; سنڌي شخصيتون: ڊاڪٽر، نواز علي، شوق، سنڌي، برک عالم، سوز، ٻروچ،
Showing posts with label ڊاڪٽر، نواز علي، شوق، سنڌي، برک عالم، سوز، ٻروچ،. Show all posts
Showing posts with label ڊاڪٽر، نواز علي، شوق، سنڌي، برک عالم، سوز، ٻروچ،. Show all posts

30 June, 2016

ڊاڪٽر نواز علي شوق - سوز ٻروچ

ڊاڪٽر نواز علي شوق
سنڌيءَ جو برک عالم
سوز ٻروچ
سنڌ جو مشهور اديب منهنجو پيارو دوست ڊاڪٽر نواز علي شوق ۽ مان گڏ پڙهيا آهيون. سالن جا سال گڏ رهيا آهيون. گورنمنٽ هاءِ اسڪول ڪنڌڪوٽ مان مئٽرڪ پاس ڪرڻ کان پوءِ اسان ٻنهي ممتاز ڪاليج خيرپور ۾ وڌيڪ تعليم حاصل ڪئي. شوق صاحب سٻاجهي طبيعت ۽ ذهانت سبب ڪاليج ۾ گهڻو مقبول ٿي ويو ۽ شاگرد يونين جو نائب صدر چونڊجي ويو. مون شروع ۾ تعليم کاتي ۾ نوڪري ڪئي، ان کان پوءِ اطلاعات کاتي ۾ نوڪري ڪيم ۽ اتان ئي رٽائر ٿيم. شوق صاحب وڌيڪ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ ڪراچي ويو، جتي هن ڪراچي يونيورسٽي مان ايم اي ۽ ايل ايل بي ڪئي. بعد ۾ پرائيويٽ طور سنڌ يونيورسٽي مان اردو ادب ۾ ايم اي ڪئي.