; سنڌي شخصيتون: راءِ بهادر انجنيئر موٽُومل آسراڻي

22 December, 2025

راءِ بهادر انجنيئر موٽُومل آسراڻي

راءِ بهادر انجنيئر موٽُومل آسراڻي

حسيب ناياب منگي


جھڙيءَ ريت شڪارپور جي ماڻھن جي رهڻي ڪھڻي اعليٰ رهندي آئي آهي، تھڙيءَ طرح ئي هو کاڌي پيتي جا به شوقين رهيا آهن. روشنين سان شھر کي روشن ڪرڻ وارا ۽ ميلن ملاکڙن ۽ ٻي راند روند سان پنھنجي زندگيءَ ۾ خوشين جا رنگَ ڀري خوشگوار زندگي گذارڻ وارا هي زندھه دل شھري هر دؤر ۾ پنھنجي ڀيٽَ پاڻ ئي رھيا آهن. هو پنھنجي شھر جي ترقيءَ لاءِ پنھنجي کيسي مان خرچ ڪندي به ڪونه ڪيٻائيندا هئا. شڪارپور جي ماڻھن شھرَ جي علمي، سماجي توڙي ثقافتي ادارن جي تعمير ۽ ترقيءَ لاءِ جنھن نموني پاڻ ملهايو آهي، تنهن جو ذڪر اڄ به تاريخ جي ورقن ۾ سونھري اکرن سان لکيل آهي. هن خوشقسمت شھر جي هر گهٽيءَ ۾ پڙهيل لکيل، واپاري، آفيسر طبقي جي ماڻهن توڙي سماجي املھه موتين جو، هر زماني ۾ ڄمڻ به شڪارپور جي ترقيءَ جو هڪ اهم سبب رهيو آهي. وقت بوقت اهي سڀئي پنهنجي شھر ۽ شھرين جي ڀلائيءَ لاءِ پاڻ پتوڙيندا رهيا ۽ انھن جو آواز، مسئلن جو حل ثابت ٿيندو رهيو.


تڏهن ئي ته شڪارپور، هند سنڌ ۾ بي مثال رهي. اهڙا مثالي پُرشَ، جن شڪارپور لاءِ ڪجهه نمايان ڪري ڏيکاريو، تن ۾ موٽومل آسراڻي به هڪ هو، جنھن جو تعلق به شڪارپور جي ڀُونءِ سان هو.راءِ بھادر موٽومل آسراڻي، ۱۱ ڊسمبر ۱۸۹۰ع تي ‘سنڌ جِي پئرس’ ــ شڪارپور ۾ جنم ورتو. هُو ننڍي هوندي کان ئي ذهين هو. شڪارپور ۾ ابتدائي تعليم حاصل ڪرڻ سان گڏوگڏ ڌرمي شِڪشا ۽ حساب ڪتاب جي سکيا پڻ حاصل ڪيائين. وڌيڪ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ سندس دلچسپي ڏسي کيس گهر وارن بمبئيءَ اماڻيو. جتان انٽر ڪري واپس شڪارپور اچي پنھنجي پِتا سان ڪاروبار ۾ هٿ ونڊائڻ لڳو. سندس خواهش ۽ شوق اڃا وڌيڪ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ انگلينڊ وڃڻ جو هو، ته جيئن اتان قابليت ماڻي موٽي، پنھنجي ڪٽنب سان گڏ شڪارپور جو نانءٌ به روشن ڪري، پر مالي طور تي پاڻ ڀرو نه هئڻ ڪري وري بمبئيءَ وڃي اتان جي وِلس ڪاليج مان ‘بي ايس سي’ پاس ڪري واپس گهر موٽيو. سندس ان ڪاميابيءَ تي نه صرف سندس خاندان وارا خوش هئا، پر هو پاڻ به اڳتي وڌڻ لاءِ ڏينھن رات محنت ڪندو رهيو.

ڌرم ڏانھن ننڍي هوندي کان ئي سندس لاڙو هو. هُو جتي ستسنگ ڪرائي ڀڳوان کي راضي رکڻ جا جتن ڪندو هو، اتي انسانن جا حق به ڪونه وساريائين ۽ پرڀُوءَ جي پُوڄا سان گڏوگڏ انسانن جي مدد لاءِ پڻ هميشه تيار نظر ايندو هو. شڪارپور ۾ ڪڏهن به خير ۽ ڀلائيءَ جي ڪم جي ضرورت پوي يا شاگردن کي اعليٰ تعليم لاءِ بمبئيءَ موڪلڻ لاءِ ڪنھن کي خرچ جي گُهرجَ هجي ته هي شخص پنھنجي کيسي مان شھر واسين جي مدد ڪندي خوش ٿيندو هو. علم سان ذاتي طور گهڻو چاهه هئڻ ڪري غريب ۽ مسڪين شاگردن کي نصابي ڪتاب وٺي ڏيڻ کان وٺي پڙهائيءَ ۾ پٺتي پيل نؤجوانن کي شام جي وقت پڙهائڻ تائين هن جون محنتون ڪڏهن به وساري نٿيون سگهجن.

شڪارپور جا ماڻھو کيس علم ۾ ڀَڙُ هئڻ ڪري هونئن ئي مان ڏيندا هئا، مٿان وري ڪاروباري پيشي ۾ به هن کي جڏهن عام واپارين وانگر مايا پرستيءَ ۾ ڦاسندو نه ڏٺائون، ته ويتر سندن دل ۾ هن جي عزت وڌي وئي. اهڙي وقت ۾ جڏهن هن شڪارپور ۾ ٺِيڪا کڻڻ شروع ڪيا ته من ۾ خيال آيس ته هاڻي جڏهن مالي طور مستحڪم ٿي چڪو آهيان ته شڪارپور ۾ ويھي ڪاروبار سنڀالڻ ۽ ٺيڪيداري ڪرڻ کان بھتر آهي ته انگلستان مان اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ جي پنھنجي پراڻي خواهش پوري ڪري اچان. پنھنجي محنت ۽ سچائيءَ سان جڏهن علم جي حصول لاءِ برطانيه ويو ته پنھنجي ديرينه خواهش جي پورائي تي سڪون ماڻيائين. ڏينھن رات جي اڻٿڪ محنتن سان انگلينڊ مان انجنيئرنگ پاس ڪري شڪارپور وريو. هتي سندس قابليت جي اڃا وڌيڪَ تعريف ٿيڻ لڳي. اهي ۱۹۲۰ع واري ڏهاڪي جا ڏينھن هئا. سنڌ تي انھن ڏينھن ۾ انگريزن جو راڄ هو. مسٽر آسراڻيءَ کي سندس قابليت سبب ستت ئي ‘ايسٽ انڊيا ريلوي’ ۾ ‘اسسٽنٽ انجنيئر’ طور ملازمت ملي وئي. هن انگريزن آڏو ايتري قابليت، سچائيءَ ۽ محنت سان ڪم ڪري پاڻ مڃرايو، جو ريلوي کاتي ۾ کيس تمام گهڻي ترقي حاصل ٿيندي رهي. دلچسپيءَ ۽ اورچائيءَ سان ڪم ڪندي ۱۹۳۹ع ۾ ايسٽ انڊيا ريلوي جو ‘ڊپٽي مئنيجر’ مقرر ٿيو. چيو وڃي ٿو ته اڳ ان عھدي تائين صرف انگريزن کي ئي ترقي حاصل ٿيندي هئي، پر موٽومل آسراڻيءَ جي قابليت ۽ محنت کيس اهو مان بخشرايو، جو هُو مڪاني شھري هجڻ باوجود ان عھدي تائين رسيو. اهو ئي نه بلڪه هُو اڃا ترقي حاصل ڪندي ‘ڊپٽي جنرل مئنيجر’ جي عھدي تائين پھتو ۽ ۱۹۴۵ع ۾ ان ئي حيثيت ۾ باعزت نموني رٽائر ٿيو.

انگريز سرڪار جي نظرن ۾ هن ديانتدار ۽ قابل شخص جي نه صرف ڪم جو قدر هو، پر سندس پيشاورانه لياقت سان گڏوگڏ سندس ڪردار کي به سدائين اعليٰ مرتبو حاصل رهيو. موٽُومل، رٽائرمينٽ کانپوءِ ريلوي کاتي جي مختلف ڪميٽين جو سربراهه هجڻ سان گڏوگڏ ‘ريلوي سروس ڪميشن’ جو چيئرمين ۽ ريلوي بورڊ جو رڪن پڻ رهيو. ريلوي کاتي ۾ سندس سچائيءَ سان گڏوگڏ عام سماجي ڪمن ۾ کيس اڳڀرو ڏسي انگريز سرڪار سندس نمايان خدمتن جي مڃتا ۾ کيس “راءِ بهادر” جي خطاب سان نوازيو.

هندوستان جو ورهاڱو ٿيو ته راءِ بهادر موٽومل آسراڻي به هتان وڃي لکنؤ وسايو. سنڌ جا گهڻا ئي ماڻھو جڏهن سنڌ کي خير آباد چئي ورهايلَ هندوستان هليا ويا ته هن عظيم انسان به سرڪار جا سڀ عھدا ۽ ذميواريون ڇڏي، انھن بي سھارن جي نه رڳو مدد ڪئي، پر لکنؤ ۽ ٻين هنڌن تي کين آباد ڪرائڻ ۾ به پنھنجو ڀرپور سھڪاري ڪردار پڻ ادا ڪيو. “سنڌونگر” (الهاس نگر) جي قيام کان وٺي ڪيترن ئي اسڪولن جي پيڙهه رکڻ تائين هن شخص جيئن پاڻ پتوڙيو، سو سچ پچ ثابت ٿو ڪري ته کيس انسانذات جي خدمت ڪرڻ جو ڪيڏو نه گهڻو شوق هو .

وقت گذرندو رهيو... هي به غريبن جي مدد ڪندي ڪڏهن ڪونه ٿڪيو. ڪنھن به سواليءَ کي خالي هٿ واپس نه موٽائيندو هو. نؤجوانن کي علم جي روشنيءَ سان منور ڪرڻ کان وٺي روزگار جي وسيلن تائين پھچائڻ ۾ راءِ بھادر موٽومل آسراڻي ورهائجي ويل هندوستان ۾ به سنڌين جو ٻانھن ٻيلي رهيو. ۲۹ مئي ۱۹۶۰ع تي موٽومل آسراڻيءَ جو لکنئو ۾ سرڳواس ٿيو. اڄ اسان سنڌين جي هر هنڌ معاون رهندڙ هن عظيم شخصيت کي سندس ۱۳۵ هين جنم ڏهاڙي تي ياد ڪندي، احترام مان ڀيٽا پيش ڪريون ٿا.

 

(ڏھاڙي پنھنجي اخبار ڪراچيءَ ۾ ۱۱ ڊسمبر ۲۰۲۵ع تي ڇپيل)

No comments:

راءِ ڏيندا