سيد مرتضيٰ شاھ ڏاڏاهي
ڪافي جي
صنف جو ملوڪ شاعر
منظور ڪالرو
سنڌ جي ناميارن شاعرن وطن جي حُب، ڌرتيءَ
سان پيار، وفاداري، امن، جدوجهد، ننگن توڙي دنگن جي حفاظت، خوشحالي ۽ ترقيءَ لاءِ
سجاڳي ڏيارڻ ۾ يادگار ۽ مثالي خدمتون سرانجام ڏئي سنڌ امڙ سان پنهنجو نينهن جو
ناتو خوب نڀائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته جيئن سنڌ جيجل جو ڀرم رکي سگهجي ۽ ائين ماءُ جي
ٻولي ۽ لولي جا گيت صدا گونجبا رهن.
