21 December, 2016
عطا دل - سرواڻ سنڌي
دادي ليلاوتي تلسي داس هرچنداڻي
18 December, 2016
عمر ملاح - مٺل جسڪاڻي
17 December, 2016
تاجل بيوس
16 December, 2016
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ
14 December, 2016
ڊاڪٽر اديب رضوي - سعيد علي پٺاڻ
شيخ عبدالرزاق راز
12 December, 2016
اقبال خان سولنگي - اظهر سولنگي
جسٽس (ر) سيد ديدار حسين شاهه
11 December, 2016
پروانو ڀٽي
10 December, 2016
مشتاق چنگيزي
مشتاق چنگيزي
سنڌي فلمن جو دليپ ڪمار
حيات علي شاهه بخاري
سنڌي
فلمن جا ٽي دور هئا، پهريون دور فلم ”ايڪتا“ سان شروع ٿيو، بامبي جي فلم انڊسٽريءَ
جي گلشن صوفي جيڪو ماتليءَ جي رئيس ڪريم بخش نظاماڻي جو دوست هو، ان جي چوڻ تي
رئيس ڪريم بخش نظاماڻي پهرين سنڌي فلم ٺاهڻ لاءِ تيار ٿيو، رئيس ڪريم بخش نظاماڻي
سنڌ جو ادب ۽ فن دوست شخص هو، سندس ماتليءَ واري رهائشگاهه ”مائي نيسٽ“ تن ڏينهن
ادب ۽ فن جو گهوارو هوندي هئي، جتي روزانو راڳ رنگ جي محفل ٿيندي هئي، پري پري کان
ڪهي ايندڙ ”مائي نيسٽ“ تي اچي حاضري ڀريندا هئا ۽ سڄي رات راڳ رنگ جي محفل متل
هوندي هئي. رئيس ڪريم بخش نظاماڻي پهرين سنڌي فلم ”ايڪتا“ ناهي، سنڌي فلمن لاءِ هڪ
راهه کولي، ڪافي عرصي کانپوءِ حسين علي شاهه فاضلاڻيءَ هدايتڪار شيخ حسن سان گڏجي
سنڌي فلم ”عمر مارئي“ ٺاهي، فلم پرديسيءَ کانپوءِ وري ماٺار ڇانئجي وئي ۽ ڪافي
عرصي کانپوءِ شيخ حسن بهار علي بلوچ نالي فلمساز سان سنڌي فلم ”شهروفيروز“ جو آغاز
ڪيو، فلم شهروفيروز ڪراچيءَ جي ايسٽرن فلم اسٽوڊيو ۾ تيار ٿي، هن فلم لاءِ اداڪارن
جي چونڊ لاءِ ”نوان چهرا گهرجن“ جو اشتهار ڏنو ويو، جنهن لاءِ کوڙ سارن فنڪارن
پنهنجي قسمت آزمائي، قربان جيلاني، ماهه پاره، سعيده، سليمان شاهه ۽ ٻيا ڪافي آيا.
حيدرآباد شهر جو مشتاق چنگيزي، جيڪو ٽنڊي ڄام جي ان وقت جي زرعي ڪاليج ۾ فوٽو
گرافر جي حيثيت سان نوڪري ڪندو هو، ان جي نظر مان به اهو اشتهار گذريو ۽ ان به
پنهنجي قسمت آزمائڻ جو فيصلو ڪيو. مشتاق چنگيزي بنيادي طور تي ڪاميڊين هو ۽ اسٽيج
تي ڪردار ادا ڪرڻ سان گڏوگڏ پکين جون ٻوليون ٻڌائي ماڻهن کي وندرائيندو هو، ان ڪري
هُن اِن فلم لاءِ ڪاميڊين طور پنهنجون خدمتون آڇيون، سڀني نون فنڪارن جي ڪئميرا
ٽيسٽ ورتي وئي. سڀني پنهنجيءَ پر ۾ پنهنجي فن جو مظاهرو ڪيو، فلم ”شهروفيروز“ لاءِ
هيروئن طور ماهه پاره ۽ هيرو لاءِ مشتاق چنگيزي جي چونڊ ڪئي وئي. مشتاق چنگيزي
جيڪو فلم ”شهروفيروز“ ۾ ڪو نه ڪو هلڪي قسم جو ڪردار ادا ڪرڻ جو خواهشمند هو،
هدايتڪار شيخ حسن جي ان فيصلي تي سخت حيران ٿيو. سندس خواب ۽ خيال ۾ به نه هو ته
ڪو کيس فلم ۾ هيرو جو ڪردار ڏنو ويندو. فلم جي ٻي ڪاسٽ ۾ سليمان شاهه، ملڪ انوکو،
شڪيل لاسي، محمود لاسي ۽ ٻيا شامل هئا. فلم ”شهروفيروز“ لاءِ گيت رشيد احمد لاشاري
لکيا ۽ ميوزڪ ڊائريڪٽر هو غلام علي، فلم ”شهروفيروز“ جي انڊور شوٽنگ ايسٽرن فلم
اسٽوڊيو ۾ ٿي ۽ آئوٽ ڊور شوٽنگ ڪراچيءَ جي ڀرپاسي جي ڳوٺن ۾ ڪئي وئي. فلم
”شهروفيروز“ جا گيت سائونڊ رڪارڊسٽ هاشم قريشي رڪارڊ ڪيا، هن فلم جا سيٽ فخرالدين
لڳايا.
جنيد جمشيد
01 December, 2016
فيڊل ڪاسترو - ارشاد ڪاغذي
قاضي فيض محمد
قاضي فيض محمد
دوئي بنڌو
يعني ٻه دوست
پروفيسر منتصر مامون
عوامي ليگ لاءِ اسان وٽ مجموعي تاثر اهو آهي ته آزاديءَ کان اڳ مشرقي
پاڪستان واري عوامي ليگ.... جيڪو غلط آهي. ان وقت ٻه صوبا هوندا هئا، هڪڙو مشرقي
ته ٻيو مغربي پاڪستان. ان ٻنهي جي مٿان هوندي هئي آل پاڪستان عوامي ليگ، ان جي
وجود ۾ اچڻ کان وٺي ان جو صدر شهيد سهروردي هوندو هو. جنهن کانپوءِ نصرالله خان ان
جو صدر ٿيو. اسان جي چئن وڏن قومي ليڊرن مان هڪ قمرالزمان ان جو ۱۹۶۹ع ڌاري جنرل سيڪريٽري هو. آل پاڪستان عوامي ليگ جو
مرڪزي دفتر ۵۱ پرانا پلٽن ڊاڪا ۾، جڏهن ته ٻي آفيس ۲۱ اونگزيب مارڪيٽ پورٽ روڊ ڪراچي ۾ هوندي هئي. ..... قاضي فيض محمد
پاڪستان عوامي ليگ جي اهم ترين ليڊرن مان هڪ هو، هو پاڪستان عوامي ليگ جو سينيئر
نائب صدر هو، پاڻ بنگا بنڌو کان عمر ۾ ڏهه سال وڏو هوندي به بنگا بنڌو کي پنهنجو
ليڊر مڃيو هو.
29 November, 2016
ساڌو واسواڻي
22 November, 2016
غلام مصطفيٰ جتوئي - زاهد قائمخاني
فضل سليمان قاضي
محمد شعيب خان - منظور ڪلهوڙو
مشتاق بخاري
مشتاق بخاري
ڌرتي، پيار ۽ ٻارن جو شاعر
عيسيٰ ميمڻ
”هر عظيم فنڪار، پنھنجي دؤر کان اڳ ۾ پيدا ٿيندو آهي.“
مٿيان لفظ شيخ اياز يقينن تاريخ جي وسيع مطالعي ۽ مشاهدي کانپوءِ چيا هئا،
جنھن جو نچوڙ، يقينن اهو ئي بيھندو ته هر عظيم فنڪار، نه صرف پنھنجي دؤر جي حالتن
جي تبديليءَ لاءِ جاکوڙيندو آهي پر ايندڙ وقت جي اندر پيدا ٿيندڙ حالتن ۽ ان جي حل
لاءِ راهون پڻ متعين ڪندو آهي. جيئن ڪارل مارڪس پيدا ته ارڙهين صديءَ ۾ ٿيو پر اڄ
ايڪهين صديءَ جا معاشي تضاد، سياست ۽ سماج جا تضاد به، نه صرف سمجهائي ٿو پر انهن
جو ادراڪ به بخشي ٿو. ايئن ئي مارڪس کان اڳ شاهه لطيف پنھنجي دؤر کان اڳ پيدا ٿيو
هو، جنھن جي فڪري ڪماليت جي پروڙ ۽ پرک ڪندي اڄ جي جديد دؤر جو ڏاهو ۽ جينئس به
دنگ رهجيو وڃي. هيءَ دنيا اهڙن عظيم فنڪارن جو قدر پنھنجي وقت تي نه ڪري سگهي آهي
يا جنھن دؤر ۾ اهي عظيم فنڪار پيدا ٿين ٿا، اهو دؤر انھن عظيم فنڪارن جي سڃاڻپ نه
ٿو ڪري سگهي يا انهن کي مناسب موٽ ڏئي نه سگهيو پر وقت، انهن جي فڪري ۽ عملي
پورهئي کي، هر ايندڙ دؤر ۾نروار ۽ نمايان ڪري ٿو. شاهه لطيف سنڌ جي تاريخ ۾ جيڪا
پوک پوکي، اڄ انهيءَ پوک جو صلو، سنڌ جي شاعريءَ جي معراج ۾ صورت ۾ پسي سگهجي ٿو.
سترهين صدي کان وٺي، لطيف، سنڌي شاعريءَ جي روشن تاري جيان چمڪندو رهي ٿو. انهيءَ
روشن تاري جو ڪمال آهي ته اڄ سنڌ، شاعريءَ جي کيتر ۾ مالا مال آهي.