; سنڌي شخصيتون: September 2013

29 September, 2013

استاد گلزار علي خان

استاد گلزار علي خان

سنڌي موسيقيءَ جو وڏو راڳي

وزير فرهاد سولنگي



استاد گلزار علي خان جو اصل نالو گلاب خان دايو هيو. هيءُ ۱۹۳۴ع ڌاري، محمد مراد دايي جي گهر ۾ ڄائو. سندس ڳوٺ ضلعي نوشهرو فيروز جي شهر خانواهڻ جي ڀرسان ڳوٺ ديهات نالي سان آهي. استاد گلزار علي خان شروعاتي تعليم پنهنجي ڳوٺ مان ئي حاصل ڪئي کيس ٻالڪ پڻ کان ئي راڳ ڳائڻ جو شوق هو، ڇو ته سندس والد صاحب محمد مراد خان دايو به راڳ ڳائيندو هيو هن پنهنجي پيءَ کان متاثر ٿي راڳ جي دنيا ۾ قدم رکيو پاڻ جڏهن ۸ سالن جي عمر جو هيو ته هن راڳ ڳائڻ شروع ڪيو هن شروعات ۾ راڳ جي سکيا پنهنجي پيءَ کان ورتي ان کان پوءِ هن ۱۶ سالن جي عمر ۾ لاڙڪاڻي وڃي استاد مهر علي خان کان راڳ جي سکيا ورتي ان کان پوءِ جڏهن هو ۲۵ سالن جو ٿيو ته پاڻ استاد منظور علي خان وٽ وڌيڪ راڳ سکڻ لاءِ ويو. استاد منظور علي خان ڪيترائي شاگرد پيدا ڪيا. جن راڳداريءَ جي دنيا ۾ تمام سٺو نالو پيدا ڪيو سندس انهن شاگردن ۾ استاد گلزار علي خان جو به نالو به نمايان آهي.

خانصاحب امانت علي خان - ناصر قاضي

خانصاحب امانت علي خان
ڪلاسيڪل راڳي
ناصر قاضي
خانصاحب استاد امانت علي خان جي نانءِ
خوشبو ڪي زباني تيرا پيغام هي آئي ...!!!
ننڍي کنڊ جي وڏن موسيقار گھراڻن مان پٽيالا گھراڻو پنهنجو هڪ الڳ ۽ منفرد مقام رکي ٿو. هن گھراڻي سان وابسته موسيقارن توڙي گلوڪارن جون ڪيل فني خدمتون نه صرف ننڍي کنڊ، پر پوري دنيا ۾ کيرون لهڻن ٿيون. هن گھراڻي تي ’پٽيالا‘ نالو رياست ’پٽيالا‘ سان وابستگيءَ جي ڪري پيو، جنهن گھراڻي جا باني خانصاحب جرنيل علي بخش خان ۽ خانصاحب ڪرنيل فتح علي خان هئا، جيتوڻيڪ هي ٻئي موسيقار پاڻ ۾ ڪي ويجھا رشتيدار به نه هئا، پر هميشه سڳن ڀائرن وانگر رهندا هئا، ايتريقدر جو جتي به ڳائڻ جي لاءِ کين دعوت ملندي هئي ته هي ٻئي گڏجي ويندا هئا.

سندري اتم چنداڻي


سندري اتم چنداڻي
سنڌي ناول جي خاتون اول
رکيل مورائي
اڄ منهنجي آڏو لکت ۾ اهڙو پروف موجود آهي، جو مان سنڌي ٻوليءَ جي نهايت آبرودار ڪهاڻيڪار ۽ بيحد تخليقي ناول ”ڪرندڙ ديوارون“ ۽ ”پريت پراڻي ريت نرالي“ جهڙن ناولن جي ليکڪا محترمه سندري اتم چنداڻيءَ کي ”سنڌي ناول جي خاتون اول چوان“ ڇاڪاڻ ته اها منهنجي درستي نامياري ليکڪا ۽ سنڌي ادب کي گهڻي کان گهڻا ناول ڏيندڙ ۽ سنڌي ناول کي هڪ مرتبو عطا ڪندڙ، ڪلا پرڪاش ڪئي هئي، جڏهن مون سندس اڄ تائين ڇپيل آخري ناول ”اوکا پنڌ پيار جا“ جو مهاڳ لکندي کيس ”سنڌي ناول جي خاتون اول ڪوٺيو هئو ۽ پوءِ هن پنهنجي خط ۾ لکيو هئو ته ”سندري ئي سنڌي ناول جي خاتون اول آهي ۽ اهڙي اهميت هن کي ملڻ گهرجي“.

22 September, 2013

پرويز مهدي -

پرويز مهدي
شهرت جي چوٽين تائين ڪيئن پهتو؛ اٺين ورسي جي موقعي تي :
گلوڪار پرويز مهدي کي ننڍپڻ کان ئي ڳائڻ سان چاهه هو. اسڪول واري زماني ۾ هو ملي نغمن ۽ نعت خواني وارن مقابلن ۾ حصو وٺندو هو. هن جي پيءُ بشير راهي هن جو شوق ڏسي کيس اڃا وڌيڪ همٿايو. ڇاڪاڻ ته هن جو پيءُ به ناليوارو راڳي هو. پرويز مهدي ۷۰ واري ڏهاڪي ۾ ريڊيو پاڪستان لاهور جي لاءِ هڪ گيت رڪارڊ ڪرايو جنهن جا ٻول هئا، ”مين جانا پرديس“ جنهن کيس شهرت جي چوٽين تائين پهچائي ڇڏيو. هن جو اصل نالو پرويز حسن هو. پر مهدي حسن جي شاگردي ۾ اچڻ کانپوءِ هن پنهنجو نالو مٽائي پرويز مهدي رکيو. اها سندس استاد سان عقيدت چئبي. واضح رهي ته گلوڪار غلام عباس، آصف مهدي، خالد اصغر (ريڊيو اسٽيشن ڊائريڪٽر) ۽ پرويز مهدي هڪ ئي ڏينهن خان صاحب مهدي حسن کان سڳو ٻڌرايو هو. پرويز مهدي بنيادي طور تي غزل گائڪ هو. هن جتي پنهنجي استاد جو رنگ اختيار ڪيو اتي هن ڪجهه پنهنجو ڍنگ به پيش ڪيو. هو غزل کانسواءِ گيت، فوڪ گانا به مهارت سان ڳائيندو هو. چون ٿا هڪ رڪارڊنگ دوران هن ملڪ ترنم نور جهان سان هڪ گيت اهڙو ته پيارو ڳايو جو نور جهان کيس نرڙ تي چمي ڏئي چيو ”شاباش بيٽا“ اهو گانو هو ”تڪ چن پيا جاندا اي“ هن جو هڪ غزل جنهن جا ٻول هئا ”وهين زندگي ڪي حسين خواب ڇوٽي، ميري همسفر تم جهان هم سي روٺي“ اڄ به جڏهن وڄندو آهي ته ٻڌڻ واري تي سڪتي واري ڪيفيت طاري ٿي ويندي آهي ڪجهه ماڻهن جو چوڻ آهي ته ان نغمي جي مقبوليت جو سبب بهترين ڪمپوزيشن هئي پر موسيقي جا نقاد چون ٿا ان کي جيڪڏهن پرويز مهدي نه ڳائي ها ته شايد اهو غزل ايترو مشهور نه ٿئي ها.

شڪيل بچاڻي - دودو چانڊيو

شڪيل بچاڻي
صحافتي سفر جي هڪ ساٿي جو وڇوڙو
دودو چانڊيو
صحافتي سفر ۾ سوين شامون جن ڀلوڙ دوستن سان گڏ گذريون، شڪيل بچاڻي به انهن دوستن مان هڪ هو. شام جي سونهن ڇا ٿيندي آهي، ان جي حاصلات لاءِ جستجو ۽ ان جي ملڻ تي ڏک ڇاٿيندو آهي، اهو صرف اهو صحافي ئي ٻڌائي سگهي ٿو، جيڪو اخباري آفيسن ۾ ڪم ڪندو هجي، سج لهڻ جو منظر ڪيترو حسين ۽ قيمتي هوندو آهي، شام جي ٿڌڙي هوا ۽ افق جي لالاڻ، دوستن سان ڪچهرين جي خواهش ۽ ٻيون کوڙ اميدون ۽ انهن جي تڙپ صحافي يا اخباري ڪارڪنن کان وڌيڪ ڪوبه سمجهي نه ٿو سگهي. هي انهن ڏينهن جي ڳالهه آهي، جڏهن اڃا ٽي وي جرنلزم  اسان وٽ نه آيو هو. حيدرآباد سنڌي ميڊيا جو مرڪز هو ته مون شڪيل بچاڻي سان گڏ صحافتي سفر جي شروعات ڪئي هئي. ٻئي صحافتي شعبي ۾ هڪ پروف ريڊر جي حيثيت سان آياسين. جڏهن ٻئي رپورٽر ٿياسين ته اسان جي سفر ۾ وڌيڪ ويجهڙائپ ٿي. اها ويجهڙائپ هڪ ئي اداري ۾ ڪم ڪرڻ سان شروع ٿي، ڪيئي سالن تائين گڏ رهي. شڪيل بچاڻي حيدرآباد جي صحافت جي ان نئين ٽهيءَ جي صحافين مان هو، جن جڏهن پنهنجي ڪيريئر جي شروعات ڪئي ته ملڪ مٿان مارشل لا جو سج لهي چڪو هو.

مولابخش چانڊيو - اعجاز علي خواجا

مولابخش چانڊيو
اعجاز علي خواجا
ماڻهو ته مڙيوئي ماڻهو آهن پر هزارن، لکن ۽ ڪروڙن ماڻهن منجهان ڪي ماڻهو پيدا ٿيندا آهن جن جو ماڻهپو ڏاڍو مختلف ۽ منفرد هوندو آهي. اهي ماڻهو پنهنجي سڃاڻپ پاڻ بنجي ويندا آهن ۽ سماج ۾ پنهنجي قدمن جا نشان ۽ هڳاءَ پکيڙيندا رهندا آهن ۽ هر دور ۾ انهن کي پنهنجي ڌار اهميت ۽ شناخت واري حيثيت حاصل هوندي آهي. هونءَ ته ساٿي مولا بخش چانڊيو به هڪڙو عام قسم جو ماڻهو آهي پر سندس ذات، وجود ۽ ماڻهپو خاص قسم جو آهي ڇاڪاڻ ته گهڻن کان گهڻن ماڻهن ۾ به هي ماڻهو ڌار نظر ايندو آهي.

ريٽا شاهاڻي


ريٽا شهاڻيءَ جي شخصي سڃاڻپ
نالو- ريٽا شهاڻي
والد جو نالو- عالمچندر اڌارام ملڪاڻي
وَرَ جو نالو- وشنو شهاڻي
شادي جي تاريخ - ويهه آڪٽوبر ۱۹۵۷
چاچو - منگهارام ملڪاڻي
اولاد - پٽ، ڪمار ڌي، لليتا
ڪتابن جو تعداد- ٽيٽيهه سنڌي، چار هندي ٻه انگريزي
سفر- ڪيترا ئي ملڪ، خاص طور سنڌ ۲۰۰۴ع
لاڳاپو – مهاراشٽر سنڌي ساهتيه اڪيڊمي جي ميمبر،
مهاراشٽر ٽيڪسٽ بڪ بيورو جي ميمبر
نيشنل ڪائونسل فار پروموشن آف سنڌي لينگئيج جي ميمبر
موڪلاڻي- آچر پندرهن سيپٽمبر ۲۰۱۳ع پونا انڊيا

ميهر فقير- خليل عارف سومرو

ميهر فقير
ڀلوڙ عوامي شاعر 
خليل عارف سومرو

شاعري دلين جي ٻولي به آهي ته پيار جي پرولي به، شاعري اکين جي روشني به آهي، ته گلن جي تازگي به، شاعري روحاني راز به آهي ته اندر جو آواز به، شاعري ڏات ڏان ۽ ڏاهپ به آهي ته شاعر جي هڪ نيئن سڃاڻپ به آهي. شاعري سماج جي آرسي به آهي ته سوچن، خيالن، جذبن ۽ خوابن جي دلڪشي به شاعري ۾ سمايل نظر اچي ٿي ۱۲ ڊسمبر ۱۹۴۲ع تي جنم وٺندڙ محمد حسن لُنڊ کي حضرت عشق جڏهن پنهنجي اري ۾ آندو ته هن رئيساڻي ڳڀرو جوان سنڌي شاعري جي دنيا ۾ ميهر فقير جي نانءُ سان هڪ الڳ سڃاڻپ ماڻي ورتي. پوءِ سندس زندگي ۾ جرڳن ۽ فيصلن جي جاءِ اچي سندس شعرن والاري. ائين هو پنهنجي پيار جي پچار ڪندي ڌرتي جون ڳالهيون اوريندي ۽ داخلي ۽ خارجي جذبن جون لفظن ۾ تصويرون جوڙيندي پنهنجي روايتي زندگي کان هٽي (ڇاڪاڻ ته اُها سندس روح ۽ مزاج وٽان ڪانه هئي) ڪهنه مشق شاعرن جي صف ۾ اچي شهيد احمد خان آصف مصراڻي، استاد بخاري، احمد خان مدهوش، تاج صحرائي، ڪاڇي جي حمل طالب لغاري، نواز رڪڻائي، محسن ڪڪڙائي ۽ راشد مورائي جو هم عصر ۽ همراهه بڻجي بيهي رهيو. هن سنڌي ٻولي جي هنج ۾ ٽن خوبصورت ڪتابن جا گلاب ارپيا ۰۱. ڪليات ميهر فقير، ۰۲. ”وارن ونگي جند“ ۰۳. ”باهه بڀڙ ٻل پئي“ ان کان علاوه سنڌ جي نامور راڳين ممتاز لاشاري، منظور سخيراڻي، جلال چانڊيو، شبير شاهاڻي، رحمان مغل، ديبا سحر، عرس چانڊيو، حمت فقير، راحب ماڇي، سمينا ڪنول، صائمه منظور، اختيار خشڪ ۽ ٻين سندس ڪلام ڳائي خوب داد ماڻيو ميهر فقير جي شاعري علم عروض سان گڏ ڇند ودياتي پڻ آڌاريل آهي پاڻ جن صنفن تي طبع آزمائي ڪيائين تن ۾ حمد، نعت، منقبت، نوحا، مرثيا، بيت، وائي غزل، گيت، ڪافي، چوسٽا ۽ نظم وغيره اچي وڃن ٿا سندس شاعري جي خوبي اها آهي ته اُن ۾ نج ۽ ٺيٺ لفظ سهڻي نموني سان سمايل آهن، جيڪي گهري  فڪر هوندي به عام فهم آهن، ميهر فقير خود هڪ هند لکيو آهي ته ”عرض ڪيان ته مون جيڪو ڪجهه سرائيڪي ۽ سنڌي ۾ لکيو آهي، اهو ڪنهن تي ٿورو نه بلڪه دردن جون اوڇنگارون ڏئي پنهنجي دل جو بار هلڪو ڪيو آهي” سنڌ جي سدا بهار شاعر احمد خان مدهوش سندس شاعري تي راءِ ڏيندي لکيو آهي ته؛ ”ميهر فقير ۾ اهي سڀ خصوصيتون موجود آهن جيڪي ڪنهن فقيرمنش ۽ ادبي اوصاف رکندڙ شاعر ۾ هونديون آهن ۽ هئڻ گهرجن. سندس شعرن ۾ درد جي دکايل باهه جو ڀڀڙ منظرنگاريءَ جي صورت ۾ نظر اچي ٿو.“ محبوبا جي نازڪ ادائن جهڙي هن شاعر جي شاعري ۾ ڪيئي اهڙيون سريلون سٽون آهن جيڪي ساهه جي تند کي ڇُهي وجد کي ڇيڙي ڇڏين ٿيون، عشق ۽ محبت جو هي خوبصورت شاعر ۱۶ سيپٽمبر ۲۰۱۰ تي سوين پرستار سوڳ وار ڇڏي وڃي مٽي ماءُ سان مليو پر سنڌ جي ڪُنڊ ڪُڙڇ جهر جهنگ وستي ۽ واهڻ ۾ سندس ڪلام جئيرو آهي ۽ زنده آهي.

شازيه خشڪ - وزير فرهاد سولنگي

شازيه خشڪ
ثقافتي رنگن جهڙي
وزير فرهاد سولنگي
سنڌي موسيقيءَ ۾ منفرد گائيڪي جو انداز رکندڙ خوبصورت گلوڪاره شازيه خشڪ جو تعلق هڪ پڙهيل ڳڙهيل خاندان سان آهي. پاڻ ۱۶ سيپٽمبر ۱۹۷۰ع ڌاري پروفيسر فاروق احمد مرزا جي گهر ۾ جنم ورتو. سندس والد صاحب سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ۾ تعليم کاتي سان لاڳاپيل هيو. شازيه خشڪ شروعاتي تعليم به اُتي ئي پرائي ۽ سنڌ يونيورسٽي مان ايم اي اردو ادب ۾ ڪيائين سنڌ جي هيءَ پڙهي لکي فنڪاره سنڌ ۽ سنڌ کان ٻاهران پنهنجي آواز ۽ ثقافتي لباس سبب تمام سٺو نالو ڪمايو. شازيه خشڪ ۱۹۸۶ع ۾ سنڌ يونيورسٽي جي علم سياست جي پروفيسر محمد ابراهيم خشڪ سان شادي ڪئي. شازيه خشڪ کي فن موسيقيءَ جو شوق ننڍپڻ کان هوندو هيو. پر بحيثيت گلوڪاره جي هن پهريو ڀيرو سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري پاران منقعد ڪيل بين الاقوامي سنڌي ڪانفرنس ۾ ابراهيم منشي جو ڪلام ڳايو ته ”سهڻي کائي پئي سور ورو وانجهو، ساوڻ سير درياھ جي“ ان کان پوءِ ۱۹۹۲ع ڌاري پروفيسر ابراهيم خشڪ سان پاڪستان ٽيليوزن ڪراچي سينٽر تي سميع بلوچ جي ادبي پروگرام ۾ پاڻ بطور مهمان جي حيثيت ۾ شرڪت ڪئي ۽ شازيه خشڪ هن سان گڏ ڪراچي ٽي وي سينٽر گهمڻ آئي هئي ۽ انهيءَ دوران هن کي پروفيسر خشڪ سينئر پروڊيوسر سلطانه صديقي سان ملايو جيڪا ان وقت ڪراچي ٽي وي سينٽر تان ماروي سيريل جي تياري ڪري رهي هئي. اهڙي طرح سلطانه صديقي کيس ماروي ڊرامي ۾ اداڪاري ڪرڻ جي آڇ ڪئي. جنهن تي شازيه خشڪ چيو ته مونکي اداڪاري سان دلچسپي ناهي بلڪه مونکي ڳائڻ جو موقعو ڏنو وڃي ۽ ڪجھ عرصي کان پوءِ کيس سلطانه صديقي ڳائڻ لاءِ گهرايو ۽ هن کان هڪ ٿري لوڪ گيت ” مارا اڏ تان پکيئڙا ڪڏهين آ نه ماري ديس“ ڳارايو.

عبدالوحيد ڪٽپر

عبدالوحيد ڪٽپر
مڊل ڪلاسي سياستدان
ڊاڪٽر ايوب شيخ
جڏهن ذوالفقار علي ڀٽو ملڪ جو پرڏيهي وزير هيو ته لاڙڪاڻي ۾ مٿس ۽ سندس فيمليءَ جي خلاف هلندڙ سول ڪيسن ۾ جنهن وڪيل سندس غيرحاضريءَ ۾ سندس سڀ کان وڏي مدد ڪئي هئي تنهن وڪيل جو نالو کيس لاڙڪاڻي ۾ اچڻ کانپوءِ تڏهن معلوم ٿيو هيو جڏهن ڀٽي صاحب کي ٻڌايو ويو ته ان جو نالو عبدالوحيد ڪٽپر آهي. اهو سفر ڪورٽ کان شروع ٿيو ۽ سياست ۾ کيس وڏو مقام ملي ويو. ان کان اڳ عبدالوحيد ڪٽپر ادبي محفلن ۾ ويهي شاعري پڻ ڪندو هيو. سندس هڪ شاعر سنڌي ڳائڻي مرحوم سليمان شاهه پڻ ڳايو هيو، جيڪو ريڊيو پاڪستان تي تمام گهڻو مشهور ٿيو هيو:

خان صاحب خير محمد خان - ناصر قاضي

خان صاحب خير محمد خان
سريلو گائيڪ ۽ موسيقار
ناصر قاضي
اسان کي فخر آهي ته اسين سنڌي خوش نصيب قوم جا فرد آهيون، ڇاڪاڻ ته اسان جي تهذيب ۽ ثقافت تمام گھڻي شاهوڪار رهي آهي، ان سنڌ جي ثقافت ۽ تهذيب ۾ سنڌي موسيقيءَ جو به هڪ عليحده ۽ هاڪارو مقام رهيو آهي. ننڍي کنڊ جي موسيقيءَ جي تاريخ تمام آڳاٽي آهي، پر اها هڪ اٽل حقيقت آهي ته سنڌي موسيقارن، ڪلاڪارن، سازندن ۽ موسيقيءَ سان واسطيدار سنڌي گھراڻن جي ذڪر کانسواءِ پوري برِصغير جي موسيقيءَ جي تاريخ اڻپوري ۽ اڌوري رهجي ويندي.

پروفيسر عزيز پلي

پروفيسر عزيز پلي

تعارف



سنڌ يونيورسٽيءَ جي انگريزي شعبي جو استاد ۽ ناميارو ليکڪ، پروفيسر عزيز پلي، ۲ مارچ ۱۹۶۰ع تي ڳوٺ منعم پلي، ضلعي عمرڪوٽ ۾ جنم ورتو. پرائمري تعليم پنهنجي ڳوٺ مان ئي حاصل ڪيائين. هي جڏهن اڃا ڇهين درجي ۾ پڙهندو هو ته کيس ادب مان دلچسپي پيدا ٿي ۽ ٻارن جي رسالن ۾ لکڻ شروع ڪيائين. هن ۱۹۸۵ع ڌاري سنڌ يونيورسٽيءَ مان انگريزي ادب مان ايم اي ڪئي ۽ ترت ئي سنڌ يونيورسٽيءَ جي انگريزي شعبي ۾ ليڪچرار مقرر ٿيو. هي نه رڳو هڪ سٺو استاد هو، پر گڏوگڏ ڏيهي ۽ پرڏيهي ادب، خاص ڪري انگريزي ادب جو وسيع مطالعو رکندو هو. سندس پسند جي صنف ’ناول‘ هئي. کيس شاهه لطيف سان عشق هو. هن شاهه لطيف ۽ شيڪسپيئر تي تمام گهڻو مطالعو ڪيو ۽ ٻنهي جي تقابلي مطالعي بابت ڪلاس ۾ اڪثر ليڪچر ڏيندو هو.

ذوالفقار راشدي - امام راشدي

ذوالفقار راشدي
خوابن جو شاعر
امام راشدي
جرڪڻيون، اوچلڪڻيون، اومرڪڻيون!
مون اوهان لئه دل جو در کولي ڇڏيو.
يا ته جرڪايوم جيءَ جي درسني،
يا ته ڪاريءَ رات ۾ رولي ڇڏيو.
يا وري سندس هي ٻيو شعر آهي ته؛
نگاه يار جي سامهون نگاهه ته کڻ،
اڙي او سائين، اهو هڪ گناهه ته کڻ،
اسين به آهيون ازل کان ٻه ڀٽيڪل روح،
گهڙي ته ويهه هتي، ساٿي ساهه ته کڻ.
ذوالفقار راشدي سنڌي ٻوليءَ جو سٻاجهو شاعر هو. سندس شمار سنڌي ٻوليءَ جي شاعرن ۾ ٿئي ٿو. سندس فن ۽ فڪر وسيع هو. پاڻ اسان وٽ هاڻي موجود ته ڪونهي، پر سندس شاعري، ڪهاڻيون ۽ مضمون هن جي امر موجودگيءَ جو اطلاع ڏئي رهيون آهن.

سيد علي بخش شاهه - وحيد رزاق مستوئي

سيد علي بخش شاهه
ساهتي پرڳڻي کي علم جي روشني ڏيندڙ
وحيد رزاق مستوئي
موروشهر علمي ادبي سياسي ۽ سماجي حوالي سان پوريءَ سنڌ ۾ پنهنجي نمايا حيثيت رکي ٿو. ساهتي پرڳڻي جي هن تاريخي شهر ۾ قاضي عبدالخالق ”خليق مورائي“ کان وٺي ناصر مورائي ۽ راشد مورائي تائين جن به خدمتون ڪيون آهن اهي تاريخ جي ورقن ۾ هميشھ ياد آهن ياد رهنديون. چوندا آهن ته ڪنهن به ملڪ جي ترقي جو دارومدار تعليم تي هوندو آهي يعني جنهن ملڪ جي تعليم بهتر هوندي آهي ان ملڪ جو عوام خوشحال زندگي گذاريندو آهي ۽ جنهن ملڪ جي تعليم بهتر نه هوندي آهي ته ان ملڪ جو عوام بدحال زندگي گذاريندو آهي. هن ملڪ جي ٺهڻ کان وٺي موجوده دور تائين چند سالن کي ڇڏي ڪري باقي تعليم مطمئن جوڳي نه رهي آهي ان هوندي ڪجھ اهڙا استاد ٿي گذريا آهن جن تعليم جي اهڙي حالت هوندي به پنهنجو بهترين ڪردار ادا ڪري تعليم لاءِ پاڻ پتوڙيو آهي. سائين علي بخش شاھ جو نالو پڻ اهڙن عظيم انسانن ۾ شمار ٿئي ٿو. پاڻ موري شهر ۾ ۵ اپريل ۱۹۳۸ع تي جنم ورتائين سندس پوري زندگي علم، ادب ۽ سماجي ڪمن ۾ گذري. مهراڻ ڊگري ڪاليج مورو جي ٺهرائڻ ۾ پڻ هن عظيم استاد جو اهم رول رهيو آهي. پاڻ ناصر مورائي ۽ ٻين سماجي ماڻهن سان گڏجي سڄي شهر مان چندو ڪري مهراڻ ڊگري ڪاليج مورو جو بنياد رکرايو جنهن مان هزارن جي تعداد ۾ شاگردن علم پرائي پنهنجو مقصد حاصل ڪيو آهي ۽ پوري سنڌ جي ادارن ۾ پنهنجون خدمتون سر انجام ڏئي پنهنجي شهر موري جو مان مٿانهون ڪيو آهي.

حاجي غلام حيدر نظاماڻي - اعجاز علي خواجا

حاجي غلام حيدر نظاماڻي
ماتليءَ وارو
اعجاز علي خواجا
چون ٿا ته زندگي زندهه دليءَ جو ٻيو نالو آهي. ڪو به انسان پنهنجن عقيدن، اصولن ۽ نظرين جي لحاظ کان ڪيترو به سخت ۽ ٺوس هجي پر جيڪڏهن سندس فطرت ۽ طبعيت ۾ خوش اخلاقي، خوش مزاجي ۽ سهپ به شامل هوندي آهي ته اهو ماڻهو زندگيءَ جي ڌارا ۾ بنهه بيمثال ۽ وڻندڙ هوندو آهي.
حاجي غلام حيدر نظاماڻي جنهن زماني ۾ سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر هو انهيءَ دور کان ساڻس نياز متديءَ واري هٿ جوڙ ۽ سلام دعا وارو تعلق آهي.

مرزا گل حسن بيگ ”احسن“ ڪربلائي - طارق عزيز شيخ

مرزا گل حسن بيگ ”احسن“ ڪربلائي
شاعر، عالم ۽ اسڪرپٽ ايڊيٽر
طارق عزيز شيخ
مرزا گل حسن بيگ ”احسن“ ڪربلائي انگريزن جي دور جو ناميارو شاعر هو. هن جو جنم سنڌ جي علمي ادبي مرزا گهراڻي ۾ ٿيو جيڪو صدين کان وٺي سنڌي ادب جي خدمت ڪري رهيو آهي. مير عبدالحسين سانگي، محمد بخش واصف، محمد صديق مسافر، محمد هاشم مخلص، شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ، شمس الدين ”بلبل“، حڪيم فتح محمد سيوهاڻي، ڊاڪٽر هوتچند مولچند گربخشاڻي، محمد صديق ميمڻ، ڊاڪٽر عمر بن محمد دائود پوٽو ۽ مولانا دين محمد وفائي جهڙا ادب جا ستارا هن جا همعصر هئا.

مصري فقير - وزير فرهاد سولنگي

مصري فقير
شاعر، موسيقار ۽ راڳي
وزير فرهاد سولنگي
مصري فقير جنهن زماني ۾ ڳائڻ شروع ڪيو هو تڏهن ريڊيو ۽ ٽيليوزن نه هئا، جنهن ڪري فنڪارن کي مقبوليت حاصل ڪرڻ ۾ تمام گهڻو وقت لڳندو هيو، هو محفلن ۽ ڪچهرين ذريعي مشهوري ماڻيندا هئا. مصري فقير به محنت ڪري ان اڻانگي شهرت جي وسيلي پاڻ مڃايو. مصري فقير ۱۹۲۹ع ڌاري فقير الله ڏني مڱڻهار جي گهر ۾ ڄائو. سندس ڳوٺ لقاءِپور لڳ ڪنب ليما تعلقو سڪرنڊ ضلعو نواب شاھ هيو بعد ۾ هي لڏي ۱۹۵۹ع ڌاري اچي سرهاري تعلقه شهدادپور ضلعو سانگهڙ ۾ رهائش اختيار ڪيائين. هي ننڍپڻ کان ئي اسڪول ۾ ترانو، نغما ۽ نعتون وغيره شوق سان پڙهندو هو. سندس سٺي آواز جي بدولت ان وقت جا استاد کيس راڳ سکڻ جي صلاح ڏنائون جنهن جي نتيجي ۾ هو قاضي احمد ۾ پياري فقير ميراثيءَ وٽ راڳ جي سکيا وٺڻ شروع ڪئي جتي هيءَ چئن سالن تائين راڳ جي تربيت ورتائين جنهن ۾ هن ڪلاسيڪل ۽ نيم ڪلاسيڪل راڳ سکي ورتو پاڻ هارمونيم، ڍولڪ، يڪتارو وڄائيندو هو، سندس پسنديده راڳ ڀيروي هيو. هي مختلف محفل سماع ۾ شرڪت ڪرڻ لڳو ان کان پوءِ هن هالا ڏانهن رخ ڪيو جتي سندس صحبت مخدوم طالب المولا سان ٿي ۽ مخدوم صاحب وٽ محفلون ڳائڻ شروع ڪيون. هي ۱۹۵۱ع جو دور هيو جڏهن پاڻ مخدوم صاحب وٽ محفل (ڏهر سماع) ۾ باقاعده شرڪت ڪرڻ لڳو جنهن ۾ ملڪ جا ناميارا راڳي شرڪت ڪندا هئا جنهن استاد منظور علي خان، فقير امير بخش، امام علي فقير، حسين بخش خادم، عيسيٰ فقير ۽ قاسم علي شاھ سان گڏ سان مصري فقير به محفل مچائيندو هيو. انهن محفلن ۾ مخدوم صاحب وڏي دلچسپيءَ سان فقير صاحب جي وڏي همت افزائي ڪئي. مصري فقير اهو پهريو فنڪار آهي جنهن مخدوم صاحب کي سڀ کان اڳ ۾ ڳائڻ شروع ڪيو، مخدوم صاحب جي ڪلام جون ڌنون مصري فقير پاڻ ڪمپوز ڪري ڳائيندو هيو ۽ پوءِ ٻيا فنڪار سندس ڪمپوز ڪيل ڌنون ڳائيندا هئا. اهڙي طرح ماڻهو کيس طالب المولا جي ڳائڻي طور سڃاڻڻ لڳا. مصري فقير جي مٺڙي آواز سبب کيس (خوش الحان) مٺڙي آواز وارو ڪري سڏيندا هئا مصري فقير سٺو موسيقار، سٺو راڳي سان گڏوگڏ پنهنجي دور جو ڀلو شاعر پڻ هو. مخدوم صاحب جي صحبت کيس شاعريءَ ڏانهن به سٺي رهنمائي حاصل ٿي. هن شاعريءَ ۾ پهريان (قربان علي قربان)، (درد تخلص استعمال ڪيو بعد ۾ مخدوم صاحب هن جو تخلص مخمول رکيو پاڻ شاعريءَ ۾ مختلف صنفن ۾ طبع آزمائي ڪئي جنهن ۾ حمد، نعت، مرثيو، ڪافي، غزل، گيت ۽ بيت وغيره اچي وڃن ٿا. سندس ڪلام ۽ زنگيءَ بابت ڪتاب سندس ڀاءُ محمد رمضان (مسڪين سروري) ترتيب ڏنو آهي. مصري فقير هڪ بهترين فنڪار سان گڏ سٺو سماجي ورڪر پڻ هيو، پاڻ هر وقت پنهنجي ڳوٺ جي ڀلائيءَ لاءِ پاڻ پتوڙيندو هيو، هن غريبن ۽ مسڪينن جي مدد ڪندي زندگي گذاري. ان سلسلي ۾ هن پنهنجي ڳوٺ ۾ نياڻين لاءِ هڪ اسڪول کوليو ۽ ڇوڪرن لاءِ پڻ اسڪول کولرايو. جيڪي سندس جي نالي تي فقير آباد سرهاريءِ ۾ اڄ به قائم آهن سندس مشهور ڪلام ننڍي کنڊ جي ناليوارن ڳائڻن جن ۾ رونا ليلا ، عابديه پروين ۽ حسين بخش خادم ڳايا. جن ۾ ”تو دلڙي يار ڌتاري پوءِ ڪانه ڪيئي پوئواري“، ”سهڻل جا سينگار واھ واھ مونکي وڻن ٿا“، ”تون ڇا هئين ڇا مان ڇا ٿي وئين“ هي اهي گيت هئا جن کي سڄي سنڌ ۾ تمام گهڻو ٻڌو ويو.

حڪيمان عرف فوزيه سومرو


فوزيه سومرو
سنڌي راڳ جي مشهور گلوڪاره
سليمان وساڻ
”حال منهنجا ڪير پڇندو، ڪير آ منهنجو هتي.“
جهڙا ڪيئي لازوال ڪلام ڳائي، مشهوري ماڻيندڙ سنڌ جي ڀلوڙ گلوڪاره محترمه فوزيه سومرو جي اڄ ڏهين ورسي آهي. سندس جنم ۱۹۶۶ع ۾ ٿر جي هڪڙي ننڍڙي ڳوٺ ويراواهه ۾ نٿو خان سومرو جي گهر ۾ ٿيو، جيڪو حمد ۽ نعت ڳائيندو هو. سندس ننڍپڻ ۽ جواني، ٽنڊو محمد خان ۾ گذريا. فوزيه سومرو کي گهروارن پاران، ڳائڻ جي اجازت ڪا نه ملندي هئي ۽ پرديدار هجڻ جي باوجود، فن ۽ ڳائڻ جو شوق کيس ريڊيو تي وٺي آيو. پهرين آڊيشن ۾ ئي هوءَ ناپاس ٿي پئي. جڏھن ته همت نه هاريائين ۽ نصير مرزا کيس ريڊيو تي متعارف ڪرايو. سندس ڳايل پهريون ڪلام؛

03 September, 2013

دريا خان هيسباڻي - اطهر هيسباڻي

دريا خان هيسباڻي
سنڌ جو مهان مهمان نواز ۽ صوفي فقير
اطهر هيسباڻي
مادر وطن سنڌ پنهنجي ڪُک مان ڪيئي املهه ماڻڪ موتي پيدا ڪيا آهن، جن ۾ سياستدان، دانشور، مفڪر، عالم دين، شاعر، فنڪار، صحافي، واپاري، مزدور، هاري، ڪمي ڪاسبي وغيره شامل آهن. هڪ خاص ڳالهه، جنهن کان ڪو به انڪاري نه ٿيندو، اها آهي سنڌ ڌرتيءَ جي مهمان نوازي. هن ڌرتيءَ تي علم، عقل، ادب، فن سڀني کان مهمان نوازي گوءِ کڻي وئي، ڇو ته اسين هر ميڙاڪي ۾ پنهنجي مهمان نوازي جي شان کي اُتاهون ڪري پيش ڪندا آهيون. هيءَ ڌرتي پيار جي وستي آهي، هتان جا ماڻهو هر دلعزيز، مهمان نواز، امن ۽ آشتيءَ جا ديوانا ۽ پريت جا پروانا آهن. هو هر آيل جي مهمان نوازي دل کولي ڪندا آهن ۽ آيل مهمان تان ٻلهار پيا ٿيندا آهن ۽ رب پاڪ جا احسان ۽ ڳڻ ڳائيندا آهن، جڏهن ته پوري دنيا ۾ ائين ناهي. سو مهمان نوازي جي ڳالهه پي ڪئي سين ته هن ڌرتيءَ تي ڪيتريون ئي وڏيون وڏيون ڪشاديون اوطاقون قائم ۽ دائم آهن.

02 September, 2013

اُستاد مُحمد يُوسفُ

اُستاد مُحمد يُوسفُ

(جنم ۱۴ جنوري ۱۹۴۰ع وفات ۱۴ فبروري ۱۹۹۷ع)

سنڌي راڳ جو راڻُو، سنڌ جو مهدي حسن

عبدالرزاق ميمڻ



ٿڌڙين هَوائُن جي هيرن واري شهر حيدرآباد ۾، ٽنڊي طيب ويجھو رهندڙ سنڌي راڳ جو راڻو، اُستاد مُحمد يُوسُف، ۱۴ جنوري ۱۹۴۰ع ۾، ٽئين نمبر تلاءَ جي دين علي شاه پاڙي ۾ ڄائو هو. پاڻ ذات جو مڱڻهار ۽ لونگ فقير جو فرزند هو. لونگ فقير چوٽيءَ جي ڍولڪ نوازن (دُهلاري) ۾ ڳڻيو ويندو آهي. ھو ڳائيندو به هو ته وڄائيندو به هو. لونگ فقير هڪ سازندي جي حيثيت ۾، ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جو مُلازم هو. هُن تمام وڏن وڏن گَوين سان دُهل وڄائيو. ان ڳائڻ وڄائڻ واري ماحول، مُحمد يوسف کي پنهنجي ابي ڏاڏي جي ڪِرت جاري رکڻ تي هيريو. دين علي شاه پاڙي ۾ مُحمد يوسف جي چاچي زنوار بسنت وسند جي نالي سان مڱڻهارن جو هڪ الڳ ننڍڙو پاڙو آهي جيڪو سنڌ جي وڏن شرنائي وڄتن ۾ ليکيو وڃي ٿو. محمد يوسف ٻه شاديون ڪيون، پهرين سن ۱۹۶۴ع ۾ پنهنجي چاچي زنوار بسنت فقير جي ڌيءَ سان، جنهن مان کيس ٻه نياڻيون ڄايون ۽ ٻي شادي سن ۱۹۷۴ع ۾ سنڌ جي اڳوڻي گھرو سيڪريٽري يوسف لوڌيءَ جي ڌيءَ سان.