عبدالڪريم لوڌي
ڪامياب منتظم، بيباڪ ۽ کرو انسان
گل محمد عمراڻي
تمام
گهٽ ماڻهن کي شايد اها خبر هوندي ته عبدالڪريم لوڌي جا وڏا اصل ۾ متحده هندستان جي
حيدرآباد دکن کان لڏي برٽش انڊيا ۾ ۱۹ هين صديءَ دوران سنڌ اندر اچي آباد
ٿيا هئا ۽ خالص سنڌي رنگ ۾ اهڙا ته رڱجي ويا جو ۱۹۷۵ع ۾ منهنجي جڏهن پهريون دفعو لوڌي
صاحب جي والد صاحب سان حيدرآباد جي تاريخي دربار هال ۾ ملاقات ٿي، (جڏهن هو مون وٽ
پوليس (ٽريفڪ) وارن جي زيادتيءَ خلاف شڪايت کڻي آيو، جيڪي هن جي ڪَيلن سان ڀريل
مزدا ٽرڪ کي ضبط ڪري ڪوٽڙيءَ جي ٿاڻي تي بيهاري بيٺا هئا)، ته مون کي ڏاڍو اچرج
لڳو. بلڪل هڪ ٺيٺ ۽ ٺٽي ضلعي جو عام رواجي زميندار پئي نظر آيو، جتي هنن جي ننڍي زمينداري هئي
۽ شلوار قميص ۾ ملبوس هڪ نج قديم سنڌي لاڙي سٻاجهڙو آبادگار پئي
لڳو، جنهن پنهنجي تمام اعليٰ عملدار فرزند جو نالو به کڻڻ بلڪل مناسب نه پئي ڄاتو.
جيڪو شخص ٻن صوبن (سنڌ ۽ پنجاب) جو چيف سيڪريٽري، سينيئر ميمبر بورڊ آف روينيو ۽
ورلڊ بئنڪ جو ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر رهيو هجي. ان جي والد جي سادگي ۽
سڀاءَ ڏسي، مان ته دنگ رهجي ويس.