; سنڌي شخصيتون: June 2016

30 June, 2016

ڀائو منور پيرزادو - الطاف پيرزادو

ڀائو منور پيرزادو
جنھن کي ٻلهڙيجي ساريندي
الطاف پيرزادو
ٻلهڙيجي جيئن ته مُهين جي دڙي جي ڪُک ۾ ۽ سنڌوءَ جي ساڄي ڪناري تي قائم سنڌو ماٿريءَ جو هڪ اهڙو ڳوٺ آهي جنهن جي ماڻهن جي رڳ رڳ ۾ مهذب پڻو، انسانيت، اوکي ويل ڪنهن جي ڪم اچڻ وارو جذبو سمايل آهي. سو اهڙو ڳوٺ، جيڪو مُهين جي پاڇي ۾ ۽ سنڌوءَ جي ڪناري تي قائم هجي، اتي مڻيادار ماڻهن جو جنمجڻ به فطري عمل آهي. منور پيرزادو به اهڙن مڻياندار ماڻهن مان هڪ هو جيڪو اربع ڏينهن يعني 27 جنوري 2016ع تي اسان کان وڇڙي ويو. منور جنهن کي اسان جي ٽهيءَ جا نوجوان اڪثر ڪري ”ڀائو“ سڏيندا هئا. سو ڀائو منور هاڻي اسان جي وچ ۾ ناهي.

ڊاڪٽر نواز علي شوق - سوز ٻروچ

ڊاڪٽر نواز علي شوق
سنڌيءَ جو برک عالم
سوز ٻروچ
سنڌ جو مشهور اديب منهنجو پيارو دوست ڊاڪٽر نواز علي شوق ۽ مان گڏ پڙهيا آهيون. سالن جا سال گڏ رهيا آهيون. گورنمنٽ هاءِ اسڪول ڪنڌڪوٽ مان مئٽرڪ پاس ڪرڻ کان پوءِ اسان ٻنهي ممتاز ڪاليج خيرپور ۾ وڌيڪ تعليم حاصل ڪئي. شوق صاحب سٻاجهي طبيعت ۽ ذهانت سبب ڪاليج ۾ گهڻو مقبول ٿي ويو ۽ شاگرد يونين جو نائب صدر چونڊجي ويو. مون شروع ۾ تعليم کاتي ۾ نوڪري ڪئي، ان کان پوءِ اطلاعات کاتي ۾ نوڪري ڪيم ۽ اتان ئي رٽائر ٿيم. شوق صاحب وڌيڪ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ ڪراچي ويو، جتي هن ڪراچي يونيورسٽي مان ايم اي ۽ ايل ايل بي ڪئي. بعد ۾ پرائيويٽ طور سنڌ يونيورسٽي مان اردو ادب ۾ ايم اي ڪئي.

29 June, 2016

رشيد ڀٽي

رشيد ڀٽي
شخصيت ۽ سندس ادبي ڪاوشون
ڀٽي، رشيد: ناميارو ترقي پسند اديب، محقق، نقاد ۽ شاعر رشيد ڀٽي، حافظ عبدالحميد ڀٽيءَ جو فرزند، ۲۰ آگسٽ ۱۹۳۳ع تي ڳوٺ اروڙ، تعلقي روهڙي، ضلعي سکر ۾ ڄائو. هن شروعاتي تعليم سکر مان ورتي، ۱۹۵۹ع ڌاري لا ڪاليج سکر مان ايل ايل بي ڪري وڪالت شروع ڪيائين. هن سنڌ يونيورسٽيءَ مان ۱۹۸۴ع ڌاري سنڌي ادب ۾ ايم. اي ڪئي ۽ پهريون نمبر کڻي گولڊ ميڊل حاصل ڪيائين. سندس والد حافظ عبدالحميد -ڀٽي- پڻ مشهور صحافي ۽ اديب هو، سندس اثر هيٺ رشيد ڀٽيءَ ننڍپڻ کان ئي لکڻ شروع ڪيو. هُو “المنار” اخبار ۽ “پرهه ڦٽي” مئگزين جو ايڊيٽر، “نئين سنڌ”، ڪراچي ۽ “ الوحيد” ڪراچيءَ جو سب ايڊيٽر ۽ نيوز ايڊيٽر رهيو. هن جي پهرين ڪهاڻي “چوري” ۱۹۵۱ع ڌاري هفتيوار “روشني” سکر ۾ ڇپي. هو شروع کان ئي روشن خيال سوچ جو مالڪ رهيو. ۱۹۵۴ع ۾ ون يونٽ خلاف تحريڪ ۾ ڀرپور حصو ورتائين، جنهن ڏوهه ۾ ڪجهه عرصو جيل ۾ به رهيو. خوش مزاجيءَ ۽ کري ڳالهائڻ سبب دوستن ۾ سندس الڳ سڃاڻپ رهي.

حڪيم يوسف - مٺل جسڪاڻي

حڪيم يوسف
تمام سٺو ليکڪ، ڪهاڻيڪار، شاعر، تجزئي نگار، مضمون نگار...
مٺل جسڪاڻي
عالمي اوطاق (فيس بوڪ) معرفت سنگت جو هٿ وڌائيندڙ حڪيم يوسف (Hakim Yousif)، در اصل ٽنڊو محمد خان جي مشهور شخصيت حڪيم محمد يوسف کتري صاحب آهي. پاڻ ساڳئي وقت ناميارو وڪيل بہ آهي. ڪنهن دور ۾ مشهور ۽ معروف صحافي طور بہ سڃاتو ويندو هو (اڄ ڪلهہ ڪي ٿورا کيس صحافي هجڻ جي ناتي سڃاڻن). جڏهن تہ حڪيم يوسف تمام سٺو ليکڪ، ڪهاڻيڪار، شاعر، تجزئي نگار، مضمون نگار بہ آهي.

پروفيسر اياز حسين قادري


هڪ ڪهاڻيڪار جي حيثيت ۾
ڊاڪٽر ناهيد پروين
اياز حسين قادري کي سنڌي جديد افساني جي بانيڪارن ۾ ليکيو وڃي ٿو. ورهاڱي کان پوءِ سنڌي ادب ۾ آيل ماٺار جي انت ۾ جن ليکڪن بنيادي ڪردار ادا ڪيو، انهن ۾ اياز قادري جو نالو شامل آهي. قادري صاحب جو تعلق هڪ علمي ۽ ادبي ڪٽنب سان هو، سندن نانو ۽ مامو ادبي دنيا جي اهم شخصيتن مان هئا، ۽ سندن علمي توڙي ادبي تربيت ۾ سندن مامي ميان غلام عباس قادري جو بنيادي ڪردار رهيو آهي. قادري صاحب، بنيادي طور تي شاعر هو، پر پاڻ وقت به وقت ڪهاڻيون به لکندو رهيو، جيتوڻيڪ سندس ڪهاڻين جو انگ ڪو تمام گهڻو ڪونهي، پر سندس هر ڪهاڻي بهترين شاهڪار ڪهاڻي آهي. “بلو دادا” سندس ڪهاڻين جو پهريون مجموعو آهي، جيڪو ۱۹۵۷ع ڌاري شايع ٿيو. جنهن کان پوءِ ان جا ڪيترا ئي ڇاپا آيا. سندن لاڏاڻي کان پوءِ قادري قلم قبيلي پاران سندن ڪهاڻين جو مجموعو “ڪهاڻي هر دور جي” جي نالي سان شايع ٿيو، جنهن ۾ بلو دادا مجموعي کان سواءِ بعد ۾ مختلف رسالن ۾ ڇپيل سندن ڪهاڻيون ۽ ڪجهه اڻڇپيل ڪهاڻيون پڻ شامل آهن. اياز قادري صاحب جنهن دور ۾ ڪهاڻين لکڻ جي شروعات ڪئي، ان دور ۾ “ٽماهي مهراڻ” ۽ “نئين زندگي” سنڌي ادب جا اهم ۽ معياري رسالا ليکبا هئا، ۽ قادري صاحب جا افسانا انهن ٻنهي رسالن ۾ باقاعدگيءَ سان شايع ٿيندا هئا.

الڪا ڪيسواڻي سان ڳالھ ٻولھ - ثريا ڪپري

الڪا ڪيسواڻي سان ڳالھ ٻولھ
نج سنڌي کاڌن جي ماهر ۽ ان تي پهريون بلاگ ٺاهيندڙ
ثريا ڪپري
(هي اليڪٽرونڪ انٽرويو مون نيو جرسي آمريڪا مان ادي الڪا ڪيسواڻي کان هندوستان جي مکيه شهر ۽ واپاري مرڪز ممبئي مان ورتو آهي. هوءَ سنڌي کاڌن کي انٽرنيٽ تي سهڻي نموني سهيڙي، ايندڙ نسلن جي لاءِ محفوظ ڪرڻ جو  فرض سرانجام ڏيڻ ۾ 2008 کان رڌل آهن.)
کاڌو ڪنهن به قوم جي رهڻي ڪهڻيءَ جي سڃاڻپ هوندو آهي،سنڌ ۾ گهٽ ماڻهن کي ان جو اونو آهي، اسان جو ايندڙ نسل صرف ٽي وي تي انڊيا جي اتر پرديش ۽ بِهار صوبن، يا مغلن جا کاڌا يا وري اولهه جي ملڪن جا کاڌا ٺاهڻ جون ترڪيبون ڏسي وڏو پيو ٿئي، اهو اڳتي هلي اهي مصالحا سنڌي کاڌن ۾ استعمال ڪندو ۽ پنهنجي سنڌي کاڌا ٺاهڻ جو طريقو وساري ويهندو. ڪنهن کي به ان ڳالھ جي ڳڻتي ناهي ته سنڌي کاڌا اسان جي ثقافت جو اهم جز آهن. نج سنڌي کاڌا ٺاهڻ جا طريقا ۽ انهن جي تصويرون ڪتابي شڪل ۾ آڻجن ۽ انٽرنيٽ تي رکجن ته جيئن ايندڙ نسل پنهنجي ثقافت کي نه وسارين.

فقير جمال الدين - نور سنڌي

فقير جمال الدين
گيڙو ويس پهريل فقير - ورسيءَ جي حوالي سان
نور سنڌي
فقير جمال الدين لطيف سائين، سچل سرمست، چيزل شاهه، منٺار فقير راڄڙ، اعجاز سائين، خوش خير محمد، ٻڍل شاهه، حسن بخش شاهه هادي، محمد فقير کٽياڻ ۽ ٻين صوفي بزرگ شاعرن جو صوفياڻو ڪلام ڳائي فن جي دنيا ۾ وڏي شهريت ماڻي. سندس وڏا جيلسر مير جا هئا. پاڪستان جي قيام بعد اتان لڏي موجوده ڳوٺ عبدالرشيد مري لڳ ٻوٻي آئل فيلڊ ۾ اچي پنهنجا پکڙا اڏيا، سندس خاندان ۾ ڪيترائي فنڪار ٿي گذريا آهن، جن ۾ سندس ڏاڏو طالب فقير والد مصري فقير پنهنجي دور جا وڏا فنڪار ٿي گذريا آهن. جمال الدين فقير 1951ع ڌاري مصري فقير جي گهر ۾ جنم ورتو. پاڻ صرف پرائمري جا 5 درجا ۽ قرآن شريف جي تعليم حاصل ڪري سگهيو. کيس قرآن شريف پڙهائيندڙ مشهور مولوي چنيسر ملاح هو.

28 June, 2016

ڊاڪٽر نظير احمد چارڻ - محمد قاسم مير جت وڪيل

ڊاڪٽر نظير احمد چارڻ
سندس ڪيل محنتون
محمد قاسم مير جت وڪيل
انساني فطرت جيان اسان به جنهن سان محبت ڪريون ٿا، جنهن سان هڪ ڀيرو پنهنجي دوستي ۽ سڄڻائپ جا ناتو ڳنڍيون ٿا، ان دوست، سڄڻ يا مُحبتي ۾ ڪي اوڻايون، ڪي خود-مطلبيون ۽ ڪي بيوفايون به لڪل آهن. انهن جي باري ۾ لطيف ”پريان سندي پار جي مڙيئي مٺائي“ چڱاين کان سواءِ ٻي پاسي سوچڻ به گناهه ڪري ورتو آهي. اهو رويو رڳو انساني ناتن رشتن ڏانهن به آهي ته علائقن، شهرن، ڳوٺن ۽ زمين جي ٽڪري جنهن سان اسان جو جذباتي لڳاءُ آهي، ان ڏانهن به آهي. جدلياتي عالم سماجي مونجهارن جو ڳوڙهو مطالعو ڪرڻ کانپوءِ ان نتيجي تي پهتا ته جيڪا شيون ۽ لقاءَ ظاهري طرح صحيح سلامت، مستقل رهندڙ ۽ اڻ جُهرندڙ ۽ هڪ ڪَريون نظر اچن ٿيون، پر اصل ۾، انهن جي اندر ڀڃ ڊاهه، هڪ ٻئي جي ابتڙ لاڙا ۽ طاقتون موجود آهن.

استاد منظور علي خان


استاد منظور علي خان
اربيلو استاد
ممتاز مرزا
انسان پنھنجي حياتي ۾ ڇا ڇا نٿو ڏسي! ڪھڙيون ڪھڙيون ڳالھيون ٻڌي سڻي ٿو ۽ ڪيئن انھن ڳالھين کي پٺي پويان اڇلي سڀ ڪجھه وساري ائين ڄڻ ڪجھه نه ٿيو ھجي. زندگي جو ڊوڙ ۾ شامل ٿي وڃي ٿو. جيڪڏھن سوچجي ته انسان جي اھا خوبي به آھي ھو سڀ ڪي جھٽ پل ۾ وساري ويھي نه ته ھيءَ دنيا جا ٽڪساٽ ۽ جنسار ھوند ڪڏھن به نه ھجن ھا پر اھڙن حالن جي باوجود، ڪي ڪي گھڙيون اھڙيون ٿينديون آھن جي وسارڻ جي ڪوشش ڪجي ته به نه وسرن. اھڙي ئي ھڪ ساعت ۾ سيپٽمبر ۱۹۸۰ تي آئي آءُ صبح جو ساڍي نوين بجي ڪراچي ٽي وي تي سچل سرمست جي عرس بابت پروگرام ”سچل سارو سچ“ جي ايڊيٽنگ ۾ مشغول ھئس جو حميد آخوند جو نياپو مليو ته مان ھن سان فون تي ڳالھايان، فون ڪيم چيائين؛ ”استاد منظور علي خان رات گذاري ويو.“
مون کي يقين نه آيو.
چيائين؛ ”جي تعزيتي پروگرام ڪريو ته مان به شرڪت ڪندس.“

قربان پيرزادو

قربان پيرزادو
جاکوڙي جن جي ذات
مهتاب اڪبر راشدي
قربان پيرزادي لاءِ لکندي، مون کي پنهنجي يادگيرين کي ڪيئي سال پوئتي وٺي وڃڻو پيو. سال ۲۰۰۱ع جي ڳالهه آهي، سنڌ جي اطلاعات کاتي ۾ منهنجي سيڪريٽريءَ طور تقرري ٿي. اطلاعات کاتو، پنهنجي ڪم ڪار جي حوالي سان حڪومت جو سڀ کان وڌيڪ باخبر، تيز ۽ حساس محڪمو سمجهيو ويندو آهي. ان جي اهميت ڪو سمجهي ته وڏي آهي ۽ جي نه سمجهڻ چاهي، ته پوءِ کڻي اڄ جي اطلاعات کاتي کي ڏسو، جنهن ۾ اڄ خبر به نه ٿي پوي ته سيڪريٽري ڪير آهي؟ مان جنهن وقت جي ڳالهه ٿي ڪريان، ان زماني ۾ ڪنهن به محڪمي جو سيڪريٽري ڄڻ ته ان کاتي جو انتظامي بادشاهه سمجهو ويندو هو. وزير بيشڪ وزير هجي، پر جي آفيسر برجستو هوندو هو ته وزير به ان سان کونس گهڻي ڪو نه ڪندو هو. اطلاعات کاتي ۾ وري سيڪريٽريءَ جا دست و بازو ان جا ڊائريڪٽر اطلاعات هوندا آهن. منهنجي زماني ۾، مونکي اڪثر ڪري سٺا آفيسر مليا. سکر ڊويزن ۾ ڊائريڪٽر جي حيثيت سان قربان پيرزادي صاحب سان تعارف ٿيو. شائسته، شانائتو، نهٺو، پنهنجي ڪم جو ڄاڻو.

منگهارام ملڪاڻي - ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ

منگهارام ملڪاڻي
مُنهنجو دوست ۽ ساڻس  ٿيل خط و ڪتابت
ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ
موت جا بي رحم هٿ، جڏهن ڪنهن جانيءَ جي جدائيءَ جو باعث بڻيا آهن، تڏهن چاهيندڙن جو من به نپوڙيو محسوس ٿيندو آهي. پروفيسر منگهارام ملڪاڻي جي موت جو ٻڌي هڪ نه پر هزارين ماڻهن کي ڏک رسيو هوندو. سنڌ ۽ هند جي هي ادبي شخصيت پرلوڪ پڌارجڻ کان پوءِ به اسان جي ادبي دنيا ۾ عزت ۽ احترام سان ياد ڪئي ويندي. هيءَ فاني جهان ته سڀني کي ئي ڇڏڻو آهي، پر پوءِ به ڪيترا ماڻهو موت کي مات ڏئي ڇڏيندا آهن. منگها رام ملڪاڻيءَ لڳ ڀڳ مني صدي سنڌي ٻولي ۽ علم ادب جا گهڙ اڀريا آهن. سرڳواسيءَ ادبي چمن جي جا آبياري ڪئي آهي، اها ڪڏهن به نظر انداز ڪري نه ٿي سگهجي. هن جا لڳايل ادبي گل ۽ ٻوٽا اڻ ڄاتي مدي تائين علم ادب جي دنيا کي هڳاءُ بخشيندا رهندا. گذريل پنج سال ڄڻ ڪالهوڪي ڳالهه لڳن ٿا.

26 June, 2016

محمد مظهر جانِ جانان نقشبندي - عبدالفتاح عباسي

محمد مظهر جانِ جانان نقشبندي
صوفي بزرگن جي عرس مبارڪ جي مناسبت سان
عبدالفتاح عباسي
سنڌ جي سونهاري سرزمين انهيءَ حوالي سان به خوشنصيب آهي جو هن سرزمين تي ڪيترائي ڪامل بزرگ، درويش، صوفي باصفا، اولياءَ الله، مجذوب، ڪامل ولي الله، صاحب ولايت، صالحين، انسانيت سان محبت ڪندڙ پيارا ٻانها پيدا ٿيندا رهيا آهن، جن پنهنجي معرفت ،علمي قابليت ۽ تصوف جي صوفياڻي رنگ ذريعي هڪ نه پر لکين ڪروڙين انسانن جون زندگيون بهتر رستي تي هلائڻ لاءِ پنهنجي تن من ۽ ڌن جون قربانيون ڏنيون آهن. انهن صوفي درويشن جي حوالي سان سنڌ ۾ ڪيترائي نالا آهن، جن پنهنجي زندگيءَ جو اڪثر حصو الله جي رضا جي لاءِ دنيا وارن کان دور رهندي صرف ۽ صرف پنهنجي رب العالمين جي محبت ۾ مصروف ٿي ڪري انهيءَ پالڻهار جي محبت جو جام پيئندي اسم اعظم(الله) جي نالي ۾ پنهنجي فنائيت سمجهندي انهيءَ جي ذات کانسواءِ ٻئي جي اڳيان جهڪڻ ۽ گهرڻ گناهه ڪبيره تصور ڪن ٿا. اهڙن صوفي درويشن جو هر عمل به نرالو ۽ انوکو ٿيندو آهي. اهي بظاهر ته اسان توهان سان گڏ هوندا آهن پر حقيقت ۾ اهي درويش الله لوڪ صوفي بزرگ پنهنجي منزل جي طرف راهي ٿيڻ لاءِ هر وقت تيار بيٺا هوندا آهن. انهن جون ڪيتريون ئي ڳالهيون عام ماڻهن کي ڀلي سمجهه ۾ نه به اينديون هجن، پر انهن جو سفر اعليٰ انهن جي شاندار منزل ۽ اهي جنهن جو اثر ٿين ٿا، جن جي اولاد ۽ نسل جو سلسلو بڻجن ٿا، جن جي ڪري اهي هتي دنيا ۾ بظاهر وجود وٺي اچن ٿا ۽ انهن جي جتان پرورش ٿئي ٿي، اها به نهايت ولايت جي نشاني بڻجي ٿي. انهن جي صحبت، محبت ۽ روحانيت کي سمجهڻ جي لاءِ عقل بجاءِ عشق جي منزل گهرجي. اهي اسان سان ڀلي گڏ به هجن پر اهي پنهنجي پرينءَ جي پار جي ياد ۾ ايترا ته مست ۽ پروانا بڻيل هوندا آهن جو ڏسندڙ چوندو ته هيءُ عام ماڻهوءَ جي ڳالهه کان گهڻو بلندي تي پهتل آهن.اهڙن سنڌ جي مشهور ناليواري درگاهه حضرت محمد عبدالغفار المعروف پير مٺا سائين رحمت الله عليه جن جي صاحبزاده محمد خليل الرحمان نقشبندي غفاري رحمت الله عليه جي فرزند سائين صاحبزاده حضرت خواجه محمد مظهر جان جانان نقشبندي غفاري خليلي رحمت الله عليه جن به آهن، جن جي زندگي به انهيءَ رب العالمين جي ياد ۾ گذرندي رهي. جيڪي تاج العارفين محبوب الڪاملين صوفي باصفا بزرگ هستي هئا، جن کي سنڌ جو عوام اڄ به ”مرد قلندر“ جي نالي سان ياد ڪري ٿو. سندس ولادت پهرين ڊسمبر 1956ع ۾ رحمت پور شريف لاڙڪاڻي ۾ ڪامل اڪمل ولي حضرت پير مٺا سائين رحمت الله عليه جي گهر ۾ ٿي، جيڪو خوشين ۽ مسرتن جو ڏهاڙو هيو. حضرت پير مٺا سائين رحه جي اڪيلي پياري فرزند خواجه محمد خليل الرحمان رح جي گهر ۾ سهڻي صورت ۽ نوراني پيشانيءَ وارو پيارو پٽ پيدا ٿيو. جڏهن پير مٺا سائين رحه مسجد مان گهر آيو ته خوشيءَ ۾ سندس چهرو ٻهڪي رهيو هيو. ٻچڙي کي هنج ۾ کنيائون.سندس نالو ”محمد جان جانان“ رکيو، سندس سڄي ڪن ۾ اذان ۽ کاٻي ڪن ۾ تڪبير چئي. وري جڏهن پاڻ حويليءَ مان ٻاهر مسجد ۾ آيو ته سندس چهري تي مرڪ هئي ۽ خوشيءَ جا آثار هئا، جيڪي محبت وارا مريد مرشد جي خوشيءَ کي پنهنجي خوشي سمجهندا هئا. انهن لاءِ اهو ڏينهن عيد کان گهٽ نه هيو. حضرت پير مٺا سائين رحه جن پنهنجي نگاهه بصيرت سان نهاري رهيا هو ته هيءُ نينگر سندس مسند جو مالڪ ٿيندو. انهيءَ ڪري هن جي ڄمڻ تي خوشي ملهائي وئي ۽ عمر جي آخري ايام ۾ پاڻ پنهنجي پڳ مبارڪ پياري پوٽي صاحبزاده محمد مظهر جان جانان رحه کي پهرائي.

الهه ڏنو خاصخيلي - علي ڏنو جروار

الهه ڏنو خاصخيلي
تون پڇين ٿو پرين مان هليو ڇو ويس
علي ڏنو جروار
خبر ناهي سنڌ جي سريلن آوازن کي ڪنهن جي نظر لڳي وئي آهي. ويجهڙائيءَ ۾ سنڌ جا سٺا ۽ ناليوارا راڳي حادثن جو شڪار بڻجي رهيا آهن. سرمد سنڌي ۽ صادق فقير کانپوءِ الهه ڏنو خاصخيلي به روڊ حادثي جو شڪار ٿيو آهي. سنڌ جا راڳي خبر ناهي ڇو اسان کان ائين بي درديءَ سان وڇڙي رهيا آهن. الهه ڏنو خاصخيلي 25 جنوري 1966ع ۾ سنڌ جي هڪ سٺي راڳي ۽ موسيقار علي محمد خاصخيلي جي گهر ۾ پيدا ٿيو، سندس تعلق ميرپور بٺوري سان آهي، جنهن کي ڪنهن وقت سنڌ جو ويٽنام سڏيو ويندو هو. جيئن ته الهه ڏني هڪ اهڙي گهر ۾ اک کولي جنهن ۾ اڳ ئي راڳ ۽ ساز موجود هو، تنهن ڪري هي به ننڍپڻ کان ئي انهن ۾ دلچسپي وٺڻ لڳو. الهه ڏني خاصخيليءَ جي استاد غلام حسين رنگريز ٻڌايو ته هي 10 سالن جي عمر کان ئي موسيقيءَ ۾ دلچسپي وٺڻ لڳو. ياد رهي الهه ڏني خاصخيلي کي شاعري، غلام حسين رنگريز چونڊي ڏيندو هو، جنهن کانپوءِ هُو ڌنون ٺاهي ۽ انهيءَ گيت، غزل وائي ۽ ڪافيءَ کي عوام آڏو پيش ڪندو هو. الهه ڏني خاصخيلي جو والد جيڪو موسيقيءَ ۾ سنڌ جي ڀلوڙ راڳي استاد محمد جمن جو شاگرد هو، جنهن جو اثر الهه ڏني ۽ سندس خاندان جي ٻين ڳائڻن تي به موجود آهي.

پريتي جهانگياڻي - پريم مٽلاڻي

پريتي جهانگياڻي
سونهن ۽ معصوميت جي مجسم
پريم مٽلاڻي
پريتي جهانگياڻي، بمبئيءَ جي هڪ نج سنڌي خاندان گوبند جهانگياڻيءَ جي گهر 18 آگسٽ 1980ع ۾ جنم ورتو. سندس والده مينڪا جهانگياڻي، سنڌين جي مشهور تعليمي اداري جئه هند ڪاليج، بمبئيءَ ۾ انگريزي شعبي ۾ ليڪچرر هئي. ويهين صدي پوري ٿيندي ٿيندي جڏهن گليمر ورلڊ ۾ ميوزڪ وڊيو ٺهڻ شروع ٿيا؛ ته ڪيترن ئي سيٽلائيٽ ٽي وي چئنلن تان ”يه هي پريم“ آلبم جا ڪيترائي گيت هلندا رهيا.

شبير ڪنڀار - نظام الدين ڪاڪا

شبير ڪنڀار
سنڌي ٻوليءَ کي عالمي مقام ڏياريندڙ سَٿَ جو سپاهي ۽ شهسوار
نظام الدين ڪاڪا
سنڌي ٻولي ۽ سنڌي ادب جي کيتر ۾ ڪيترا ئي تمام وڏا، وڏا ۽ چڱا، چوکا نالا آهن جن پنهنجي مادري ٻوليءَ کي اڳتي وڌائڻ ۾ پاڻ موکيو ۽ ملهايو آهي تـ چڱي خاصي مڃتا بـ ماڻي آهي. ڪي ماڻهو پريس وارن کي ويجهو هجڻ جي ڪري پيا ڇپبا ۽ ڳائبا آهن تـ ڪي سٺا تخليقڪار هجڻ جي باجود ايتري مڃتا نـ ماڻي سگهيا آهن يا انهن کي نالي ڪڍرائڻ جو شوق نـ آهي، انهن کي صرف ۽ صرف پنهنجي ٻوليءَ جي واڌ، ويجهـ جو اونو رهندو آهي، اهڙن املهه انسانن مان سائين ”شبير ڪنڀار“ به آهي.

تاج بلوچ


تاج بلوچ
تو کي پٿر جان لڳان ٿو
ڊاڪٽر شير مهراڻي
انتهائي اورچ، اڻٿڪ، جاکوڙي، سجاڳ، ڄاڻو، نقاد، اديب، شاعر، صحافي، ۽ بقول هند جي مشهور ۽ معروف اديب ۽ سوانح نگار لڇمڻ ڪومل “آتنڪواد ايڊيٽر” تاج بلوچ ۲۵ مئي ۱۹۴۲ تي پني عاقل جي ڳوٺ ڪوٽ بُلا ۾ جنم ورتو.
تاج بلوچ پنهنجي جنم ڀومي ۽ ٻوليءَ سان تمام گهڻو پيار ڪري ٿو، هو سنڌي ادب جو نمايان نالو آهي، ٻولي ۽ ادب جي حوالي سان ڪا به سوديبازي ڪرڻ پاپ سمجهي ٿو، ڇو ته هو پنهنجي ڌرتي ۽ ٻوليءَ جو عاشق آهي.
عشق جو پاپ ڪيو “تاج بلوچ”
سو گنهگار ڏسي ٿا موٽون.

ڪاسس ڪلي عرف محمد علي ڪلي - ثريا ڪپري

ڪاسس ڪلي عرف محمد علي ڪلي
باڪسنگ جو عظيم ديومالائي ڪردار
ثريا ڪپري -آمريڪا
دنيا جي عظيم باڪسر محمد علي تي جيترو لکجي اهو گهٽ آهي، جيترو ڳالهائجي اهو ٿورو آهي. اصل ۾ ٿورڙن ماڻهن کي اها خبر آهي ته هو عظيم باڪسر سان گڏ ٻيو به گهڻو ڪجهه هيو. هو انسان به هيو. معصوم به هيو. ٻارن جيتريون ۽ جهڙيون خواهشون به رکندو هيو. هن جي دل ۾ جنهن انسان جي دل هئي، تنهن کيس انسانيت ئي سيکاري. هن ڪنهن به شخص، گروپ، رنگ ۽ نسل توڙي ملڪ ۽ کنڊ سان نفرت نه ڪئي. هن کي رڳو نفرت هئي ان نفرت سان جيڪا ڪاري چمڙيءَ وارن سان روا رکي ويندي هئي. هن ان نفرت جا بخيا اڊيڙي ڇڏيا، ان نفرت جي پاڙن کي ڪمزور ڪيو ۽ هڪ راندگير سان گڏ هڪ عظيم انسان ٿي اڀريو.

ڊاڪٽر مبارڪ علي - مختيار ملاح

ڊاڪٽر مبارڪ علي
سنڌ جي تاريخ کي عمر ارپيندڙ
مختيار ملاح
تاريخ دنيا جو قديم مضمون آهي. تاريخ مان ماضيءَ جي واقعن جو علم ملندو آهي، جنهن جي ڪري هال ۾ بهتر قدم کڻڻ جو موقعو ملي پوندو آهي، ملڪ کي سنوراڻ لاءِ ماضيءَ جي غلطين جي خبر پوندي آهي. سنڌ بابت لکيل تاريخون ڏاڍيون ذاتي نوعيت جون لکيل آهن. عربن جي سفرنامن ۾ لکيل واقعن ۾ ليکڪ جي سڌي طرح موجودگي نه هئڻ ڪري روحانيت تي منبي ڳالهيون آهن، جن مان اڪثر اعتبار جوڳيون نه آهن. فارسي ۾ لکيل تاريخن ۾ حملا آورن جي بهادري، مسلمان بادشاهن جي سخاوت ۽ دربار جون تعريفون ڏنل آهن. انهن تاريخن مان  عام عوام جو احوال غائب آهي. انگريزن جون لکيل تاريخون سياسي مفادن، مقصدن تحت لکيل آهن. بعد ۾ سنڌي ۽ اردو ۾ لکيل تاريخون عربي فارسي ۽ انگريزي ۾ لکيل ڪتابن تان سيڪنڊري تحقيق آهن. جدت ۽ معروضيت سان تمام ٿورو مورخن ڪم ڪيو آهي، جن ۾ هڪ نالو ڊاڪٽر مبارڪ عليءَ جو به آهي، جنهن جو شمار پاڪستان جي نالي وارن مورخن ۾ ٿئي ٿو.

هري دلگير - جڳديش لڇاڻي

هري دلگير
سندس جنم ڏينهن
جڳديش لڇاڻي
گرڏنومل درياڻيءَ جو جنم 15 جون 1916ع ۾ لاڙڪاڻي شهر جي هڪ عامل خاندان ۾ ٿيو. هن ابتدائي تعليم سرڪاري اسڪول لاڙڪاڻي مان حاصل ڪئي. بي ايس سي، ڊي جي سنڌ ڪاليج، ڪراچيءَ مان پاس ڪيائين. پوءِ اين اي ڊي انجنيئرنگ ڪاليج ڪراچيءَ ۾ داخلا وٺي، بمبئي يونيورسٽيءَ مان بي اِي BE سول جي ڊگري حاصل ڪري سرڪاري نوڪريءَ ۾ گهڙيو. هري دلگير سن 1958ع ۾، ورهاڱي کان پوءِ سڄا سارا يارهن سال پاڪستان ۾ رهڻ بعد سنڌ کي هميشه لاءِ الوداع ڪري، ڀارت آيو. هوائي جهاز مان لهندي، پهرين بمبئيءَ پوءِ پونا پهتو ۽ پوءِ آديپور اچي وسائي. سن 1959ع کان تولاڻي انجنيئرنگ ڪاليج ۾ پرنسپال جي عهدي تي رهي سن 1979ع ۾ رٽائر ڪيو.

قاضي فضل الله - لياقت راڄپر

قاضي فضل الله
اهڙا ماڻهو ڪٿان آڻيون؟
لياقت راڄپر
مان چوندو آهيان ته جيئن جيئن انسان ترقي ڪندو ۽ وٽس وسيلا گهڻا ٿي ويندا ته هن مان محبت، حب الوطني، مذهب سان پيار ۽ رشتن جو قدر ۽ دوستيءَ واري سچائي گهٽجي ويندي ۽ صرف پئسو، لالچ ۽ حرص هن جو اهم حصا ٿي ويندا. جيستائين ماڻهو قدرت طرفان مليل وسيلن کي استعمال ڪري ٿو، هو سڪون ۾ آهي ۽ هو انسانيت، والدين ۽ رشتن جو احترام رکندو اچي ٿو، پر جيئن ئي هن وٽ ڌن ۽ مال، پئسو ۽ جائيداد سان گڏ اقتدار ۽ پاور اچي وڃي ٿو، هو هر قدر وساري ٿو ويهي. جنهن جا مثال توهان کي روزانو اخبار ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا ذريعي خبرون ڏسڻ ۾ اچن ٿا.

اسرار شام - مير اعظم علي ٽالپر

اسرار شام
ٻاراڻي ادب ۾ وڏو نالو
مير اعظم علي ٽالپر
دنيا ۾ هر روز ڄمڻ ۽ مرڻ جو قدرتي عمل جاري آهي، پر دنيا ۾ ايندڙ ۽ ويندڙ ڪي ڪي انسان ۽ انهن جا ڪم اهڙا هوندا آهن، جيڪي سندن پٺيان هميشه ياد ڏياريندا رهندا آهن. انهن انسانن ۾ وري ڪو اهڙو انسان هجي، جنهن جو واسطو ادب سان هجي ۽ هو پنهنجي پويان پنهنجو اڻ مٽ خزانو اڇي پني (ڪاغذ) تي لکت ۾ ڇڏي وڃي ۽ ان جي لکيل تحرير وارو ادب اکين اڳيان اچي ته سندس هئڻ جو احساس دل ۾ پيدا ٿيندو آهي. اهڙين شخصيتن جي سلسلي ۾ منهنجو پاڙيسري، منهنجي شهر ٽنڊوڄام ۾ جنم وٺندڙ لالا اسرار ميمڻ، جنهن جي پيدائش جو گهر علم ۽ ادب جي وچ ۾ هو، جتي سراج الحق ميمڻ، فهميده حسين ميمڻ، ڀاءُ عبدالسلام ۽ ڀاءُ عبدالسبحان ميمڻ جنم ورتو هجي.

آفتاب احمد ميمڻ - ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ

آفتاب احمد ميمڻ
سنڌي نثر ۾ سندس خدمتون
ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ
ٿر جو وارياسو علائقو تهذيب، تمدن ۽ علم و ادب سان هڪ شاهوڪار علائقو رهيو آهي، جتي ڏيپلي تعلقي ۾ محمد عثمان ڏيپلائي جهڙي اهم ادبي شخصيت جنم ورتو، جنهن سنڌي ادب کي مختلف صنفن ۾ ڏيڍ سئو کان وڌيڪ ڪتاب ڏئي مالامال ڪيو. ساڳي ريت ٻين به ڪجهه شخصيتن ڏيپلي مان علم ۽ ادب ۾ ڪجهه نه ڪجهه حصو قائم رکيو آهي، پر خاص طور ڏيپلائي صاحب جي پاڙيسري قائمخاني خاندان مان آفتاب احمد ميمڻ ۽ سندس ڀيڻ ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ ڏيپلائي جي قومي خدمت ۽ قلمي روايت جي پاسباني ڪندي انيڪ ڪالم ۽ مضمون ته لکيا آهن، پر ڪيترا ئي ڪتاب پڻ تنصيف ڪيا آهن.
آفتاب احمد 19 جون 1950ع تي ڏيپلي شهر ۾ محمد موسيٰ ميمڻ جي گهر ۾ جنم ورتو هو، نئين ٽهي جي ليکڪن ۾ شمار ٿيندي پراڻي سٿ سان مضبوط ۽ مربوط نموني ڳنڍيل آهي جو سندس لکڻ جي سفر جو آغاز 12 سالن جي عمر ۾ ٿيو، کيس انگريزي، اردو ۽ سنڌي ٻولي تي عبور حاصل آهي ۽ ٽنهي ٻولين ۾ لکندڙ آهن، جنهن ۾ سنڌي ٻولي ۾ خاص طور خاڪا، ڪالم، مضمون، تاثر، سفرنامو ۽ آتم ڪهاڻي لکي اٿس، سنڌي نثر ۾ سندس ئي ڪتاب شايع ٿيل آهن ته ٻيو ڪيترو ئي مواد اڻ ڇپيل موجود آهي، شاعري سان شفف هوندي به هن اظهار جو ذريعو نثر کي بڻايو آهي.

حسن درس - اعجاز منگي

حسن درس
هي حسن آواره گرد آدمي
اعجاز منگي
هيءَ انهن ڏينهن جي ڳالهه آهي، جڏهن ڪراچيءَ جي آخري اڻ وڍيل وڻن تي اهي ڪويلون ڪوڪينديون هيون!
جن سان مخاطب ٿيندي ڀٽائيءَ جي باغي مريد لکيو هو ته:
“اي ڪويل! ڪوڪ ايترو ڪوڪ جو تنهنجو هيانءُ ڦاٽي پوي ۽ تون پنهنجي رت ڳاڙيندڙ چهنب لاڙي هميشه لاءِ سمهي پوين.
اي ڪويل! چپ چڱي نه هوندي آهي. چپ جو فائدو وٺي چور گهرن ۾ گهڙندا آهن ۽ ڀاڳيا ڀينگ ٿي ويندا آهن!!”
هيءَ انهن ڏينهن جي ڳالهه آهي، جڏهن روسي ڪميونسٽ “گلاسنوسٽ” جي “گلوٽين“ تي ڪنڌ رکي چڪا هئا!

ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ

ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ
سنڌي ادب ۽ تحقيق جو معتبر نالو
محمد سليمان وساڻ
ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ جو نالو ڪنهن کان به لڪل ناهي. سنڌ جي تاريخ کي سهيڙڻ کان وٺي ان تي تحقيق لاء پاڻ تمام گهڻو ڪم ڪيو اٿن. ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ جو جنم ۲۵ مئي ۱۹۴۵ ع تي خير محمد آريجا، تعلقو ڏوڪري، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ ٿيو۔ پاڻ ۱۹۷۱ ۾ بي ايڊ، ۱۹۷۲ ۾ ايم اي سنڌي ادب ۾، ۽ ۱۹۷۹ع ۾ سنڌ يونيورسٽي مان ”ڪراچي جو سنڌي ٻولي ۽ علم ادب جي ترقيءَ ۾ حصو“ جي عنوان تي اپي ايڇ ڊي جي ڊگري حاصل ڪئي۔

ڊاڪٽر خان محمد پنهور


ڊاڪٽر خان محمد پنهور
سنڌ جو هڪ خاموش خدمتگار
عبدالمجيد پنهور
ڊاڪٽر خان محمد پنهور کي وڇڙئي اڄ ٻارنهن سال ٿي ويا آهن. سندس محبتون ۽ گُڻَ اڄ به گلاب جي گلن وانگر تازا آهن. ڊاڪٽر خان محمد پنهور جي زندگي جو مقصد هر ماڻهو جي مدد ڪرڻ ۽ اتساهڻ هئو. محبتي ۽ همدرد انسان، سدائين ڪجهه نه ڪجهه ڪرڻ جي جستجو ۾ رُڌل رهندڙ ڊاڪٽر پنهور کان زندگي ۾ قدرت وڏا ڪم ورتا ۽ انهن ڪمن هن کي اَمَر ڪري ڇڏيو. سندس عام ماڻهو سان لحاظي ورتاءُ ۽ همدردي جو وڏو سبب شايد اهو به ٿي سگهي ٿو ته جنهن ماحول ۾ هن اک کولي، اهو مذهبي تعليم ۾ تمام اڳتي هئو. ڊاڪٽر خان محمد پنهور کي شروع کان زندگيءَ ۾ محنت جي سُتي پيل هئي. رات ڏينهن نه صرف علم جي تلاش ۽ ڪجهه ڪرڻ لاءِ هميشه سرگردان رهڻ سندس طبيعت جو حصو هئو. ڳوٺ مان ئي تعليم سان گڏ صحافت ۽ ادبي زندگي ۾ ٻارڙن جي ٻاري جي شاخ قائم ڪرڻ ذريعي پير پائڻ شامل آهن.اڳتي هلي سائين جي ايم سيد ۽ ان ذريعي شيخ عبدالمجيد سنڌي جهڙن هيرن سان ملاقاتن ڊاڪٽر پنهور جي ڪجهه نه ڪجهه ڪرڻ واري جستجو کي وڌيڪ جلا بخشي.

25 June, 2016

آغا شهاب الدين

آغا شهاب الدين

سنڌ جو سدا ملوڪ ماڻهو

پروفيسر اعجاز قريشي



سنڌ پنهنجي گود مان ڪيترا ئي املهه ماڻڪ پيدا ڪيا آهن. اسان جو هڪ اهڙو املهه انسان محترم آغا شهاب الدين به هيو.

آغا شهاب صاحب جوانيءَ کان پاڻ کي فلاحي ڪمن ۾ مصروف رکيو ۽ ڪيترا ئي سماجي ڪم ڪندو رهيو. هن پنهنجو ڪيريئر لوڪل گورنمينٽ کاتي کان شروع ڪيو. شروع واري زماني کان اسسٽنٽ ڊائريڪٽر بيسڪ ڊيموڪريسي ٿيو. مڪاني حڪومت جي کاتي ۾، اها پوزيشن هئي. ايوب خان جو زمانو هو ۽ ايوب خان بيسڪ ڊيموڪريسي جو بنياد وڌو هو ۽ اهو سڀ ڪم لوڪل گورنمينٽ کاتي کي مليو. آغا شهاب، سنڌ جي ڪيترن ئي ضلعن ۾ انهيءَ عهدي تي قائم رهيو. کيس سڀ کان اول دادو ضلعو مليو. پاڻ نوجوان هو ۽ آئون ننڍو هوس ۽ دادوءَ ۾ پڙهندو هوس. سندس واقفيت، منهنجي والد صاحب سان ٿي ۽ پوءِ منهنجو ساڻس گهرو رشتو ٿيو، جيڪو آخر تائين هلندو رهيو. هو هڪ ملنسار، بيباڪ، باهمت، کرو ۽ سچو انسان هو. آغا صاحب پنهنجي انهيءَ نوڪريءَ ۾ ڪافي اڳيان وڌندو رهيو ۽ وڃي ڊائريڪٽر جي عهدي تي پهتو ۽ هلندي هلندي لوڪل گورنمينٽ کاتي جو سيڪريٽري ٿيو ۽ اُتان رٽائر ڪيائين. هُن سڄو وقت، پنهنجي نوڪري بهترين انداز سان ڪئي. پاڻ نه صرف هڪ آفيسر هو پر هڪ سٺو اديب ۽ ليکڪ پڻ هو. پاڻ سنڌي اخبارن ۾ تمام گهڻا مضمون لکيائين ۽ آخر تائين لکندو رهيو. هن سنڌ جي تمام گهڻن ۽ اهم مسئلن تي لکيو. هو هر ڪرنٽ اشو تي لکندو هيو، جيڪا سندس زندگيءَ جي اهم ڳالهه هئي. آغا شهاب پنهنجي وچين عمر ۾ اهو فيصلو ڪيو ته سنڌ ۾ ۽ خاص ڪري حيدرآباد ۾ سنڌي ميڊيم اسڪولن جي کوٽ آهي ۽ ڇو نه هتي هڪ اهم اسڪول قائم ڪجي. هن اهو سوچي پنهنجي والد صاحب آغا تاج محمد جي نالي ۾ هڪ ادارو قائم ڪيو، جنهن جو نالو آغا تاج محمد اڪيڊمي رکيو ۽ ان جي ذريعي حيدرآباد ۾ هڪ اسڪول قائم ڪيو. ان جي مکيه برانچ سنڌي مسلم سوسائٽي ۾ قائم ڪئي جيڪا هن مهل تائين قائم دائم آهي. انهيءَ اسڪول جون پوءِ ڪيتريون شاخون قائم ٿيون ۽ حيدرآباد جي پسگردائي ۽ قاسم آباد جي مختلف پاڙن ۾ کليون.