; سنڌي شخصيتون

20 November, 2016

رونا ليلى - محمد سليمان وساڻ

رونا ليلى
نامياري گلوڪاره کي جنم ڏينهن تي ڀيٽا
محمد سليمان وساڻ
سنڌي، اردو، هندي ۽ بنگالي ٻولي جي عظيم گلوڪاره رونا ليلى جو جنم 17 نومبر 1952ع تي سلهٽ اوڀر بنگال ۾ ٿيو. ننڍپڻ ۾ ئي هن فن جي سکيا لاءِ رقص جي اسڪول ۾ داخلا ورتي ۽ ڪٿڪ ڊانس جي سکيا ورتي. 1960ع ۾ جڏهن سندس خاندان پاڪستان آيو ته هن استاد حبيب الدين ۽ پيا رنگ کان ڪراچي ۾ موسيقي جي سکيا ورتي. ذهين ۽ خود اعتماد هجڻ سبب ڇهن سالن جي عمر ۾ ئي هن پهريون دفعو ڳائي داد حاصل ڪيو. انکانپوء پاڪستان ٽيليوزن ۽ پاڪستان جي فلم انڊسٽري ۾ هن خوب نالو ڪمايو. خاص ڪري احمد رشدي سان سندس دو گانا تمام گهڻو مقبول ٿيا. ان ئي دور ۾ هالا جي مخدوم خاندان سان سندس خاندان جا ويجها تعلقات رهيا ۽ سندس ڀيڻ جي شادي به مخدوم امين فهيم سان ٿي. رونا ليلى جي آواز ۾ ڄڻ ته ڪو جادو هيو جو ٻڌندڙ سندس آواز جي سحر ۾ مگن ٿي ويندا هيا.

مخدوم طالب الموليٰ

مخدوم طالب الموليٰ
۲۴هين ورسيءَ جي مناسبت سان - سندس ياد ۾
نسرين الطاف قريشي
شاعريءَ جي دنيا ۾ حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي، سچل سرمست کانپوءِ مخدوم محمد الزمان طالب الموليٰ منهنجو آئيڊيل شاعر رهيو آهي. مان جڏهن ڏهين ڪلاس جي شاگردياڻي هئس ته منهنجي گهر ۾ بابا وٽ پيل مخدوم طالب الموليٰ جي شاعريءَ جا ڪتاب پڙهندي هئس. اهي شاعريءَ جا ڪتاب پڙهي مون کي شاعريءَ جو شوق ٿيو ۽ اڄ منهنجي شاعريءَ  جا ٻه ڪتاب “درد جي ڇانوَ ۾” ۽ “رڻ رڙيون ٿو ڪري” مارڪيٽ ۾ اچي چڪا آهن.
مخدوم طالب الموليٰ جي شاعريءَ مان سنڌ جا پراڻا توڙي اڀرندڙ  نوان شاعر به متاثر آهن. اڄ به مخدوم صاحب جا غزل ۽ گيت ماڻهن جي دلين ۾ آهن. جيڪي مختلف فنڪارن ڳايا، عابده پروين، فقير حسين بخش خادم ۽ رونا ليليٰ، مصري فقير، فقير امير بخش، سڄڻ فقير ۽ ٻين فنڪارن سندن ڪلام ڳايا. جيڪي تمام گهڻا مشهور ٿيا ۽ انهن جي ان زماني ۾ ڌوم متل هئي. لطيف سائينءَ کانپوءِ سنڌ جي عوام ۾ وڌ کان وڌ مڃتا ماڻيندڙ چند شاعرن ۾ مخدوم طالب الموليٰ به شامل آهي. مخدوم صاحب لکين مريدن جا روحاني پيشوا هئڻ جي باوجود فقيراڻي طبيعت رکندڙ فقير منش هئا ۽ فقير سڏائي فخر محسوس ڪندا هئا.

فقير يار محمد پيرزادو- لطف پيرزادو

فقير يار محمد پيرزادو
آهه! ڪريندي سَاههُ، ڪڏهن ويندم نڪري...
لطف پيرزادو
شاهه جي رسالي ۾ عجب دنيا سمايل آهي، جنهن جو مُکيو نقطو ”انسان“ آهي، ان کان علاوه انسان جي اوس پاس جي زندگي جهلڪندي نظر پئي اچي، جنهن ۾ مذهب، ڌرتي، ان جا ماڻهو ان جا رويا، سماجي ريتون رسمون، تاريخ، جاگرافي، ٻوليءَ جي نزاڪت، ان جا داءَ پيچ، گهاڙيٽا ۽ گرامر، انساني اندر جا اڌما، عشق، رنج، غم، خوشي، ڪاميابيون ۽ ناڪاميون، سڀ جون سڀ وٿون اوهان کي هن سمنڊ نما شاعريءَ جي ساگر ۾ ملنديون. پر جيڪا اهم ۽ مقدم ڳالهه آهي، اها آهي انسان ان جي فطرت، قدرت جا ڪرشما ۽ فطري حسن جي جهلڪار. هو ڪڏهن اوهان کي، تارن ڀري رات ٿو پسائي ڪڏهن چوڏهينءَ جو چنڊ ٿو ڏيکاري، ته ڪڏهن اڻٽيهين اونداهي ٿو پسائي، هن جي هر سٽ هر جملي ۾ ڪا نه ڪا معنيٰ لڪل هوندي آهي جيڪا هو اوهان جي ذهن ۾ داخل ڪرڻ چاهيندو آهي. ڳالهه ڪرڻ جو ايڏو ته استاد آهي، جو اڻ پنهوار کان ويندي عالم ۽ فلسفي به هن جي ڳالهه مان هڪ جيترو مطلب ۽ لطف ٿو ماڻي. استاد به استادن جهڙو جيڪو ٿورن لفظن ۾ وڏي ڳالهه کي روشن ڏينهن جيان، اوهان آڏو چٽو ڪري بيهاري. اهو ئي سبب آهي جو هر سنڌي سمجهندڙ هن جي بيت ۽ وائيءَ ڪنڌ ڌوڻڻ ۽ ان جي سحر ۾ غرق ٿيندو نظر ايندو آهي. ڀل ته هن جي ذهني سطح ڪهڙي به هجي. پر لطيف پاران ادا ڪيل جملي تي هر ڇرڪ ڀري ڄڻ ننڊ مان سجاڳ ٿيو پوي. بقا ۽ فنا، دنيا جي حقيقت، مايا جو موهه، پنهنجو پاڻ سڃاڻڻ ترڪُ ۽ تزڪيه نفس، هن جا محبوب موضوع آهن. اڪثر ڪري هي زندگيءَ سان لاڳاپيل موضوعن کي سهڻي پيرائي ۽ صاف ٻوليءَ ۾ ايئن ادا ڪندو آهي، جو ٻڌندڙ جي دل، دماغ ۽ ڪنن کي نه رڳو سرور ايندو آهي، پر هُن جي پر مغز معنيٰ تائين رسائي هِن لاءِ آسان ٿي ويندي آهي.

18 November, 2016

جهانگير بدر - حامد علي

جهانگير بدر
هڪ ڪميٽيڊ اڳواڻ جو وڇوڙو
حامد علي
پيپلز پارٽيءَ اندر جتي بيشمار ڪُٽي کائو مجنون ملن ٿا، اُتي اهڙا هزارين نه بلڪ لکين ماڻهو به ڏسجن ٿا، جن پنهنجي پوري زندگي انهيءَ پارٽيءَ کي ارپي ڇڏي، جيڪي جيئي ڀُٽو جي نعري کي پنهنجي لاءِ راههِ مشعل سمجهندا رهيا، جن زمانن جون سختيون سٺيون، پر هڪ لمحي لاءِ به پنهنجي ذهن ۾ اِن پارٽيءَ کان پانڌ ڇڏائڻ جو نه سوچيو. اهڙو ئي هڪ سينئر اڳواڻ ڪالهه 72 ورهين جي ڄمار ۾ دل جي عارضي سببان  پيپلز پارٽيءَ کان هميشه لاءِ جُدا ٿي ويو آهي، جنهن کي دُنيا جهانگير بدر جي نالي سان سُڃاڻندي هُئي. سندس گهر ڀاتين جو چوڻ آهي ته هُو ڪيتري ئي وقت کان گُردن جي مرض ۾ به مبتلا هُو، جنهن نهايت جرئت سان مُنهن ڏئي رهيو هو، پر ڪالهه سندس دل دوکو ڪري وئي ۽ هُو وڃي خالقِ حقيقيءَ سان مليو.

14 November, 2016

الطاف شيخ

الطاف شيخ
عظيم سفرناما نگار، ليکڪ ۽ مئرين انجنيئر جو ادبي ۽ سامونڊي سفر
سليمان وساڻ
(هو مسلسل لکي پيو، بلڪل ٿڪجي ئي نه ٿو. لکڻ ڄڻ ته هاڻ سندس مقصد بڻجي ويو آهي. هو هن وقت به سنڌ ۾ سڀ کان وڌيڪ پڙهيو ويندڙ ليکڪ آهي. ۹۱ کان مٿي ڪتاب لکي چڪو آهي. جن مان لڳ ڀڳ ۸۰ کان مٿي سفرناما آهن. هن اسان کي دنيا گهمائي آهي. ڪي کيس سندباد سڏين ته اڪثر وري کيس سنڌ جو ڪولمبس سڏين. ڪو کڻي کيس ڪهڙي به نالي سان سڏي پر هو سفرنامن جو شهنشاهه آهي. هي مکڻ ماڻهو سان گڏ ملنسار پڻ آهي.)
سرزمين هالا ۾ ۱۴ نومبر ۱۹۴۴ع تي ڄمڻ واري هن سفرناما نگار جو پورو نالو الطاف احمد شيخ ۽ قلمي نالو ’الطاف شيخ‘ آهي. الطاف شيخ جي والد جو نالو گل محمد شيخ ۽ والده جو نالو شريفان آهي. ٻنھي جو تعلق پڙهيل لکيل خاندانن سان هو. الطاف شيخ جو والد اڃا ڪلاس ٻئي ۾ هو ته سندس والد يعني الطاف شيخ جي ڏاڏي عبدالرحيم شيخ جي وفات ٿي وئي. ان بعد کين والده مريم ۽ مامي ماستر محمد وريل نپايو. هنن نور محمد هاءِ اسڪول مان مئٽرڪ ۽ انٽر سنڌ مدرسة الاسلام ڪراچيءَ مان پاس ڪرڻ بعد ائگريڪلچر سائنس ۾ B.Sc پوني (انڊيا جي اڄ جي رياست مهاراشٽرا جي شهر) جي يونيورسٽي مان ڪئي ۽ بعد ۾ M.Sc آمريڪا جي ڪارنيل يونيورسٽي (اٿيڪا شهر) مان ڪئي، جيڪو شهر نيويارڪ رياست ۾ آهي. B.Sc ڪرڻ بعد، الطاف جي والد ڪراچيءَ مان شيخ اياز (مشهور شاعر) سان گڏ، مسلم لا ڪاليج ڪراچي مان قانون جي ڊگري LL.B پڻ حاصل ڪئي ۽ ڪجهه عرصو جسٽس عبدالرحمان مرزا (جسٽس حامد علي مرزا جو والد ۽ الطاف جي نانيءَ جو وڏو ڀاءُ) وٽ وڪالت ڪئي. ان بعد PCS جو امتحان ڏئي، مختيارڪار ٿي رهيا. ۱۹۵۵ع ڌاري، آمريڪا طرفان ٽنڊو ڄام ۾ کوليل ’وليج ايڊ ڪاليج‘ جا هو پرنسپال ٿيا. وليج ايڊ کاتو بند ٿيڻ تي پاڻ وري روينيو کاتي ۾ آيا ۽ ڊپٽي ڪمشنر جي پوسٽ تان رٽائر ڪيائون. کيس پڙهڻ لکڻ جو تمام گهڻو شوق هو جنهن لاءِ هو پنهنجن ٻارن جي به هر وقت همت افزائي ڪندو هو. ايتريقدر جو الطاف جيتوڻيڪ اسڪول يا ڪاليج ۾ اڙدو نه پڙهيو پر کيس گهر ۾ اڙدو پڙهڻ سيکاريو ويو. پاڻ کيس هميشه اهو چوندا هئا ته؛ ”اڙدو اهم زبان آهي، جنهن ۾ تمام گهڻا اسلامي ڪتاب آهن، جن کي پڙهڻ لاءِ اڙدو سکڻ ضروري آهي.“ الطاف جي والد جا خاص سبجيڪٽ ائگريڪلچر ۽ ائنٿروپالاجي هئا ۽ پاڻ مختلف موضوعن تي ڪڏهن ڪڏهن اخبارن ۾ ڪالم به لکندو ھيو ۽ سنڌيءَ ۾ سندن چار ڪتاب پڻ ڇپيل آهن. جهڙوڪ: ماڪوڙي، ماکيءَ جي مک، ڪوريئڙو ۽ گڏهه. ”گڏهه“ ڪتاب الطاف جي والد گل محمد شيخ پنهنجن دوستن ۽ ڪلاس ميٽن: ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ اڳوڻي وائيس چانسلر، سيد غلام مصطفيٰ شاهه سابق وي سي ۽ جلباڻي صاحب سان گڏ لکيو.

12 November, 2016

انور شيخ - نسيم بخاري

انور شيخ
ڪهاڻيڪار جي ڪهاڻي
نسيم بخاري
جنهن سماج ۾ عام ماڻهوءَ جو مجموعي طور مثبت ڪردار ادا ڪرڻ هڪ خواب بڻجي چڪو هجي، ان ۾ ڪارائتي ڪردار جي ادائگي لاءِ قلمڪار بنيادي ڪردار ادا ڪندو آهي. اهو نه رڳو سماج جي تصوير پيش ڪندو آهي پر سماج کي جيئن ٿيڻ ۽ هئڻ گهرجي، اهڙا خيال به آڇيندو آهي. هو پاڻ کي زماني جي راوجن جي حوالي نه ڪندو آهي. پر سماج کي سٺين ۽ شاندار روايتن جي امين ٿيڻ لاءِ آماده ڪندو آهي. هو چاهيندو آهي ته جتي ڪا به عزت-ڀري راويت ڏسڻ ۾ نه ايندي هجي، اتي مهذب قدرن جو ٻج ڇٽجي ۽ ماڻهن ۾ ماڻهپي کي يقيني بڻائجي. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته برن ۽ بدڪار رجحانن ۽ ڪردارن جي طوفان ۾، مثبت تبديلين واري چڻنگ، ڏاڍي ڏکي ٻرندي آهي. ائين به ناهي ته ان سلسلي کي ڪو تسلسل ملي نه سگهندو آهي يا اهڙو ڪو تسلسل برقرار رکي نه سگهبو آهي.

عرفان مهدي- رضا محمد ميمڻ

عرفان مهدي
پنجويهين ورسيءَ جي حوالي سان سٻاجهڙي جي ياد ۾!!
رضا محمد ميمڻ
توڙي جو هڪ صديءَ جو چوٿون حصو پورو ٿي ويو آهي، پر پوءِ به نه دل ۽ نه وري دماغ قبول ٿو ڪري ته عرفان مهدي اسان جي وچ ۾ نه آهي... ها... پر ان جي کوٽ شدت سان محسوس ٿيندي آهي. جڏهن سنڌ ۾ ظلم بربريت، سماجي برائين ۽ ناانصافين جا مثال ۽ واقعا بار بار رونما ٿين ٿا ته دل ۾ آواز ڀڙڪا ڏيئي نڪرندو آهي ته ”يار ڪاش عرفان هجي ها ته هيئن هيئن ڪري ها...” جڏهن عرفان ۽ منهنجي ڳوٺ هالا پراڻا کي علمي ادبي سماجي تفريحي ۽ تعليمي سرگرمين جي حوالي سان ”مئل“ محسوس ڪندو آهيان ته قسم سان ”هر وقت وات ۾ هڪ ئي وائي هوندي آهي ته ڪاش عرفان هجي ها ته اسان جي ڳوٺ جا ههڙا حال نه هجن ها... عرفان هجي ها ته سڄو ڳوٺ هر چؤڪ تي ”پنهنجو هالا پراڻا“ لڳي ها.... هاڻ ته هڪ هالا پراڻا ۾ سئو کن هالا پراڻا آهن... هر برادريءَ جو پنهنجو ”هالا پراڻا“ مون کي ته عرفان وارو هالا پراڻو ڏسڻ ۾ ئي ڪو نه ٿو اچي.... خبر نه آهي ڪڏهن ميلو مچندو ۽ عرفان جي ”وک وڌايو پبليڪيشن“ جون وکون ڪير وڌائيندو ۽ وري عرفان جو ڳوٺ علمي ادبي سماجي پروگرامن جي حوالي سان سنڌ جو ”مرڪز“ ٿيندو.

عظيم سنڌي - اعجاز ڪورائي

عظيم سنڌي
شاعر اديب ليکڪ عظيم سنڌي سان ڳالھه ٻولهه
اعجاز ڪورائي 
شاعري حق ۽ سچ جو آواز هوندي آهي
زندگي جي حقيقي عڪسن بنا شاعري بيڪار آهي شاعر کي پنهنجي ڪردار ۽ لفظن جي حرمت جو خيال رکڻ گهرجي جيڪڏهن هو  ائين نه ٿو ڪري ته پوءِ اجايو پنا ڪارا ٿو ڪري.
شاعري حق ۽ سچ جو آواز هوندي آهي سنڌي ادب جا پڙهندڙ اهو ڄاڻن ٿا ته سنڌي شاعري ڇا ٿيندي آهي ڇو ته سنڌ آهي ئي شاعريءَ جو ديس، هن ديس ۾ ڪيترا ئي نامور شاعر ٿي گذريا آهن جن پنهنجي شاعري جي ذريعي انساني سوچ ۾ انقلاب آڻي ڌرتي جي خدمت ڪئي.

محبتي ملاح - علي محمد درد سولنگي

محبتي ملاح
محبتون ورهائيندڙ شاعر
علي محمد درد سولنگي
هي دور دجالي دور آهي. هن دور ۾ محبتون مرنديون ۽ نفرتون نپجنديون، وڌنديون ويجھنديون وڃن، هي دور جنهن ۾ محبتي هجڻ جي دعويٰ ته هر ڪوئي ڪري ٿو پر،
”يار سڏائي سڀ ڪو، جاني زباني،
آهي آساني، ڪم پوي ٿي ڪل پوي.“
وقت اچڻ تي اهي محبتون، واريءَ جي محلن جيان ڌڙام سان ڪريو پون ۽ پوءِ ماڻهوءَ جو محبتن تان ويساھ ئي  کڄيو وڃي، پر صفا سڃ به نه ٿي آهي، محبتون اڄ به موجود آهن، ڪي آهن جيڪي اڄ به محبتن کي مان ڏين ٿا، محبتون ونڊين ۽ ورهائن ٿا ۽ پاڻ کي محبتي سڏائن ٿا، اهڙن محبتي ماڻهن مان اسان جو شاعر دوست ”محبتي ملاح“ به هڪ آهي.

حضرت مصري شاهه

حضرت مصري شاهه
صوفي بزرگ جو 114هون عرس مبارڪ
منظور ڪالرو
سرزمين سنڌ کي 1843ع ۾ انگريزن فتح ڪيو، جنهن کانپوءِ سنڌي ٻوليءَ جي اهميت ڏسندي فارسيءَ جو عمل دخل گهٽ ڪرايو ۽ سنڌيءَ کي دفتري زبان جو درجو ڏيڻ سميت تعليم کي ان جو ذريعو بنائڻ جو فيصلو ڪيو. جنهن ڪري انگريزن جي دور ۾ سنڌي ادب خاص طور شاعري به وڏي ترقي ڪئي. گڏوگڏ لوڪ ادب کي به عام ڪرڻ طرف ڌيان ڏنو ويو. هن ڏس ۾ شاعري جي صنف ”ڪافي“ جيڪا خالص سنڌي ٻوليءَ سان واسطو رکي ٿي، ان طرف شاعرن توڙي ٻڌندڙن جو رجحان وڌيو، تنهن ڪري ڪافي جي صنف گهڻو عام ٿي ۽ پسند ٿيڻ لڳي.

امر جليل


امر جليل
سنڌي ڪهاڻيءَ جو امر نانءُ
رضوان گل
سچ امر آهي جيڪو ڪڏهن به فنا ٿي نه ٿو سگهي. دنيا جي تاريخ ان ڳالهه جي شاهد آهي ته سچ جي ٻيڙي لڏندي ضرور آهي پر ڪڏهن به ٻڏندي ناهي. سچ جو ساٿ ڏيندڙ مهان انسانن جو نالو اڄ به “امر” آهي. اسان جي معاشري ۾ جتي ظلم، ڏاڍ ۽ ناانصافي جو راڄ آهي اتي اهڙا ماڻهو به آهن جيڪي ظلم جي ان ڪاري رات کي چٽو ڏينهن چوندا رهن ٿا! انهن پنهنجي ضميرن جو سودو ڪري پنهنجي چپن تي منافقيءَ جا تالا هڻي ڇڏيا آهن! اهڙي بي حسي واري ماحول ۾ ڪيترا ئي اهڙا بيباڪ ليکڪ آهن جن قلم کي تلوار جي ڌار بڻائي هر دور ۾ بهادري ۽ برجستگيءَ سان مزاحمت ڪئي آهي. پنهنجي لکڻين ذريعي سجاڳيءَ جا سڏ ڪري ماڻهن کي متوجه ڪيو آهي.

11 November, 2016

بشير احمد - زرار پيرزادو

بشير احمد
طنز ۽ مزاح جو شهنشاهه
زرار پيرزادو
اڄ ڳوٺ ٻلهڙيجي جي رهواسي، ٻلهڙيجي جي مشهور صوفي فقير يار محمد جي ٻئي نمبر پٽ ۽ انور پيرزادي جي ڀائٽي بشير احمد جو جنم ڏينهن آهي.
بشير سنڌ جي ننڍن علائقن، ڳوٺن، شهرن، تعلقن ۽ ضلعن جي انهن ڪردارن مان هڪ آهي جيڪي پنهنجي پنهنجي علائقي جي هڪ خاص سڃاڻپ رکندا آهن ۽ جن ڪري هو مشهور به هوندا آهن. اهڙا ڪردار تڏهن ئي ڪتابن جو موضوع بڻبا آهن جڏهن انهن علائقن جي ڪا تاريخ يا گزيٽئر لکي يا مرتب ڪئي ويندي آهي.

سرور سهتو - عبدالخالق جوڻيجو

سرور سهتو
قومي تحريڪ جو خاموش پر متحرڪ ڪردار
عبدالخالق جوڻيجو
ڪنهن ڏاهي جو چوڻ آهي ته؛ ”خواب اهو ناهي جيڪو توهان ننڊ ڪندي ڏسو پر خواب اهو آهي جيڪو توهان جي ننڊ ڦٽائي ڇڏي“، اهڙا خوابن جي پويان ننڊون ڦٽائيندڙ انسان ئي قومن جي حقيقي ميراث هوندا آهن.
سنڌي قوم به اهڙن سپوتن کان خالي ناهي، اهڙو جاڳندڙ اکين سان خواب ڏسندڙ ۽ ان خواب جي ساڀيان خاطر زندگي ڀر جاکوڙيندڙ هڪ شخص سرور سهتو به هئو، هن جو خواب آزاد، خودمختيار ۽ خوشحال سنڌ هئي، ان خواب جي تعبير خاطر جاکوڙ ۾ هو ڪڏهن غفلت جي ننڊ ڪو نه ستو، هن شايد شاهه لطيف جي سُر سسئيءَ مان اهو سبق حاصل ڪيو هئو ته هڪ لمحي جي ننڊ زندگيءَ جي خواب جي تعبير کي ”ڪوهين ڏور“ ڪري ڇڏيندي، ان ڪري ئي شايد هن پنهنجي تخليقن کي شاهه لطيف جي نالي سان منسوب ڪيو، پهرين بحيثيت استاد سنڌ جي نوجوان کي انسان ذات جي خدمت جا سبق ڏيڻ خاطر منظم ڪيائين ته ان تنظيم کي شاهه لطيف اسڪائوٽس جو نالو ڏنائين، وري جڏهن بحيثيت سياسي اڳواڻ جي سنڌ جي اڀرندڙ نسل کي قومي شعور ڏيڻ جو بار مٿي تي کنيائين ته لطيف سنگت جو پليٽ فارم منظم ڪيائين.