; سنڌي شخصيتون: سيد مرتضيٰ ڏاڏاھي

06 June, 2018

سيد مرتضيٰ ڏاڏاھي

سيد مرتضيٰ شاھ ڏاڏاهي

ڪافي جي صنف جو ملوڪ شاعر

منظور ڪالرو



سنڌ جي ناميارن شاعرن وطن جي حُب، ڌرتيءَ سان پيار، وفاداري، امن، جدوجهد، ننگن توڙي دنگن جي حفاظت، خوشحالي ۽ ترقيءَ لاءِ سجاڳي ڏيارڻ ۾ يادگار ۽ مثالي خدمتون سرانجام ڏئي سنڌ امڙ سان پنهنجو نينهن جو ناتو خوب نڀائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته جيئن سنڌ جيجل جو ڀرم رکي سگهجي ۽ ائين ماءُ جي ٻولي ۽ لولي جا گيت صدا گونجبا رهن.


اهڙن وطن دوست شاعرن ۾، ٻهڳڻو شاعر سيد مرتضيٰ ڏاڏهي به پنهنجي مٺڙي وڻندڙ ۽ لطيف شاعريءَ سبب وڏن ناميارن شاعرن سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺل ڏسڻ ۾ اچي ٿو، جيڪي نهايت سجاڳي، ذميواري ۽ فرض شناسي سان پنهنجيون پنهنجيون جوابداريون نڀائيندي سنڌي ٻولي کي جياريو اچن. جيتوڻيڪ هتي سنڌي ٻولي خلاف وڏيون بغاوتون ۽ نفرتون ٿيندي ڏسڻ ۾ آيون آهن پر شاعرن جون خدمتون ۽ محنتون ٿيل آهن، جنهن سبب انهن نفرتن کي مات ڏئي ٻوليءَ سان گڏوگڏ سنڌ جي ثقافت جو به بچاءُ ٿيو. پر  پوءِ به سنڌي ماڻهن سميت ٻولي ۽ ثقافت سان نفرتن وارا لاڙا اڃا بند ٿيندي نٿا  ڏسجن ۽ نه ئي سنڌين جي ماڳ مڪانن جا قدر ٿا ٿين. پر پڪ سان چئي سگهجي ٿو ته اهڙن سنڌ دشمنن کي جن هٿيارن سان سندن ناپاڪ ارادن کي ناڪام ڪيو تن ۾ سنڌ جي وفادار شاعرن جي شاعريءَ جو گهڻو حصو شامل هوندو.

هونئن به پالڻهار سنڌ ڌرتيءَ کي پنهنجين خاص نعمتن سان سرشار ڪري، اسان کي انهن نعمتن سان نوازيو آهي جيڪي دنيا جي ٻين ڪيترن ملڪن ۾ اڻلڀ آهن. تنهنڪري قدرت جي ڏنل تحفي جي هر نعمت جو نه فقط خيال رکڻو آهي پر حفاظت سميت، سندس سونهن کي داغدار ڪندڙن کان به کيس محفوظ ڪرائيندي وڌيڪ سنوارڻ ۽ سينگارڻ لاءِ ڪوششون وٺڻيون آهن.

هاڻ جيڪو به پاڻ کي سنڌ-واسي سڏائي ٿو، اهو اعليٰ مقام تي يا وڏي عهدي تي فائز آهي، تنهن کي پنهنجي پنهنجي حصي جو ننڍو وڏو ڪارنامو ۽ خدمت جاري رکڻ يا ڪرڻ گهرجي، جنهن سان سنڌي سماج دنيا جي سڌريل قومن سان گڏ هلي سگهي نه ته ٻليءَ پير هلندو رهي. هن ڏس ۾ جن شخصيتن پنهنجي ڏات سان سنڌ وطن جي خدمت جا مختلف مورچا سنڀاليا تن ۾ سماج سڌار، تعليمي ماهرن، عوام دوست سياستدانن، زرعي ماهرن، انسان دوست خدمتي ادارن، واپار ڪندڙن سميت شاعرن، اديبن ۽ صحافين (پرنٽ ميڊيا هاڻ ان سان گڏ اليڪٽرانڪ ميڊيا) پاڻ ملهايو آهي.

انهن خدمت گذارن ۾ محبوب ۽ مقبول، سنڌ جو ڀلوڙ عوامي شاعر، سيد مرتضيٰ ڏاڏاهي به اوچي ڳاٽ سان ڏسجي ٿو، جنهن پنهنجي وس آهر سنڌي ٻولي کي شاعريءَ جي حوالي سان وڌيڪ شاهوڪار ڪيو. ۲۶ نومبر ۱۹۳۹ع ۾ ڏاڏاهي صاحب جو جنم ٿيو. سندس والد امام الله شاهه خود به علمي ادبي شخصيت طور ڄاتو سڃاتو ويندو هو، جنهن کي راڳ سان پڻ بي پناهه چاهه هوندو هو. جيئن ته پاڻ زميندار هئا تنهنڪري سندن اوطاق تي راڳ جون محفلون ٿينديون هيون. جتي راڳ جا ڄاڻو فنڪار، باقاعدگيءَ سان اچي شريڪ ٿيندا هئا. اهڙي ماحول ۾ مرتضيٰ ڏاڏاهي وڏو ٿيو ته سندس لاڙو شاعريءَ طرف گهڻو ٿي ويو. شاعري به اها جيڪا پوريءَ طرح سان وزن، بحر، ڪافيو، رديف جي گهرجن ۽ سنڌي ٻولي جي لفظن تي ٻڌل هئي. ڏاڏاهي صاحب جا غزل ۽ ڪافيون پڙهي ۽ ٻڌي چئي سگهجي ٿو ته سندس ڏات ۾ سمورا خوبصورت رنگ شامل آهن، جيڪي سموري شاعريءَ ۾ محبت جو مشاهدو، انتظار، درگذري، وفاداري، دوستي، جدوجهد، خوشحالي، ترقي، وطن سان پيار، ڏوراپن ۽ التجائن جي مختلف ڪيفيتن ۽ روپن ۾ لطيف جو اظهار ڪن ٿا. تنهن ڪري عام و خاص مرتضيٰ ڏاڏاهي جا ڪلام ڳائيندي ۽ جهونگاريندي ڏسڻ ۾ ايندو.

زهر کي به زم ز م ڪري پي ڏٺوسين،

مرڻ کان اڳيئي، مري جي ڏٺوسين.

سائين مرتضيٰ نه فقط شاعري پر ادب جي ٻين صنفن تي به خوبصورت انداز ۾ لکيو جنهن ۾ ڪهاڻي، مضمون، افسانو، مزاحيه ڪالم، ريڊيو لاءِ ميوزيڪل فيچر به شامل آهن. جن کي پڙهندڙن ۽ ٻڌندڙن پاران ساراهيو ويو. کيس شهرت ڏيارڻ ۾ ”ريڊيو پاڪستان حيدرآباد“ جو به وڏو ڪارنامو سمجهيو وڃي ٿو. جنهن ڪري شاعر کي ته شهرت ملي پر ان جي شاعريءَ کي موسيقيءَ جا وڻندڙ ويس ڍڪائي عام ڳائيندڙ راڳين کي به مشهوري ملي. استاد عبدالقادر، ڍول فقير، اسحاق فقير، ڪارو مڱڻهار، ٻڍو فقير، ڦوٽو زرداري، استاد فيروز گل، قمر سومرو، قاسم اوٺو، ممتاز لاشاري، راڳ جي راڻي عابده پروين، روبينه قريشي، فوزيه سومرو، تاج مستاني ۽ ٻيا ڪيترا ئي سُريلا فنڪار شامل آهن، جن مرتضيٰ جي شاعريءَ کي جهر جهنگ پهچائي ان کي عام ۽ مقبول ڪيو.

سوين هن دنيا مان، سڪندر هليا ويا،

ڇڏي محل ماڙيون، مسافر هليا ويا.

سيد مرتضيٰ ڏاڏهي ڪيترن مشاعرن ۾ حصو ورتو. ايتريقدر جو ڪنهن زماني ۾ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تان باقاعدگيءَ سان ماهوار live مشاعرو نشر ٿيندو هو ته ان ۾ به کيس خصوصي دعوت ڏئي مدعو ڪيو ويندو هو. ان کانسواءِ پاڻ اڪثر پُر بهار شخصيت، مخدوم طالب الموليٰ جن وٽ ٿيندڙ مشاعرن ۾ شرڪت ڪئي. خاص ڳالهه ته سنڌ جي علمي ادبي شخصيت، گرامي صاحب ڪيترن مشاعرن  ۾ فرمائش ڪندي کيس ترنم سان پڙهڻ لاءِ چوندو هو ۽ کيس وڏي آواز ۾ داد ڏيندو هو. ياد رهي ته ڏاڏاهي صاحب پنهنجي شاهڪار شاعريءَ کي ترنم جي انداز ۾ پڙهندڙ شاعرن مان به آهي.

مرتضيٰ ڏاڏاهي بابت محترم ”نصير مرزا“ جا خوبصورت لفظ آهن ته؛ ”سنڌي ڪافي، جنهن ۾ اسان مصري شاهه امام کي هن صنف جو ’بادشاهه‘ تصور ڪندا آهيون ۽ ان کانپوءِ واري زماني ۾ مخدوم طالب الموليٰ تي ڪافيءَ جي صنف پنهنجي انتها تي پهتل نظر اچي ٿي. هاڻوڪي دور ۾ اسين جيڪڏهن نظر ڦيرايون ٿا ته اسان کي ڪافيءَ جي صنف جو حسين ترين شاعر جيڪڏهن ڪو نظر اچي ٿو ته اهو مرتضيٰ ڏاڏهي آهي، جنهن کي شاعري جي نج سنڌي صنف ڪافيءَ جي حوالي سان خاص اهميت حاصل آهي. اسان جا ڀاڳ جو هن قافلي ۾ سائين شريڪ آهي ۽ رهنمائي ڪندو رهي ٿو.“ 

ڏاڏاهي صاحب کي سندس جنم ڏينهن تي کوڙ واڌايون ڏيندي سندس مڪمل صحتيابي جون دعائون ڪجن ٿيون.

ٿياسين نه محبوب ڪنهن جا ته ڇا ٿيو،

محبت ۾ ڪنهن تان فدا ٿي ڏٺوسين.


 

سيد مرتضيٰ ڏاڏاهي

شخصيت، شاعر ۽ نثر نويس

منظور ڪالرو

علم، ادب، راڳ رنگ، خاص طور تي شاعريءَ جي شوق ۽ ذوق رکندڙ اهل دانش جي گهڻائي اها بخوبي پروڙ رکي ٿي ته سيد مرتضيٰ ڏاڏاهي جو شمار سنڌ جي نامياري ۽ ٻهه ڳڻن شاعرن ۾ سرفهرست ٿئي ٿو، سندس مشهور ڪلام:

زهر کي به زم زم ڪري پي ڏٺوسين،

مرڻ کان اڳئي مري جي ڏٺوسين.

اڄ به اوتروئي مشهور آهي ۽ وڏي چاهه سان ٻڌو وڃي ٿو، جيترو اڄ کان ۳۰- ۳۵ سال اڳ شوق ۽ فرمائش سان ٻڌڻ پسند ڪيو ويندو آهي. بنيادي طور مرتضيٰ ڏاڏاهي شاعر آهي پر هڪ شاعر جي ڏاهپ ۽ ڏات کيس ”ڪالم ليکڪ“ جي به سڃاڻپ ڏئي سندس شخصيت جي ٻنهي پهلوئن کي اجاگر ڪري ڇڏيو، پاڻ شاعريءَ جي شروعات ۱۹۵۳ع ڌاري چوڏهن سالن جي عمر کان ڪئي، سندس شاعريءَ جون خاص صفتون ڪافي، غزل، گيت، نظم، وائي، بيت، قطعا، حمد، نعت، منقبت ۽ مناجات سرفهرست ڏسجن ٿيون، جن کي وڏي مقبوليت ملي آهي.

شاعر سيد مرتضيٰ ڏاڏاهي جو جنم ۲۶ نومبر ۱۹۳۹ع تي سيد ڪاظمي گهراڻي ۾ ٿيو، سندس والد سيد امام الله شاهه ڏاڏاهي پاڻ به شاعر ۽ موسيقيءَ جو مداح رهيو هو. زميندار گهراڻي سان واسطو هئڻ ڪري سندن اوطاق تي اهڙيون ڪچهريون ۽ راڳ رنگ جو محفلون ٿينديون هيون، انهيءَ خوبصورت صوفياڻي رنگ ۾ رچيل ماحول ۾ سائين مرتضيٰ جي تربيت ٿي، جنهن ڪري شاعري سميت راڳ رنگ طرف ڌيان گهڻو وڌندو ويو، جنهن آخر کيس ۱۴ سالن جي عمر ۾ شاعر طور سڃاڻپ ڏئي ڇڏي.

ڏاڏاهي صاحب جي چانڊوڪيءَ جهڙي جهرمٽ ڪندڙ شاعريءَ تي ٻڌل مجموعن ۾ ”تون پارس آئون لوهه (۱۹۹۴ع)، سهڻا سَرها گل (۱۹۹۶ع)، مان ذرو، تون مهتاب (۲۰۱۱ع) سميت ٿورا نه ٿورا (۲۰۱۵ع) جهڙن شهپارن سنڌي ادب کي وڌيڪ شاهوڪار ڪيو آهي، تازو شاعر مرتضيٰ ڏاڏاهي جي لکيل/ ڇپيل مزاحيا ۽ سنجيده ڪالمن تي مشتمل ڪتاب ”نه هِن پاسي، نه هُن پاسي“ ڇپجي پڌرو ٿي چڪو آهي، امرتا پبليڪيشن جي سرواڻ دلبر محبتي ادب دوست شخصيت فقير محمد ڍول جي ڪتاب کي شايع ڪرڻ جي مناسبت سان (سندس) خدمتون صلاحون مشورا بيشڪ داد جي مستحق ۽ ساراهه جوڳا قدم سمجهيا وڃن ٿا، ڪتاب جي مرتب ڪرڻ ۾ جاويد مرتضيٰ (جيڪو سائين مرتضيٰ جو وڏو فرزند ٿئي) پيش پيش رهيو، جنهن ڪري مضمونن جي سُونهن سِٽاءُ ۾ آساني ٿي. جڏهن ته مهاڳ ”اسين بس اوهان جي پاسي“ نالي واري لکيڪ ۽ يار ويس طبعيت جي مالڪ محمود مغل صاحب جن پنهنجي مزاج موجب سادن جملن جي حسناڪين سان خوبصورت انداز ۾ لکيو آهي.

”نه هِن پاسي نه هُن پاسي“ ڪتاب کي شايع ڪرائڻ ۾ ساراهه جوڳو قدم هاڻوڪي ڊپٽي ڪمشنر ٽنڊواليهار محترم رشيد احمد زرداري جو آهي، جنهن اهو ڪم پنهنجو سمجهي ڀرپور تعاون ڪيو ۽ همت ٻڌرائي، جنهن لاءِ کيس جس هجي، هڪ شاعر طور سڃاڻپ ۽ شهرت رکندڙ جيڪڏهن نثر ۾ به پنهنجي ڏات جا اظهار ڪندي ڏسجي ٿو ته اهو ڪمال فن سيد مرتضيٰ ڏاڏاهي جي کاتي ۾ شمار ڪري سگهجي ٿو. بقول فقير محمد ڍول ڀاءُ جي ته ”هي هڪ شاعر جو نثر آهي، جنهن ۾ رڌم رواني به ملندي ته سبق آموز مزاح به ملندو“ ڏاڏاهي صاحب جي انهن چونڊ ڪالمن ۾ ڪيترائي مزاحيا ڪالم پڙهڻ لاءِ ملندا، جن ۾ هڪ پيغام محبت ڀريو نياپو ۽ اها واٽ ملندي، جيڪا محبت سان سرشار عقل ۽ دانش سان مالا مال ڏسجي ٿي.

ڪتاب ”نه هِن پاسي، نه هُن پاسي“ ۾ شاعر مرتضيٰ ڏاڏاهي جا ڪالم مختلف اخبارن ۾ ڇپيا، جن مان ڪجهه ڪالمن جي چونڊ ڪري جن جن اخبارن ۾ ڇپيا تن جا نالا ڇپجڻ جي تاريخ سميت ڏئي پڙهندڙ جي ذهن کي وڌيڪ ڪشادو ڪندي جهڙوڪر اڀرندڙ سوالن جا جواب ڏئي ڇڏيا آهن ته هي ڪالم فلاڻي تاريخ تي روزاني اخبار ۾ ڇپيو، اڌ صديءَ تي ٻڌل ڪالمن کي پڙهڻ دوران ايترو ته چاهه وڌي وڃي ٿو جو هڪ کان ٻيو ۽ ٻي کان ٽيون ڪالم پڙهندي سمورو ڪتاب پڙهڻ تي دل چاهي ٿي، هي ڪالم ٽنڊوالهيار ۾ ڏاڏاهي صاحب جي ڪچهرين دوران گهاريل سونهري وقت جا اهڃاڻ ڏيندي ”تاريخ“ جو حصو سمجهيا وڃن ته بهتر ٿيندو.

هتي اهو به ياد ڏيارجي ٿو ته جڏهن ”روزاني هلال پاڪستان“ جو عروج ٿي ڏٺو، تڏهن سائين مرتضيءِ جا ڪالم ”اربع خطا“ جي عنوان هيٺ باقاعدگي سان ڇپبا هئا، جن کي پڙهندڙن پسند ڪيو هو، اهڙي طرح سنڌ جي هڪ ڀلوڙ عوامي شاعر جي وڻندڙ شاعريءَ جو مرتبو بلند ٿو ڏسجي پر سندس ڪالمن کي پڙهڻ کانپوءِ اها راءِ ضرور ڏجي ٿي ته ”نثر“ ۾ به سائين پاڻ ملهايو آهي، اهل علم و ادب خاص طور مزاح سان دلچسپي رکندڙ دوستن کي هي ڪالم پڙهڻ گهرجي ۽ ڏاڏاهي صاحب جي سموري تخليق کي پنهنجين لائبريرين ۾ محفوظ ڪيو وڃي.

صدارتي ايوارڊ حاصل ڪندڙ سنڌ جي هن محبوب يگاني شاعر مرتضيٰ ڏاڏاهي کي سندس تاريخ ساز ادبي صحافتي سماجي خدمتن تي مقامي سطح تي ڪيترائي اعزاز ايوارڊ ۽ سرٽيفڪيٽ ڏنا ويا آهن، سندس ”تاجپوشي“ جي هڪ يادگار محفل (ٽنڊوالهيار جي شهباز سئنيما ۾) مچائي محبتن جا اظهار ڪيا ويا هئا. اهڙيءَ طرح تعلقي ميونسپل ايڊمنسٽريشن ٽنڊوالهيار جو اهو وڏو ڪارنامو ڳڻيو وڃي ٿو، جنهن ۾ هن دلين جي ترجمان شاعر کي سندس زندگيءَ ۾ مڃتا ڏيندي ميونسپل آفيس جي اڱڻ (ميدان) تي سائين سان منسوب ”مرتضيٰ ڏاڏاهي هال“ جوڙائي علم ادب سماج دوستن ۽ شهر واسين جي گهربل راءِ جو احترام ڪندي کين ”هال“ جو تحفو ڏنو ويو آهي.

مرتضي ڏاڏاهي جي وڻندڙ شاعريءَ کي ڪيترن مشهور فنڪارن پنهنجي فن سان پيش ڪري داد ۽ شهرت حاصل ڪئي، ريڊيو پاڪستان حيدرآباد ۽ پاڪستان ٽيليويزن سيٽر ڪراچي جون هن ڏس ۾ عاليشان ۽ ياد رکڻ جهڙيون خدمتون ساراهيون وڃن ٿيون، جنهن ڪري مرتضيٰ جو ڪلام جهرجهنگ عام ٿيو. ويجهڙائي ۾ سنڌي ادبي سنگت (مرڪز) پاران حيدرآباد ۾ هڪ پُروقار تقريب دوران سنڌ جي ڪيترن ئي ساڃاهه وندن اديبن شاعرن ۽ فنڪارن کي مختلف ايوارڊ ڏنا ويا جن ۾ سيد مرتضيٰ ڏاڏاهي کي به اعزاز سان نوازيو ويو.

 

(ڏيھاڙي عبرت حيدرآباد، ۲۸ نومبر ۲۰۲۰ع)


 

سيد مرتضيٰ ڏاڏاھي

شخصيت ۽ شاعري - ”زھر کي به زم زم ڪري پي ڏٺوسين“

مٺل جسڪاڻي

ڪنھن به ماڻھوءَ کي سمجھڻ ۽ سڃاڻڻ لاءِ، ان سان گڏ گڏ ھجڻ، يا ساڻس جلدي جلدي ملڻ، ان کي ٻُڌڻ، ان بابت معلومات گڏ ڪرڻ، جيڪڏھن اھو ليکڪ آھي، ته سندس لکڻيون پڙھڻ، انھن کي سمجھڻ ۽ پروڙڻ تمام گھڻو ضروري آھي.

سائين مرتضيٰ ڏاڏاھي اھڙو نالو آھي، جيڪو مختلف ذريعن ۽ حوالن سان، عام توڙي خاص تائين پھتل آھي. ساڻس ملبو ۽ ڪچھري ڪبي، ته خبر پوندي: پاڻ جيترو سادو، اوترو نفيس، جهڙو ظاهر تهڙو من اندر به مُرڪندڙ، مُسڪرائيندڙ، محبتون ۽ پيار ارپيندڙ آهي.

سائين سان پهرين روبرو ملڻ جي خواهش هوندي هئي، جڏهن روبرو ساڻس ملڻ واريون اميدون پوريون ٿيون، ته ھاڻي ساڻس وڌ ۾ وڌ گڏ هجڻ جون تمنائون هونديون آهن. سائينءَ جو نالو اول اسان ريڊيو تان نشر ٿيندڙ سندس ڪلامن وسيلي ٻُڌو. ان کان پوءِ ڪڏهن وتايو فقير لائبرري ۾ س ا س جي دستوري يا غير دستوري گڏجاڻين دوران، يا وري سندس رهائش گاهه تي، سندس ڇپر ڇانءُ ۾، يا هڪ اڌ دفعي شايد ٽنڊو الهه يار جي ڪنهن ٻيءَ جڳهه تي ملڻ ٿيو، ان بعد اسان جي دل چوندي آھي ته جيترو به ممڪن ٿي سگھي سائينءَ کي ٻُڌجي ۽ کانئس پرائجي.

سائينءَ سان ڪچهري، سندس ڪتابن بابت به ٿي. مون پهريون دفعو سندس شاعريءَ جو پهريون مجموعو ”زهر و زم زم“، حيدرآباد مان خريد ڪيو هو، جيڪو مون کان ”زهر کي به زم زم ڪري پي ڏٺوسين“ ۽ سندس ٻين مشهور ۽ مقبول غزلن ۽ ڪافين خريد ڪرايو هو. اهو مجموعو گهڻو آڳاٽو (۱۹۸۴ع ۾) ڇپيو هو.

سائين مرتضيٰ ڏاڏاھي کي تازو صدارتي ايوارڊ ملڻ جي خوشيءَ ۾ ٽنڊوالھيار ۾ سندس ٽن ڪتابن ”ٿورا نه ٿورا“، ”نه هِنَ پاسي نه هُنَ پاسي“ ۽ ”ڏاڏاهي جا ڏوهه هزار“ جي مهورت پڻ ٿي هئي.

سائينءَ جي مون وٽ موجود ڪتابن مان ”مان ذرو تون ماهتاب“ شاعري جو مجموعو پڻ شامل آهي، جنهن ۾ حمد، نعت، منقبت، ڪافيون، غزل ۽ وايون ته آهن ئي آهن، پر سائينءَ جا مثالي درسي نظم ۽ ڪجهه گيت به ان ۾ شامل آهن. آئون ايترو عرض ضرور ڪندس ته اِن مجموعي ۾ شامل، مڙس ۽ زال جو هڪ ٻئي سان مخاطب ٿيڻ، نڻان ۽ ڀاڄائي جي گفتگو، ڀاڄائي ۽ ڏير جي وچ ۾ ٿيل ڳالهيون، توڙي وڏي ۽ ننڍي ڏيرياڻي جو قصو ۽ گهر ڌڃاڻي ۽ ان وٽ آيل سندس ساهيڙي جي وچ ۾ مڪالمو، اهي سڀ نظم جي صورت ۾ آهن، جيڪي الڳ ٿلڳ رهندڙ، توڙي گڏيل ڪٽنب واري سرشتي ۾ گذاريندڙ سڀ، ضرور پڙهن.

”ٿورا نه ٿورا...“ ڪتاب سائين مرتضيٰ ڏاڏاھيءَ جي شاعري ۽ شخصيت تي مختلف گهڻ پڙهيل ڏاهن، شاعرن ۽ نثر نويسن جي لکيل تحريرن تي مشتمل آهي. اهو پڙهڻ کان پوءِ، سائينءَ جي شاعري ۽ شخصيت تي لکڻ، مون لاءِ گهڻو ڏکيو ٿي پيو آهي. ”نه هِنَ پاسي نه هُنَ پاسي“ ڪتاب ۾ سائين سيد مرتضيٰ ڏاڏاھيءَ جا مزاحيا ۽ سنجيده ڪالم شايع ٿيل آهن. جن کي پڙهبو، ته سندس مزاحيا ڪالمن ۾ سنجيدگي ۽ سنجيده ڪالمن ۾ مزاح، ٻئي گڏ گڏ، پر انتهائي وڻندڙ ۽ سبق آموز انداز ۾ محسوس ٿيندا.

ان ڪتاب ۾ هڪ هنڌ سائين لکي ٿو ته ”سچي ڳالهه ڪري ڦاسجي ويو آهيان. سچ ڳالهائڻ، سچ ٻُڌڻ ۽ سچ ڳالهائڻ جي سزا سهڻ، اهي سڀئي ڏاڍا ڏکيا مرحلا آهن“... ائين سائين لکيو آهي. جنهن لاءِ منهنجو خيال آهي ته اهو سچ لکڻ جي انعام ۾ ئي ته سائين سان محبتون ڪندڙن جو تعداد وڌيو آهي ۽ اهو سچ لکڻ جي انعام ۾ ئي ته سائين لاتعداد ايوارڊ ماڻيا آهن.

ايڏي وڌي مڃتا ماڻيندڙ ۽ محبتن جي امين شاعر ۽ نثر نويس سائين مرتضيٰ ڏاڏاھي هڪ اھڙي شخصيت آھي جنهن جي ڪم ۽ ڪردار تي پي ايڇ ڊي ڪري سگھجي ٿي.

 

(ڪاوش دنيا، آچر ۳ جون ۲۰۱۸ع، ص: ۱۵)


 

سيد مرتضيٰ ڏاڏاهي

ناميارو شاعر ۽ اديب - وڇوڙي تي لکيل مختصر تعارفي ليک

ساجد رند

سيد مرتضيٰ ڏاڏاهي ۲۶ نومبر ۱۹۳۹ع تي ڏاڏاهه، تعلقي ٽنڊي باگي، ضلعي بدين ۾ سيد امام الله شاھ جي گھر ۾ جنم ورتو، تڏهن ھن پنھنجي نالي سان ڏاڏاھي لڳايو.

پاڻ تعليم پنھنجي والد کان حاصل ڪئي، انگريزي تعليم به گھر ۾ ئي حاصل ڪيائين، کيس ڪنهن به اسڪول، ڪاليج يا يونيورسٽي جي ڊگري موجود نه ھئي.

هن ۱۴ سالن جي عمر ۾ شاعريءَ جي ابتدا ۱۹۵۳ع ۾ مشهور شاعر، خان محمد خان غنيءَ جي رھنمائيءَ ۾ شروع ڪئي،پاڻ شاعريءَ جي صنفن ڪافي، غزل، گيت، نظم، وائي، بيگ، حمد، منقبت، نعت ۽ مناجات تي بهترين ڀرپور طبع آزمائي ڪئي، جڏھن تہ مزاحيه شاعري به ڪيائون، جيڪا ۱۹۶۰ع کان ۱۹۷۰ع وارن ڏهاڪن ۾ اخبارن ۽ رسالن ۾ شايع ٿي، سندس لکيل ڪلامن جو تعداد ۲ هزارن کان به مٿي آھي.

سيد مرتضيٰ ڏاڏاهي صاحب صحافت سان به ۳۵ سال وابسته رهيو، مختلف رسالن ۽ اخبارن ۾ سندس افسانا، مضمون، مقالا ۽ ڪالم شايع ٿيا، پاڻ بزم مرتضيٰ، وتايو فقير يادگار ڪميٽي، ڏاڏاهي ادبي تنظيم ۽ پريس ڪلب ٽنڊي الهيار جو بنياد به رکيو.

سيد مرتضيٰ ڏاڏاھي صاحب کي علمي، ادبي ۽ صحافتي خدمتن عيوض ”سهڻي ميهار گولڊ ميڊل“، ”نئين زندگي گولڊن جوبلي ايوارڊ “، ”قلندر شهباز ايوارڊ “، سنڌ ماڻڪ موتي تنظيم طرفان ”بهترين شاعر جو ايوارڊ“، ”مهراڻ ڪلچرل ايوارڊ“، ”ريڊيو پاڪستان حيدرآباد ايوارڊ“، ”سنڌي ادبي سنگت ٽنڊوالهيار ايوارڊ“ سميت ڪيترائي ايوارڊ ڏنا ويا، کيس ۱۹۹۲ع ۾ ٽنڊي الهيار ۾ سندس تاجپوشي ڪري کيس سونو تاج پارايو ويو ۽ صدارتي ايوارڊ به ماڻيائين.

سنڌ جو ھي حسن، محبت ۽ عشق جو شاعر مرتضيٰ ڏاڏاهي ۱۹۶۷ع کان ٽنڊي الهيار ۾ رهائش پذير هيو، وڏي عرصي کان دم، ھرنيا ۽ غدود جي بيمارين ۾ مبتلا رهندڙ ھي شاعر ۸۲ سالن جي عمر ۾ ۱۵ فيبروري ۲۰۲۱ع تي لاڏاڻو ڪري ويو.

سيد مرتضيٰ ڏاڏاهي جون ڪيل علمي، ادبي خدمتون ھيٺين ڪتابن جي صورت ۾ موجود آهن.

۱. زهر و زم زم (شاعري)

۲. تون پارس آءٌ لوهه (شاعري)

۳. سهڻا سرها گل (شاعري)

۴. مان ذرو تون ماهتاب (شاعري)

۵. ٿورا نه ٿورا (شاعري)

۶. نه هِن پاسي نه هُن پاسي (شاعري)

۷. ڏاڏاھي جا ڏوھ ھزار (شاعري)

۸. نه ھن پاسي نه ھن پاسي (سيد مرتضيٰ ڏاڏاھي جا مزاحيه ۽ سنجيده ڪالم) (مرتب: جاويد مرتضى ڏاڏاھي)


مرتضيٰ ڏاڏاهي

مختيار ملڪ

ڪوئي ڪيئن جهلي، اَجل جي آواز کي

ويـو پـاڻُ پلـي، ڏاڏاهـي هـِن ڏيھَ مـان،

مرتضيٰ ڏاڏاهي، سنڌ جو مقبول عوامي شاعر  اسان کان موڪلائي ويو۔ جنهن جو ڪلام اڌ صديءَ کان سنڌ جي سريلن راڳين جي آوازن۾ ريڊيو، ٽيليويزن ۽ ڪئسٽن وسيلي شھرن توڙي ڳوٺن ۾ عام ٿيا۔ هاڻي اهي هڪ اثاثو بڻجي ويا آھن۔

مرتضيٰ ڏاڏاهي جي شاعر يا حساسن، اڌمن ۽ ڪيفتن جو مجموعو آھي۔ جن ۾ زماني جا درد، جدايون، ناقدريون، بي وفائون، فريب، دوکا، دلاسا، ڏک ڏوراپا، ارمان، التجائون ۽ انتظار جا موضوع ۽ احساس سمايل آھن۔ سندس ڪلام جي اها به خوبي آھي ته اهو عروض ۽ موسيقي جي تقاضائن موجب تخليق ڪيو ويو۔ جن ۾ ”ڪافيون“ ته خاص اهميت رکن ٿيون:-

تنهنجي ڀاڳ سان ڪهڙيريس پرين،

تنهنجو جوڙُ نه ڪوئي جيس پرين۔

يا

قرب واري ڪئي چھري سا مٺا وسري نٿي،

دلربا توکان سوا، هت ڪا گهڙي گذري نٿي۔

مرتضيٰ ڏاڏاهي جي ننڍپڻ ۾ ادبي تربيت سنڌ جي قادرالڪلام شاعر مولوي احمد ملاح ڪري، سندس شاعري جا بنياد پختا ڪيا۔

سندس ادبي ڪاوشن کي عام ڪرڻ ۾ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جو اهم ڪردار رهيو، جيتوڻيڪ سندس اٺ ڪتاب شايع ٿي چڪا هئا پر ريڊيو سندس مُکيه سڃاڻپ رهيو۔ هُن جا لکيل فيچر، ڪالم، مضمون وغيره پڻ وقت بوقت نشر ٿيندا رهيا۔ هو ريڊيو جو همسفر اڄ ازل جو مسافر بڻجي دنيا کان ڌار ٿي ويو:

سوين هن دنيا مان سڪندر هليا ويا،

ڇڏي محل ماڙيون، مسافر هليا ويا۔

سيد مرتضيٰ ڏاڏاھي

ڌرتيءَ جي دل جھڙو شاعر

ماڪن شاھ رضوي

موجوده ضلعي بدين جي حدن ۾ موجود سنڌ راڻي ۽ مير باگي خان جي لازوال پيار ڪهاڻي سان مشهوري ماڻيندڙ  ٽنڊي باگي تعلقي جي ماڳ ڏاڏاهه کي ن رڳو ديھه تپي پر پوري يونين ڪاؤنسل جو درجو حاصل رهيو. هي جاگير ڪاظمي سادات سيدن جي ملڪيت رهي جيڪي ان ماڳ جي نسبت سان ڏاڏاهي سڏيا ويا. انهي خاندان جي هڪ  اعليٰ ظرف شخصيت سيد امام الله شاهه جي گهر ۾ ۲۶ نومبر ۱۹۳۹ع تي جنم وٺندڙ ان معصوم ٻار جو نالو سيد غلام مرتضيٰ شاهه رکيو ويو.  جيڪو پوءِ سڄي سنڌ ۾ سيد مرتضيٰ ڏاڏاهي جي نالي سان سنڌي شعري ادب جي دنيا ۾ ايئن مشهور ٿيو جو نه رڳو عوام پر وڏن وڏن شاعرن جي جرڪندڙ اڀ تي آخري وقت تائين قطب تاري جيئان مشهور رهيو. ۱۹۶۴ع کان شاعري جي ميدان ۾ داخل ٿيندڙ انهن خوبصورت اداس اکين واري شاعر جي اکين ۾ سونهن جي سڃاڻپ ۽ عشق جي اڃ سدائين پري کان پڌري محسوس ٿيندي رهي. ڪجھه وقت جهڏي شهر ۾ رهڻ کان پوءِ زندگي جو طويل عرصو ٽنڊي الهيار ۾ گهاريندڙ سائين مرتضيٰ ڏاڏاهي جي شاعري مختلف فنڪارن جي آوازن ۾ سنڌ جي وڻن ٽڻن، هوائن فضائن ۽ ٿرن برن، لاڙ، اتر، ڪاڇي، ڪوهستان توڙي وچولي جي واٽن وارين حسناڪين ۾ ادبي عطر اوتيندي رهي. سائين جي ايم سيد، مخدوم طالب المولا، مخدوم امين فهيم، سيد عباس علي شاهه راشد مورائي جهڙين ادبي شخصيتن وٽ وڏو مان ماڻيندڙ سيد مرتضيٰ ڏاڏاهي جي شاعري سنڌ جي سمورن سدا ملوڪ فنڪارن ڳائي. قرب واري ڪئي ڪچهري سا مٺا وسري نٿي. سياهه زلف سهڻا سنوارين ٿو مارين، جهڙا ڪلام ٿر جي سريلي فنڪار ٻڍي فقير ڳايا ته عوامي سطح تي هو وڏن فنڪارن ۾شامل ٿي ويو. ڪاوڙ ملال طعنا تڪرار ايندي ويندي، ونگي اوٺا واري فنڪار قاسم اوٺي ڳايو. زهر کي به زم زم ڪري پي ڏٺو سين، ميرپورخاص واري گائڪ غلام قادر لنجواڻي ڳايو. ايئن ريڊيو حيدرآباد جي ميوزڪ لائبريري سائين جي ڪلامن سان واسبي رهي. سوين ڪلام ڪيسٽ ڪمپنين ۽ گراموفون جا هز ماسٽر وائيس رڪارڊ الڳ سائين جي ڪلامن سان سينگاربا رهيا پر ڀرپور ڪوششن باوجود ريڊيو حيدرآباد جي صاحبان عقل۽ دانش سائين مرتضيٰ جي نالي نه ته ڪو اسٽوڊيو ڪيو ۽ نه وري سنڌ جي مرهيات ثقافت کاتي پنجن ڪتابن جي ليکڪ هزارين ڪلامن جي سرجڻهار هن عظيم شاعر جي بيماري ۾ڪا سار لڌي ۽ نيٺ بهار مند جي شروعاتي ڏينهن ۱۵ فيبروري تي سنڌ جو هي  ڌرتي  جي دل جهڙو  عظيم شاعر به پروفيسر قلندر شاهه، رسول بخش درس، علي محمد اڏيرائي، فنڪار الهداد زرداري، جيان بي حسي جو شڪار ٿي نيٺ وڇڙي ويو،  پر عوام جي ۽ ادبي ذهنن ۾ سدائين زنده رهندو. الائي ڇو فيض جون هي سٽون ياد ٿيون اچن.

نه گل کلي، نه ان سي ملي نه مئي پي هي،

عجب رنگ مين اب ڪي بهار گذري هي.

 

(ڏھاڙي پنھنجي اخبار ڪراچي ۾ ۱۸ فيبروري ۲۰۲۱ع تي ڇپيل)

 


سيد مرتضيٰ شاھ ڏاڏاھي

سنڌي شاعريءَ جو سريلو سرجڻھار

عابد مھيسر

شاعري سماج جو آئينو آھي، شاعري سماجي پسمنظر جي حساس چٽسالي آھي ۽ شاعر حساس ۽ جذباتي ھئڻ ڪري جيڪو ڪجھ ڏسندو پسندو ۽ محسوس ڪندو آھي، ان کي پنھنجي انداز ۾ لفظن جي لاکائتي لبيس ۾ اظھاريندو آھي. سندس دل بلڪل ايئن ھوندي آھي، جيئن ھڪ صاف سٿري پاڻيءَ وارو ڀريل کوھ ھجي ۽ جنھن ۾ جيڪڏهن ڪو ڀتر يا پٿر اڇلجي ته جلد ئي پاڻيءَ جا ڇنڊا ھڪ انوکي آواز سميت ٻاھر اڀري پوندا آھن ۽ ھر ڪنھن جي سماعتن جي نظر ٿيندي دلين تي ھڪ الڳ ۽ انوکي ڪيفيت طاري ڪندا آھن، بلڪل ايئن جڏھن ڪنھن اھل دل تي ڪا انوکي انمول خارجي ڪيفيت آميز جھلڪ يا آلاپ برپا ٿيندو آھي ته ان ويل ان دل جي داخلي ڪيفيت به انوکي، اتم انداز ۾ احساسن ۾ سمائجي ويندي آھي ۽ ڪجھ نه ڪجھ اظھارجي پوندو آھي. ان طرح شاعري سِرِجِي اکرن جي اوڍ ۾ وجود وٺي وٺندي آھي.

شاعري اصل ۾ ھڪ ٿڌي وڻ جي صورت ۾ سماج ۾ عيان ٿيندي رھي آھي. وري جيئن وڻ کي خوبصورت ۽ سرھيون سايون گھاٽيون ٽاريون ھونديون آھن، اھڙيءَ ريت شاعري به مختلف فني گھاڙيٽن جي آڌار تي مختلف صنفن کي جنم ڏنو آھي. جيئن نظم، بيت، ڪافي، وائي، غزل، گيت، ڪلام ۽ ٽيڙو وغيره، پر وڻ يعني نظم جي صنف شاعريءَ جي ٿُڙَ جي حيثيت رکندڙ آھي ۽ سمورين صنفن جو ٿورو گھڻو لڳ لاڳاپو نظم سان ئي ھوندو آھي، جڏھن ته باقي ھر صنف پنھنجي طرز ۽ رڌم سان موجود آھي. سنڌي شاعريءَ جو پنھنجو ھڪ الڳ لب و لھجو ۽ انداز آھي ۽ سنڌي شاعريءَ کي اھو اتم روپ ۽ طرز ڏيڻ وارا سنڌ جا ساڃاھ وند شعوري سگھ رکندڙ ۽ سماج تي گھري نظر رکندڙ شاعر ۽ اديب ئي آھن. ۲۶ نومبر ۱۹۳۹ع ۾ سنڌ جي فطرتي رنگن سان سرشار ۽ تنھن وقت جي سونھاري ۽ سدا بھار خطي ٽنڊو باگو جي ديھ ڏاڏاھ جي رھواسي سيد امام الله شاھ جي گھر جنم وٺندڙ سنڌ جي مڃيل شخصيت ۽ جديد سنڌي شاعريءَ ۽ ادب جي مانائتي ۽ عوامي شخصيت سيد مرتضيٰ شاھ پنھنجي جنم ڀوميءَ يعني ڏاڏاھ کي ئي پنھنجي سڃاڻپ ۽ اھڃاڻ بنايو ۽ سيد مرتضيٰ ”ڏاڏاھي“ طور شخصي سڃاڻپ پاتي ۽ پاڻ ۱۹۶۷ع ۾ سنڌ جي سدا بھار ۽ سرسبز خطي ٽنڊوالھيار ۾ پنھنجي پوري ڪٽنب سميت رھائش اختيار ڪئي ۽ ھميشه ھميشه لاءِ ٽنڊوالھيار واسي بنجي شعر و شاعريءَ جي املھ ماڻڪ ڪرت ڪاريءَ سان جڙيل رھيو. پنھنجو پورو وقت سنڌي شاعريءَ ۽ صحافت سميت سماجي ساڀائتين سرگرمين ۾ گذاريو ۽ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد اسٽيشن کان وٺي پاڪستان ٽيليويزن ڪراچي سينٽر تائين نشر ٿيندڙ سنڌي موسيقيءَ جي حوالي سان ھڪ مڃيل ۽ يگاني شاعر طور منفرد مقام ماڻيو ۽ ڏسندي ڏسندي سندس سوين گيت، ڪلام، غزل، ڪافيون ۽ وايون سنڌواسين جي سماعتن جي نظر ٿي ويا ۽ گڏوگڏ سندس شاعري ڇپائيءَ جي صورت ۾ ديس واسين جي نظرن سامھون آئي ۽ موٽ ۾ کيس ڀرپور مانَ ۽ مڃتا ملي. ان کان سواءِ سيد مرتضيٰ ڏاڏاھي ڪيترائي ڀلوڙ راڳي ريڊيو پاڪستان حيدرآباد اسٽيشن تان متعارف ڪرايا، جن جي سريلي ۽ مٺڙي آواز ۾ موسيقي سان لبريز گيت ۽ ڪلام، اڄ به وڏي شوق سان ٻڌا ۽ پسند ڪيا ٿا وڃن. مائي ڀاڳي به انھن راڳين ۾ شامل آھي. جيئن ته اھو عالَم آشڪار آھي ته سيد مرتضيٰ ڏاڏاھي پنھنجي ديني ۽ دنيائي تعليم پنھنجي والد محترم کان حاصل ڪئي ۽ سندس ئي مشورن ۽ نظرين جي پٽاندڙ زندگيءَ جي رنگن ۽ منطقن مان مشاھدا ماڻيا ۽ گھڻو ڪجھ سِکي ۽ پِروھي پرچار ڪئي ۽ ان جا سمورا عڪس ۽ اولڙا پنھنجي شاعريءَ جي ڪئنواس تي چِٽيا ۽ چِڪوريا. سندس شاعريءَ ۾ استاد سنڌ جو مڃيل ۽ نامور عوامي شاعر محترم خان محمد ”غني“ رھيو، جنھن کيس ادبي کيتر جي جڳ جھان ۾ پير پائي پڪا پختا ڪرڻ جا عميق گڻ ۽ گھاڙيٽا گَھڙَڻ ۽ اڏڻ جو سمورو ھنر سمجھڻ ۽ زندگيءَ جي انيڪ رازن رمزن کي پرکي پروڙي سماجي منظرن سان سينگاري پڌارڻ جي سِرت سيکاري ۽ شاعراڻو لب و لھجو نکارڻ جي اوائلي علمي آگاھي ارپي ۽ ان طرح سيد مرتضيٰ ڏاڏاھي جوانيءَ جي جوڀن سمي ۾ ئي ھڪ بھترين شاعر جو روپ پائي پذيرائي پاتي ۽ گڏوگڏ علمي ادبي کيتر جي پانڌيئڙن سان قربت پاتي ۽ ادبي ڪچھريون ۽ محفلون مچايون.

جديد سنڌي شاعريءَ جي ھن يگاني ۽ البيلي شاعر شاعريءَ جي سمورين صنفن، جن ۾ ڪافي، غزل، گيت، نظم، وائي، حمد، منقبت، نعت ۽ مناجات وغيره تي دلفريب انداز ۾ طبع آزمائي ڪئي، جڏھن ته سنجيده شاعريءَ سان گڏوگڏ مزاحيه شاعري به ڪيائين، ان طرح نظم سان گڏوگڏ نثر طرف ڀرپور توجه ڏني ۽ قلمڪاري ڪئي، جنھن ۾ سماجي اوڻائين سڻائين طرف ڌيان ڇڪايو ۽ سنجيدگيءَ سان گڏوگڏ مزاح طرف به سندس ڪالم ۽ ليک شايع ٿيندا رھيا. سيد مرتضيٰ ڏاڏاھي زندگيءَ جي سفر جي تمام گھڻين محنتن ۽ مصروفيتن جي ڪارڻ پنھنجي صحت تي گھربل ڌيان نه ڏيڻ سبب ناچاق رھڻ لڳو، پر پوءِ به پنھنجي قلمي پورھئي ۽ سماجي ذميوارين تي پورو ڌيان جاري رکندو رھيو، جنھن سبب وڌندڙ عمر ۽ پيرسنيءَ ۾ اڪثر طبيعت جي ناسازيءَ کيس وڌيڪ ڪمزور ڪري ڇڏيو. حالانڪ سندس شاعرانا سوچون ۽ ويچار کيس دلي سڦلتا ۽ سڪون به محسوس ڪرائيندا رھيا، پر جسماني طور وڌيڪ ناچاڪ ۽ ڪمزور رھڻ لڳو ۽ علاج به ڪرائيندو رھيو، پر سندس طبيعت عمر جي آخري ڏينھن ۾ اڃا به وڌيڪ ناسازيءَ جو شڪار رھي، تنھن ھوندي به سندس ادبي سرگرميون مختصر طور جاري رھيون ۽ عمر جي آخري لمحن تائين قلمي پورھيو ڪندو رھيو، تان جو زندگيءَ جو سفر پنھنجي پڄاڻيءَ تي پھتو ۽ لڳ ڀڳ ۸۲ سالن جي ڄمار ۾ اڱاري ڏھاڙي ۲۱ فيبروري ۲۰۲۱ع تي رضاء الاھي سان وداع ٿي ويو ۽ پنھنجي پوري سماج واسين کي سوڳي بنائي وڇوڙي جو درد دل ڏئي ويو. اڄ اسان سان گڏ ناھي، پر اڄ به اسانجي دلين ۾ زنده و جاويد آھي.

 

(ڏھاڙي عبرت حيدرآباد ۾ ۲۶ نومبر ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)


 

سيد مرتضيٰ شاھ ڏاڏاھي!

نظم، توڙي نثرنگاريءَ جو ھڪ مڃيل نانءُ

عابد مھيسر

سنڌ جي سرزمين هميشه کان زرخيز ۽ انسانيت خيز پئي رهندي اچي، جھڙا سَلا سُريلا اُسرندا نِسرندا رهيا آھن، تهڙا انسان عُمده جنم وٺندا رهيا، اُڀرندا ۽ نکرندا رهندا اچن پيا، جي پنهنجي انسانيت ۽ ماڻھپي سان نه صرف پاڻ ملهائيندا رهن پيا پر وقت جي پراسراريت سان ڀرپور ورقن جو گَھَرو اِڀياس ڪندي سماج ۽ معاشري جي تَلخ ڪيفيتن جو دل جي نظر سان پَرک ڪندي، مشاھدا ماڻيندي، پاڻ مُوکيندا ۽ مُوهيندا رهن پيا. ان ۾ ڪو به شڪ ناھي ته جڏھن خيال ۽ ويچار ذھن جي اُفق تي اڏامڻ لڳندا آھن تڏھن دل جي ڌرتيءَ تي روح جي رمزن رموزن جا سخن ساز ”الھامي ارمان“ الفاظن جي اوڍ اوڍي نزولي ڪيفيتن سميت نرواڻ ٿيندا آھن، تان جو ڪا ڪلپنا ۽ رچنا جنم وٺي وٺندي آھي، اھڙن ھمگير ۽ دلگير سريلن سرجڻھارن مان سيد مرتضيٰ شاهه ڏاڏاھي به ھڪ آھي. سيد مرتضيٰ ڏاڏاهي سنڌ جو مڃيل، سدا بھار ۽ عاليشان سرجڻھار آھي، سندس ولادت ۲۶ نومبر ۱۹۳۹ع ۾ تعلقي ٽنڊوباگو جي ديھ ڏاڏاھ ۾ ٿي ۽ بعد ۾ سندس والد محترم سيد امام الله شاھ پنهنجي خاندان سميت ٽنڊوالهيار ۾ اچي آباد ٿيو ۽ اهڙي ريت سيد مرتضيٰ ڏاڏاھي سنڌ جي سرسبز ۽ شاداب شھر ٽنڊوالھيار ۾ آباد ٿيو ۽ ادبي کيتر ۾ ٽنڊوالھيار جي سڃاڻپ جو سبب بنيو، پر پنهنجي آبائي جنم ڀوميءَ يعني ”ڏاڏاھ“ واري سڃاڻپ ` ڏاڏاھي پاڻ تي برقرار رکي، سندس شخصيت شروع کان ئي نِهٺائي, نِوَڙت ۽ شفقت سٻاجھڙيپن سان سرشار رھي آھي، هيڏو وڏو ۽ بهترين شاعر هوندي به ساده دل ۽ انڪساريت جو زنده مثال آھن، شايد ان ڪري به سندس شاعريءَ ۾ رِڌَم رَوانيءَ سان گڏ رَس چَس، شَگُفتگي، نغمگي ۽ چاشنيت ۽ پريت جي پاٻوھتا پئي بکندي آھي، عام شاعرن کان هٽي ڪري سندس شاعري مشاھداتي مَحور ۽ شعور جي شعوريت واري چشمي مان دل جي دنيا ۽ من جي جھان مٿان چوڏھينءَ جي چنڊ جي چانڊاڻ جيئان چُمڪندي نرواڻ ٿيندي ۽ جھرڪندي محسوس ٿيندي آھي، ڪئين اُلجھاءَ سَلجھائيندي، ڪئين راز انڪشافيندي آھي ته ڪئين روحانيت انگيز عڪس ارپيندي آھي يا تاريڪ دِلين کي نورانيت سان منور ڪندي لازوال روحاني اولڙا ارپندي محسوس ٿيندي آھي، گڏوگڏ شاعراڻين صنعتن ۽ عام محاورن، سولي سلؤڻي سنڌي ٻوليءَ جي عاليشان اکرن ۽ لازوال لفظن يعني عام فهم الفاظن ۽ خالص نج سنڌي تشبيهن، استعارن ۽ ڪنعاين جو به دلڪش ۽ دلفريب لباس اوڙھيل اٿس , جڏهن ته موضوع ۽ ماحول به خالص ديسي ۽ عوامي سمويل اٿس, بار بار پڙھڻ سان به هر بار نواڻ ۽ نڪورتا پئي ڀاسندي آھي، سندس شاعري ھند توڙي سنڌ ۾ يڪسان مشھوريت ۽ مقبوليت ماڻي آھي. مجازيت جي محور تي ۽ تصوف جي تناظر ۾ سِرجيل سندس شاعريء تي جي باريڪ بينيء سان نظر وجھبي ته حقيقيت جي آشنائي جھلڪندي پسجندي ۽ ڪئين راز روحانيت جا نمودار ٿيندي پيا ڀاسندا آھن، روحانيت جي رموز تي نورانيت جون مَڌهم تَجليون روح تي وارد ٿيندي محسوس ٿينديون آھن ۽ موسيقي پنهنجي مَڌم رِڌم سان روح تي نزول ٿيندي رھي ٿي ۽ مَن کي قرار ۽ روح کي سُرور بخشيندي محسوس ٿيندي آھي، هڪ عجيب ڪيفيت ۽ عجيب ماحول دل جي دنيا جو ڪَرَ کڻي اُڀري پوندو آھي. 

سيد مرتضيٰ ڏاڏاھي، شاعريءَ جي مڙنئي رائج شاعرانه صنفن تي انوسار طبع آزمائي ڪئي ۽ سندس پھريون شعري مجموعو ”زھر زم زم“ سال ۱۹۸۴ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو جيڪو اڄ ناياب ۽ ناپيد بنجي چڪو آھي ۽ تازو ڪافين جو مجموعو ۲۰۱۹ع ۾ ”وسري وياسين“، ڇپجي پڌرو ٿيو آھي. سيد مرتضيٰ ڏاڏاھي حمد، نعت، مناقبا، ڪافي، ڪلام، گيت، غزل، وائي، نظم ۽ بيت چيا ۽ ڏات ۽ ڏانءُ، جيڪا قدرت طرفان کيس عطا ٿيل آھي، جنهن سبب سندس تخليقي قوت ڪنهن جادوءَ کان گھٽ ناھي، خاص ڪري سنڌ جي جديد شاعرن ۾ سندس شعر وسخن وڌيڪ سگھارو ۽ پختو نظر اچي ٿو، سندس نثرنگاري به بيمثال آھي، مطلب سيد مرتضيٰ ڏاڏھي ھڪ گھڻ پاسائون اديب ۽ ليکڪ آھي، گذريل اڌ صديءَ کان سندس ڪلام ۽ گيت، ڪافيون ۽ وايون ريڊيو ۽ ٽيليويزن تان باقائده طور نشر ٿيندا رھن ٿا ۽ سنڌ جي موجوده نئين ٽھي جڏھن کان ھوش سنڀاليو ته سيد مرتضيٰ ڏاڏاھيءَ جي شاعري سندن ڪَنن تي سُرن ۽ سازن جي آڌار تي گُونجندي رھي ۽ گڏوگڏ مَنَ کي مسرور ڪندي رھي ۽ اھڙي ريت موجوده جوان جماڻ نسل جو موسيقيءَ طرف لاڙو ننڍپڻ کان ئي ٿيو ۽ ناتو ڳنڍيو ۽ ھڪ اُتم ماحول جو ڪنهن حد تائين جوڙ جُڙيو، ان صورتحال ۾ سنڌ جا ٻيا به سرجڻھار ۽ راڳي سيد مرتضيٰ ڏاڏاھيءَ سان ٻانھن ٻيلي رھيا پر خاص ڪري ريڊيو تي سندس ڪلام ۽ گيت ڪثرت سان گونجڻ لڳا ۽ مائي ڀاڳي ۽ قاسم اوٺي سميت سنڌ جا کوڙ سريلا راڳي راڳ رنگ جي ميدان ۾ مشھور ۽ مقبول ٿيا. سيد مرضيٰ ڏاڏاھي جي شاعري ھر لحاظ کان پنهنجو مٽ پاڻ ۽ بيمثال آھي پر سندس ڪلام جھڙي طريقي سان ڇپجڻ گھربو ھو ان طريقي سان نه ڇپجي سگھيو ۽ نه ئي ڪنهن مناسب ترتيب سان شايع ٿي سگھيو، بھرڪيف سندس شاعريءَ جي ھر صنف موسيقيءَ جي مڌرتاءَ سان سرشار ۽ مٺاس سان منور ۽ سحرانگيز آھي نموني خاطر سندس شاعريءَ ۽ نثرنگاريءَ مان ڪجھ اقتباس ڏيئڻ ضروري ٿو سمجھجي۔ سڀ کان پھرئين سندس چيل مناجات مان اقتباسات ڏجي ٿو: 

مھر مولى ڪر محمد مصطفىٰ جي واسطي.

شافع محشر حبيب ڪبريا جي واسطي.

وري سيد مرتضيٰ ڏاڏاھيءَ جي دلفريب ڪلام مان هڪ اقتباس، 

قرب واري ڪئي ڪچھري سا مٺا وسري نٿي. 

دلربا تو کان سوا ھت ڪا گھڙي گذري نٿي.

اھڙيءَ ريت سيد مرتضيٰ ڏاڏاھي دنيا جي عظيم شاعر ۽ درويش شاھ لطيف کي پنهنجي لازوال شاعرانا ڀيٽا ارپي ٿو،

سوين ڀال تنهنجا ڀٽائي ڀلارا،

سدا تو کي ساريون پيا پريت پيارا. 

کڻيو نيڻ نوري، نماڻي نھاري، 

سڪڻ تو لئه سھڻا، ڪينجھر جا ڪنارا.

سسئي ڪاڻ سڃ ۾، بڻين راھ رھبر،

کنيا پير توئي، پنھوءَ جا پيارا. 

سڻي شال سھڻي ۽ ساھڙ جا سڏڙا.

اھڙيءَ ريت مذھبي شاعريءَ جي اھم ڪڙي يا صنف منقبت به لکي اٿس، جنهن ۾ فاتح خيبر حيدر ڪرار حضرت علي ڪرم الله وَجھَهُ جن جي شان ۾ منقبت، ان ريت نهايت عقيدت ۽ اُڪير مان امام عالي مقام حضرت امام حسين سائينءَ جن جي شان ۾ نذرانهءِ عقيدت پيش ڪن ٿا. اھڙيءَ طرح سيد مرتضيٰ ڏاڏاھي غزل گوئيءَ ۾ پنهنجو مَٽ پاڻ آھي جديد دؤر جي مڃيل ڪافي گو شاعر ۽ علمي ادبي شخصيت مخدوم محمد زمان طالب المولا جن کي ارپنا ڏيندي لکي ٿو،

”لکن دلين سندو، دلدار دلبر طالب المولا،

اديب و شاعر و عالم سخنور طالب المولا“

ان طرح شھيد محترمه بينظير جي ڪُمھلي مؤت تي لکي ٿو؛

“ھُوءَ سنڌ ھُئي سنڌ راڻي ھئي.

ھُوءَ سنڌ جي نيڪ نياڻي ھئي.

جنهن پنهنجو ريٽو رت ڏنو،

جنهن ساھ ڏنو ۽ ست ڏنو،

سا سنڌڙيءَ جي سانگياڻي ھئي،

ھُوءَ سنڌ ھُئي، سنڌ راڻي ھُئي.“

ان کانسواءِ سنڌي شاعريءَ جي البيلي ۽ يگاني صوفياڻي صنف ڪافيءَ تي به دل سان طبع آزمائي ڪئي ۽ نهايت بهترين ڪافيون چيون اٿس، نظم نگاريءَ سان گڏوگڏ نثرنگاريءَ ۾ به سيد مرتضيٰ ڏاڏاھيءَ پنهنجي شاندار ۽ دلفريب قلمڪاري ڪئي ۽ مزاحيه ۽ سنجيده ڪالم لکيا اٿس جن کي پڙھڻ سان سبق آميز ڳالھيون سمجھڻ لاءِ ملن ٿيون.  

 

(ڏھاڙي عبرت حيدرآباد ۾ ۶ مارچ ۲۰۲۳ع تي ڇپيل)

4 comments:

  1. ماشاءاللہ سائين ،بهترين مضمون

    ReplyDelete
  2. سائین مرتضی ڏاڏاھی جی باری میں بھترین بلاگ

    ReplyDelete
  3. وڏي شخصيت جون يادگار يادون زندھ رھن

    ReplyDelete