صلاح الدين پنهور
جنين جڳ جرڪايو
حسين ڪپري
صلاح الدين پنهور سان سڃاڻپ پراڻي،
تعلق موچارو ۽ ملڻ بي قاعدا رهيو. ساڳي شهر ۾ ڪجهه سال گڏ رلياسين، کلياسين، بحث ڪياسين،
ڪڏهن وڙهي، ڪڏهن پرچي اٿياسين. ماڻهو همراز هجي، غمگسار هجي، هجت ڪري سگهي ته وقت
سٺو گذري ٿو.
مگر هر شخص جي اندر ۾ هڪ ٻي
دنيا به هوندي آهي، جنهن جي قربتن ۾ فاصلا ۽ نزديڪين ۾ دوريون رهنديون آهن، تنهنڪري
سالن جي واقفيت جي باوجود به کيس گهڻو ڪو نه سڃاڻان.
چون ٿا، ڪامياب ماڻهو جا ڪئين
رنگ هوندا آهن، مون هن جا سڀ رنگ ڏٺا ناهن، سو پوري طرح سمجهه ۾ نه آيو. جيترو
سمجهه ۾ آيو ان مطابق، هو ڪجهه آدرشي ڪجهه دنيادار، ٿورو مصلحت پسند ۽ گهڻو بااصول
آهي. بااصول کي عوامي زبان ۾ ضدي چئبو آهي.
ضد هن کي ورثي ۾ مليو آهي. سندس
ڏاڏو ۽ نانو حر ھئا جن جو تعلق فرق واري فرقي سان هو. هڪڙي گهڙي مان پاڻي نه
پيئندا هئا. هنن جو به ڏوهه ڪونه هو، ماحول ئي اهڙو ھو جتي ماڻهو دماغ بدران دل
سان فيصلا ڪندا ھئا ۽ عقل بجاءِ عقيدت مندي تي هلندا ھئا.
ھن علائقي جي ماڻھن جا الائي ڪيترا
نسل ڪسمپرسي ۽ جهالت ۾ اتي ئي مري کپي ويا، ڪڏهن پنهنجو تر ڇڏي سئو ميل ٻاهر نه وڃي
سگهيا. جن ماڻهن تعليم حاصل ڪئي نه دنيا ڏٺي، انهن جي سمجهه ڪيتري هوندي!
بي انتها غربت جو شڪار، هي ماڻهو
روحاني طرح مالا مال آهن. سجادهه نشينن، خليفن ۽ مجاورن وهمن، وسوسن جو هڪ جهان جوڙي
ڇڏيو آهي، جنهن ۾ سڳن ڦيڻن ۽ دعا جي دٻ لڳي پئي آهي.
جيترو اوچو مرشدن جو شان آهي
اوترو نيچو مريدن جو حال آهي. پٿوري پير جي درگاهه هتي آهي، گرهوڙي جي درگاهه هتي
آهي. گرهوڙي صاحب جيڪو ڪافرن سان جنگ ڪندو هو. ڪافر ته ختم ٿي ويا پر غربت جان نٿي
ڇڏي.
صلاح پنهور هن علائقي، هن ماحول
۽ مٽي مان جنم ورتو. پڪين سرن جو ٺھيل اهو گهر اڃا سلامت آهي جتي هو ڄائو، اهو سرڪاري
اسڪول به قائم آهي جتي پرائمري پڙهيو، اهي پوٺا به برقرار آهن جتي هو اٽي ڏڪر،
ونجهه وٽي ۽ ٻيون بنا خرچ واريون رانديون مفت ۾ کيڏيو.
هو پبلڪ اسڪول ۾ پڙهيو پئي جو
سندس والد، برطانيا هليو ويو. پويان هو سوشلسٽ انقلاب لاءِ ڪم ڪرڻ لڳو. انهيءَ ڪم
۾ هن اهڙو هٿ وڌو جو ٻيا سڀ ڪم وسري ويا. هن کي ته کڻي وسري ويا پر پيءُ کي ياد
هئا. هو کيس اعليٰ تعليم لاءِ انگلينڊ وٺي ويو ۽ اتي داخلا به ٿي وئي.
مگر هو ته نُهن کان چوٽيءَ
تائين هاري حقدار جي نظرياتي رڱ ۾ رڱيل هو، سو پڙهائي مان هٿ ڪڍي، لنڊن ڇڏي واپس
سنڌ آيو. جيئن لطيف جي سر کاهوڙي ۾ ماڻهو ڇڏي سڀ ضرور لوچي لاهوتي ٿيندا هئا، تيئن
هي به سڀ شيون ڇڏي، ننڍي وهي ۾ انقلابي ٿي ويو هو!
ان وقت لڳندو به ائين هو ته
انقلاب، ايڪسپريس ٽرين مان اجهو ڄاڻ اچي لٿو. ماڻهن جي چشم بند تي اهو راز بھرحال
روس جي ٽٽڻ کان پوءِ کليو ته جيڪڏهن کاٻي ڌر جو انقلاب اچي به ويو تڏهن به فائدي
کان وڌيڪ نقصان پهچائيندو. مستقبل جي انهن امڪانن کان بي خبر، هو انقلاب جي هر اول
دستي ۾ ڪم ڪندو رهيو ۽ سر تري تي کڻيو پئي هليو.
منهنجي ساڻس پهرين ملاقات به
تنهن ڏينهن ٿي جنهن ڏينهن مري بچيو ھو! تڏهن هو اسان وٽ بي ايس سي جو شاگرد هو.
آئون تازو ڪميشن پاس ڪري شاهه لطيف ڪاليج ميرپورخاص ۾ انگلش جو ليڪچرر ٿي آيو هئس.
هڪڙي ڏينهن ڪلاس هلندي گوڙ ٿيو.
ٻاهر نڪتاسين ته خبر پئي، غنڊن هڪ شاگرد تي فائرنگ ڪئي آهي. ان ڏينهن هو پنهنجي
همت، حاضر دماغي ۽ قسمت سان بچي ويو. شام جو ساڻس ملڻ ويس. چانھ جي ڪوپ تي، ڪيترين
ئي ڳالھين ۽ مسئلن تي کُلي ڳالھايوسين.
هن جو خيال هو ته ماڻهو ايترو
شريف، غريب ٿي ڇو هلي جو دوست لاءِ آسرو ۽ دشمن لاءِ ڀئو نه هجي!
”اھي ڪم ته پيا ھلندا، تون سڀاڻي
کان پڙهڻ اچ،“ اٿڻ مهل مون چيو.
هن کي ڳالهه سمجهه ۾ اچي وئي.
پوءِ هو هر واندي شام جو ايندو
هو. انهي سان ملاقاتن جو هڪ ڊگهو سلسلو شروع ٿيو جنهن ۾ نظرين، خيالن ۽ تصورن تي
بحث ٿيندا هئا. هو هڪ ڪاپي کڻي ايندو هو، جنھن ۾ اھم ڳالھيون انگريزيءَ ۾ نوٽ ڪندو
ويندو هو. پڙهائي ۾ هن جو ذهن رٽو هڻڻ وارو نه پر پڇڻ وارو هو.
ڊڪشنري ۾ لفظ هجي، ماڻهن ۾
بيماري هجي، بي رحم حالتون هجن، هو هر شئي تي سوال ڪندو هو. مثال، ”جيڪو آهي ان کي
ڪيڏانهن ڪجي ۽ جيڪو ناهي تنهن لاءِ ڇا ڪجي؟“
ظاهري طرح اهو هڪ فلسفيانه سوال
هو پر جڏهن ان کي عام زندگيءَ تي لاڳو ڪندا هئاسين ته پوءِ هوند ۽ اڻهوند جي حدن
جي وچ ۾ رهي انساني ڪوششن جي معنيٰ سمجهه ۾ ايندي هئي ۽ ٻين خاطر جيئڻ جو مقصد
ملندو هو.
جنهن ڄمار ۾ نوجوان اڌ درجن عشق
ڪندا آهن تنهن عمر ۾ هو ڪيڏو سيريس هو، تنھنجو اندازو بخوبي لڳائي سگهجي ٿو.
ان زماني ۾ هو گهڻو سرگرم هو. ڪڏهن
ڀاڙا خرچ ڪري وينون ڀرائي هاري ڪانفرنس ۾ پيو وڃي، ڪڏهن احتجاج لاءِ ڪارڪن گڏ پيو ڪري،
ڪڏهن لانگ مارچ تي ليڪچر ٻڌڻ لاءِ ڇوڪرا وٺيو پيو وڃي.
واپسي ۾ انهن ليڪچرن جون رڪارڊ ٿيل
ڪيسٽون اسان لاءِ کڻي ايندو هو. انقلاب جي نالي ۾ جيڪا به تماشا گيري ٿيندي هئي
تنهن ۾ هو دل جان سان پيش پيش هوندو هو. پيسو، محنت ۽ وقت ضايع ڪرڻ جو ڪو موقعو هٿان
وڃڻ نه ڏيندو هو!
آئون ميرپورخاص ۾ ئي هئس جو هن ڪاڄ
جي دعوت ڏني.
”تو کي هينئر ڪهڙي تڪڙ آهي شادي
جي؟“
”زندگي جو ڀروسو ناهي، سو اهو ڪم
ڪري ٿا ڇڏيون.“ کلندي هن جواب ڏنو.
اهو ڀَتُ، اسان کاڌو. ان کان
پوءِ اڳتي هلي زندگيءَ ۾ هن جيڪي ٻيون شاديون ڪيون تن جون خبرون ماڻهن جي واتان ٻڌيون.
هن پڙهائي پوري ڪئي، ڊگريون وٺي
ڇڏيون، بي روزگاري وارو زمانو هليو پي. جڏهن نوڪري لاءِ درخواستون موڪلي ٿڪي پيو
ته ڪارو ڪوٽ سبائي وڪالت شروع ڪئي.
ان ئي دور ۾ عالمي ادب جي
مطالعي سبب، هو پنھنجي نظرياتي پارٽي مان کٽو ٿي پيو. کيس يقين ٿي ويو ته اھا گاڏي
ڪڏھن به منزل تي نه پھچندي. تنھنڪري پارٽي، ان جي نظرين ۽ سياسي سرگرمين مان صفا هٿ
ڪڍي، رڳو قانون جا ڪتاب پڙهڻ لڳو.
مون چيو، ڪتاب پڙهڻ سٺي ڳالهه
آهي پر ٻيا سڀ وڪيل ڪارن تي چڙهيو وتن، تون موٽر سائيڪل تي، ائين ڪم نه هلندو.
مهيني کان پوءِ هن ننڍڙي ڪار ورتي. وياسين سروس اسٽيشن تي. مستري ڪار جي چوڌاري
گهمي، جائزو وٺي چيو؛ ”صاحب، يه گاڙي تو ختم هي. اس ڪي ڪيا سروس ڪرائو گي!“
مون ڳالهه ٺاهي؛ ”يار اسان کي
گاڏي وڪڻڻي آهي. تون چمڪائي ڏي، وڪامندي ته تو کي به خرچي ڏينداسين.“
پراڻي گاڏي ته ڌوئارڻ کان پوءِ
به سٺي ڪا نه هلي پر وڪالت خوب هلڻ لڳي. انهيءَ وچ ۾ هو هڪڙي پٺاڻ جي ڪار کي ٽڪر هڻي،
رڪشا واري جو شيشو ٽوڙي ۽ ٻيا ننڍا ايڪسيڊنٽ ڪري ماهر ڊرائيور ٿي ويو.
ڪجهه عرصي کان پوءِ هن کي سول
جج جي نوڪري ملي. سڌو منهنجي اوطاق تي آيو پر ڪار تان نيري بتي لاهي پوءِ آيو!
”بتي لڳائڻي ناهي ته پوءِ گڏ ڇو
کڻيو وتين؟“ مبارڪون ڏيندي مون چيو.
”ثبوت کان سواءِ ماڻهو ڳالهه تي
اعتبار ڪيئن ڪندا،“ ھن دليل ڏنو.
مگر جلد ئي هن اها نوڪري ڇڏي ڏني
۽ وري وڪالت شروع ڪئي.
چارلس ڊڪنس چيو؛ ”جيڪڏهن خراب
ماڻهو نه هجن ها ته سٺا وڪيل نه هجن ها.“ هن جي سٺي وڪيل هئڻ جي پويان مگر سٺا ماڻهو
هئا جن کيس زندگي ۾ شارٽ ڪٽ نه سيکاريو هو.
قانون جي پيشي ۾ هو جيترو جلدي
ترقي ڪندو ويو ان کان وڌيڪ تيزي سان وڪيلن جي سياست جا ڏاڪا چڙهندو ويو. بار جي
اليڪشن ۾ دوستن کي نوازڻ، عام وڪيلن سان سٺو رويو رکڻ، جونيئرن کي سيکارڻ ۽ پنهنجي
پيرن تي بيهارڻ جي ڪري هو گهڻو مقبول ٿي ويو...
... ضيا جي مارشلا کان پوءِ ملڪ
۾ جڏهن به اليڪشن ٿيندي هئي ته کاٻي ڌر جون پارٽيون ضرور هارائينديون هيون. آئون
سوچيندو هئس، سٺا ماڻهو ڪامياب ڇو نٿا ٿين؟
مگر هو جنهن اليڪشن ۾ به بيٺو،
کٽي ويو. پهرين ميرپور خاص بار کٽي، پوءِ سنڌ ليول تي آيو ۽ پوءِ پاڪستان بار جو
ميمبر چونڊاڻو! هو قسمت جو ڌڻي هو يا ڪاميابي حاصل ڪرڻ هڪ فن هو، اها خبر ڪا نه
پئي پر هن کي ڏسندو هئس ته اهو سوال تنگ نه ڪندو هو.
وڪالت واري عرصي دوران، هو ڪلڪيوليٽيڊ
ماڻهو رھيو. نجي ڪچهرين ۾ گهٽ ڳالهائيندو هو مگر ڪورٽ ۾ دليل اهڙي نموني ڏيندو هو
جو ججن کي اعتبار اچي ويندو هو.
وڪيل واترادا ٿيندا آهن مگر ڇا ڳالهائڻو
۽ ڇا نه ڳالهائڻو آهي، اهو آرٽ مٿس اچي دنگ ڪندو هو. هڪ لفظ به وڌيڪ نه گهٽ، اضافي
نه کٽل، هيڏانهن نه هوڏانهن، عين موضوع مطابق. کيس ڳالهائيندو ڏسي، اهي بازيگر ياد
اچي ويندا هئا جيڪي تاڻيل رسي تي هلندا نه پر ڊوڙندا آهن! ڏکيا ڪيس به هن لاءِ کٽڻ
سولا هئا. جلد ئي سندس شمار، ملڪ جي اعليٰ قانوني دماغن ۾ ٿيڻ لڳو.
جڏهن هاءِ ڪورٽ جي جج لاءِ نالو
تجويز ٿيو ته هن دل پي هنئي. ڇو ته وڪالت ۾ پيسو گهڻو هو ۽ بار جي سياست ۾ مقبوليت
جام پي ملي. هن کي نوڪري جي ضرورت ئي نه هئي.
مگر پوءِ اسماءِ جهانگير وچ ۾
پئي؛ ”تم ڪو آگي آنا چاهيئي. سپيريئر جوڊيشري ۾ هم ڪو ايسي جج چاهئين جو قابل ڀي
هون اور باهمت ڀي. وقت آني پر ڪسي ڪي ڀي سامني کڙي هو سڪين.“
مگر هو ته اسماءِ جي اميدن کان
به اڳتي نڪري ويو. هن انصاف دل کولي ڪيو، حوصلي سان ڪيو ۽ اهڙي نموني ڪيو جو
باقاعدي ڏسڻ ۾ آيو.
جج جي حيثيت سان هن ڪي اهڙا
تاريخي فيصلا به ڏنا، جنهن سان عوام کي وڏي پيماني تي رليف مليو. اڄ به انصاف لاءِ
واجهائيندڙ لکين ماڻهو هن ۾ اکيون وجهيو ۽ اميدون رکيو ويٺا آهن.
زندگيءَ جي سفر ۾ هو جيترو
بلندين تي چڙهندو ويو، اوترو سنگت کان دور ٿيندو ويو. جي عاشقن جي ٻولي ۾ چئجي ته
اسان جو ملڻ جهٽڪي وارو رهيو. ذاتي طرح ھن وٽ اڳي ئي ٽائم گهٽ هو، جج ٿيڻ کان پوءِ
مورڳو فون کڻڻ ئي ڇڏي ڏنو.
پوئين مهيني ورهين کان پوءِ
سندس ڪال آئي، ”استاد، ڳوٺ هلڻو آهي“ ته خوشگوار حيرت ٿي!
ڳوٺ هن جو ٻاورلو ايترو غير اهم
آهي جو مون ان جو نالو ڪٿي نه ڏٺو. ڪتابن ۾، نه جاگرافي جي نقشي ۾ ۽ نه بس اسٽاپن
جي لسٽ ۾. سانگهڙ ضلعي جو هي پٽ ڏسڻ سان تعلق رکي ٿو. ڀڙ ڀانگ ٻهراڙيون، برباد
زراعت ۽ بنيادي سهولتن کان محروم ڳوٺاڻا. غربت ۽ اڻهوند تي ٺهيل سڀ پهاڪا هنن جي ٻول
چال ۽ ڪچهرين ۾ عام آهن.
ٽائر جي جتي پاتل هڪڙي همراهه
کان مون حال احوال ورتا. ”تون ابو ويٺو آهين، تو سان ڪوڙ ڪونهي. بک نٿا مرون، ٺلهي
ماني پچائي، رُکي کايون ٿا. اهو شڪر آهي جو گهر ۾ اٽو آهي.“
اٽو کڻي هنن وٽ پنهنجو آهي مگر
گهر پنهنجو ناهي. ڪٿي پرائي زمين تي ڪا جهوپڙي، ڀونگي، ڇنو ٺاهي ويهو رهن، سال ٻن
کان پوءِ زميندار لڏايو ڇڏين. انهي ڪري هنن جي ڪا ايڊريس ڪونهي جو خط پهچي، ووٽ ڪونهي
جو وڏيرو هلي اچي ۽ ڪوڙا واعدا ڪري. سچ پڇو، انهن جو ڄڻ ڪو تعارف ئي ڪونهي. ڪنهن
کي ڇا ٻڌائين!
انهي علائقي لاءِ هن ٻه ڪم ڪيا.
هڪڙو ته پنهنجي ويهه ايڪڙ زمين غريب ماڻهن کي گهر ٺاهڻ لاءِ لکي، سرڪاري کاتي ۾ ڏئي
ڇڏي. هاڻي هو پنهنجو ڳوٺ ٺاهي ويٺا آهن، ڪنهن رئيس، زميندار جي ڪاڻ نٿا ڪڍن!
ٻيو ڪم اهو ڪيو جو پنهنجي مرحوم
والد جي نالي پويان ”ڊاڪٽر جي ايم پنهور انسٽيٽيوٽ“ قائم ڪيو. گرهوڙ شريف جي ڀرسان
مصطفيٰ آباد ۾ ٺاهيل هي ادارو معياري تعليم، نياڻين کي سلائي جو هنر سيکارڻ جون
سهولتون ۽ اسڪالرشپون ڏي ٿو.
انهي سان گڏ شاگردن لاءِ هزارن ڪتابن
تي مشتمل لائبرري، ڪمپيوٽر سيڪشن ۽ ٻيون جديد سهولتون آهن. الائي ڪيترا ٻار جيڪي اڳي
جھنگ ۾ ٻڪريون چاريندا، هوٽلن تي پيش گيري ڪندا ۽ گيراجن تي ڇوٽُو ٿي ڪمائيندا هئا،
سي هتي مفت تعليم حاصل ڪري رهيا آهن.
سڄو خرچ، هن جي کيسي ۽ فيملي جي
آمدني مان اچي ٿو. سخاوت، پيسي جي گهڻائي تي ڪونهي، دل جي وسعتن تي آهي. اداري جو
انتظام سندس نصف بهتر سنڀالي ٿي ۽ غريب نڌڻڪن ٻارن جي ماءُ ٿيو ويٺي آهي. اهڙيون چڱايون
رڳو پيسن سان نه پر شفقت ۽ جذبي سان ٿينديون آهن.
هڪ اهڙو علائقو جيڪو اڳي خودڪشين
۾ نمبر کڻيو بيٺو هو اتي جي ماڻهن کي اهڙيون شاندار سهولتون ڏيڻ، هڪ وڏي نيڪي آهي،
جنهن جو نعم البدل نٿو ٿي سگهي.
ادارو قائم ڪرڻ، ڪا معمولي ڳالهه
ناهي. جيڪو ڪم، نظرياتي پارٽيون اڌ صدي کان به وڌيڪ عرصي ۾ نه ڪري سگهيون، سو هن
چند سالن ۾ ڪري ڏيکاريو!
هن جي باري ۾ عام تاثر اهو آهي
ته هو جيڪو ڪم ڪري ٿو، دل سان ڪري ٿو ۽ ان کي پورو ڪرڻ لاءِ نُهن چوٽيءَ جو زور لڳائي
ڇڏي ٿو. اصل ۾ هو فوڪس ڪري ٿو ۽ نتيجا حاصل ڪري ڏيکاري ٿو.
پڙهيل ماڻهو، رٽائرمنٽ کان پوءِ
گل ٻوٽا پوکيندا آهن. هن هينئر سان باغ لڳايو آهي. ان جو ميوو ته الائي ڪنهن کي
نصيب ٿيندو پر هن جيڪو ادارو ٺاهيو آهي، تنهن جون چڱايون، ان علائقي جي ماڻهن
تائين پهچي رهيون آهن.
سڀني کي خبر آهي، هو پنهنجي ڪيل
ڪمن جي جواب ۾ ڪنهن ذاتي فائدي جي توقع نٿو رکي. ”ٿينڪ يو“ ٻڌڻ، پسند نٿو ڪري. ماڻهو
کيس اهو لفظ نٿا چون. پر هٿ ڏيڻ مهل انهن جون نگاهون جهڪيو وڃن، اکين سان
”مهرباني“ چيو ڇڏين.
(ڪتاب ”دلبر ھن ديس جا“ڇاپو ٻيو تان کنيل)
No comments:
راءِ ڏيندا