; سنڌي شخصيتون: نسيم احمد کرل - عمر قاضي

16 September, 2012

نسيم احمد کرل - عمر قاضي

نسيم احمد کرل
سنڌي ادب جو ’ڪرنٽ‘ ليکڪ
عمر قاضي
جهڙي طرح روسي ادب جو روشن ستارو پشڪن هڪ ذاتي جهيڙي سبب گولي کائي ان ادب کي فل اسٽاپ ڏئي ويو، جيڪو صرف پشڪن ئي تخليق ٿي ڪري سگهيو، تهڙي طرح سنڌي ادب جو اهو انداز به هڪ قبيلائي جهيڙي جو کاڄ ٿي نسيم کرل سان گڏ ختم ٿي ويو، جيڪو انداز فقط ۽ فقط نسيم کرل ئي اپنائي سگهندو هو.
مون اڪثر ان ڳالهه تي سوچيو آهي ته عظيم ادب ڇا آهي؟ ڇا اهو عظيم موضوع سبب پيدا ٿيندو آهي يا ان جو سبب اهو اسلوب آهي، جيڪو عام شيءَ کي به خاص ڪري ڇڏيندو آهي.


منهنجي محدود معلومات مطابق ته نسيم کرل عالمي ادب جو علامه نه هو. هو انهن اديبن مان نه هو جيڪي پرايون لکڻيون پڙهي، هڪ خاص انداز سان چوري واري اسٽائيل سان لکندا آهن ۽ نه وري هو انهن اديبن مان هو جيڪي پنهنجي وزن کي وڌائڻ جي لاءِ پاڻ سان مطالعاتي ڪتابن جو ڍير به شامل ڪندا آهن. سنڌ ۾ ڀلن پڙهندڙن جو چڱو خاصو تعداد آهي پر پوءِ به ڏهاڪا گذرڻ جي باوجود ڪو اهڙو نثر نگار پيدا نه ٿي سگهيو آهي، جنهن مان نسيم کرل جو ساءُ اچي.
پوءِ آخر اهو ڇا هو جنهن سبب نسيم کرل، نسيم کرل ٿيو.
ان سلسلي ۾ مون کي باهوءَ جو هڪ شعر ياد اچي رهيو آهي ته:
جي رب ملدا ڌوتي پوتي
تي رب ملدا ڪميان مڇيان ڪون
جي رب ملدا جهنگل ڍونڍي
تي رب ملدا گائيان وڇيان ڪون
ميان باهو رب ايوين نئين ملدا
رب ملدا دليان سچيان اڇيان ڪون
لکڻ هڪ ڏات آهي. اها ڏات ڪنهن وٽ ڪيئن ٿي اچي؟ ان سوال جو جواب هن وقت تائين نه ته آرٽ ڏئي سگهيو آهي ۽ نه سائنس وٽ ئي ان سوال جو ڪو اطمينان بخش جواب موجود آهي. اهو سوال هن وقت تائين دلين ۽ دماغن جا ڪڙا کڙڪائيندو رهي ٿو. سڀني کان پڇندو رهي ٿو ته ”سڌائتا ته سوين آهن پر آخر ڏات انهن انسانن تي مهربان ڪيئن ٿي ٿئي، جن جو ادب سان ڪو سڌو سئون تعلق ناهي!!؟
اهو اُترادي وڏيرو، جيڪو پنهجي ٻنيءَ ٻاري جي خفي سان رڌل هوندو هو پر اچانڪ هن جي دل ۾ ڪجهه تري ايندو هو ۽ هو وڏيرڪي ماحول کان ٻاهر نڪري پاڻ کي ڪراچيءَ جي هڪ هوٽل ۾ قيد ڪري، خوبصورت ۽ مهانگين پينن سان هڪ اڌ عاليشان افسانو لکي ڇڏيندو هو.
سنڌي ادب ۾ ڪجهه اديبن تمام گهڻو لکيو پر انهن جي سون افسانن ۾ ڪو سڳنڌ ڪونهي جڏهن ته نسيم کرل جي افسانن ۾ اڄ به اها خوشبوءِ آهي، جيڪا خوشبو ڳوٺ جي ڀنل رات ۾ هوندي آهي، ٻهراڙيءَ جي ٿڪل شام ۾ هوندي آهي، اتان جي ڏهڪائيندڙ ڏينهن ۾ هوندي آهي. آلي مٽيءَ ۾ هوندي آهي. بيٺل پاڻيءَ جي تلاءَ ۾ هوندي آهي. هاريءَ جي پگهر ۾ هوندي آهي ۽ انهن آوازن ۾ هوندي آهي، جيڪي صرف ٻهراڙيءَ ۾ ئي ٻڌي سگهبا آهن.
جهڙي طرح يونان جي جادوگر اديب ڪازانت زاڪس جي لکڻين ۾ اهو پڙهبو آهي ته هن سان ڌرتيءَ ڳالهايو ۽ آسمان هن کي سمجهايو ۽ درياهه هن کي صلاح ڏني، ساڳي طرح سان نسيم کرل جي افسانن کي پڙهي اهو محسوس ٿيندو آهي ته هو پاڻ خاموش آهي پر هن بدران اها ڳوٺاڻي فطرت ڳالهائي رهي آهي، جنهن کي اوچتو زبان ملي وئي هجي.
مون کي ياد اچن ٿا شيخ اياز جا اهي لفظ جن ۾ هن اديبن سان مخاطب ٿيندي لکيو هو ته؛
ڇا توکي کيڙيءَ جي ٻولي ايندي آهي؟
جنهن اديب کيڙيءَ ۾ پنڌ نه ڪيو هجي اهو انهن ڀترن جي ٻولي ڪيئن ٿو ڳالهائي سگهي جيڪي پير رکڻ سان ڀري پوندا آهن.
نسيم کرل معاشرتي ۽ معاشي حوالي سان ڀلي هڪ وڏيرو هجي پر هو ذهني طرح وڏيرو نه هو. ڇو ته وڏيرو پنهنجي طبقاتي رعب ۽ دٻدٻي سبب هڪ هاريءَ جو گلو گهٽي ڇڏيندو آهي، جڏهن ته نسيم کرل انهن سڀني کي آواز ڏنو، اظهار جي آزادي ڏني، انهن کي اها سگهه بخشي جو هو بي زبان ڳالهائڻ لڳا. اهوئي سبب آهي ته جڏهن هن جا افسانا پڙهجن ٿا تڏهن اهو محسوس ٿئي ٿو ته ليکڪ پاڻ لڪي ويو آهي ۽ هڪ هاري ڳالهائي رهيو آهي. هڪ ڀاڳيو ڳالهائي رهيو آهي. اهو نوجوان ڳالهائي رهيو آهي، جنهن نئين نئين چوري ڪرڻ سکي آهي. اهو اوڏ گفتگو ڪري ٿو جيڪو نئون مسلمان ٿيو آهي.
جيئن اهي سڀ ڪردار هڪ ٻئي کان مختلف آهن، تهڙي طرح نسيم کرل جا افسانا به هڪ ٻئي کان نيارا آهن. ڪير چئي سگهندو ته ”اٽالو پڊنگ“ جو مصنف ”پهرين مراد“ به لکي سگهندو!
ڪير اعتبار ڪري سگهي ٿو ته ”چوٽيهون در“ لکندڙ ”ڪرنٽ“ جي عنوان وارو افسانو به لکي سگهي ٿو!!
مون جن به اديبن سان نسيم کرل جي حوالي سان ڪچهري ڪئي آهن، انهن هن جي يا ته ”پهرين مراد“ جي تعريف ڪئي آهي يا ”ڪافر“ جي! يا ”چوٽيهون در“ جي!
ان جو سبب هي آهي ته انهن کي انهن افسانن ۾ ڪمال جي ٻولي ۽ اهو موضوع ملي ٿو، جيڪو ڪنهن نه ڪنهن طرح سان سنڌي ادب جي سڃاڻ رهيو آهي. پر جيڪڏهن مون کان سچ پڇو ته منهنجي نظر ۾ هن جي سڀ کان عاليشان ڪهاڻي ”ڪرنٽ“ آهي.
”ڪرنٽ“ کي پسند ڪرڻ جو مطلب اهو ناهي ته ڪو مان پورنوگرافيءَ جو رسيا آهيان. مون کي آرٽ پسند آهي ۽ جيڪڏهن اهو پورنوگرافيءَ ۾ به آهي ته مون کي اهو وڻي ٿو پر ان ڪهاڻيءَ ۾ نسيم کرل جهڙي طرح عقيدي ۽ مامتا جي وچ ۾ هڪ ٽڪراءُ ڏيکاريو آهي، اهو ڪمال جو آهي. هن شروع ۾ ٻڌايو آهي ته هن جي زال جي جسم ۾ ڪو عيب ناهي. هن اهو به ٻڌايو آهي ته هن اونداهه ۾ هن جي جسم تي هٿ ڦيري اها پڪ ڪئي آهي ته اهو نهايت خوبصورت ۽ ڊولائتو آهي. هن اهو به لکيو آهي ته هن جي زال جو هن سان پيار به آهي پر مسئلو صرف اهو آهي ته اخلاقيات جي مدي خارج معلومات سبب هن جي زال اها ڳالهه برداشت ڪري نه ٿي سگهي ته هن کي هن جو مڙس روشنيءَ ۾ ڏسي. ان سلسلي ۾ هن جو خيال آهي ته ”اهو گناهه آهي“.
ان گناهه کان بچڻ جي لاءِ هوءَ پنهنجي پياري مڙس جي ڪاوڙ به برداشت ڪري ٿي ۽ هن جو مڙس هن کي پنهنجي رستي تي آڻڻ جي لاءِ سڀ ڪوششون وٺي ٿو، ان حد تائين جو هن کي پورنو گرافيءَ وارا ميگزين به آڻي ڏئي ٿو پر مسئلو ساڳي هنڌ تان چرڻ جو نالو نه ٿو وٺي. هن جي زال جي ضد پنهنجي جاءِ تي برقرار رهي ٿي ته ”مرد نه ڏسي“.  ان حد تائين جو هو هن سان بارگيننگ ڪري ٿو ته ”چڱو صرف ٽيبل ليمپ ٻارڻ ڏي.“ پر هوءَ ان تي به راضي نه ٿي ٿئي.
آخر ۾ بنهه بيشعوري انداز سان هو چوي ٿو ته جيڪڏهن ائين ڪو نه ٿيندو ته ٻار به ڪو نه ٿيندو. اها ڳالهه ٻڌي هن جي زال جي منهن جو پنو لهي وڃي ٿو ۽ هوءَ پنهنجي معصوميت ۾ چوي ٿي ته ڇو نه ٿيندو؟ هو ضد ڪري چوي ٿو ته ”نه ٿيندو“. اهو چئي هو وڃي ٻي ڪمري ۾ سمهي پوي ٿو ۽ رات جي هڪ پهر ۾ هن جي زال هن کي جاڳائي ٿي ۽ هو اهو ڏسي حيران ٿي وڃي ٿو ته ڪمري جون سموريون روشنيون ٻرن ٿيون ۽ هن جي زال جي جسم تي هڪ ڌاڳو به ناهي.
ان ڪهاڻيءَ مان ثابت ٿئي ٿو ته عقيدو مامتا جي آڏو ٽڪي نه ٿو سگهي.
نسيم کرل ڪو ڪميونسٽ نه هو. پر هن جي اعلى شعور جو اهو ”ڪرنٽ“ پوري معاشري کي محسوس ٿيو ۽ جيستائين هي معاشرو سياڻپ جومظاهرو نه ٿو ڪري تيستائين اهو ڪرنٽ ان کي محسوس ٿيندو رهندو. ڇو ته جڏهن ڪو ذهني مريض دوائن 


No comments:

راءِ ڏيندا