ڊاڪٽر محبوب شيخ
سنڌ جو تعليمدان ۽ برک اديب
الطاف شيخ
ڪراچي سيپٽمبر ۲۰۱۹ع
هيءُ ڪتاب پنهنجي پياري
دوست، ميهڙ جي محبوب علي شيخ نالي ڪريان ٿو، جنهن محنت ڪري تعليم حاصل ڪئي ۽ ان کي
سچي دل ۽ devotion
سان ٻين تائين پهچايو. ڪير نٿو ڄاڻي ته اها
تعليم ئي آهي، جنهن جي کوٽ ڪري، اسان جي صوبي جا ماڻهو- خاص ڪري سنڌي مسلمان، ايڏو
پٺتي رهجي ويا آهيون. اسان جي صوبي جي ڪيترن ئي ماڻهن کي قدرت سياستدان، وزير، وڏيرا،
رئيس، اثر رسوخ وارا پير مير ويندي تعليمي ادارن جا وائيس چانسلر ۽ پرنسپال بڻايو پر
سواءِ چند ماڻهن جي ٻين ڪو خاص ٻوٽو نه ٻاريو. هنن پنهنجا کيسا ڀرڻ لاءِ تعليمي توڙي
ادبي ادارا هڪ طرف تباهه ڪري ڇڏيا، ته ٻئي طرف سنڌ جي نوجوان نسل سان ناانصافيون ڪري
انهن جو تعليم تان روح کٽو ڪري ڇڏيو. اهڙي تناظر ۾ سائين محبوب شيخ پنهنجي وت ۽ وس
آهر گهڻو ڪي ڪري ڏيکاريو. منهنجي هن سان سڃاڻپ به هن جي تعليمي خذمتن ڪري ٿي.
