; سنڌي شخصيتون

28 November, 2021

رسول ميمڻ

رسول ميمڻ

هڪ عظيم دانشور جو وڇوڙو!

ليکراج ميگھواڙ



هوُ جيڪو سوچ فِڪر علم ادب ۽ تنقيدي نِگاھه جو پيروڪار هو. هو جيڪو ننڊ ۽ آرام ۾ سائنسي فلسفي جي ذرڙن کي ميڙيندي جاچيندي پروڙيندي انهن نتيجن کي جڏھن ڪاغذ جي سيني تي ڪارن نيرن ۽ ساين اکرن سان لکي ڏسندو هو ته هُو وشال ڪائنات جي انهن پيچيده پيچرن تي هلڻ شروع ڪندو هو! هو اهڙي ئي تفڪر کي روحُ جي غذا ۽ حياتي جي بقاءَ جو گيان پيو سمجهندو هو ۽ ڳوليندو به هو. هو هميشه اهو چوندو هو ته “زندگيءَ جي حسن جو جوهرَ جستجو تڙپ ۽ جدوجهد ۾ ڦٽو ڪيل آھي!” اُھو شخص اُھو دانشور اُھو ماڻھو اڄ اسان کان جسماني طور جدا ٿيو آھي. جنهن لکيو هو ته؛

موت انڌو آهي، جيڪر اهو تنهنجو چهرو ڏسي ته زندگيءَ تي عاشق ٿي پئي. موت بي رحم بادشاھه آهي جنهن جي درٻار ۾ مھلت ڪنهن به ڪرسيءَ تي ويٺل نه آھي موت ٻوڙو سردار آهي جنھن تي آهُنِ جو ڪو اثر نه آهي، موت انڌو فقير آهي! جيڪو بنا تفريق سڀني جي در تي سَينَ هڻي ٿو.

بخشل باغي

بخشل باغي

املهه انسان - سلسلو ۸۷

حفيظ چانڊيو



سندس ڏاڏاڻو نالو ته الله بخش خشڪ آهي، پر ادب جي ڪڙم قبيلي ۾ هن کي مزاحمتي شاعري ۽ فڪرِ سائين جي ايم سيد سان سلهاڙيل هجڻ سبب بخشل باغيءَ جي نالي ڄاتو ۽ سڃاتو ويندو آهي.

ڊاڪٽر فياض لطيف

ڊاڪٽر فياض لطيف

(شاعر، مترجم، محقق ۽ نقاد - جنم ڏينهن جي نسبت سان ڀيٽا)

ساجد رند



بشير احمد عرف “فياض لطيف“ پھرين اپريل ۱۹۷۲ع تي ڳوٺ فقير محمد چانڊيو، تعلقو ڏوڪري، ضلعو لاڙڪاڻي ۾، محمد محسن چانڊيو جي گھر ۾ جنم ورتو.

پاڻ ۱۹۹۴ع ۾ ايم اي (سنڌي ادب)  ۾ ۽ سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو مان “شيخ اياز جي شاعريءَ ۾ جماليات “جي موضوع تي ايم فل ڪيائين.

پيشي جي لحاظ کان لاڙڪاڻي ڊگري ڪاليج ۾ سنڌي جو ليڪچرر مقرر ٿيو، جڏهن ته ھن وقت سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري ۾ سنڌي جي شعبي ۾ تدريسِي خدمتون سرانجام ڏئي رھيو آھي.

فرزانه شاھين

فرزانه شاھين

ماٺيڻي ۽ سنجيده ڪھاڻيڪاره ۽ شاعره

علي محمد درد سولنگي



ڏٺو ويو آهي ته ڪاليج ۽ يونيورسٽين ۾ پڙھندڙ ڇوڪرين جو شعر و شاعريءَ ڏانهن لاڙو وڌيڪ ھوندو آهي، هو شعر پڙهنديون ۽ شاعري به ڪنديون آهن، مگر ھي شوق ڪاليج، يونيورسٽي يا طالب علميءَ جي زماني تائين رھندو آهي، ان کان پوءِ هو جڏهن پروفيشنل/ عملي زندگيءَ ۾ اچن ٿيون ته سندن هي شوق ننڍپڻ ۽ شاگرديءَ واري دور جي ٻين دلچسپين ۽ مشغولين جيان پٺتي رھجي ويندو آهي، ڪجھ ڇوڪريون اھڙيون به هونديون آهن جيڪي پنهنجي تعليم مڪمل ڪرڻ ۽ عملي زندگي ۾ قدم رکڻ کان پوءِ به لکڻ وارو عمل جاري و ساري رکيو اچن، انهن ئي شاعرائن/ليکڪائن مان فرزانه شاهين به آهي.

مير صوبدار سعيد

مير صوبدار سعيد

گھڻ-رخي صلاحيتن واري شخصيت

حبدار جاگيراڻي



خيرپور، خاص ڪري ميرن وارو دور، علم، ادب ۽ ثقافت جي ميدان ۾ هميشه زرخيز رهيو آهي. رياست جي دور کان وٺي جديد سنڌ جي اڏجڻ تائين، خيرپور جو ادبي آڳر سدا سڳنڌ ڀريو رهيو آهي. تنوير عباسي، نسيم کرل، عطا محمد حامي، سليم ڳاڙهوي، اميد خيرپوري کان وٺي موجوده دور ۾ جي مختيار ملڪ، ڊاڪٽر اعجاز سمون ۽ ابراهيم کرل تائين خيرپور اڻ ڳڻيون علمي ۽ ادبي شخصيتون پيدا ڪيون آهن. انهن ئي گوهرن منجهان مير صوبدار سعيد به گذريل اڌ صديءَ کان علمي ادبي ۽ ثقافتي سرگرمين ۾ سدابهار ۽ ممتاز شخصيت آهي. هو هڪ ئي وقت پرمقصد مزاح نگار، شاعر، صداڪار، اداڪار، ريڊيو پرفارمر ۽ ڪمپيئر آهي. جنهن جا سموري سنڌ ۾ لکين چاهيندڙ۽ مداح آهن. هو جڏهن سنڌ جي ٻهراڙين ۾ ڊراما شوٽنگ تي وڃي ٿو ته سندس چاهيندڙن جو گھيرو وڌي وڃي ٿو. “محبت ورهايو نه ته مٿو چٿيندو سانو” جهڙو جملو سندس گفتگو ۾ ور ور پيو ورجائبو رهبو آهي.

ڄام قربان علي خان سولنگي

ڄام قربان علي خان سولنگي

هڪ مثالي استاد  ۽ ڪردار

ڊاڪٽر ڀائي خان “هالار” سولنگي



منهنجو ذڪر ڪجو ڇاڪاڻ ته آءٌ ڏوهاري ڪونه آهيان، نه وري بغض وچان ڪجهه چئجو (شيڪسپيئر)

پَل - اپَل جي هيءَ حياتي جر ۾ ڦوٽي جيئن آهي، الاجي ڪهڙي لهر، ڪيڏيءَ ويل ان کي اڌ ڪريو وڃي. ان کن پل جي جيون ۾ ڪي ڏيئا جرڪاٽ ڪندا آهن، جن جي لاٽ صدين تائين واٽهڙن کي واٽ ٻڌائيندي آهي. هڪ اهڙي فرض شناس ذميوارانه ۽ مثالي شخصيت جنهن پوري مني صدي علم جي لاٽ جو مشعل کڻي، استاد جي روپ ۾ مستقبل جي معمارن کي تعليم جي زيور سان سينگاري، بهادري ۽ حوصلي سان جئي ڏيکارڻ جي سگهه سان شعور ڏئي سنڌ جي سينڌ کي سنواري پختي عزم ۽ سچي سپوٽ جي ناتي پنهنجو پاڻ کي ارپي، هميشه سدا ساڃاهه وند ۽ علم دوست دلين ۾ امر بڻجي ويو.

پارس حميد

پارس حميد

پنجاھ ورهيه اڳ جي قبر ۽ پارس حميد جي تدفين.. ......

ضراب حيدر



مان روئڻو ماڻهو آهيان. روئڻ ايندو اٿم ته روئي پوندو آهيان، آفيس ۾ هوندو آهيان ته واش روم ۾ وڃي روئي ايندو آهيان.

ٽيون ڏينهن کان روئڻ ريساڙا ڪيا آهن، سائين رسول بخش درس وري ڪالهه پياري پارس حميد جي مرتئي، ڪالهه شام اوٻاڙو ۾ نياڻين جي هٿن ۾ زنجير، اِهي سڀ ڳالهيون سچ ته منهنجي سھپ کان گهڻيون آهن تنهنڪري رُنو آهيان.

ضراب حيدر ڪليار

ضراب حيدر

(ضراب آھي، ناھي خراب - پروفائل)

منور سراج



شھر نوابشاھه! ھائوسنگ سوسائٽي، وِشال ويڪرو رَستو، رَستي جي آخري ڪناري تي ھڪ  بنگلو ’ڪليار ھائوس‘، مٿي ھوا ۾ جهولَندڙ ڪاري بيرڪ وارو اُداس عَلم، مٿئين پورشن ۾ وڏوڪمرو، ڏکڻ ڏي کُلَندَڙَ دَرِي، ضراب حيدر جي اوطاقَ، جَنهِن جا دروازا سندس سڀني دوستن/ ليکڪن/ غير ليکڪن لاءِ ھر وقت کُليلَ، سنگت نوابشاهه جو سيڪريٽري چاھي وسيم سومرو ھجي، يا بخشل باغي، ضراب ھجي يا فياض چنڊ ڪليري، گڏجاڻيءَ جو ھنڌ بھرحال ضراب جي اوطاقَ، جِتي سنگت کي نه ھوندي پاڻي ڪانجهيءَ جي پرواهَه، نه وري چانھه جي چنتا..!!

ظفر عباسي

ظفر عباسي

جنم ڏينھن جون واڌايون

مرتضيٰ سيال



سال ۱۹۷۸ ۾ نوشهري ۾ اسڪائوٽنگ جي ڪئمپ لڳي، آئون ان وقت هاءِ اسڪول هالاڻي ۾ اٺين ڪلاس جو شاگرد هوس ۽ پنهنجي اسڪول جي اسڪائوٽنگ ٽيم سان ان ڪئمپ ۾ شريڪ ٿيو هوس، اتي ضلعي جي سڀني اسڪولن جا اسڪائوٽ آيل هئا، اسان جي پاسي ۾ هاءِ اسڪول ڪنڊيارو جي ٽيم پنهنجي ڪئمپ هنئي هئي، ڪئمپ ۾ سوين شاگرد هئا، اتي منهنجي ملاقات هڪ بنھ نازڪ، نفيس ۽ سنهڙي شاگرد سان ٿي جنهن پنهنجو نالو ظفر الدين عباسي ٻڌايو، ان مختصر ملاقات کانپوءِ جيترا ڏينهن ڪئمپ ۾ هئاسين اوترا ڏينهن وقفي وقفي سان ملندا رهياسين ۽ ڪئمپ پوري ٿيڻ تائين اسين ٻئي دوست بڻجي وياسين. هڪٻئي کي پنهنجون ائڊريسون ڏئي، ٻيهر ملڻ جا واعدا ڪري پنهنجي پنهنجي گهرن ڏانهن روانا ٿي وياسين.

مولانا عبدالحق رباني

مولانا عبدالحق رباني

(ھڪ ڀيٽا)

حافظ سڪندر تنيو



سرزمين سنڌ ۾ ڪڏهن علم دوست ماڻهن جي اڻاٺ ناهي رهي، مذهب هجي، سياست هجي، معاشيات هجي، زراعت هجي، تعليم تدريس هجي، هرهڪ شعبي ۾ ڪيترا ڄاڻو ماڻهو ڏسڻ ۾ آيا آهن.

علامه راشد خالد محمود سومرو

علامه راشد خالد محمود سومرو

سندس ديني خدمتون

مفتي خالد محمود جوڻو



سرزمين سنڌ پنهنجي ظاهري توڙي باطني خوبين سان هر دور ۾ مالا مال رهي آهي، سرزمين سنڌ عالمن، فاضلن، مفسرن، محدثن، اديبن ۽ سياسي رهنمائن ۽ ليڊرن توڙي سماجي ورڪرن جو وڏو مرڪز رهي آهي، ڇاڪاڻ ته سنڌ باب الاسلام آهي، جن پنهنجي خداداد صلاحيت جي ڪري سنڌ ڌرتيءَ جو ڳاٽ ۽ مان اوچو ڪيو آهي. اهڙن عالمن توڙي ديني ادارن ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ مستقل طور ڪتاب ۽ دفتر لکڻ جي ضرورت آهي، آئون اڄ ان عالم ۽ فاضل جو تعارف ڪرڻ گھران ٿو، جيڪو پنهنجي ظاهري توڙي باطني خوبين سان مالا مال آهي، جيڪو هڪ پاسي قديم علمن کان آشنا آهي ته وري ٻئي پاسي جديد علمن جو به سٺو ڄاڻو ۽ عالم آهي. سياسي ۽ سماجي ڪمن ۽ جدوجھد جي ڪري پاڻ هڪ تحريڪ جي شڪل اختيار ڪري چڪو آهي، جنهن کي دنيا قائد سنڌ جي نالي سان سڃاڻي ٿي. علامه راشد خالد محمود پنهنجي عظيم والد جيان بهادر، نڊر، جرئتمند سياسي ۽ سماجي رهنما طور ماڻهن جي دلين تي راڄ ڪري رهيو آهي.

غلام مرتضيٰ ابڙو

غلام مرتضيٰ ابڙو

شاندار صحافتي روايتن جي امين جي موڪلاڻي

نسيم بخاري



شڪارپور جي مٽيءَ مڻيادار ماڻهو پيدا ڪيا آهن، جن پاڻ ملهايو آهي، پاڻ مڃايو آهي ۽ پنهنجي پويان شاندار اعليٰ قدرن جي ميراث ڇڏي آهي، جن تي هلي اسان عزتن، شهرتن ۽ عظمتن جا نت نوان عروج ماڻي سگهون ٿا، پر سوال اهو آهي ته ڇا اسان جي اوليت به اها آهي ۽ اهڙي اوليت جي پاڻ وٽ ڪا اهميت به آهي؟ دنيا جو ڪوبه سگهارو قدآور ۽ تاريخي مثبت ڪردار ادا ڪندڙ ماڻهو جڏهن ذهن ۽ ضمير جي اطمينان سان زندگي گهاري وڃي ٿو ته اهو ان جو عمل قطعي ذاتي تسليءَ جي لاءِ نه هوندو آهي پر ان پويان ان احساس جو به عمل دخل هوندو آهي ته هن کان پوءِ به اها راهه روشن رهي، زندگيءَ جو مقصد هجي ۽ نتيجي ۾ اهو دڳ دل ۽ ضمير ۾ نت نوان سوجهرا ڪندو اچي.

ڊاڪٽر محبوب شيخ

ڊاڪٽر محبوب شيخ

سنڌ جو تعليمدان ۽ برک اديب

الطاف شيخ

ڪراچي سيپٽمبر ۲۰۱۹ع



هيءُ ڪتاب پنهنجي پياري دوست، ميهڙ جي محبوب علي شيخ نالي ڪريان ٿو، جنهن محنت ڪري تعليم حاصل ڪئي ۽ ان کي سچي دل ۽ devotion سان ٻين تائين پهچايو. ڪير نٿو ڄاڻي ته اها تعليم ئي آهي، جنهن جي کوٽ ڪري، اسان جي صوبي جا ماڻهو- خاص ڪري سنڌي مسلمان، ايڏو پٺتي رهجي ويا آهيون. اسان جي صوبي جي ڪيترن ئي ماڻهن کي قدرت سياستدان، وزير، وڏيرا، رئيس، اثر رسوخ وارا پير مير ويندي تعليمي ادارن جا وائيس چانسلر ۽ پرنسپال بڻايو پر سواءِ چند ماڻهن جي ٻين ڪو خاص ٻوٽو نه ٻاريو. هنن پنهنجا کيسا ڀرڻ لاءِ تعليمي توڙي ادبي ادارا هڪ طرف تباهه ڪري ڇڏيا، ته ٻئي طرف سنڌ جي نوجوان نسل سان ناانصافيون ڪري انهن جو تعليم تان روح کٽو ڪري ڇڏيو. اهڙي تناظر ۾ سائين محبوب شيخ پنهنجي وت ۽ وس آهر گهڻو ڪي ڪري ڏيکاريو. منهنجي هن سان سڃاڻپ به هن جي تعليمي خذمتن ڪري ٿي.