; سنڌي شخصيتون: August 2021

21 August, 2021

محمد اسماعيل عرساڻي

محمد اسماعيل عرساڻي

هڪ ناميارو تعليمي عملدار

ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻي



علمي ۽ ادبي ميدان ۾ محمد اسماعيل عرساڻيءَ جي ڪارنامن کان ڪير واقف نه هوندو؟ سنڌي معاشرو هن وقت به ”عرساڻي“ جي نالي سان اوترو ئي مانوس آهي، جيترو حياتيءَ ۾ سندس اسم معروف هوندو هو. اهو نالو فقط ڪنهن رواجي ليکڪ جو نه آهي، بلڪ هُو حقيقي معنيٰ ۾ اديب ۽ فنڪار هو. ثقافتي ۽ فني پسمنظر ۾ ڏسبو ته هُو ماهر تعليم، اعليٰ نصاب‌دان ۽ قابل ڪار ڊرامه‌نگار جي حيثيت کان بلند مقام تي فائز نظر ايندو. عملي زندگيءَ ۾ هُو ساري عمر تعليم جي شعبي سان ئي وابسته رهيو.

07 August, 2021

ڪامريڊ حسن عسڪري

حسن عسڪري

اڄ دل اُداس آهي

استاد نظاماڻي



اڄ حسن عسڪري صاحب جي پُٽ سندس اسپتال جي بيڊ واري تصوير سوشل ميڊيا تي رکي. جنهن کي ڏسي گهڻو ڏک ٿيو، تصوير ۾ سندس ڏک ۽ پيڙا جو مليل جُليل تاثر مليو، جنهن کي مان ڏسي به نه پئي سگهيس. مٿيان وري دوستن ٻڌايو ته ڊاڪٽرن جواب ڏيئي ڇڏيو آهي، سندس ڦڦڙن ڪم ڇڏي ڏنو آهي، ان ڪري هاڻ وينٽيليٽر به ڪم جو ناهي، ڊاڪٽرن آئي يوسي ۾ رکي آڪسيجن ڏيئي ڇڏي آهي، جتي هو زندگي جا آخري ساه به کڻڻ جي همت نه پيو ڪري سگهي، بيهوشي جي حالت ۾ آهي.مونکي ڏاڍو ڏک ٿيو ڪجهه لمحا ته اکين مان پاڻي وهندو رهيو، ڪنهن به دوست سان فون تي ڳالهائي نه پئي سگهيس. جنهن انسان سان ٽيهه سال رفاقت رهي هجي، هڪ ٻيو ڏينهن ڇڏي ملاقاتون سماجي. سياسي معاملن تي گهريون ڪچهريون ٿينديون رهيون هجن، زندگي جي انيڪ معاملن تي صلاح مشوره ٿيندا رهيا هجن،، اهو انسان جنهن جا پوري پاڪستان جي هر ننڍي وڏي شهر ۾ دوست هجن، جيڪو ڪڏهن به ڪنهن ڏاڍي اڳيان نه جهڪيو، مزدورن، هارين، غريب طبقي جي ڳالهه ڪندو رهيو، شهر جي مسئلن تي ڪامورن سان احتجاج ڪندو رهيو،اهڙي انسان جو موڪلائي وڃڻ يقينن پورهيت طبقي، سماج جي ان مظلوم طبقي لاءِ جنهن جو ڪو ڌڻي سائين نه هجي ڪامريڊ حسن عسڪري انهن جو ڀرجليو هو.

الطاف پيرزادو

الطاف پيرزادو

هڪ برجستو ڏات ڌڻي

آصف رضا موريو



اڄ ۱۱ وڳي ۴۱ منٽن تي منهنجي پراڻي ساٿي ۽ گهڻ گهرئي دوست الطاف پيرزادو فون ڪري ٻڌايو ته؛ “تنهنجي شهر ۾ آهيان.” ۽ حڪم ڪيائين ته؛ ”ملاقات ڪرڻي آهي.“ مان کيس بسم الله ڪندي ڀليڪار ڪئي ته؛ “هليو آ! هاڻي ئي جو مان گهر ويٺو آهيان”، پر چيائين؛ “هاڻي نه! جو هن وقت ريڊيو پاڪستان تي سائين عابد ڪاظمي ۽ علي مراد ٽانوري سان ملڻ آيو آهيان. اتان ٿي پريس ڪلب ويندس. نثارکوکر ۽ ڪجهه ٻين دوستن سان به ملڻو آهي. اوکا پوکا لاهي، پوءِ اچان ٿو تو وٽ”. سمورو ڏينهن انتظار ڪيم ۽ يار ساڍي پنجين وڳي ڌاري، منهنجي گهر آيو ته ساڻس کوڙ ساريون نيون پراڻيون ڪچهريون ٿيون.

محمد عالم لغاري

محمد عالم لغاري

منهنجو بابا - آتم ڪهاڻي پنو پھريون

استاد لغاري



“سَدا  جَنِ  پَرِياڻُ،  پانڌِي  پَکي  لَڏَ  جو،

وِئا ڳُڻَنِ ساڻُ، مارُوئَڙا ٿَرَ اُڪَرِي”. (شاھ)

هڪ مسڪين هر هاري، محمد عالم لغاري بن حاجي علي مراد بن محمد اسماعيل بن رستم خان بن ڪَوڙا خان بن نورنگ فقير بن محمود بن وليو خان بن پليو خان بن ميئو خان بن مغرو خان بن شاهن بن سهتڪ بن احمد خان (مورث اعليٰ احمداڻي پاڙو) بن اسماعيل بن بندوخ بن گوارڻ بن عالي بن نوح بن نواب بن رباح بن ڪباھ بن شاهن بن هارون بن رند بن جلال خان...اندازن ۱۹۲۳ع ڌاري، ڳوٺ پُنهارڙو، (لڳ چورکوهيون) تعلقي ۽ ضلعي سانگھڙ ۾ جنم ورتو ۽ ۰۹ جولاءِ ۲۰۱۸ع تي، ڳوٺ محمد غالب درس لڳ لوڻ کاڻ، تعلقي کپري ۾، اندازن ۹۵ سالن جي ڄمار ۾ انتقال فرمائي ويو.

“مَٿي    ٿَرَ    رَهِي،    وِئا    گُذاري    ڏِينهَڙا،

ڪَڏهن    ڪو    نه    آئِيو،    پَنهوارَنِ   پَهِي،

وِئَڙا سي وَهِي، جَنَبُ گُذارِيُمِ جَنِ سِين”. (شاھ)

جلال الدين جمالي

جلال الدين جمالي

باغي حنيف



مٽياري ويجھو بکر شھر جي ڳوٺ، شير جمالي جو ھي بزرگ جلال الدين جمالي آھي. سندس ڄمار ۱۲۲ سال آھي. سندس پٽ ۷۰ سال کان مٿي ڄمار جا آھن. سڄي عمر ۾، ڪجھ پيدل، ڪجھ جھازن ۾، ۳۳ حج ۽ ۴۳ عمرا ڪيا اٿس.

پاڻ مولانا عبيد الله سنڌيءَ جو شاگرد آھي. اڄ به بنا چشمي جو لکندو پڙھندو آھي. ڪنھن پڇيس؛ ”تنھنجي وڏي ڄمار ۽ سٺي صحت جو راز ڇا آھي؟“

پاڻ چيائون؛ ”آئون سڄي زندگي حرام جي مال کان ائين پري رھيو آھيان، جيئن شوگر جو مريض مٺاڻ کان ڀڄندو آھي.“

06 August, 2021

ڊاڪٽر اقبال احمد پيرزاده

ڊاڪٽر اقبال احمد پيرزاده

جولاء ۲۷/ جنم ڏينهن مبارڪ

اعظم ڀٽي



ڪي ماڻهو تاريخ کان لِڪندا آهن ته ڪن ماڻهن کي وري تاريخ لِڪائي ڇڏيندي آهي. ائين ئي ڪن فردن کي وري تاريخ نروار به ڪندي آهي. ان ڪاروهنوار ۾ مثبت ۽ منفي پهلو جو وڏو عمل دخل به هوندو آهي. پر تاريخ جي تراني جو رڌم اهڙي ته رواني ۽ تسلسل سان هلي ٿو جو مثبت ڪردار، سوچ ۽ عمل وارا ماڻهو، تاريخ جو روشن باب بڻجي ويندا آهن ۽ منفي ڪردار تاريخ جي ڊسٽ بِن جو اهو ترو بڻجي ويندا آهن، جتي روشني جو ترورو به نٿو پهچي، جتي تاريخ جي روشني جو ترورو نه پهچي. سمجهڻ گهرجي ته تاريخ ان ڪردار کي لِڪائي ڇڏيو آهي. جتي فردن جي ڪردارن جي روشني سڀ پردا چاڪ ڪري نمايان حيثيت ماڻي وٺي ته اها پڪ ڄاڻڻ گهرجي ته تاريخ پنهنجي ڪنهن باب کي روشن رکيو آهي. اهڙا ڪيترا ئي ڪردار آهن جيڪي گُم به ناهن، لِڪل به ناهن، بس اهي اسان جي شعور، سمجهه ۽ سوچ جي اکين آڏو ڪيترن ئي سببن جي ڪري ظاهر نه ٿي سگهيا آهن. پر تاريخ جي اها ذميدراي آهي ته اها انهن ڪردارن کي پاڻ ئي ظاهر ڪندي رهندي آهي ۽ تيسيتائين ڪندي رهندي جيسيتائين ڪائنات جو هيءُ چرخو چُرندو رهندو.

شاد ڀيٽوي

شاد ڀيٽوي

اعظم ڀٽي



شاد ڀيٽوي، ٽنڊو محمد خان جي حوالي سان اردو شاعري جو اهڙو نانءُ آهي، جنهن جو متحرڪ ڪردار، ٽنڊو محمد خان جي علمي ۽ ادبي تاريخ جو هڪ شاندار ورثو آهي، جنهن ورثي تي اڄ جي نوجوان نسل جي اک جي روشني صفا ڌنڌلي نظر اچي ٿي، شاد ڀيٽوي جو اصل نالو محمد حسين پيرزاده ۽ سندس والد جو نالو تجمل حسين هو.

لطف پيرزادو

لطف پيرزادو

صوفي انقلابي ۽ ارڏو فقير

هادي بخش پيرزادو



رتون رتن سان جڏهن رانديون رچائينديون آهن ته ڪائنات جهومندي نچندي نظر ايندي آهي، هوائون پنهنجي فطرت مطابق پوري جوڀن سان ٿڌڙا مٺڙا سر آلاپينديون آهن، جي جاڳرتا جا جشن ملهائينديون گهلنديون رهنديون آهن، جيڪي سريرن کي سڪون جي سرگم ۾ کوئي ڇڏينديون آهن. اهڙي ئي هڪ موسم مان اسان جي ٽهيءَ وارن جو به ڪڏهن گذر ٿيو هو.

موهن جي دڙي جي مٽيءَ جي خوشبوءِ ڪاڪي ستابي مالهيءَ جي هٿان شام جي ٽائيم ۾ گلاب ۽ رابيل جا گل آڇيندي هئي. اهو محبت جو جهان هو ۽ اسان جو ٻالڪپڻو جنهن ۾ نفرت ۽ ڪيني جو نانءُ نشان به نه هئو. ڏکن ۽ سکن جي پروڙ ئي ڪو نه هوندي هئي نه اڀرڻ جي چنتا نه لٿي جي ڳڻتي.

05 August, 2021

عبدالحق عالماڻي

عبدالحق عالماڻي

ملالِ احوالِ دوستان

شوڪت شورو



خوبصورت ڪھاڻيڪار عبدالحق عالماڻيءَ ھڪ ڏينھن مون کي چيو تہ شھر ۾ ساھ ٿو مُنجھي، ڪٿي ٻاھر نڪري ھلون. من تہ منھنجو بہ مُنجھيل ھو سو ھڪدم ھا ڪيم. گاڏي کاتي کان ٽانگي ۾ يا شايد ڪوٽڙي واري بس ۾ چڙھي راڻي باغ اچي لٿاسين. اھو سٺ وارو ڏھاڪو ھو. راڻي باغ اڃا ايترو اجڙيو ڪونہ ھو. وڏا ويڪرا چھچ ساوا لان ھئا. وچ تي ھڪ ننڍي پر سٺي ريسٽوران ھئي. اسين لان تي ھڪ ڪنڊائتي نويڪلي ڇانوٌ ۾ وڃي ويٺاسين. ان ڏينھن عبدالحق عالماڻي پھريون ڀيرو مون سان پنھنجي زندگي جي ڏکن، محرومين ۽ عشق جا حال اوريا ھئا. ھڪ زميندار جي پٽ ھوندي ڇورو ڇنو ٿي وڃڻ سبب تڙيل ۽ بيروزگار عبدالحق جو عشق تہ ناڪام ٿيڻو ئي ھو پر گڏوگڏ ساڻس جيڪا وڏي ٽريجڊي ٿي سا سلڻ جھڙي ڪانھي. ان ٽريجڊي ھن کي وڍي ڳڀا ڪري ڇڏيو ھو. اھو سڀ ٻڌائيندي ھن جو آواز گھُٽجي ويو ۽ سندس وڏين سھڻين اکين ۾ ڳوڙھا ترڻ لڳا ھئا. تڏھن اوچتو ڪٿان ريل جي ڪوڪ ٻڌڻ ۾ آئي. ڪوڪ شايد آسمان مان آئي ھئي جو عبدالحق عالماڻي مٿي نھاريو ۽ چيو، ”شوڪت، آئون جڏھن بہ ريل جي ڪوڪ ٻڌندو آھيان تہ اھا ڪوڪ منھنجي ھانوَ ۾ بڻڇي ٿي لڳندي آھي.“

ناشاد سمون

ناشاد سمون

عشق، اداسي ۽ اوجاڳن جو شاعر

ڀارومل امراڻي سوٽهڙ



ننگرپارڪر تعلقي جي ڳوٺ مالسريي مير محمد کي نه صرف ٿر جي طبعي ڀاڱن پارڪر ۽ پائر جا دنگ گهيرين ٿا پر چوٽاڻي ۽ وٽ جون واٽون  به ويجهيون لڳن ٿيون. ننڍي کنڊ جي ورهاڱي کان اڳ ۾ ناشاد سمي جا وڏا چوويهو رڻ اڪري گجرات جي گامن ۽ بمبئي جي بازار کي گهمندي  ڀٽ ڌڻي جا بيت جهونگاريندا هئا ته؛

جهوڪون نه جهڻڪن، وڳ نه پسان وٽ ۾،

آيل سنگهارن، جيڪس چوٽاڻو چت ڪيو.

حياتان سيلرو

حياتان سيلرو

سماجي خدمت وارو پاسو

ڪامريڊ عرس سيلرو



هر هڪ انسان کي فطري طور تي موت جو مزو چکڻو آهي ڄمڻ کانپوءِ ننڍ پڻ جو ٽائيم ڏاڍو خوبصورت هوندو آهي ۽ پنهنجي مزاج ۾ هر ڪو بادشاهه هوندو آهي اهڙي طرح منهنجي ڀيڻ اسان کان وڏي حاجاڻي حياتان منهنجي ڀيڻ سان گڏ منهنجي سهيلي به ننڍي هوندي هئي. آئون ۱۹۶۵ع ۾ موهن جي دڙي ڀرسان ٻلهڙيجي ڳوٺ ۾ پرائمري پڙهڻ ويس ڇو ته اسان جو ۽ پيرزادن جو پراڻو وڏن کان تعلق هيو ان ڪري آءُ لطف پيرزادي جي گهر ۾ رهيس اتي منهنجي رهڻ سان منهنجي ڀيڻ به اچي رهندي هئي اهڙي طرح پيرزادن سان هوءَ به هجائتي هوندي هئي هوءَ پڙهيل ته نه هئي پر ذهين بااخلاق هئي جنهن سان به ننڍي لاءِ رشتو جوڙيائين ان سان آخر تائين قائم دائم رکيائين ۽ ۱۹۵۶ع ۾ هن جي پيدائش ٿي ۽ ۱۹۷۲ع ۾ هن جي غريب گهراڻي ۾ شادي ٿي جيڪا ان دور ۾ اسان جا وڏا هارپو ڪندا هئا.

محمد بخش ”جوهر“

محمد بخش ”جوهر“

سنڌي ٻوليءَ جو گمنام اديب، جنهن جي نالي سان ”چيئر“ هئڻ گهرجي ها!

مختيار ملاح



سنڌي ادب جي تاريخ ۾ ڪيترائي منفرد ۽ تمام وڏو يوگدان رکندڙ اديب ٿي گذريا آهن، جن کي ڪنهن به تاريخ لکندڙن ڪڏهن ياد ئي نه ڪيو آهي، انهن مان هڪ محمد بخش ”جوهر“ به آهي. سندس سڃاڻن افسانوي ادب ۾ انتهائي منفرد آهي. هن جاسوسي ادب، سائنسي ادب، فئنٽيسي ادب، فوجداري افسانيت، ٻاراڻي ادب ۾ ۱۲۰ کان مٿي ڪتاب لکيا ۽ سڄي عمر صحافت ۾ گذاريا. هن ڪيئي ادبي سلسلا، رسالا، اشاعتي ادارا قائم ڪيا. ۱۹۳۵ع کان ۲۰۰۸ع تائين بغير ڪنهن وقفي جي لکندو رهيو.

مظهر سرهيو

مظهر سرهيو

لاڙڪاڻو جو سٻاجهو ۽ سچو صحافي

آصف رضا موريو



فريدالدين عطار جي خاندان سان تعلق رکندڙ سرهيو ذات جون آباديون لاڙڪاڻو شهر جون قديم ترين رهواسي آهن جن کي عطر ۽ خوشبو جون مصنوعات وڪڻڻ جي ڪري سرهيو يعني خوشبو وارو جو لقب مليو. سرهيو خاندان جي لاڙڪاڻو ۾ جدِ امجد فضل محمد خان کي ۱۸۶۰ع واري دور ۾ شهر جي خاص شاهي بازار اندر ڪپڙي جو ڀلو دوڪان هوندو هيو جڏهن ته سرهيه پڌر وارو محلو سندس ڀلوڙ، رحمدل ۽ برجستي پٽ سيٺ خداداد سرهيو سان منسوب آهي جنهن جو جنم ۱۸۷۲ع ۾ ۽ وفات ۲۴ اپريل ۱۹۵۰ع ڌاري ٿيو.

پروفيسر فدا احمد سرهيو

پروفيسر فدا احمد سرهيو

۸ جون : جنم ڏڻ مبارڪ

اعظم ڀٽي



سنڌي ٻولي جي ناليواري اديب، دانشور ۽ شاعر پروفيسر فدا احمد سرهيو جي والد جو نالو  آخوند حافظ محمد سرهيو آهي، سندس جنم ۸ جون ۱۹۳۲ع تي سعيد پور ٽڪر ضلع ٽنڊو محمد خان ۾ ٿيو، بعد ۾ لڏي اچي ٽنڊو محمد خان شهر ۾ رهائش اختيار ڪيائون، تعليم ايم اي (سنڌي)، بي ايڊ، اديب فاضل، ۽ ڊرائنگ ايليمينٽري فرسٽ ڪلاس اٿس، شاعري، نثر نويسي، ٻاراڻو ادب سندس پسنديده سبجيڪٽ هئڻ ڪري ئي اڪثر طبع آزمائي به انهن تي ڪيائين. سندس تخليقن ۾ شيرين (افسانا) جهومڪ (ناول) اڻ ڇپيل آهن. ان کان علاوه جواهرات (افسانا)، ڪرڻا (افسانا) ۽ عورت (افسانن، مضمونن ۽ مقالن جو مجموعو) مرتب ڪري اداره سنڌي ادب ٽنڊو محمد خان طرفان شايع ڪرايائين. جڏهن ته هيٺ ڄاڻايل ڪتابن کي ترتيب ڏئي اداره سنڌي ادب ٽنڊو محمد خان طرفان شايع ڪرايائين. جن ۾؛ داستانِ غم (ناول)، چلولي (ناول) مصنف: حافظ شاهه حسيني، آئين زندگي نفسيات، مترجم: حافظ شاهه حسيني. نئون سفر(ناول)، نادره (ناول) مصنف: غلام علي کوکر، اديون ڏيوم صلاح (ناول) مصنف: شوق سنڌي، ڏوهاري ڪير؟ (ناولٽ) مصنف: وڪٽر هيوگو/ مترجم ميمڻ عبدالمجيد سنڌي، چور (افسانا) مصنف: غلام علي الانا، قلوپطره (ڊرامون) مصنف: شيڪسپيئر، سفرنامه ابن بطوطه: مصنف ابن بطوطه ٻنهي جو ترجمو ڪندڙ: حبيب بخاري، سجاڳيءَ جو سڏ (ڊرامون) مصنف: دائود سولنگي، ٻاراڻي ادب ۾ هيٺيون لوڪ ڪهاڻيون لکي اداره گلشن ادب ٽنڊو محمد خان طرفان شايع ڪرايائين، جن ۾ هڪ ڏينهن جو بادشاهه، گامون سچار، غيبي خزانو، ڏهه شهزاديون شامل آهن. ٻاراڻي ادب جي حوالي سان جيڪي ڪتاب مرتب ڪري اداره گلشن ادب ٽنڊو محمد خان طرفان شايع ڪرايائين، انهن ۾. ٽڙيل گل، گلشن جا گل، هٻڪار، پنکڙيون، هيرا موتي، هيرا لعل هزار، روشن تارا، موتئي جون مکڙيون، چمڪندڙ ستارا، کڙيا کٽڻهار، روشن ڏيئا شامل آهن. ان سان گڏوگڏ “ پاڻ وهيڻي پري” مصنف: محمد ابراهيم جويو، حيرت انگيز هيرو، معصوم محموده، مغرور بادشاهه، ڪنول شهزادي، ڪرامتي تختي، ڇٽيهه لکڻو نالي ڪتاب  ترتيب ڏئي، اداره گلشن ادب ٽنڊو محمد خان طرفان شايع ڪرايائين. ٻاراڻي ادب جا ٻه ڪتاب “ هڪ ڏينهن جو بادشاهه” (ٻيو ڇاپو) ۽ “ روشن ڏيئا”، ٻالڪ پبليڪيشن ٽنڊو محمد خان طرفان شايع ڪرايائين. اداره سنڌي ادب ٽنڊو محمد خان طرفان پندرنهن ڪتاب، اداره گلشن ادب طرفان ايڪويهه ڪتاب ۽ ٻالڪ پبليڪيشن ٽنڊو محمد خان طرفان ٻه ڪتاب يعني ڪُل ۳۸ ڪتاب شايع ڪرايائين، گورنمينٽ ڊگري ڪاليج ٽنڊو جان محمد، گورنمينٽ ڪاليج سعيد پور  ضلع بدين ۽ گورنمنٽ ڊگري ڪاليج ٽنڊو محمد خان جي سالياني ميگزينس جي سنڌي سيڪشنز جو انچارج ۽ ايڊيٽر پڻ رهيو، سال ۱۹۴۸ کان ۱۹۹۱ع تائين، اخبار تعليم، ماهنامه بادل، ماهنامه گلستان، گل ڦل حيدرآباد، ماهوار فردوس هالا، ماهوار نئين زندگي ڪراچي، ماهنامه راج فلمستان بامبي، پندره روزه “ميراث”  ۽ “ روشني”  ٽنڊو محمد خان، گورنمنٽ ڊگري ڪاليج ٽنڊو محمد خان، ٽنڊو جان محمد ۽ گورنمينٽ هاءِ اسڪول ٽنڊو محمد خان جي ڪاليج ميگزينس، اداره فروغ ادب ڪراچي جي ڪتاب ” جديد شعراءِ  سنڌي“ ۽ سرهاڻ پبليڪيشن ٽنڊو محمد خان جي ڪتاب “ ٽڙندڙ مکڙيون “ ۾ مسلسل سندس مضمون، مقالا، افسانا، گيت، غزل، ڪافيون ۽ ٻاراڻو ادب شايع ٿيندو رهيو. ۱۹۵۴ع ۾ ئي سنڌي ادبي سنگت شاخ ٽنڊو محمد خان جو ميمبر ٿيو، سنڌي ادبي سنگت شاخ ٽنڊو محمد خان جو ٽي ڀيرا سيڪريٽري پڻ رهيو، سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن (سگا)  ٽنڊو محمد خان جو جنرل سيڪريٽري، بزم بسمل ٽنڊو محمد خان، انجمن ترقي سنڌي ٽنڊو محمد خان ۽ يونائيٽڊ فورم ٽنڊو محمدخان جو جنرل سيڪريٽري رهيو، پرائمري ٽيچرس ايسوسيئيشن ٽنڊو محمد خان جو جنرل سيڪريٽري پڻ رهيو، انجمن خادم الاسلام ٽنڊو محمد خان (جنهن جي زير اهتمام دارالعلوم هاءِ اسڪول ۽ مخدوم بلاول انٽرميڊئيٽ ڪاليج هلندڙ آهن) جو بنيادي جنرل سيڪريٽري رهيو. اداره سنڌي ادب ٽنڊو محمد خان جو پهريون جنرل سيڪريٽري هو، جنهن جو بنياد حافظ شاهه حسيني سان گڏجي ۱۹۵۴ع ۾ رکيائين، جنهن جو چيئرمين حافظ شاهه حسيني هو، ان بعد ان اداري جو ئي پبليڪيشن سيڪريٽري، ايجوڪيشن سيڪريٽري، لائبريري سيڪريٽري ۽ مئنيجنگ ڊائريڪٽر رهيو. ان کان علاوه اداره سنڌي ادب طرفان “ مرڪز تعليم بالغان” قائم ڪرائي، ان ۾ درس ۽ تدريس جون خدمتون سرانجام ڏنائين. بزم گلشن سنڌ ۽ ٻالڪ سنگت سنڌ جو باني صدر رهيو، جن ٻنهي بزمن جون سنڌ جي مختلف شهرن ۽ ڳوٺن ۾ شاخون قائم ٿيون، جن ۾ ٻارڙا هفتيوار ۽ پندرهن روزه ادبي گڏجاڻيون ڪري انهن ۾ پنهنجون لکڻيون پڙهي، اصلاح ڪرائيندا  هئا. انهن ٻارڙن مان ڪيترائي فرد سنڌ جا وڏا نالا ٿي اُڀريا، جن ۾ خاص طور ڊاڪٽر تنوير عباسي، خان محمد پنهور، آڪاش انصاري، پير مظهرالحق ۽ ٻيا شامل آهن. اداره سنڌي ادب ٽنڊو محمد خان طرفان سال ۱۹۵۸ کان ۱۹۷۰ تائين ڪيترائي عظيم الشان آل سنڌ، سنڌي اردو يادگار مشاعره ڪرايا ويا. جن جون صدارتون مخدوم طالب المولى، فيض احمد فيض، غلام محمد گرامي، ابراهيم خليل، جوش مليح آبادي، حمايت علي شاعر، رشيد احمد لاشاري، محسن ڀوپالي ۽ ٻين ناميارن اديبن، شاعرن ۽ ليکڪن  ڪيون. انهن سرگرمين ۾ فدا سرهيو جو متحرڪ ڪردار رهيو، زندگيءَ جا چاليهه سال تعليم کاتي سان وابستگي رهيس. ۱۹۴۸ع ۾ فائنل پاس ڪرڻ جي ڇهن مهينن بعد پرائمري استاد مقرر ٿيو، ان وقت کان ئي  افسانه نگاري جو شوق جاڳيس، پهريون افسانو ماهنامه ”فردوس“ هالا ۾ شايع ٿيس، ان کان پوءِ ماهوار ”بادل“ حيدرآباد ۾ سندس ٻيو افسانو شايع ٿيو. ۱۹۵۲ ۾ ٽريننگ ڪاليج فارمين حيدرآباد ۾ ٽيچنگ ٽريننگ جي سلسلي ۾ داخلا ٿي اتي قابل استادن غلام محمد گرامي، رشيد احمد لاشاري، ع ق شيخ، محمد امين صديقي، پناهه علي شاهه، ابن الياس، غلام حسين جعفري، غلام علي الانا ۽ رحيم بخش ميمڻ ۽ ٻين جي رهنمائي ۾ لکڻ جون صلاحيتون وڌيس ۽ شاعري جو شوق جاڳيس. ۱۹۵۳ع ۾ ٽريننگ اسڪول خيرپور ميرس جي ناز هاءِ اسڪول ۾ آل سنڌ تعليمي ڪانفرنس ۾ ڪاليج طرفان شرڪت ڪري، شاعري جي مقابلي ۾ پهريون ايوارڊ حاصل ڪيائين. ساڳئي سال ٽريننگ ڪاليج حيدرآباد جي يادگار ڊرامي ”مومل راڻو“ ۾ مرڪزي ڪردار ادا ڪري بهترين اداڪار طور پڻ پاڻ کي مڃرايائين، ٻئي سال ۱۹۵۴ع ۾ “ليلا چنيسر” ڊرامي ۾ پڻ مرڪزي ڪردار ادا ڪري خوب مڃتا ماڻيائين. ان وقت ٽريننگ ڪاليج مان نڪرندڙ اخبار تعليم ۾ پڻ سندس کوڙ ساريون  تخليقون شايع ٿيون. ۱۹۵۴ع ۾ ٽريننگ ڪاليج مان فارغ ٿيڻ کان پوءِ اداره سنڌي ادب جي نالي سان قائم ڪيل ادبي اداري طرفان اشاعتي سلسلو ۽ لائبريري قائم ڪرائڻ ۾ بنيادي ڪردار ادا ڪيائين، جن جو لائبريري سيڪريٽري ۽ پبليڪيشن سيڪريٽري پڻ رهيو ان کان پوءِ ۱۹۵۸ کان ۱۹۶۱ تائين بزم گلشن ادب ۽ ۱۹۶۴ جو ٻالڪ سنگت سنڌ جو صدر رهيو. شاعري ۾ پهرين فدا عامري ۽ بعد ۾ فدا سرهيو جو تخلص ڪتب آندائين. شاعري ۾ پنهنجو شعر هميشه ترنم سان پڙهندو رهيو. گلي ۾ مٺاس ۽ منفرد انداز سندس اهم سڃاڻپ بڻيل رهيا. ۱۹۷۳ع ۾ ليڪچرار بڻيو، ۱۹۹۲ع ۾ پروفيسر طور تعليم کاتي مان رٽائر ڪيائين. هن وقت نظر جي ڪمزوري، معذوري سميت مختلف بيمارين ۾ وڪوڙيل، گهر تائين محدود هئڻ باوجود به سندس حوصلا هماليه جبل جيان مضبوط نظر اچن ٿا، ٿورو ئي سهي پر مطالعي سان چاهه گهٽايو نه اٿس .

 

(اعظم ڀٽي _  پير محلا ٽنڊو محمد خان جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۸ جون ۲۰۲۱ع تي کنيل)


پروفيسر فدا احمد سرهيو

پنھنجو پاڻ تعارف

منهنجو نالو، پروفيسر فدا احمد ولد آخوند حافظ محمد سرهيو آهي، جڏهن ته ادبي دوست مونکي فدا سرهيو ڪري سڏيندا آهن. آئون سعيد پور ٽڪر، ضلع ٽنڊو محمد خان ۾ ۰۸ جون۱۹۳۲ع  ۾پيدا ٿيس. منهنجي تعليم ايم اي، بي ايڊ، اديب فاضل، (سنڌي) ۽ ڊرائنگ اليمينٽري فرسٽ ڪلاس آهي، شاعري، نثر نويسي ۽ ٻاراڻو ادب منهنجا پسنديده سبجيڪٽ آهن، ۽ انهن سبجيڪٽن ۾ ئي  زياده تر طبع آزمائي ڪئي اٿم. مون جيڪي تصنيفون تخليق ڪيون انهن ۾ شيرين (افسانه) جهومڪ (ناول) اڻ ڇپيل. ان کان علاوه هيٺيان ۳ ڪتاب مرتب ڪري اداره سنڌي ادب ٽنڊو محمد خان طرفان شايع ڪيا.

۱. جواهرات (افسانا) ۲. ڪرڻا (افسانا) ۳. عورت (افسانن مضمونن ۽ مقالن جو مجموعو) ان کان علاوه هيٺ ڄاڻايل ڪتابن کي ايڊٽ ڪري اداره سنڌي ادب طرفان شايع ڪيا.

۱.داستانِ غم(ناول) ۲. چلولي(ناول) مصنف حافظ حسيني ۳. آئين زندگي نفسيات مترجم : حافظ حسيني. ۴. نئون سفر(ناول) ۵. نادره(ناول) مصنف : غلام علي کوکر ۶. اديون ڏيوم صلاح(ناول)  مصنف : شوق سنڌي ۷.ڏوهاري ڪير؟ ( ناولٽ) مصنف وڪٽر هيوگو مترجم ميمڻ عبدالمجيد سنڌي ۸. چور (افسانا) مصنف غلام علي الانا. ۹. قلوپطره (ڊرامون) مصنف: شيڪسپيئر ۱۰.  سفرنامه ابن بطوطه : مصنف ابن بطوطه ٻنهي جو ترجمون ڪندڙ : حبيب بخاري. ۱۱. سجاڳيءَ جو سڏ (ڊرامون) مصنف: دائود سولنگي.

ٻاراڻي ادب ۾ مون هيٺيون لوڪ ڪهاڻيون تحرير ڪري اداره گلشن ادب ٽنڊو محمد خان طرفان شايع ڪيون.

۱. هڪ ڏينهن جو بادشاه .۲. گامون سچار. ۳. غيبي خزانو. ۴. ڏهه شهزاديون.

ان کان علاوه ٻاراڻي ادب جا هيٺيان ڪتاب مرتب ڪري اداره گلشن ادب ٽنڊو محمد خان  طرفان شايع ڪيا.

۱. ٽڙيل گل ۲. گلشن جا گل.۳. هٻڪار. ۴. پنکڙيون. ۵. هيراموتي. ۶. هيرا لعل هزار. ۷ روشن تارا ۸.موتئي جون مکڙيون. ۹. چمڪندڙ ستارا. ۱۰. گڙيا کٽڻهار. ۱۱. روشن ڏيا.ان سان گڏو گڏ پاڻ وهيڻي پري مصنف : محمد ابراهيم  جويو. ۲. حيرت انگيز هيرو. ۳ معصوم محموده ۴. مغرور بادشاهه ۵. ڪنول شهزادي ۶. ڪرامتي تختي. .۷ ڇٽيهه لکڻو ايڊٽ ڪري اداره گلشن ادب ٽنڊو محمد خان طرفان شايع ڪيا. باقي ڇهن ڪتابن جو مصنف اياز پاٽولي هو.

ٻاراڻي ادب جا ٻه ڪتاب هڪ ڏينهن جو بادشاه (ٻيو ڇاپو) ۽ روشن ڏيا ٻالڪ پبليڪيشن ٽنڊو محمد خان طرفان  پڻ مون شايع ڪيا.

ان کان علاوه اداره سنڌي ادب ٽنڊو محمد خان طرفان ۱۵ ڪتاب، اداره گلشن ادب طرفان ۲۱ ڪتاب ۽ ٻالڪ پبليڪيشن ٽنڊو محمد خان طرفان ۲ ڪتاب يعني جملي ۳۸ ڪتاب شايع ڪيا. گورنمنٽ ڊگري ڪاليج ٽنڊو جان محمد، گورننمنٽ ڪاليج سعيد پور، ضلع بدين ۽ گورنمنٽ ڊگري ڪاليج ٽنڊو محمد خان جي سالياني ميگزينس جي سنڌي سيڪشن جو انچارج ۽ ايڊيٽر پڻ رهيس.

سال ۱۹۴۸ کان ۱۹۹۱ع تائين، اخبار تعليم، ماهنامه بادل، ماهنامه گلستان ۽ گل ڦل حيدرآباد، ماهنامه فردوس هالا، ماهنامه نئين زندگي ڪراچي، ماهنامه راج فلمستان بامبئي، پندره روزه ميراث ۽ روشني ٽنڊو محمد خان، گورنمنٽ ڊگري ڪاليج ٽنڊو محمد خان، ٽنڊو جان محمد  ۽ گورنمنٽ هاءِ اسڪول ٽنڊو محمد خان جو ميگزينس اداره فروغ ادب ڪراچي جو ڪتاب ”جديد شعراءِ ۽ سنڌي“ ۽ سرهاڻ پبليڪيشن ٽنڊو محمد خان جي ڪتاب ”ٽڙندڙ مکڙيون“ ۾ مسلسل منهنجا مضمون، مقالا، افسانا، گيت، غزل، ڪافيون ۽ ٻاراڻو ادب شايع ٿيندو رهيو. گڏو گڏ سنڌي ادبي سنگت شاخ ٽنڊو محمد خان جو ٻه ڀيرا سيڪريٽري رهيس ۽ هن شاخ جو تاحيات ميمبر پڻ آهيان.

سنڌ گريجويٽ ايسوسي ايشن سگا ٽنڊو محمد خان جو جنرل سيڪريٽري، بزم بسمل ٽنڊو محمد خان، انجمن ترقي سنڌي ٽنڊو محمد خان ۽ يونائيٽڊ فورم ٽنڊو محمدخان جو جنرل سيڪريٽري رهيس. پرائمري ٽيچرس ايسوسي ايشن ٽنڊو محمد خان جو جنرل سيڪريٽري پڻ رهيس. انجمن خادم الاسلام ٽنڊو محمد خان جنهن جي زير اهتمام دارالعلوم هاءِ اسڪول ۽ مخدوم بلاول ڪاليج هلندڙ آهن جو بنيادي جنرل سيڪريٽري رهيس. اداره سنڌي ادب ٽنڊو محمد خان جو ۱۹۸۴ کان پهريائين جنرل سيڪريٽري ان پوءِ پبليڪيشن سيڪريٽري، ايڊيوڪيشن سيڪريٽري لائبريري سيڪريٽري ۽ مئنيجنگ ڊائريڪٽر رهيس. ان کان علاوه اداره سنڌي ادب طرفان قائم ڪيل مرڪز تعليم بالغان جو استاد پڻ رهيس.  بزم گلشن سنڌ ۽ ٻالڪ سنگت ٽنڊو محمد خان جو بنيادي صدر رهيس، هنن ٻنهي بزمن جو ن سموري سنڌ جي شهر ۽ ڳوٺن ۾ شاخون قائم ٿيون، جن ۾ ٻارڙا هفتيوار يا پندرهن روزه ادبي گڏجاڻيون ڪري انهن ۾ پنهنجيون لکڻيون پڙهندا هئا ۽ هڪ ٻئي جي اصلاح ڪندا هئا. انهن ٻارڙن مان ڪيترائي اڄ سنڌ جا وڏا اديب، ڊاڪٽر ۽ سياستدان آهن، جهڙوڪ؛ مرحوم ڊاڪٽر تنوير عباسي مرحوم خان محمد پنهور آڪاش انصاري ۽ پير مظهرالحق وغيره. اداره سنڌي ادب ٽنڊو محمد خان طرفان سال ۱۹۵۸ کان ۱۹۷۰ تائين ڪيترائي عظيم الشان آل سنڌ، سنڌي اردو يادگار مشاعره ڪرايا. جن جون صدارتون مخدوم طالب المولى، فيض احمد فيض، غلام محمد گرامي، ابراهيم خليل، جوش مليح آبادي، حمايت علي شاعر، رشيد احمد لاشاري، محسن ڀوپالي ۽ ٻين ناميارين شخصيتن ڪيون.  زندگيءَ جا ۴۴ سال تعليم کاتي سان وابستگي رهي. ۱۹۴۸ع ۾ فائنل پاس ڪرڻ کان پوءِ افسانه نگاري جو شوق جاڳيو، مهنجو پهريون افسانو ماهنامه ”فردوس“ هالا ۾ شايع ٿيو، ان کان پوءِ ماهنامه”بادل“ حيدرآباد ۾ افسانو شايع ٿيو. پوءِ نئين زندگي ڪراچي، راج فلمستان بامبئي ۽ گل ڦل ۾ شايع ٿيا. ۱۹۵۲ ۾ ٽريننگ ڪاليج فارمين حيدرآباد ۾ ٽيچنگ ٽريننگ جي سلسلي ۾ داخلا ٿي اتي قابل استادن جهڙوڪ، غلام محمد گرامي، رشيد احمد لاشاري، ع ق شيخ، محمد امين صديقي، پناهه علي شاه، ابن الياس، علام حسين جعفري، غلام علي الانا ۽ رحيم بخش ميمڻ جن جي رهبري ۾ لکڻ جون صلاحيتون وڌيون ۽ شاعري جو شوق جاڳيو. ۱۹۵۳ع ۾ ٽريننگ اسڪول خيرپور ميرس جي ناز هاءِ اسڪول ۾ آل سنڌ تعليمي ڪانفرنس ۾ ڪاليج طرفان شرڪت ڪيم ۽ شاعري جي مقابلي ۾ پهريون انعام حاصل ڪيم. ساڳئي سال ٽريننگ ڪاليج حيدرآباد جي يادگار ڊرامي ” مومل راڻو“ ۾ مرڪزي ڪردار ادا ڪيم، ٻئي سال ۱۹۵۴ع ليلا چنيسر ڊرامي ۾ پڻ مرڪزي ڪردار ادا ڪري خوب داد حاصل ڪيم. ان کانپوءِ ٽريننگ ڪاليج حيدرآباد ۾ وري اهڙا ڊراما نه ٿيا. ان وقت ٽريننگ ڪاليج مان نڪرندڙ اخبار تعليم ۾ منهنجون تخليقون افسانه، مضمون ۽ شاعري شايع ٿيا. ۱۹۵۴ع ۾ ٽريننگ ڪاليج مان فارغ ٿيڻ کان پوءِ ٽنڊو محمد خان اداره سنڌي ادب جي نالي سان هڪ ادبي ادارو قائم ڪيو جنهن جو جنرل سيڪريٽري مقرر ٿيس ۽ ان اداري جي طرفان اشاعتي سلسلو ۽ لائبريري قائم ٿيا جن جو لائبريري سيڪريٽري ۽ پبليڪيشن سيڪريٽري پڻ رهيس ان کان پوءِ ۱۹۵۸ کان ۱۹۶۱ تائين بزم گلشن ۽ ۱۰۶۴ جو ٻالڪ سنگت جو صدر رهيس.شاعري ۾ پنهنجو شعر هميشه ترنم سان پڙهندو هئس. رب سائين گلي ۾ مٺاس ڏنو هو ان  ڪري خوب داد حاصل ڪندو هئس. پر رٽائرڊ ٿيڻ کان پوءِ بيمارين اهڙو اچي وڪوڙيو آهي جو ترنم ته ختم ٿيو پر هاڻي وڏي سر ڳالهائڻ به دشوار ٿي پيو آهي. وري به الله سائين جو شڪر آهي جو نظر جي ڪمزوري هوندي به مطالعو جاري آهي. ڪو به علمي يا ادبي دوست مون سان هن ائڊريس تي خط و ڪتابت ڪري سگهي ٿو.

پروفيسر (ر) فدا احمد سرهيو، هائوس نمبر ۳۷۵/B خواجه محلا ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان

 

(حڪيم يوسف جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۱۰ جون ۲۰۲۱ع تي کنيل)