; سنڌي شخصيتون: شيخ عبدالمجيد سنڌي - ميمڻ عبدالغفور سنڌي

16 September, 2011

شيخ عبدالمجيد سنڌي - ميمڻ عبدالغفور سنڌي



شيخ عبدالمجيد سنڌي
[1889ع – 1978ع]
ميمڻ عبدالغفور سنڌي
شيخ عبدالمجيد سنڌي ولد ديوان ليلارام، آچر جي ڏينهن 8 ذوالقعد 1306 هه مطابق 7 جولاءِ 1889ع تي ٺٽي ۾ ڄائو هو. سندس وڏا قانونگو عامل ڪٽنب جي نرياڻي پاڙي مان هئا، جيڪي اَصل سيوهڻ شريف جا رهاڪو هئا، جتان لڏي ٺٽي ۾ وڃي آباد ٿيا. اُتي شيخ صاحب مئٽرڪ تائين تعليم وٺي، پهريائين مسٽر ڏيپچندا اوجها نالي وڪيل وٽ منشي ٿيو. پوءِ ذهني انقلاب سببان پنهنجن (هندن) کان ڪافي وقت ڀرپور رهيو. اِنهيءَ سلسلي ۾ کيس ڪڏهن ڪراچي، ته ڪڏهن حيدرآباد ۾ به رهڻ جو موقعو مليو. آخر پاڻ لاءِ حالتون سازگار سمجهي، حيدرآباد ۾ رهڻ لڳو. 

اُنهن ڏينهن ۾، سنڌ جي قومي ورڪر ۽ سخي مرد، رئيس غلام محمد ڀرڳڙي (1878ع – 1924ع) پنهنجي ذاتي خرچ سان ”آلامين“ اَخبار جاري ڪرائي هئي؛ جنهن ۾ شيخ صاحب کي ايڊيٽر ڪري رکيائين. سندس ذهانت کان متاثر ٿي رئيس، پنهنجو سياسي صلاحڪار (سيڪريٽري) ڪري مقرر ڪيو؛ جنهن ڪم کي 1914ع کان 1916ع تائين نهايت ئي سهڻي نموني سان نباهيائين. هي اُهو دور هو، جنهن ۾ مشهور انقلابي اڳواڻ، مولانا عبيدالله سنڌيءَ (1872ع – 1944ع) فرنگين کان ڇوٽڪاري لاءِ، ملڪي آزاديءَ جي جدوجهد ۾ سرگردان هو. هڪ طرف جنگ جو نقارو پئي وڳو ۽ ٻئي طرف مولانا جي تحريڪ تيز هئي. آخر مولانا چند ساٿي ساڻ ڪري، هندستان جي سياسي اڳواڻن سان خط و ڪتابت ڪرڻ لاءِ، افغانستان جي سرحد تي وڃي پهتو. مولانا صاحب هڪ خط سلڪ جي ڪپڙي تي لکي، قاصد هٿاران قميص اندران سبرائي روانو ڪيو؛ ۽ واٽ تي پڪڙ جي پيو. پوءِ ته تمام واسطيدارن سان گڏ شيخ عبدالمجيد سنڌي به سوگهو ٿي پيو. پورا ٽي ورهيه قيد ۾ ڪاٽيندي، 14 فيبروري 1919ع تي آزاد ٿيو.
هينئر شيخ صاحب باقاعده سياست ۾ بهرو وٺندي، شهر شهر ۾ تقريرون ۽ جلسا ڪرڻ لڳو. اهڙيءَ طرح پوريءَ سنڌ ۾ انقلاب جو ڀيڙ ڀڙڪائي ڇڏيائين. ستت ئي مٿس ”خلافت هلچل“ جي سلسلي ۾ ڪيس به هلڻ شروع ٿيا؛ ۽ وقت بوقت پاڻ تي قيد جا ڪڙا به چاڙهيائين؛ مگر بعض نه آيو ۽ ويتر وڌندو رهيو. وقفي ملڻ سان ”الوحيد“ ۾ پڻ شموليت اختيار ڪيائين.
روزنامه ”الوحيد“ جي وسيلي مسلمانن ۾ خوب جوش جاڳايائين. سندس قلمي ڪاوش کان متاثر ٿي، ڪيترائي هندو پڙهيل نوجوان، مسلمان ٿيا. پوءِ ته مير الله بخش خان ٽالپر، قاضي خدا بخش، قاضي عبدالرحمان، مولانا دين محمد وفائي، شيخ عبدالسلام ۽ دين محمد عليگ جهڙا سرگرم ڪارڪن هڪ پليٽ فارم تي ڪٺا ڪري، کليءَ طرح ”خلافت تحريڪ“ ۾ حصو وٺڻ جو عزم ڪيائين. اِنهيءَ سلسلي ۾ مولانا شوڪت علي ۽ مولانا محمد علي ”جوهر“ جن سان به سندس ڏيٺ ويٺ ٿي. پوءِ ته وقت بوقت هندستان جي وڏين وڏين گڏجاڻين ۾ کيس ڪوٺ به ٿيندي رهي، جتي شيخ صاحب موقعي مطابق خوب آواز اُٿاريو.اِنهيءَ سلسلي ۾ پاڻ ڪيئي دفعا انگريز حڪومت خلاف اڪيلي سر احتجاج به ڪيائين.
شيخ صاحب کي خدا پاڪ ذهانت سان گڏ تقرير جو ڏانءُ به ڏنو هو. سندس زبان مان لفظ نڪرن ئي مس، ته عوام جي دلين ۾ آگ جا اُلا ڀڙڪي پئي اُٿيا. خود هندستان جا وڏا وڏا ليڊر به سندس محد بڻيا. آخر مسلمانن جا سعيا ساب پيا؛ جنهن ڪري پهرين اپريل 1936ع تي سنڌ کي هڪ آزاد خود مختياري ملي. گڏيل هندستان ۾ جيڪا قانون ساز اسيمببيءَ جي چونڊ ٿي، تنهن ۾ آزاد پارٽي ٺاهي، خوب بهرو ورتائين.  – 1940ع ۾ علحده ٿي ويو. آخر ڪن حاسدن سياسي چالبازين کان ڪم وٺي، شيخ صاحب کي 1943ع ۾ مسلم ليگ تان مجبوراً مستعفي ڪرايو. مگر پڇاڙيءَ تائين پاڻ خدمت – خلق لاءِ پتوڙيندو رهيو.
هيءَ دنيا بي بقا آهي. ڪهڙا به من موهيندڙ ماڻهو هجن، مگر آخر سندن خاڪي پتلو مٽيءَ ۾ ملڻو آهي. شيخ صاحب به زندگيءَ جا 89 ورهين پورا ڪري، اربع 11 جمادي الثاني 1399هه مطابق 24 مئي 978ع تي حيدرآباد ۾ راه رباني ورتائين. کيس وصيت مطابق شيخ الاسلام مخدوم محمد هاشم ٺٽوي رح (1680ع – 1760ع) جي ڀرسان، مڪليءَ (ٺٽي) جي تاريخي قبرستان ۾ جاءِ ڏني ويئي. پاڻ نه رڳو هڪ سياستدان هو، پر هڪ سٺو مقرر، اديب، صحافي، عالم دين ۽ بهترين انسان هو. اهڙي مدلل ۽ جوشيلي تقرير ڪندو هو، جو ٻڌندڙ خوب متاثر ٿيندا هئا. ساڳئي وقت عام ڪچهرين ۾ پڻ اهڙا بحث مباحثا ۽ عمدا دليل پيش ڪندو هو، جو هر هڪ سندس فهم فراست علمي ۽ سياسي واقفيت ۽ قابليت تي واه واه ڪندو هو. ”فتح اسپين“ (1929ع)، ”حضرت عمر بن عبدالعزيز“ (1933ع)، ”ڪراچي سنڌ کي ملڻ گهرجي“، ”المرتضيٰ“، ”تاريخ جواهر“ ۽ ”حضرت علي ۽ عمر“– سندس ڇڏيل تصنيفون آهن. محمد انور، محمد خالد ۽ محمد طارق سندس نرينه اولاد آهي.
(2) – مسلمان ٿيڻ کان اڳ سندس نالو ”ڄيٺانند“ هو.
(1) – جيئن ته سندس طبيعت ننڍپڻ کان ئي حق جي ڳولهائو هئي؛ ۽ ساڳئي وقت سندس دلي لاڙو وري پنڊٽن ۽ صوفي بزرگن جي صحبتن ڏانهن زياده هو. انهن خيالن سندس ذهن تي ڦيڙو آندو؛ جنهن ڪري 19 شوال 1326 هه مطابق 10 فيبروري 1908ع تي حيدرآباد ۾ شيخ عبدالرحيم هٿاران مسلمان ٿيو، جيڪو پڻ سندس خاندان جي قريبي لڇ مان نو مسلم ۽ وڏو بزرگ شخص ٿي گذريو آهي. سندس تبليغ ڪيترن ئي اوچن هندو خاندانن جا پڙهيل (ٻار ۽ وڏا) مسلمان ڪيا هئا. عام طرح کيس ”روحاني والد“ ڪري سڏيندا هئا. پنهنجن هندن جي ايذائن ۽ سختين کان نڪري، حيدرآٻاد ۾ رهندو هو.
(1) – جيڪو بعد ۾ ”سلڪ ليٽر منصوبو“ عرف ”ريشمي رومال تحريڪ“ جي نالي سان مشهور ٿيو.
(2) – ”تحريڪ خلافت“ جون پاڙون پختيون ڪندي، تنظيمي ڪاميٽين جو شهر شهر ۾ ڄار وڇايائين، 7 کان 9 فيبروري 1920ع تي لاڙڪاڻي به آيو هو.
(1)- ”آل انڊيا آل پارٽيز ڪانفرنس“ (الهه آباد 14–11–1929ع)، ”آل انڊيا خلافت ڪانفرنس“ (اَجمير)، ”آل پارٽيز مسلم يونٽي ڪانفرنس“، ”آزاد سنڌ ڪانفرنس (ڪراچي 18–4– 1930ع) ۽ ”آل انڊيا جماعتن“ وغيره ۾ سنڌ کي بمبئيءَ کان علحدگيءَ لاءِ ورتل ڪوشش – مثالي گڏجاڻيون آهن.
(2) – 1933ع ۾، آقاي نامدار حضرت محمد مصطفيٰ صلي الله عليہ وسلم جن جي شان ۾، نٿو رام نالي هندوءَ توهين آميز مواد شايع ڪيو هو. چيف ڪورٽ ۾ ڪيس هلندي، غازي عبدالقيوم پٺاڻ کيس اُڦٽ ماري وڌو؛ جنهن ڪري مٿس ڦاسي مڙهي ويئي. مسلمانن کيس ”پروانه – رسول ۽ غازي“ تصور ڪري، سندس جنازي کي قبر مان ڪڍي، جلوس ڪڍيو. فرنگي حڪومت ۾ اچي ڦڙڦوٽ پئي، ته متان ”هندو – مسلم فساد“ جو رنگ نه اچي؛ جنهن ڪري گبسن نالي هڪ خر دماغ انگريز آفيسر جلوس تي بندش وڌي. جوشيلن مسلمانن حڪومت جي انهيءَ اعلان جو انڪار ڪيو. مجبوراً پوليس کي مٿن گولي هلائڻي پئي؛ جنهن ۾ 64 مسلمان شهيد ٿي ويا، جن کي سرڪار نامعلوم جاين ڏانهن دفنائي ڇڏيو. مسلمانن واويلا مچائي ڇڏي، مگر ڪنهن به سندن نه ٻڌي. اهڙي واقعي تي شيخ صاحب اڪيلي سر احتجاج ڪندي، بمبئي ڪائونسل مان استعفا ڏني هئي. [جنب گذاريم جن سيز – جي – ايم – سيد (جلد پهريون)، سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد، 1967ع، صفحو 170].
(1) – اِنهيءَ ”آزاد پارٽيءَ“ اڳتي هلي ”آل انڊيا مسلم ليگ“ جي جڳهه ورتي – 1938ع ۾ ڪراچيءَ ۾ ”آل انڊيا مسلم ليگ ڪانفرنس“ دوران قائداعظم محمد علي جناح (1876ع – 1948ع) جي صدارت هيٺ سندس خدمتن جو ڀرپور اعتراف ڪندي، ”تحريڪ پاڪستان“ جو بنياد رکيو ويو، جيڪو ٻن سالن بعد (23-3-1940ع تي) لاهور ۾ باقاعده پڌرو ٿيو. هن گڏجاڻيءَ ۾ وڏين وڏين سياسي شخصيتن حصو ورتو هو.





No comments:

راءِ ڏيندا