; سنڌي شخصيتون: سرفراز راڄڙ - امير بخش بڙدي

28 September, 2012

سرفراز راڄڙ - امير بخش بڙدي


سرفراز راڄڙ
هڪ موتي داڻو آ
امير بخش بڙدي
Image result for ‫سرفراز راڄڙ‬‎هن ڪٺور دل معاشري ۾ ڪي انسان اهڙا به ٿين ٿا جيڪي پنهنجي ذات ۽ عوام لاءِ ادارا/ اڪيڊمي ٿين ٿا. سندن وجود تاريخ جو هڪ اڻمٽ باب بڻجي ٿو. اهڙو موتي داڻو ماڻڪ ماڻهو سرفراز راڄڙ به آهي، جيڪو سرسبز شاداب ۽ انقلابي سرزمين ضلعي سانگهڙ جي کپري تعلقي ۾ سنڌ جي صوفي شاعر منٺار فقير رحه جي گهراڻي حاجي نور محمد راڄڙ جي گهر کاڻي راڄڙ ۱۹۵۲-۰۳-۰۱ تي صبح جي ماڪ ڦڙي وقت سج جي ڪرڻن وانگي جنم وٺي نروار ٿيو.


پاڻ پرائمري جا پنج درجا ۽ ميٽرڪ، کپرو مان پاس ڪرڻ بعد، انٽر مسلم ڪاليج حيدرآباد مان ڪيائون ۽ ۱۹۸۳ع  ۾ ماسٽرس سنڌي ادب ۽ سنڌ يونيورسٽي مان پاس ڪئي.
پاڻ ننڍي عمر کان ادب سان لڳاءُ رکندو آهي. اهو ئي سبب هو جو کپري ۾ پڙهائي دوران به شاعري ڪندا هئا. ڇو ته صوفياڻي شاعري کين ورثي ۾ مليل آهي. ان ڪري اڄ تائين شاعري سان نينهن جو ناتو رکيو پيو اچي ۽ هر سال پنهنجي پڙ ڏاڏي سنڌ جي صوفي شاعر منٺار فقير جي درگاهه تي رس رهاڻ به ڪرائيندو رهندو آهي. جتي وڏي انگ ۾ صوفي راڳي، دانشور، اديب، صحافي توڙي شاعر شرڪت ڪندا آهن.
لکڻ ۽ پڙهڻ سان چاهه هئڻ ڪري پاڻ هن وقت تائين ۳ ڪتاب مارڪيٽ ۾ آڻي چڪو آهي. جنهن ۾ ڪتاب؛ نينهن ساڳيو، نگاهون ساڳيون، سنڌي ٻولي ۾ لکيائون ۽ هڪ اردو ٻولي ۾ ايک سفر اور پڻ لکيو اٿن. جڏهن ته هڪ ڪتاب انگريزي ٻولي ۾ شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو تي لکيل آهي. اڃا ٻه ڪتاب ڇپائي جي مرحلي ۾ آهن. جن ۾ هڪ ڪتاب؛ ”ڳالهيون پيٽ ورن ۾“ ۽ ٻيو ڪتاب سندس لکيل ڪالمن تي مبني آهي، جيڪي جلد مارڪيٽ ۾ اچڻ وارا آهن.
سرفراز راڄڙ جا ڪيترا ئي رنگ آهن. پاڻ شاعر، ڪالم نگار، علم ادب، محبت، محنت، سياست، صحافت سان گڏوگڏ شفقت ڀريو هٿ رکندڙ ۽ زندهه دل پيار ڪندڙ ماڻهو آهي. هن دنيا ۾ خوشيون ورهائڻ وارا انسان تمام گهٽ آهن. پر اڃا هميشه مرڪندڙ دشمنن سان به ڀاڪر پائي ملندڙ سرفراز راڄڙ جهڙا جوان موجود آهن، جيڪو سينواريل تلاءُ ۽ ان ڪنول جيان آهي جيڪو هر وقت پنهنجي سندرتا قائم رکيو اچي ٿو. هي من جو اجرو، ڪوڙ ڪروڌ ۽ بدنيتي کان ڏور رهي ٿو. اهو ئي سبب آهي جو پاڻ شروعات کان وٺي جنهن پارٽي ۾ رهيا اها پارٽي ڪڏهن به نه ڇڏيائون، توڙي مٿن ڪيترن ئي قسمن جا گهاءُ لڳا، راتين جا اوجاڳا مليا، هر قسم جي پيڙا ملي. اهي سڀ ڪجهه برداشت ڪيائون پر ڪڏهن به پنهنجي ضمير جو سودو نه ڪيائون.
سرفراز راڄڙ سياست جي شروعات ميٽرڪ جي زماني کان ڪئي. ان وقت کپري جو پهريون شخص ھو جنهن صدر ايوب خلاف تحريڪ هلائي ۽ شاگردن کي باقاعده هڪ پيلٽ فارم تي گڏ ڪيو ۽ احتجاجي مظاهرا ڪيا. جنهن بعد جڏهن ذوالفقار علي ڀٽو پيپلز پارٽي جو بنياد وڌو هو. ان وقت پاڻ پيپلز پارٽي جو سانگهڙ ضلعي ۾ بنياد وجهندڙن مان هو ۽ کپرو تعلقي جو پهريون جنرل سيڪريٽري ٿيو هو. جنهن بعد ۱۹۷۱ع جوائنٽ سيڪريٽري پ پ ضلعي سانگهڙ ٿيو. ان بعد ذوالفقار علي ڀٽي کيس جنرل سيڪريٽري پيپلز پارٽي سانگهڙ رکيو. سال ۱۹۹۸ع  ۾ محترمه بينظير ڀٽو، سرفراز راڄڙ جي ڪيل محنتن ۽ وفادارين کي ڏسي پاڻ وٽ گهرائي، پ پ ڪلچر سنڌ جو صدر مقرر ڪيو. پاڻ سانگهڙ ضلعي جو قائم مقام پ پ صدر به رهيا.
سرفراز راڄڙ ۱۹۹۰ع پيپلز پارٽي جي ٽڪيٽ تي کپرو جي صوبائي سيٽ تي اليڪشن لڙيو ۽ ٻه ڀيرا ۲۳۵ اين اي سانگهڙ تي پ پ جي ٽڪيٽ تي قومي اسيمبلي جي سيٽ تي چونڊ پڻ وڙهيو. سرفراز راڄڙ جون پيپلز پارٽي لاءِ وڏيون قربانيون آهن ۽ هن وقت پاڻ وزيراعليٰ سنڌ سيد قائم علي شاهه جو صوبائي صلاحڪار پڻ آهي.
پاڻ صوفياڻي طبيعت رکندڙ انسان آهي. تنهن ڪري ڪڏهن به وڏائي نه ڪئي آهي. اڄ جيڪڏهن ڪنهن به ماڻهو کي ڪو مان مرتبو ملي ويندو آهي ته اهو پاڻ کي الائجي ڇا مان ڇا سمجهندو آهي پر هن انسان دوست هميشه پاڻ کي عوام جو خادم سمجهيو آهي.
سرفراز راڄڙ، ضياءُالحق جي دور ۾ جيل به ڪٽيا پر همٿ نه هاريائين. هميشه حق ۽ سچ تي قائم رهيو. اڄ جي دور ۾ ته هر ماڻهو سياست ۾ پلٽو مٽائيندو رهيو آهي پر هن کي ننڍپڻ کان پيپلز پارٽي جو دُڪو ڏنو آهي، ان ڪري سختيون برداشت ڪيون پر پارٽي نه ڇڏي آهي. پارٽي ۽ ضلعي جي عوام سان ايڏو ته چاهه آهي جو گذريل سال سانگهڙ ضلعي ۾ آيل تباهي تي پاڻ وسندڙ برساتن ۾ به ڳوٺن ۾ وڃي عوام جو حال لهندو هو. ٻوڏ جي تباهين تي پاڻ ماٺ ڪري ڊرائنگ روم واري سياست نه ڪيائون. وزيراعليٰ کان خصوصي فنڊ وٺي علائقي واسين جي دل کولي خدمت ڪيائون. نه صرف سرڪاري فنڊ ورتا پر ٻاهرين اين جي اوز وارن کي سانگهڙ ضلعي جي تباهين جا دورا ڪرايا ۽ ماڻهن جا سور ٻڌايا ۽ انهن کي سانگهڙ جي عوام جي مدد لاءِ آندو.
سرفراز راڄڙ حساس دل جو مالڪ آهي. پرايو ڏک به پنهنجو ڏک محسوس ڪندو آهي. سياست ۾ سرفراز راڄڙ جهڙا سچا ماڻهو تمام گهٽ آهن. هيڏو وڏو نانءُ هوندي به ٻين سياسي ڀوتارن وانگي ڪڏهن به پنهنجي پويان لئي خاطر باڊي گارڊ ۽ نه وري گاڏيون رکيون. هي پيادل هلڻ وارو ماڻهو به آهي. جتي سڏ مليس اتي پهچيو وڃي. نه آڌي ڏسي نه مانجهي. يارن جو يار آهي.
اگر سرفراز راڄڙ جهڙا ماڻهو سياسي ۾ هجن ته پوءِ حقيقي جمهوريت هميشه قائم ۽ دائم رهندي. 

No comments:

راءِ ڏيندا