ڊاڪٽر ثناءُ الله رستماڻي
ياد رفتگان
ميان مير چانڊيو
موسمون بدلبيون رهنديون آھن،
انساني سوچ جا معيار به وقت سان بدلبا رهندا آھن. ماڻھن جي موسمن، محبتن، ماڻھن،
جانورن، آرٽ، ادب، ۽ نظرين ڏانهن رويا ۽ خيال به بدلجندا رهندا آھن. جيئن جڏھن سخت
سرديون ٿين ٿيون ته ماڻھو پنهنجي سر، سيءَ مان تنگ ٿي اونهاري جو انتظار ڪرڻ لڳندا
آھن ۽ جڏھن وري اونهارو شروع ٿيندو آھي ته سياري جو انتظار ۽ گهرج ٿيڻ شروع ٿيندي
آھي. اهڙي طرح ماڻھن جو گهاٽيون ياريون وري روين ذاتي مفادن جي بنياد تي ٽُٽي ڦاٽي
دشمنين ۾ بدلبيون رهنديون آھن يا وري پالتو جانورن مان جڏھن انسانن جا مفاد ختم ٿيندا
آھن، مثال طور، ڊوڙندڙ ڏاندن جو پوڙهو ٿي وڃڻ، ڀلين ڪنڊين مينهن جو کير گهٽائي وڃڻ،
گهوڙن جو پوڙهو ٿي وڃڻ يا ٻين سببن ڪري من پسند جانورن ۾ خاميون نظراچڻ لڳنديون
آھن، جنهن ڪري اهي ناپسند جي بنياد تي يا وري ضرورت ڄاڻائي وڪيا ويندا آھن. نظريا
به ائين ماڻھن جي دلين ۾ سٺا ۽ خراب بڻجي واسو ڪرڻ لڳندا آھن. پر ٿورا ئي اهڙا
انسان هوندا آھن جيڪي موسمن، محبتن، جانورن توڙي انسانن سان قائم ڪيل سندن اڳوڻي
عقيدت يا اظهار سان هميشه رهندا آھن.
اها گرمين جي ٻپهري جي ويل هئي،
اڃان ماڻھو گهرن ۾ ڪٿي شمسي توانائي وارن پکن ته ڪٿي وري بجلي جي پکن هيٺان ليٽيل
هئا، گلين ۾ ۽ گهرن ويجهو ننڍن ميدانن تي ڪو ورلي ٻار راند کيڏندي نظر ٿي آيو. ان
ويل اهو شهر، ويل ۽ موسم تاثراتي نقش وانگي لڳي رهيا هئا، آئون سمندر خان جي گهر
ويٺو هوس سمندر خان رڪشو هلائيندو آھي، هن هڪ ڳوٺڙي ۾ جنم ورتو. نصيب جي ديوي مٿس
مهربان ٿي هڪ سٺي گهراڻي مان شادي ڪرڻ کان پوءِ شھر وڃي وسايائين. شادي ڪرڻ کان
پوء سندس پيءُ کان سٺ ڪلوميٽر پري هليو ويو، جڏھن ته شادي ڪرڻ کان پوءِ سندس پيءُ
يعني سمندر خان جي ڏاڏي کان هڪ سئو ڪلو ميٽر پري هليو ويو. مطلب ته جهڙي ڪرڻي تهڙي
ڀرڻي جيان رت جي رشتن ۾ وڇوٽيون ائين منتقل ٿينديون آھن. ان ڪري بهتر آھي ته نه فقط
مائٽن سان ليڪن عام ماڻھن سان به محبتون ونڊجڻ گهرجن ته جيئن خانداني توڙي سماجي
رشتن ۾ محبتن جو سلسلو جڙندو رهي ٿو.
ياد آيو هڪ ڏينهن حيدر آباد ۾
سگهڙ بلوچ مون کي هڪ پروگرام ۾ ڏسندي چيو توهان بابا جا دوست هئا، بابا جي مرڻ کان
پوءِ توهان ان طرف اچڻ وڃڻ ڇڏي ڏنو. سگهڙ بلوچ، اهي ڳالهيون ساريندي سندس نيڻ ڀرجي
آيا ۽ مون جڏھن هن جي اکين ۾ ڏٺو ته ميگھ ملهار جهڙين اکڙين ۾ هن جا لڙڪ ڄڻ تري
رهيا هئا، هن ٻڌايو ته سندس ماءُ کان مٿس پيءُ جي شفقت وڌيڪ هئي. سگهڙ ڄمون رنگ جي
سنهي سيپڪ ڇوڪري هئي، ڪجھ سال اڳ سندس گهر وارو جڏھن گذاري ويو ته سندس وڏو پٽ
شادي ڪري ماءُ کان الڳ ٿي ويو هو، هن جي اکين جي ڌوڏن مٿان ٿوٿر نظر ٿي آئي، ائين ٿي
لڳو ڄڻ ته وقت هن جي چھري کي ٻار جي ٺاهيل رانديڪي وانگي ٺاهڻ کان پوء ڦٽائي رهيو
آھي، ان وقت مون محسوس ڪيو ته هن جي اندر ۾ جا اڪيلائي آھي سا ڪنهن سهاري لاءِ رڻ
۾ اڃايل هرڻ جيان ڊوڙي رهي آھي، اها ئي اندروني اڪيلائي هڪ پيڙا وارو پولار هوندي
آھي، اها ڪڏھن ماڻھو کي روئاري ٿي ته ڪڏھن کلائي ٿي.
مون کان هڪ واقعو وسري نه ٿو
وسري، سياري جي سرد موسم هئي. ٻاهر اتر جي لڳندڙ هوا جو شور پري تائين وهندڙ نئي
جي شور جيان گڙ گڙاهٽ ڪري رهيو هو، اسان لوڻيلو جي ڍنڍ ۾ کڏڻا اڏي ويٺل هئاسين. چنڊ
جي سهائي ۾ لهندڙ ڏوئيرن ۽ تور پکين جو انتظار ڪري رهيا هئاسين، ڍنڍ جي ڪنڌين کان
لين ۽ ديئن جا گهاٽا وڻ ھئا، انهن ئي وڻن ۾ سرنهن ۽ ڪانهن جا گهاٽا ٻوٽا هئا، جن ۾
ڪڏھن ڪڏھن مرون، بگهڙ، گدڙ ڏسبا هئا، ان رات اڃان چنڊ ڪونه اڀريو هو ته اوچتو وڻن
۾ واڪا پئجي ويا. مون سان گڏ توبچي خدا بخش ھو، جنهن بندوق ۾ ڪارتوس وجهڻ جي ڪوشش ڪئي
ليڪن اتفاق سان ان ويلي بندوق کلڻ سان ان جي فائر پن هيٺ ڪري وڃائجي ويئي ۽ بندوق
فقط هڪ لوهي لٺ جيان اسان جي هٿن ۾ ھئي ايتري ۾ واڍوڙيل بلائون اسان جي مٿان اچي چڪيون
هيون ليڪن ان کان اڳ ۾ خدا بخش ٻانهن جي اشاري سان مون کي زمين تي سڌو ليٽڻ جو
اشارو ڏيئي چڪو هو ۽ پاڻ به زمين تي سڌو ليٽي چڪو هو. بلائون عجيب غريب دانهون ڪنديون
اسان ويجهو گذري اڳيان نڪري ويون ۽ پوء چنڊ اڀرئي، ان هنڌ تان آھستي آھستي رسڪي
خيريت سان ڍنڍ مان نڪري گهر موٽيا هئاسين، ان کان اڳ ۾ ٻڌو هوسين ته ان ئي ڍنڍ ۾
پکين جي شڪار ڪرڻ لاء ويٺل شڪارين کي بلائن هڻي زخمي ڪري وڌو هو، جنهن جو ڪيئي
مهينا علاج پئي هليو. توبچي بندوق جي فائر سان بلا ته ماري وڌي ليڪن پاڻ زخمي ٿي
پيو، مون کي سرد رت جي اها اڌ رات اونڌاهي ياد پوندي آھي ته بت ۾ ٿڙڪاڻي وٺي ويندي
آھي، مونکي هڪ ٻي رات به جڏھن ياد پوندي آھي ته لونءِ ڪانڊارجي ويندي اٿم، جڏھن ڪارونجهر
۾ برساتي موسم دوران شِو مندر ۾ رات پئجي چڪي هئي چانڊوڪي ۾ اسان کي اتان وهندڙ
نئي پار ڪري واپس ننگر شھر موٽڻو هو، جتي دوست نالو وسري ٿو وڃي ذات جو کوسو هو.
انتظار ڪري رهيو هو، جڏھن نئي پار ڪري رهيا هئاسين ته پٿر تان پير ترڪي ويو ڪرندي ڪرندي
مون سان گڏ ايندڙ دوستن هٿ ڏيئي ايئن بچائي ورتو جيئن قدرت حضرت ابراهيم کي آتش
نمرود مان بچايو هو.
اسين جڏھن رات دير سان شهر
پهتاسين ته مون دوستن کي چيو ته ٻانهون اوهان جون ليڪن غيبي طاقت قدرت جي هئي،
جنهن مون کي بچايو نه ته منهنجا ڪپڙا به توهان کي هٿ نه پون ها، آئون يادن جي وهڪري
۾ ڪيڏو نه دور لڙهي ويو آھيان، ٻيهر پٺتي موٽان ٿو.
مون کي سونو خان ياد اچي ٿو، جيڪو
پهرين قومي ڪارڪن ۽ پوءِ پاڻ کي انقلابي سڏائيندو هو ۽ آخر ۾ سندس پيءُ ۽ ماءُ سان
وڙهي گهر جا ڍور ڍڳا وڪڻي جوا، نشي ۽ ٻين خراب ڪمن تي وڃائي ڇڏيندو هو، سندس پوڙھو
پيءُ ۽ ماءُ کانئس ڊڄندا پيا هئا ۽ هڪ دفعو مون کي هٿ ٻڌي چيائون ته بابا تون
سمجهائينس سونو اسان سان وڙھي ٿو، اهڙي اولاد کان نانگا چڱا هئاسين، ڪجھ ڏينهن کان
پوءِ ڪجھ زمين جو ٽڪرو وڪڻي ٻي شادي ڪيائين، ڇهن مهينن کان پوءِ جڏھن وٽس ڪجھ نه رهيو
ته مائي ٻئي همراھ سان هلي ويئي. سونو خان سڃو رهجي ويو. سالن کان پوء هڪ ڏينهن جڏھن
مليو، پڇيومانس، هي سڀ ڪجھ ڇا ٿي ويو؟ ته ان وقت سندس اڳوڻي سنگت ساٿ تي ميار ٿي ڪيائين
۽ چيائين دل گهريا دوست به منهن موڙي ويا آھن، باقي اهو سڀ ڪجھ تقدير جو کيل هو
مون سوچيو ته زندگي ۾ جڏھن چڱائين جي ابتڙ برايون ڪيون وينديون آھن ته انهن جا
نتيجا اهڙا ئي نڪرڻا آھن، پوءِ ماڻھو پنهنجن عملن ڏانهن ڏسڻ بنان ئي تقدير جو ڏوھ ڏيئي
ڇڏيندا آھن، اسين جڏھن سڀ کان پهرين ماءُ، پيءُ، استاد، پاڙيوارن ۽ شھروارن سان سهڻو
سلوڪ نه ڪنداسين دغا ڪنداسين، ڪوڙ ڳالهائينداسين، بدامني پکيڙينداسين ته اسان کي
انهن عملن جو ڪيتو لوڙڻو پوندو ۽ اسان جي زندگي ذلت واري بڻجي پوندي.
ڪامريڊ ولو ۽ صالح وارن جي
پنهنجي پنهنجي پارٽي سان جيڪا لنئون ۽ لڳاءُ ھو ان جو ته داستان ئي الڳ آھي پر ڪامريڊ
وڪيو ۽ ڪامريڊ ھوشو وارن جا اڳيان هلي سندن پارٽين جا نظريا يا جدوجهد ناڪام لڳي،
جنهن ڪري سياست کان توبھن ڪري وڃي ٻئي ڌنڌي ڌاڙي جي ڪيائون، يعني اڳيان هلي انهن
کي پارٽين ۾ نقص نظر اچڻ لڳا يا سندن پهريان خيال پارٽين ڏانهن بدلجي ويا، ايئن ٿيندو
رهندو آھي ڇاڪاڻ ته پاڻ مٿي ذڪر ڪري آيا آھيون ته لالچ، مفادن، يا وري انا جي ڪري
ماڻھو ۽ سندن رويا، يا خيال بدلبا رهندا آھن، ائين جيئن موسمون مٽجنديون رهنديون
آھن، سواءِ چند ماڻھن جي، جيڪي اصولن تي سوديبازي ڪڏھن به نه ڪندا آھن. ڪڏھن به موسم
جيان بدلبا نه آھن. آئون جڏھن ان اجگر شهر ۾ سمندر خان جي گهر مان ٻاهر نڪري واپس
وڃي رهيو هوس ته منهنجي ذهن ۾ ھِي شعر تري ٿي آيو:
اب ياد
رفتگان ڪي همت ڀي نهين رهي،
يارون
ني ڪتني دور بسائي هين بستيان.
(ڏھاڙي پنھنجي اخبار ڪراچيءَ ۾ ۱۲ ڊسمبر ۲۰۲۵ع تي ڇپيل)
No comments:
راءِ ڏيندا