; سنڌي شخصيتون: دادي ليلاوتي، تلسي داس هرچنداڻي، ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ، نصير مرزا، فھميده جروار، وسعت الله خان،
Showing posts with label دادي ليلاوتي، تلسي داس هرچنداڻي، ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ، نصير مرزا، فھميده جروار، وسعت الله خان،. Show all posts
Showing posts with label دادي ليلاوتي، تلسي داس هرچنداڻي، ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ، نصير مرزا، فھميده جروار، وسعت الله خان،. Show all posts

21 December, 2016

دادي ليلاوتي تلسي داس هرچنداڻي

دادي ليلاوتي تلسي داس هرچنداڻي
ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ
تعارف
دادي ليلاوتي تلسي داس هرچنداڻي جو جنم ۲۰ ڊسمبر ۱۹۱۷ع تي سنڌ جي شهر حيدرآباد ۾ ٿيو. داديءَ جو خاندان پڙهيل لکيل آهي. سندن ڀاءُ واڌواڻي تيرٿ داس مشهور شخص هو ۽ هوتچند مولچند گربخشاڻي وارا سندن پڦيءَ جا پٽ هئا. هن سڄي خاندان کي شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ سان وڏي عقيدت آهي. دادي راڳ جي ڄاڻو، شاهه جي شيدائي ۽ رسالي جي پارکو آهي. هوءَ شاهه صاحب جون ڪافيون ۽ بيت اُڪير سان ڳائيندي آهي، کين مرحوم عثمان علي انصاري ريڊيو تي متعارف ڪرايو ۽ داديءَ سنڌ جي ڪيترين ئي نينگرين کي پنهنجو فن منتقل ڪيو آهي، جن ۾ روبينا قريشي ۽ جيجي زرينه بلوچ جا نالا اهم آهن، سندن خدمتون سنڌ جي نياڻين جي تعليم ۽ تربيت جي سلسلي ۾ اهم آهن. دادي ليلا جي دور ۾ عورتن جي تعليم ايتري عام ڪونه هئي. هن مشهور ڪندن مل گرلس اسڪول مان پڙهيو. عامل خاندان جي ديوانن مان آشا/ غلام فاطمه شيخياڻي (اسلام قبول ڪرڻ کانپوءِ جو نالو) ساڳئي اسڪول مان پڙهندڙ هئي ۽ پوءِ ڊاڪٽر شمس عباسي ۽ پوپٽي هيراننداڻي پڻ ساڳئي اسڪول مان پڙهيون هيون. انهيءَ اسڪول جون ماسترياڻيون داديءَ چواڻي ته Oxford جون پڙهيل هيون. دادي متي، دادي جگو ۽ ٻين کي انگريزي ٻوليءَ تي عبور حاصل هو. دادي ليلا ميوزڪ جي ڊگري پڻ حاصل ڪئي ۽ بي اي ۽ ايم اي (سنڌي) فرسٽ ڪلاس ۾ پاس ڪيائين. اپوا، ريڊ ڪراس، روٽري ڪلب، لئميڪ ۽ ٻين ادارن معرفت هن ڪيترائي سماجي ڀلائيءَ جا ڪم ڪيا آهن. هوءَ سماج سڌارڪ ۽ تعليمي ماهر ۽ فنڪار جي حيثيت ۾ سڃاتي وڃي ٿي. ٽريننگ ڪاليج فار وومين جي پرنسپال کان سنڌ اسيمبليءَ جي ميمبر (ٽي سال) ٿيڻ تائين پاڻ ڪيترن ئي ادارن جي سربراهي سنڀالي، سندس خدمتن جي عيوض هند توڙي سنڌ مان کيس ايوارڊن ۽ انعامن سان نوازيو ويو آهي. چند سال اڳ کيس صدارتي ايوارڊ عطا ٿيو. اڄ نوي سالن کان به وڌيڪ ڄمار هوندي دادي ليلا پنهنجي جنم ڀوميءَ سنڌ ۽ سنڌين جي خدمت کي افضل ڄاتو آهي. مون سندس گهر ٻه دفعا هرچنداڻي مينشن ڀرڳڙي روڊ هيرآباد تي ملاقات ڪئي ۽ کانئس انٽرويو وٺڻ چاهيم، پر داديءَ رسمي انٽرويو کان وڌيڪ جيڪا روبرو ڪچهري ڪئي، اها تمام اثرائتي هئي، جنهن جا اهم نقطا هن ريت آهن: