جنهن جا اميدوار مقابلي ۾ هئا. قاضي اسد عابد جي ملنسار
شخصيت ۽ قاضي عبدالمجيد عابد جو اثر رسوخ ۽ عوامي سپورٽ جي ڪري اها سيٽ قاضي اسد عابد کٽي ۽ سوا ٽي سال عوام جي بي لوث خدمت
ڪئي. جيتوڻيڪ قاضي اسد عابد هن وقت نه ايم اين اي آهي نه وري وزير ليڪن عوام ۾
وزيرن کان وڌيڪ مقبول آهي ۽ هن وقت به هر ڪو کيس جي ۾ جاءِ ڏي ٿو ۽ احترام ڪري ٿو.
اڄ به ماڻهو ڪمن لاءِ وٽس اچن ٿا. قاضي عبدالمجيد عابد جي لائق نياڻي ڊاڪٽر فهميده
مرزا پنهنجي والد محترم جي نقش قدم تي هلندي پنهنجي علائقي بدين ۽ پاڪستان جي خدمت
پئي ڪري. پاڻ بدين مان ايم اين اي جي سيٽ تي چونڊجڻ بعد قومي اسيمبلي
جي پهرين مسلمان خاتون اسپيڪر بڻي آهي. جنهنجي صلاحيتن کي پاڪستان ۽ دنيا ۾ مڃتا ملي آهي. سندس ور ڊاڪٽر ذوالفقارمرزا جي شخصيت به
ڪنهن تعارف جي محتاج نه آهي. هن سال ۱۲
فيبروري تي مير غلام محمد خان ٽالپر جي ورسي تي موقعي تي ڊاڪٽر فهميده مرزا چيف
گيسٽ جي حيثيت ۾ ٽنڊو باگو جي مير غلام محمد خان ٽالپر جي مدرسي ۾ آئي هئي ۽ ساڻس
گڏ ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا به آيا هئا ناچيز اعزازي مهمان جي حيثيت ۾ ورسي تي شرڪت ڪئي. اسٽيج تي ڊاڪٽر فهميده مرزا منهنجي ساڄي
پاسي ۽ ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا کاٻي پاسي ويٺل هئا. اتي مون سان لاڙ جي مقبول سياستدانن
جو تفصيلي تعارف ٿيو ۽ مون محسوس ڪيو ته اسان جي نياڻي ڊاڪٽر فهميده مرزا ۾ قاضي عبدالمجيد
عابد جنهن سان منهنجا پراڻا تعلقات هئا ۽ مون کي تمام گهڻو ڀائيندو هو جون خوبيون
نظر آيون. ڊاڪٽر فهميده مرزا هڪ پرخلوص سياستدان آهي ۽ عوام ۾ بي حد مقبول ليڊر ۽
ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا به پرجوش مقرر سنڌ ۽ پاڪستان سان والهانه محبت ڪندڙ مقبول عوامي
ليڊر آهي.
آئون پنهنجو مقالو کي ڊاڪٽر فهميده مرزا جي پنهنجي پيءُ قاضي
عبدالمجيد عابد جي باري ۾ لکيل لفظن تي ختم ڪندس.
اهي لفظ ٻڌائين ٿا ته کيس پنهنجي والد محترم لاءِ بي حد پيار هو ۽
پيءُ جي ياد سندس قيمتي سرمايو آهي.
ڊاڪٽر فهميده مرزا لکي ٿي ته بابا ٻاهران ايندو هو ته آئون کيس چوندي
هئس ته مون وٽ اچي رهو پر جڏهن لاڏاڻو ڪري رهيا هئا ته ان جا آخري ڏينهن مون وٽ
رهيل هئا ۽ مون کي چيائين ته بابا توهان مون کي چوندا هئا ته مون وٽ رهو سو آخري
گهڙيون زندگي جون توهان وٽ آهيان ۽ هو رات جو ۱۰ وڳي ۲۷ آگسٽ ۱۹۹۶ع ۾ راهه رباني ٿي ويا ۽ هو اسان کي روز رات جو ۱۰ وڳي چوندا هئا ته هاڻ ريٽائر ڪرڻ
جو وقت اچي ويو آهي.
انا لله وانا اليہ راجعون
دراصل الله جي نيڪ بندن کي خبر پئجي ويندي آهي ته هو لاڏاڻو ڪرڻ وارا
آهن. بيشڪ قاضي عبدالمجيد عابد به خدا جو نيڪ بندو هو. الله سائين کيس جنت نصيب
ڪري (آمين)