رونا ليلى
نامياري گلوڪاره کي جنم ڏينهن
تي ڀيٽا
محمد سليمان وساڻ
سنڌي، اردو، هندي ۽ بنگالي ٻولي جي عظيم گلوڪاره رونا ليلى جو جنم 17 نومبر
1952ع تي سلهٽ اوڀر بنگال ۾ ٿيو. ننڍپڻ ۾ ئي هن فن جي سکيا لاءِ رقص جي اسڪول ۾
داخلا ورتي ۽ ڪٿڪ ڊانس جي سکيا ورتي. 1960ع ۾ جڏهن سندس خاندان پاڪستان آيو ته هن
استاد حبيب الدين ۽ پيا رنگ کان ڪراچي ۾ موسيقي جي سکيا ورتي. ذهين ۽ خود اعتماد
هجڻ سبب ڇهن سالن جي عمر ۾ ئي هن پهريون دفعو ڳائي داد حاصل ڪيو. انکانپوء پاڪستان
ٽيليوزن ۽ پاڪستان جي فلم انڊسٽري ۾ هن خوب نالو ڪمايو. خاص ڪري احمد رشدي سان
سندس دو گانا تمام گهڻو مقبول ٿيا. ان ئي دور ۾ هالا جي مخدوم خاندان سان سندس
خاندان جا ويجها تعلقات رهيا ۽ سندس ڀيڻ جي شادي به مخدوم امين فهيم سان ٿي. رونا
ليلى جي آواز ۾ ڄڻ ته ڪو جادو هيو جو ٻڌندڙ سندس آواز جي سحر ۾ مگن ٿي ويندا هيا.









