گلشن صوفي
لاڙڪاڻو جو سنڌي انڊين
اداڪار موسيقار
آصف رضا موريو
گلشن صوفي جو نالو پهريون ڀيرو
مون پنهنجي دوست مرحوم عثمان فليش مين جي واتان ٻڌو هيو. بعد ۾ تحقيق ڪرڻ تي پڌرو ٿيو
ته گلشن صوفي متحده هندستان ۾ اداڪار، گلوڪار، موسيقار، ليکڪ، پروڊيوسر ۽ شاعرهئڻ
سبب گهڻ پاسائين شخصيت ڀائنيو ويندو هيو. لاڙڪاڻي واسين منجهان هي اڪيلو سنڌي هيو
جنهن کي ورهاڱي کان اڳ هندستان جي فلم انڊسٽري جي تمام افقن کي ڇهندي پنهنجي دور
جي سپر اسٽارن منجهان ليکيو وينديو ويو.