28 February, 2012
شاهه اسد - سيد يار محمد شاهه
25 February, 2012
منٺار فقير راڄڙ - سارنگ علي سولنگي
فقير حاجي يار محمد مري - سارنگ علي سولنگي
صوفي “راضي” فقير درازي - سارنگ علي سولنگي
سيد فتح الدين شاھ “مسڪين” - سارنگ علي سولنگي
سيد قطب علي شاھ - سارنگ علي سولنگي
فقير نواب ولي محمد خان لغاري - سارنگ علي سولنگي
فقير هدايت علي “نجفي” - سارنگ علي سولنگي
هز هاءِنيس مير عبدالحسين خان “سانگي” - سارنگ علي سولنگي
22 February, 2012
صوفي روحل فقير
روحل فقير
روحل ڪيئن پيو خلل هن
خلق ۾
خالد ٻانڀڻ
عمرڪوٽ ويجھو ڳوٺ پدمات جي پٽ ۾
ميان نور محمد ڪلهوڙو جي دور حڪومت ۾ شاهو خان زنگيجو جي گھر ۾ روحل فقير جو جنم ٿيو
هو، سندس جنم جي سال واري حوالي سان ڪتابن توڙي گوگل تي هڪڙو تضاد مليو. ڪتاب صوفي
۾ آهي ته روحل فقير جو، سنڌ جي صوفين جي سرتاج شاهه عنايت شهيد جي شهادت جي ۸ سالن بعد سن ۱۷۲۶ع ۾
جنم ٿيو، جڏهن ته گوگل تي رکيل مضمونن ۾ ذڪر آهي ته روحل فقير جو ۳۴-۱۷۳۳ع ۾ جنم ٿيو آهي. روحل فقير جا
وڏا اصل ۾ پنجاب جي شهر ساهيوال کان سنڌ ۾ آيا هئا. روحل جو عمر ڪوٽ وارو ڳوٺ بعد
۾ روحل واءِ روحل جي پٽ سان سڏجڻ لڳو. روحل فقير کي سندس والد شاهو خان عربي، فارسي
۽ سنڌيءَ ۾ تعليم ڏياري. جڏهن ته سندس سرائيڪيءَ ۾ به شاعري موجود آهي. فقير سائين
جا چار ڪتاب جنهن ۾ من پرٻوڌا، اڌ پت گرنٿ، سرٻ گيان ۽ اگم وارتا مشهور آهن، سندس والد
شاهوخان ميان نور محمد ڪلهوڙو وٽ ملازم ھو. والد جي وفات بعد روحل فقير غلام شاهه ڪلهوڙو
جي دور ۾ وزير ٿيو، بعد ۾ توشه خانه جو ناظم پڻ مقرر ٿيو. روحل فقير جون ٻه شاديون
ٿيل هيون کيس پهرين گھرواريءَ مان شاهو فقير ۽ غلام علي فقير جڏهن ته ٻي گھرواريءَ
مان دريا خان ۽ خدا بخش جي اولاد هئي. ۱۷۷۲ع ۾ ميان غلام شاهه ڪلهوڙي جي وفات بعد ميان سرفراز ڪلهوڙو جي دور حڪومت ۾
هن وزارت تان استعيفيٰ ڏئي فقيري رنگ اختيار ڪيو. پنهنجي ڳوٺ پدمات ۾ گوشه نشيني
اختيار ڪئي، بعد ۾ جھوڪ شريف ۾ وڃي ۲۵ سال
گذاريا، جتان مرشد جي حڪم تي سفر تي نڪتو اچي، ڪوٽڏيجي ويجھو هڪ ڳوٺ ۾ رهيا. پر
اتي جي مقامي سيدن کي سندس اچڻ نه وڻيو، ٽڪر سبب هو اتان لڏي ڪوٽلي ۾ رهيا. وري
اتان لڏي جيئن اڳتي سفر شروع ڪيو ته هڪ هنڌ ڪنڊيءَ جي وڻ ۾ سندن پهراڻ جو پاند اٽڪي
پيو، جنهن کي هاديءَ جو حڪم سمجھي اتي لڏو لاهي ويهي رهيا. جيڪو ڳوٺ بعد ۾ ڪنڊڙي
شريف سڏجڻ لڳو. پاڻ سن ۸۳-۱۷۸۲ع ۾ جوڌپور سفر تي ويا. جتي راجا بجي سنگهه کي روحاني آديش ڏنائين. روحل
فقير ۴۶ سالن جي عمر ۾ ڪامل فقيري
اختيار ڪئي، سندس طالبن مريدن جو تعداد مسلمانن کان وڌيڪ هندن جو آهي. هن ۱۸۰۴ع ۾ راھھ رباني اختيار ڪئي. ڪنڊڙيءَ جي ڪلتار رڳو پنهنجي گھر علائقي لاءِ ڪونه
پتوڙيو هو، پر هن علمي ۽ عقيدت واري فيض سان سنڌ کان وٺي هندستان ۽ يورپ تائين
سيراب ڪيو. هن جا مريد، چيلا، تڪيا ۽ ميلا هند سنڌ ۾ اڄ به مچيل آهن. جوڌپور جو راجا
بجي سنگهه روحل سائينءَ جو وڏو معتقد هو. جتي روحل سائين اِگم وارتا شاعريءَ جو ڪتاب
رچيو هو. راجا بجي سنگهه روحل فقير کي عقيدي ۾ ۴۰ ايڪڙ زمين پڻ ڏني ۽ پنهنجي محل ۾ گروجو تخت پڻ قائم ڪيو. جوڌپور جي قلعي ڀرسان
غلام ساگر تلاءُ جي ڪنڌيءَ تي روحل سائين هڪ گدامڙي جو وڻ پوکيو هو، جيڪو هن وقت
به اتي موجود آهي ۽ سندس اکاڙ به اڄ ڏينهن تائين قائم آهي. هن وقت به ڪنڌرا لڳ
روحل فقير جي درگاهه ڀرسان پراڻي ڪنڊيءَ واري وڻ جي جاءِ تي نئون ڪنڊيءَ جو وڻ
آباد آهي، جنهن جي سيوا گادي نشين فقير غلام علي ۽ سندس ڀاءُ فقير ڪن ٿا. جيڪي پڻ
درگاهه تي ايندڙ عقيدتمندن کي پيار ۽ محبتون ڏين ٿا. ڪتابن ۾ اچي ٿو ته فقير غلام
علي جي ٻئي فرزند مٺل فقير جي زماني ۾ دُر محمد فقير وڃي پنهنجي جدا چوڪڙي وسائي ۽
سندس وفات بعد پونئرن جدا مزار جوڙائي، جڏهن ته روحل فقير جي درگاهه اندر ساڻس گڏ ٽن
پٽن جنهن ۾ شاهو فقير، غلام علي فقير ۽ خدا بخش فقير جون پڻ تربتون آهن. جڏهن ته
سندس چوٿين پٽ دريا خان جي الڳ مزار قائم آهي.
رسول بخش پليجو - اسحاق مڱريو
21 February, 2012
روشن عطا - سيد يار محمد شاهه
18 February, 2012
الحاج مير علي احمد خان ٽالپر
الحاج مير علي
احمد خان ٽالپر
اڪبر درس
الحاج مير علي احمد خان ٽالپر ۳۱ آگسٽ ۱۹۱۵ع ۾ ٽنڊو مير محمود
۾ پيدا ٿيو. پرائمري ۽ هاءِ اسڪول جي تعيلم حيدرآباد شهر ۾ ورتائين، سياسي ۽ سماجي
زندگي جو آغاز ۲۰ سالن جي عمر ۾ شروع ڪيائون. ڊاڪٽر
عمر بن محمد دائود پوٽي، مولوي خير محمد نظاماڻي ۽ فضل احمد غزنوي سان ملي انجمن
اهليائي ملت ٺاهيائون. آل انڊيا ڪانگريس ڪميٽي جا ميمبر رهيا. ساڳئي سال ۱۹۳۷ع ۾ خاڪسار تحريڪ ۾ شامل ٿيا. پهرين صوبي بهار جي نائب حاڪم اعليٰ جي
عهدي تي چونڊيو ويو. تنهن بعد سنڌ ۽ بلوچستان جا حاڪم اعليٰ ٿي رهيا. ۱۹۴۶ع ۾ قوم پرست مسلمانن جي ڪوٺايل هڪ اهم اجلاس جيڪو دهلي ۾ ٿيو ان ۾
شريڪ ٿيا، ساڳئي سال سنڌ اسيمبلي جو رڪن منتخب ٿيو ۽ پاڻ مخالف ڌر ۾ پنهنجو ڪردار
ادا ڪيائون ۽ سنڌ جي حقن جي لاءِ جدوجهد جاکوڙ ڪندا رهيا. ۱۹۵۳ع ۾ ٻيهر سنڌ اسيمبلي ۾ وزير خوراڪ ٿي رهيا. ايوب دور ۾ فاطمه جناح
جو کلي ساٿ ڏنائون. هي اهو دور هو جيڪو ايوب آمر خلاف ڪوبه شخص بيهڻ جي لاءِ تيار
نه هو پر مير علي احمد خان ٽالپر محترمه فاطمه جناح سان گڏ رهيا ۽ نيٺ ايوب کي
مجبور ڪري ڪيفر ڪردار تائين پهچايائون. سنڌ جو ماڻهو گواهه آهي ته ذوالفقار علي
ڀٽي کي خوش آمديد چوڻ وارن ۾ مير صاحب سرفهرست هئا ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي جو بنياد
ٽنڊي مير محمود ۾ وڌائون ۽ سندن بنگلي کي اهو به اعزاز حاصل آهي ته پاڪستان پيپلز
پارٽي جو بنياد پيو، جتي جهنڊي ۽ تلوار جي نشان کي حتمي قرار ڏنو ويو.