; سنڌي شخصيتون: ڊاڪٽر نواز علي شوق - سوز ٻروچ

30 June, 2016

ڊاڪٽر نواز علي شوق - سوز ٻروچ

ڊاڪٽر نواز علي شوق
سنڌيءَ جو برک عالم
سوز ٻروچ
سنڌ جو مشهور اديب منهنجو پيارو دوست ڊاڪٽر نواز علي شوق ۽ مان گڏ پڙهيا آهيون. سالن جا سال گڏ رهيا آهيون. گورنمنٽ هاءِ اسڪول ڪنڌڪوٽ مان مئٽرڪ پاس ڪرڻ کان پوءِ اسان ٻنهي ممتاز ڪاليج خيرپور ۾ وڌيڪ تعليم حاصل ڪئي. شوق صاحب سٻاجهي طبيعت ۽ ذهانت سبب ڪاليج ۾ گهڻو مقبول ٿي ويو ۽ شاگرد يونين جو نائب صدر چونڊجي ويو. مون شروع ۾ تعليم کاتي ۾ نوڪري ڪئي، ان کان پوءِ اطلاعات کاتي ۾ نوڪري ڪيم ۽ اتان ئي رٽائر ٿيم. شوق صاحب وڌيڪ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ ڪراچي ويو، جتي هن ڪراچي يونيورسٽي مان ايم اي ۽ ايل ايل بي ڪئي. بعد ۾ پرائيويٽ طور سنڌ يونيورسٽي مان اردو ادب ۾ ايم اي ڪئي.


سنڌيءَ ۾ ايم اي ڪرڻ کان پوءِ مهيني اندر شوق صاحب اسلاميه ڪاليج سکر ۾ سنڌي شعبي ۾ ليڪچرار مقرر ٿيو. هن اٺ سال اسلاميه ڪاليج سکر ۾ شيخ عبدالرزاق راز، ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي جي صحبت ۾ گذاريا ۽ اتي جي ادبي محفلن ۽ مشاعرن ۾ ڀرپور حصو ورتو. شيخ اياز، رشيد ڀٽي، حافظ خير محمد اوحدي ۽ آفاق صديقي سان ڪچهريون ڪندو رهيو.
3 جنوري 1972ع ۾ ڪراچي يونيورسٽي جي سنڌي شعبي ۾ ليڪچرار مقرر ٿيو. 1978ع ۾ پير حسام الدين راشدي جي نگراني ۾ پي ايڇ ڊي ڪئي. شوق صاحب ڪراچي يونيورسٽي مان سنڌي ادب ۾ پي ايڇ ڊي ڪرڻ وارو پهريون شخص آهي. کين پير حسام الدين راشدي سان وڏي عقيدت ۽ محبت هئي. هر روز راشدي صاحب سان ملڻ ويندو رهندو هو. پير صاحب به کين تمام گهڻو پيارو گهرندو هو. شوق صاحب خيرپور ۾ استاد حامي کان به گهڻو پرايو. شيخ اياز، شيخ راز ۽ عبدالمجيد ميمڻ جي صحبت مان گهڻو ڪجھه حاصل ڪيائين، پر صحيح معنيٰ ۾ هُو پير حسام الدين راشدي جي صحبت ۾ رچي ريٽو ٿيو.
ڪراچي يونيورسٽي ۾ مرحوم اياز قادري ۽ شوق صاحب سنڌي شعبي کي ترقي وٺرائي. شاگردن جو تعداد وڌايو ۽ استادن ۾ اضافو ڪرايو. جڏهن سنڌي شعبو قائم ٿيو هو، تڏهن صرف ٻه استاد هئا. اڄ ست استاد آهن.
شوق صاحب سنڌي شعبي ۾ ترقي ڪري پروفيسر ۽ چيئرمين مقرر ٿيو. شعبي پاران ”ڪلاچي“ نالي سان مئگزين شايع ڪرائي. سندس ڪوشش هئي ته جيئن سنڌ يونيورسٽي ۾ انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي آهي، تيئن ريسرچ انسٽيٽيوٽ آف شاھ عبداللطيف ڀٽائي قائم ٿئي. ان وقت جي وائيس چانسلر واعدو ڪيو. پير حسام الدين راشدي به ڪافي ڪوشش ڪئي. پر پير صاحب سان حياتيءَ وفا نه ڪئي، تنهن ڪري اهو ڪم اتي رهجي ويو. ڪراچي يونيورسٽي ۾ شاھ لطيف چيئر قائم ٿي. ان جو پهريون پروفيسر انچارج/ ڊائريڪٽر ڊاڪٽر اياز قادري مقرر ٿيو. بعد ۾ ڪجھه ٻيا ان عهدي تي فائز رهيا. شوق صاحب به سنڌي شعبي مان رٽائر ٿيڻ کان پوءِ چيئر ۾ پروفيسر ايڊوائيزر مقرر ٿيو ۽  اڃان سوڌو اتي محنت ۽ ايمانداريءَ سان ڪم ڪري رهيو آهي.
شوق صاحب جو ننڍپڻ کان ئي ادب ڏانهن لاڙو هو. جڏهن ڪنڌڪوٽ ۾ پڙهندا هئاسون، تڏهن اقبال ميموريل لائبريري ۾ مشاعرا ۽ ادبي محفلون ٿينديون رهنديون هيون. غالبِ سنڌ فيض بخشاپوري مشاعرن ۾ شريڪ ٿيندو رهندو هو. جڏهن ڪنڌڪوٽ ايندو هو ته شام جو اچي لائبريري جي لان ۾ ويهندو هو. ان وقت جي مشاعرن ۾ محمد علي ذوق بهلڪاڻي، محمد علي جوهر سهرياڻي، عبدالرزاق گوهر، خواجه انعام الاهي راغب، ڪرام الله ڪرم، لالا آنند پرڪاش ۽ شوق صاحب شريڪ ٿيندا هئا. انهن مشاعرن ۾ ڪڏهن ڪڏهن سيد اظهر گيلاني ۽ محمد خان غني پڻ شريڪ ٿيندا هئا. اهڙي ريت اتان جي رهواسين ۾ علم ادب خاص طور شاعريءَ جو تمام گهڻو شوق پيدا ٿيو. اڄ اها لائبريري کنڊر بڻجي وئي آهي. نه اهي ماڻهو رهيا، نه اهي محفلون رهيون.
جتي هنج هئا، اتي ڪانوَن ڪانگيرا ڪيا.
شوق صاحب کي شروع کان ئي ڪتاب گڏ ڪرڻ ۽ مطالعو ڪرڻ جو شوق رهيو آهي. سندس گهڻو خرچ ڪتابن جي خريداري تي ٿئي ٿو. هُو اڪثر ڪتب فروشن جو قرضائي رهندو آهي. هوريان هوريان قرض لاهيندو رهندو آهي. ڪتابن ڏيڻ جي معاملي ۾ به انتهائي سخي. جيڪو به وٽس ويندو ته ان کي تحفي طور ڪجھ ڪتاب ضرور ڏيندو. سندس لائبريريءَ جا دروازا سدائين کليل، ڪنهن کي ڪو ڪتاب وڻي ويو ته ان کي تحفي طور ڏيئي ڇڏيندو. ماڻهن کي لائبريريون قائم ڪرڻ لاءِ همٿائيندو ۽ کين مفت ۾ ڪتابن جون ڀريون ڏيئي ڇڏيندو. هن مختلف لائبريرين کي هزارين ڪتاب تحفي طور ڏنا آهن. ديني مدرسن کي اسلامي ڪتاب تحفي طور ڏيندو رهي ٿو. ٻه سال کن اڳ هن هزارين ڪتاب ڪنڌڪوٽ جي لائبريريءَ کي تحفي طور ڏنا هئا، جن جي قيمت لکين رپيا ٿئي ٿي. پر افسوس جو اهي ڪتاب اڃا ڊپٽي ڪمشنر جي آفيس ۾ پيا آهن. ڪشمور ضلعي ۾ هڪ ئي لائبريري آهي، جيڪا سالن کان ويران آهي. ٺيڪيدار لائبريري جي عمارت اڌ ۾ ڇڏي ڏني آهي. پر کيس چوڻ آکڻ وارو ڪو نه آهي، ڇاڪاڻ ته ان کي هڪ سياسي پارٽيءَ جي پشت پناهي حاصل آهي.
شوق صاحب ٻڌايو ته مون ڪنڌڪوٽ جي لائبريريءَ کي ان ڪري ڪتاب ڏنا، جو اتان جي ماڻهن ۽ ان لائبريري جو مون تي حق آهي. هن چيو ته يار! مان انهيءَ لائبريريءَ جو ميمبر بڻجي اسڪول جي پڙهائي دوران اتي موجود ٻه ٽي هزار ڪتاب پڙهيا. ان ئي لائبريري ذريعي علمي ۽ ادبي شعور وڌيو. ان ڪري موٽ ۾ ان لائبريريءَ کي شاهوڪار بڻائڻ مون پنهنجو فرض سمجهيو. ڪاش! اهڙو جذبو ٻين ۾ پيدا ٿئي. ڪو ڪتاب ڏئي، ڪو ڪُولر ڏئي، ڪو ايئرڪنڊيشنر ڏئي ته لائبريري شاندار بڻجي سگهي ٿي. ماڻهن ۾ ڪتابن جو شوق پيدا نه ڪبو ته جهالت زور وٺندي ۽ نتيجي طور قبائلي جهيڙا ۽ فساد ٿيندا رهندا. هن وقت ڪشمور ضلعو قبائلي جهيڙن ۽ فسادن ۾ گهڻو مشهور آهي.
شوق صاحب کي ڪتابن سان ايڏو عشق آهي، جو هو پنهنجن دوستن ۾ اهو عشق جاڳائڻ جي ڪوشش ڪندو رهي ٿو. پنهنجن شاگردن کي چوندو آهي ته توهان ذاتي لائبريري ٺاهيو. توهان پنج ڪتاب خريد ڪندؤ ته مان توهان کي ڏھ ڪتاب ڏيندس. هُو ان ريت پنهنجن شاگردن کي هزارين ڪتاب تحفي طور ڏيئي رهيو آهي. سندس اهڙي سخا اڃا تائين جاري آهي. هُو انهيءَ علمي سخا کي عبادت سمجهندو آهي.
شوق صاحب جي طبيعت ۾ ننڍپڻ کان ئي نهٺائي ۽ نماڻائي رهي آهي. هر ڪنهن کي جيءَ ۾ جايون ڏيڻ وارو انسان آهي. ڪنهن سان به ٻاڙو نه ٻوليندو. هر ڪنهن کي هڙان وڙان ڪجھ نه ڪجھه ڏيندو. جي ڏيندو نه، ته ڏکوئيندو به نه. ڪنهن جي دل آزاري سندس مسلڪ ۾ ڪفر جي برابر آهي.
شوق صاحب جي وڏي وصف ايمانداري آهي. هن ڪڏهن به حرام ڪو نه کاڌو. ڪراچي يونيورسٽي ۾ سندس پراويڊنٽ فنڊ بغير وياج جي رکيل هو. رٽائر ٿيڻ کان پوءِ کيس اهي ئي پئسا مليا، جيڪي هن جا رکيل هئا. نه ته کيس ٻيڻا پئسا ملن ها. کيس لکين رپيا گهٽ مليا، پر هُو ڏاڍو خوش ٿيو. اهڙو ڪو هزارن ۾ هڪ هوندو، جيڪو پراويڊنٽ فنڊ تي وياج نه وٺندو هوندو. نه ته عام طور هرڪو سرڪاري ملازم رٽائرمينٽ کان پوءِ پيو ٻيڻا پئسا وٺي.
شوق صاحب سڄي عمر سنڌي زبان ۽ ادب جي خدمت ڪئي آهي. هن وقت تائين سندس 45 ڪتاب ڇپجي چڪا آهن. هن ڪيترين قومي ۽ بين الاقوامي ڪانفرنسن ۾ شريڪ ٿي تحقيقي مقالا پڙهيا آهن. کين ادبي خدمتن جي صلي ۾ صدارتي ايوارڊ ملي چڪو آهي. هن قلندر شهباز، شاھ لطيف، سچل سرمست ۽ ٻين ڪلاسيڪي شاعرن تي شاندار ڪم ڪيو آهي. شوق صاحب شاھ لطيف چيئر جو روح روان آهي. چيئر ۾ واحد پي.ايڇ.ڊي اسڪالر آهي. هن لطيف چيئر ۾ رهي تخليقي ۽ تحقيقي ڪم ڪيو آهي. هن ۱۴ ماڻهن کي پي ايڇ ڊي ڪرائي آهي، جيڪو هڪ رڪارڊ آهي. شيخ اياز جو هي شعر شوق صاحب جي شخصيت جي ترجماني ڪري ٿو.
اسان ڏات سان سڀ ڏسائون رڱيون،

ميان! تون ته پورو هئين ساڙ ۾.

3 comments:

  1. نواز علي شوق صاحب جي شخصيت ۽ ادبي خدمتن متعلق بھترين معلوماتي مضمون

    ReplyDelete
    Replies
    1. ڊاڪٽر نواز علي جن اسڪالرن کي ايم فل ۽ پي ايڇ ڊي ڪرائي آهي انهن جا موضوع ۽ نالا لکو ته مھربانيون ٿينديون

      Delete
  2. masha allah tamam sotho shoque sahb jo mutalo kio tamam behtrin 💖

    ReplyDelete