; سنڌي شخصيتون: چاچو عبدالله مڪاني

10 December, 2025

چاچو عبدالله مڪاني

چاچو عبدالله مڪاني

منظور ڪوھيار

ڪجھ ڏينهن اڳ منهنجي ننڍپڻ جي دوست سهيل مڪانيءَ پڇيو؛ ”هاڻي شخصي تاثر يا خاڪو ڪنهن تي لکندين؟“

چيومانس؛ ”تو تي!“

چيائين؛ ”مون کي ڇڏ، پهريان بابا تي لک!“

سوچيم، ”سهيل تي ته ڪسو ڪانڊو لکي سگھجي ٿو. ھم عصرن تي لکڻ ۾ گھاٽي واڌي ٿي وڃي ته خير آھي. پر سندس پيءُ عبدالله مڪاني تي ڪيئن لکجي...؟ پاڙي جي بزرگن تي لکڻ مون کي اؤکو لڳندو آهي ته متان ڪا اڻ سڌيءَ طرح گستاخي نه ٿي وڃي. اڳ ۾ لاهوري محلي لاڙڪاڻي جي ٽن بزرگن محمد حسين عرف فقير غلام حسين مڪاني، قلندر بخش بدوي ۽ انيس انصاري تي ته سوانحي خاڪا لکي چڪو هيس. پر ڪا شڪايت موصول نه ٿي ھئي. سندن پونيئرن شڪر گذاري جو اظهار ڪيو هيو. مثلًا اسحاق انصاريءَ جو ۱۷ اپريل ۲۰۰۰ع تي، ڪراچيءَ مان موڪليل خط، ان جو شاھد آهي، جڏهن هو اسٽيٽڪس ڊپارٽمينٽ، اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان ۾ جوائنٽ ڊائريڪٽر هيو.


سائين منظور صاحب!

سوجھرو ۾، اوهان جو بابا تي لکيل تاثر ڏاڍو وڻيو. سچ پڇو ته ان ۾ جذبن جي سچائي،

لفظن جي بيهڪ ۽ احساسن کي سهڻي نموني ظاھر ڪيو اَٿوَ.

خبر ناھي، اوهان جي مهرباني مڃڻ کپي يا نه!

اوهان جو پنهنجو

اسحاق انصاري

(مهرباني مڃڻ کان وڌيڪ مون لاءِ اسحاق انصاريءَ جي موٽَ Response جي اھميت هئي.)

عبدالله مڪاني صاحب به لاڙڪاڻي جي ڪا جھڙي تهڙي شخصيت نه هيو. هن جي سڃاڻپ جا ڪيترا ئي پاسا هيا.. هو استاد بن استاد، ابوهم استاد، تعليمي ماهر هئڻ سان گڏوگڏ صاف دل صوفي، بهترين اسپورٽس مئن، ملڪ جو نامور اسڪائوٽ، اديب، ادب پرور، ادب شناس. جي مان پنهنجي ڳالھ ڪيان ته منهنجي گھاٽي دوست سهيل مڪاني جو والد. گھر گھر جي، در در جي سامهون رهندڙ فضيلت مآب پاڙيسري، جنهن کان علم، فضيلت، نياز نوڙت ۽ رواداري سکي. وڏي ڳالھ ته منهنجي والد جو ھم عصر ۽ چاچي مثل........

ياد آيو ته جڏهن چاچو عبدالله مڪاني حال حيات هيو ته مون سندس شخصيت تي لکڻ پئي گھريو. ان حوالي سان ڪجھ معلومات گھري ته چيو ھيائين؛ ”مون کي ڇڏ، بابا تي لک!“ پوءِ مون معلومات وٺي، سندس والد محمد حسين عرف فقير غلام حسين مڪاني تي ”وساريل کاھوڙي“ جي عنوان سان سوانحي خاڪو لکيو ھيو. جيڪو پنهنجي خاڪن جي ڪتاب ”ڪي ڪي ماڻهو وديا ساگر“ ۾ ”وساريل کاهوڙي“ جي عنوان سان شايع ٿيل آھي.

عبدالله مڪاني جي والد گرامي تي لکندي اھا ڄاڻ ملي ھئي ته دراصل ”مڪاني“ ذات نه پر لقب آھي، جيڪو درگاھ لنواري شريف جي مرشدن طرفان انهن خاص مريدن کي ڏنو ويندو هيو، جن جي رهائي رسائي مرشدن جي مڪان پاڪ (رهائش واري جاءِ) تائين هوندي هئي. جتي درگاھ جي انتظامي ۽ روحاني رمزن متعلق مشاورت ٿيندي هئي. عبدالله مڪاني صاحب پنهنجي وڏڙن جي حوالي سان اھا ڄاڻ ڏني هئي ته سندن تعلق لسٻيلي جي جوکين سان هيو. جن مان هڪ بزرگ محمد حسين ولد محڪم الدين جوکيو سلطان الاؤليا محمد الزمان جي ھٿ تي بيعت ڪئي. ائين سندن خاندان سُرندو سُرندو بود باش جي لحاظ کان ”پاٽ“، پوءِ ڳوٺ ”ملڪ“ (مورو) کان ٿيندو، جڏهن سندس والد گرامي گورنمينٽ ھاءِ اسڪول ۾ استاد ٿيو، ته سندن خاندان ھميشه لاءِ لاڙڪاڻي ساھ سيباڻي جو ٿي ويو.“

جن ماڻهن کي ان پس منظر جي خبر نه هوندي هئي، اهي سمجھندا هيا ته ”مڪاني“ دراصل گڙنگ موالين جي سنڌي ذات آھي جيڪي صبوح شام سلفيون سَر ڪري يا پيالو پي مڪان ۾ پُرباش لڳا پيا هوندا آھن، مهدي سائين جي ان ڪافي جي بند جيان؛

”پيالو پيتل هجي، گھوڙو ڪونتل هجي

حسن هوٽل هجي، اتي کيچل نه هجي......

چاچو عبدالله مڪاني هڪ دلچسپ ڳالھ ٻڌائيندو هيو ته هڪ دفعي کيس سوشل اسٽڊي جا پيپر ڏسڻ لاءِ مليا، جنهن ۾ هڪ سوال هيو ته ”مڪاني ادارن تي نوٽ لکو؟“ ان جي جواب ۾ لکيل هيو ته ”مڪاني ادارا دراصل مڪاني خاندان جوڙيا ھيا. جن جو هاڻ سربراھ عبدالله مڪاني صاحب آهي. جيڪو ميونسپل ھاءِ اسڪول جو ھيڊ ماستر ۽ نهايت ڀلوڙ انسان آھي.“ پوء مڪاني خاندان جي تعريف ۾ پورا ٽي صفحا لکيل ھيا.“

”پوءِ اوهان فل مارڪون ڏنيون هوندس؟“پڇيو هيومانس.

وراڻيائين، ”زيرو!“

چاچي عبدالله مڪاني جو مختصر پروفائل ڪجھ هن ريت آهي ته سندس جنم ۱۷ جون ۱۹۳۱ع ۾ ٿيو. جنم ڀومي ۽ ڪرم ڀومي لاھوري محلو لاڙڪاڻو بڻي. پرائمري تعليم ۱۹۴۲ع ۾ ديني مدرسي لاڙڪاڻي مان ورتائين. ۱۹۵۰ع ۾ مئٽرڪ گورنمينٽ هاءِ اسڪول مان ڪيائين. ۱۹۵۵ع ۾ بي اي آنرس ۽ ۱۹۵۷ع ۾ ايم اي ( سنڌي) سنڌ يونيورسٽي مان. عبدالله مڪاني صاحب سنڌ يونيورسٽيءَ مان ان وقت ”ماسٽرس“ ڪئي ھئي، جڏهن علامه آءِ آءِ قاضي جھڙو جليل القدر وائيس چانسلر، ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ ۽ شفيع محمد ميمڻ جھڙا ڀلوڙ استاد هيا. علامه صاحب جا ليڪچر يا خطبه ٻڌڻ لاءِ نه صرف مقامي عالم، پر ٻاهرين ملڪن جا به ماڻهو ڪھي ايندا هيا. چاچو عبدالله مڪاني ٻڌائيندو هيو ته پڙهائيءَ دؤران هن ڪڏهن به علامه صاحب جي خطبي يا ليڪچر کي مِس نه ڪيو هيو.

مان چاچي عبدالله مڪاني جي تعظيم ۽ احترام جو مظاھرو ۲۹ ڊسمبر ۲۰۰۲ع ۾ تڏهن ڏٺو، جڏهن ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ صاحب لاڙڪاڻي هسٽاريڪل سوسائٽي جي هڪ پروگرام ”لاڙڪاڻو سؤ ساله ڪانفرنس“ ۾ صدارت ڪرڻ لاءِ تشريف فرما ٿيو هيو.

شاھ نواز ڀٽو لائبرري جي آڊيٽوريم هال ۾ چاچي عبدالله مڪاني وڏي نياز ۽ نوڙت سان ملندي کيس ٻڌايو هيو ته؛

”سائين، مان سنڌ يونيورسٽي جي سنڌي شعبي ۾، اوهان جو ھڪ ادنيٰ شاگرد عبدالله مڪاني!!“

ڊاڪٽر صاحب ٿورڙي دير تائين کيس تڪيو ۽ پوءِ سفيد ريش شاگرد کي سڃاڻيندي هڪدم پڇيائينس؛ ”تو پي ايڇ ڊي ڪئي، ڇوڪرا...؟“

”نه سائين..!“ عبدالله مڪاني حضور شرمي سان وراڻيو.

”تون ته هوشيار شاگردن منجھان هئين، جي تون پي ايڇ ڊي ڪرڻ چاهين ها ته تو لاءِ ڪو مسئلو نه هيو.“

”بس سائين، ٻين سرگرمين طرف لاڙو وڌڻ ڪري توجھ نه ڏئي سگھيس!“ عبدالله مڪاني ڄڻ شرمساري جو اظهار ڪندي وراڻيو.

مون کي حيرت اھا ٿي، جڏهن وڏي عرصي گذرڻ کان پوءِ به استاد، استاد ھيو ۽ شاگرد شاگرد. وقت جي وٿيءَ، هڪ جي حيثيت ۽ مرتبي، ۽ ٻئي جي تعظيم و تڪريم واري انداز ۾ گھٽتائي نه آندي هئي. تڏهن ته چيو ويندو آ ته حقيقي استاد جي جاءِ ڪير ڀري نه ٿو سگھي.

”جائي استاد، خالي است!“

--- ۲ ---

چاچي عبدالله مڪانيءَ هڪ دفعي اوطاق تي نجي ڪچھريءَ ۾ پنهنجي سياسي سرگرميءَ بابت ٻڌايو هيو ته ھو هاءِ اسڪول جي زماني ۾ ئي ’مسلم اسٽوڊنٽس فيڊريشن‘ جو ميمبر ٿيو ھيو. ان زماني جو سياسي پس منظرنامو ڪجھ هن ريت بيان ڪيو هيائين ته، ”حقيقت ۾ سنڌ اندر جڏهن جي ايم سيد، شيخ عبدالمجيد سنڌي ۽ حاجي عبدالله هارون جھڙن متحرڪ ۽ گھڻگھرن ۱۹۳۸ع ڌاري، مسلم ليگ ۾ شموليت ڪئي ھئي، ته سنڌي مسلمانن ۾ جوش ۽ جذبو وڌيو هيو. جي ايم سيد جي ڪوشش سان سنڌ اسمبليءَ ۾، ۳ مارچ ۱۹۴۳ع تي پاڪستان جي حق ۾ ٺھراءُ پيش ٿيو. ان وقت منهنجي عمر ۱۲ يا ۱۳ سال ٿيندي. عجب قسم جي جنون ۽ جذبي وارو دؤر هيو. لاڙڪاڻي جي نواب امير علي لاھوري (سنڌ ليجسليٽو اسمبلي جو ميمبر) جنهن جو لاڙو ڪانگريس طرف هوندو هيو، ان به ھوا جو رخ تبديل ٿيندي، ڏسي پاڪستان جي حق ۾ ووٽ ڏنو ھيو. ان عمل تي سڄي لاڙڪاڻي جي مسلمانن کيس بنگلي تي پهچي مبارڪون ڏنيون ۽ ھار پارايا. مان به پنهنجي والد سڳوري سان گڏ سندس بنگلي تي مبارڪ باد ڏيڻ ويو هيس. لاھوري محلي جا هندو به راڄ رسم تحت کيس واڌايون ڏئي رهيا هيا. جيئن پوءِ تيئن سياسي ماحول چوٽ چڙهندو ۽ گرماگرمي وارو ٿيندو پئي ويو. سڄي هندوستان ۾ هڪ طرف انتها پسند هندن جا نعرا گونجندا هيا، ”هندو، هندی، هندوستان، مسلمان جاۓ عربستان...!!“ ٻيءَ طرف مسلمانن وٽ به فلڪ شگاف نعرا اھيا، ”لے کے رهيں گے پاکستان، بن کے رهے گا، پاکستان يا پاکستان کا مطلب کيا، لا اله الاالله...!!!

يو پي (اتر پرديش) جي هڪ شاعر ’افضل هاپوڙي‘ جي شعر، گڏيل هندوستان ۾ ھلچل مچائي ڇڏي ھئي. سندس شعر جي ھڪ بند، آل انڊيا مسلم ليگ کي وڏي تقويت ڏني.

باطل سے نه ڈر، تيرا هے خدا

پردے سے نکل کر سامنے آ

ايماں کی قوت دل ميں بڑها

مرکز سے سرک کر دور نه جا

مسلم هے تو مسلم ليگ ميں آ

پڇيو هيومانس ته ”ڀلا سيڪيولر جماعت انڊين نيشنل ڪانگريس کان ڇو نه متاثر ٿيوَ، ان ۾ ڪهڙي خرابي هئي...؟“

ٻڌايو هيائين ته ”ڪانگريس وارن پنهنجي پير تي پاڻ ڪهاڙو هنيو. جڏهن گانڌي ’رام راج‘ جو نعرو هنيو. هندن لاءِ ته اهو نعرو پرڪشش هيو، پر مسلمانن جو ’رام راج ‘ سان ڇا وڃي...! ٻيو ته ڪانگريس جي جلسن ۾ عمومًا بنڪم چندر چئٽرجي جي تراني ”بندي ماترم“ ۽ رابندر ناٿ ٽئگور جي تراني ”جن گن من اڌي نايڪ جئي هو، ڀارت ڀاڳيه وڌاتا..!!“ کي ڳايو ويندو هيو. مسلمان عالمن ڌرتي ماتا واري قوم پرست نظريي کي رد ڪندي، ان کي شرڪ ڄاڻايو هيو. چيو ٿو وڃي ته محمدعلي جناح به ڊسمبر ۱۹۲۰ع ۾ ان ڪري ڪانگريس ڇڏي هئي، جو کيس ڪانگريس ۾ هندوئتا جو اثر محسوس ٿيو هيو.

مون کانئس هڪ ڏکيو سوال ڪيو هيو ته؛ ”پوءِ پاڪستان جو خواب لهندڙ علامه اقبال قوم پرستيءَ جي حوالي سان اهو ’ترانه هندي‘ ڇو لکيو ھيو ته

سارے جهاں سے اچھا هے هندوستاں همارا

هم بلبلين هين اس کی، يه گلستان همارا

چاچو عبدالله مڪاني ٻڌايو ته ”ان دؤر ۾ علامه اقبال جي نقادن اھو سوال به اٿاريو هيو، خاص ڪري خاڪسار تحريڪ جو اڳواڻ علامه عنايت الله مشرقي ته اقبال جو وڏو ناقد هيو، سندس اھو شعر خاڪسار جي جلسن ۾ عمومًا پڙھيو ويندو هيو ته

بپهرتے هو که زنده قوم اقبال نے کردی

وهی جو آپ ٹھس تھا، اِک عضوو محجر تھا...‘

علامه اقبال وري ”ترانه ملي“ جوڙي جواب ڏنو، ته

’چين و عرب همارا، هندوستان همارا

مسلم هيں هم، سارا جھاں همارا‘

ان زماني جي سياسي ماحول جي حوالي سان، چاچي عبدالله مڪاني جو ھمعصر ۽ تعليمي ماھر عبدالمنان چانڊيو اڪثر ڪري ”ھسٽاريڪل سوسائٽي لاڙڪاڻي“ جي گڏجاڻين ۾ ’آل انڊيا مسلم اسٽوڊنٽس فيڊريشن‘ جو هڪ ڪارنامو وڏي فخر سان ٻڌائيندو هيو ته ”جڏهن جواهر لال نهرو لاڙڪاڻي جي سڪي تلاءَ (جتي ھاڻي ڀرڳڙي پلازه ۽ رونگھن جا گھر آهن) جي ميدان تي جلسي لاءِ آيو هيو ته اسان مسلم اسٽوڊنٽس فيڊريشن جي ميمبرن فيصلو ڪيو ته سندس جلسو ضرور ڦٽائينداسين. جيئن ئي جواهر لال نهرو تقرير ڪندي شروعات ڪئي ته ”يه جو آج کل پاکستان کا چرچا هو رها هے يه ايک مذاق هے.“ بس ان جو اهو چوڻ ۽ اسان ’پاڪستان زنده آباد!“ جا فلڪ شغاف نعره هڻي مٿانئس ڀترن ۽ پٿرن جو وسڪارو شروع ڪري ڏنو، نتيجي ۾ ڪانگريسين جو جلسو درھم برھم ٿي ويو....

چاچي عبدالله مڪاني کان مون هڪ ٻيو سوال پڇيو ته ”مسلم اسٽوڊنٽس فيڊريشن کان اڳ هڪ انقلابي ۽ ترقي پسند شاگرد تنظيم ”آل انڊيا اسٽوڊنٽس فيڊريشن“ جو قيام به عمل ۾ آيو، جنهن جا اغراض و مقاصد، سائنسي بنيادن تي رکيل هيا، اوهان ان ۾ ڇو نه شموليت ڪئي...؟“

چاچي عبدالله وراڻيو هيو، ”ان جي نعري ’امن، آزادي ۽ سائنٽيفڪ سوشلزم‘ ۾ وڏي ڪشش ھئي. پر جيئن ته اھا ’ڪميونسٽ پارٽي آف انڊيا‘ جي زير اثر هئي، ان ڪري ان جي ڪارڪنن کي مسلمان ملحد ۽ هندو ناستڪ سڏيندا هيا. ويتر جو ان تنظيم سان وابستگي رکندڙ هڪ سکرائي ڪارڪن ”هيمو ڪالاڻي“ جنهن انگريزن جي فوج جي هڪ ٽرين کي ڪيرائڻ لاءِ ريلوي پٽڙي اکيڙڻ جي ڪوشش ڪئي ھئي، پڪڙجي پوڻ تي ۱۹۴۳ع ۾ ڦاسي چڙهي ويو هيو. پوءِ ڪنهن به شاگرد کي ان تنظيم جي ڪارڪن ٿيڻ تي هنديءَ جي ان پهاڪي جيان ٺٺولي طور چيو ويندو ھيو ته، ’چڙھ جا سولي پي بيٽا، رام ڀلي ڪريگا!‘ منهنجو وڏو ڀاءُ ۽ صحافي ڪامريڊ شوڪت مڪاني جيئن ته ڪميونسٽ پارٽي آف انڊيا سان منسلڪ هيو. ڪميونسٽن جي ٿوري به چرپر ٿيندي هئي ته پوليس اسان جي در تي بيٺي هوندي هئي. ڪڏهن ريل ۾ ته ڪڏهن جيل ۾ هوندو هيو. پاڪستان ٿيڻ کان پوءِ به جان نه ڇٽس..“

چاچي مڪاني جي ان ڳالھ تان ڳالھ ياد آئي ته مان جڏهن سنڌ جي شهرن جي رٿابندي (Town Planning) جي حوالي سان مضمونن لکڻ جو سلسلو شروع ڪيو. لاڙڪاڻو، سکر، شڪارپور، جيڪب آباد، نئون ديرو تي مضمون بدرابڙي جي سرپرستي ۾ هلندڙ ”روح رهاڻ“ رسالي ۾ ڇپبا ھيا. جڏهن قنبر تي لکڻ لاءِ شھر جي انتظامي تاريخ جي ڳولها ۾ مختيارڪار آفيس قنبر جي رڪارڊ روم جا پراڻا فائيل پئي اٿلائيم ته ورهاڱي کان اڳ مختيارڪار جي هڪ دلچسپ ليٽر تي نظر پئجي وئي، جنهن ۾ هڪ ديوان (هندو سنڌي) کي آفيس ۾ ڪرسي ڏيڻ جي سفارش ٿيل هئي. ڪجھ هن ريت لکيل هيو ته ”جناب ڊپٽي ڪليڪٽر صاحب لاڙڪاڻه! جيئن ته واپاري ديوان جھامڻ داس قنبر شهر جو معزز ۽ نهايت اعتماد جوڳو ماڻهو آهي. سندس پٽ ڀيرومل ”آل انڊيا اسٽوڊنٽس فيڊريشن“ جو سرگرم ڪارڪن آھي. سندس پٽ، گھر ۾ نوجوان شاگرد گھرائي سياسي ھلچل بابت رٿابندي ڪندو رهندو آهي. سندن سرگرمين بابت جھامڻ داس پوري تفصيل سان اسان کي باخبر ڪندو آھي. جنهن جي نتيجي ۾ ان خطرناڪ تنظيم جي ڪارڪنن کي قابو ڪرڻ ۾ آساني ٿيندي آھي. ان ڪري جھامڻ داس جي عزت افزائي ڪندي کيس اوهان جي درٻار ۾ ڪرسي جي عنايت ٿيندي ته انتظامي لحاظ کان بهتر رهندو.“

ياد رهي ته ان زماني ۾ ڊپٽي ڪليڪٽر صاحب جي آفيس ۾ رکيل ڪرسين تي صرف اهي ماڻهو ويهي سگھندا هيا، جن کي ڪرسيءَ تي ويهڻ جي اجازت هوندي هئي، نه ته چڱا ڀلا معزز اڀي پيرين بيٺا هوندا هيا.

”مسلم اسٽوڊنٽس فيڊريشن ۾ شموليت کان پوءِ مسلم ليگ ۾ ڪو اھم ڪردار ادا ڪيو يا نه..؟“ پڇيو ھيومانس.

”بالغ نظري واري عمر ٿي ته سمجھي وياسي ته سياست گورک ڌنڌو آهي. ان ۾ اھو هلي سگھي ٿو، جيڪو اول درجي جو چالاڪ، چرب زبان ۽ ڦرڻو گھرڻو هجي. خاص ڪري جڏهن مشھور انگريزي ٻولي جي گھڻ پاسائين ليکڪ ’جارج اورويل‘ کي پڙهيوسي ته ان جي سياست متعلق اها راءِ سؤ في صد صحيح لڳي ته

In our age all issues are political, and politics is a mass of lies, evasions, folly, hatred, and schizophrenias

آخري سوال پڇيو هيومانس ته ”چاچا ڀلا ورھاڱي کان پوءِ ڇا محسوس ڪيو ٿا؟“

ٿڌو شوڪارو ڀريندي وراڻيائين، ”شڪر آ پاڪستان ٺهيو، ٻانهن ڀڳي ته گھوري، ھُرکُر ته مئي...!!“

--- ۳ ---

بحيثيت اديب ۽ ادب دوست

مان ۱۹۷۹ع کان وٺي ۱۹۸۸ع تائين روزگار جي عذر لنگ (Lame Excuse) سبب ادبي دنيا کان ڪٽيل رهيو هيس. پر ۱۹۸۹ع ۾ جڏهن نوڪريءَ سانگي ڪراچي، حيدرآباد، خيرپورميرس ۽ سکر کان سرندو پنهنجي لاڙڪاڻي ساھ سيباڻي ۾ پهتس، ته خاص ڪري حجائتن اديب دوستن افضل قادري ۽ رزاق مھر نه لکڻ واري اُڏي (بهاني) کي قبول نه ڪيو ۽ زور ڀريو ته لکان. قلم سان گڏ ذهن تي زنگ چڙهي ويو هيو. پنهنجي پراڻي ”روح رهاڻ ادبي سنگت لاڙڪاڻو“ به سال ۱۹۷۸ع ۾ ختم ٿي چڪي هئي. روان ٿيڻ لاءِ سھيل مڪاني جي ساٿ سان، ۱۹۸۹ع ۾ ”ميگھ ملهار ادبي سنگت لاڙڪاڻو“ جو قيام عمل ۾ آندم. جنهن جون گڏجاڻيون پنهنجي اوطاق تي ڪرائڻ شروع ڪيم. سنگت جي گڏجاڻين ۾ منهنجي ڪوشش اھا هوندي هئي ته بغير ڪنهن نظرياتي فرق جي بزرگن، نوجوانن ۽ بنھ نون لکندڙن کي نينڍ ڏجي ته جيئن نئون ۽ پراڻو نسل، ادبي لحاظ کان هڪ ٻئي جي ڪاوشن ۽ تخليقن مان ھڙ حاصل ڪري سگھي.

جيئن ته چاچو عبدالله مڪاني هڪ سٺو پڙهندڙ ۽ علم دوست شخصيت هيو. عمومًا تاريخي ڪتابن سان گڏ، انگريزي جو ”ريڊر ڊائجسٽ“، اردوءَ جو ”سب رنگ“، سنڌي ءَ جا ”نئين زندگي“ ۽ ”مهراڻ“ رسالا سندس مطالعي ۾ رهندا هيا، جيڪي پڙهڻ کان پوءِ سهيل جي ھٿاران مون وٽ پهچندا هيا. سندس ٻي لکت جي ته خبر ڪو نه ھئي، پر اھا خبر ضرور هئي ته ميونسپل هاءِ اسڪول لاڙڪاڻي جي سالياني فنڪشن ۾ سندس لکيل اسٽيج ڊراما پيش ٿيندا ھيا، جيڪي عمومًا اڪيڊمڪ ۽ اصلاحي هوندا هيا. جنهن زماني ۾ دانسته طور حڪومتي ڪوشش اھا هئي ته سنڌي ٻولي ۽ ثقافت کي مٽائي ھڪ رنگ ۾ رنگي ڇڏجي. پر هزارن سالن جي تھذيب ۽ ثقافت رکندڙن سنڌين جو مؤقف هيو ته سندن ثقافت ملڪي چمن کي اڃا رنگبرنگي ۽ خوشبودار بڻائيندي، ان ڪري مٿانئن ”ھڪ رنگي“ پاليسي نه مڙهي وڃي. ان ڪري سنڌي ساڃاھ-وندن پنهنجي ثقافتي شناخت بچائڻ لاءِ هنڌين ماڳين ”لطيف ڊي“ ملهائڻ شروع ڪيو هيو. ان زماني ۾عبدالله مڪاني، ميونسپل هاءِ اسڪول لاڙڪاڻي ۾ بحيثيت هيڊ ماستر ”لطيف ڊي“ ملهائڻ جي ابتدا ڪئي ھئي. پوءِ لاڙڪاڻي جي ٻين تعليمي ادارن به پيروي ڪئي. جنهن ۾ شاھ لطيف جي حوالي سان تقريرون، ڊرامه ۽ محفل موسيقي جو اھتمام ٿيڻ لڳو. ان عمل ۾ لاڙڪاڻي ضلعي جي بيوروڪريسي کي به شابس هئي، جن اعتراض نه واريو ھيو. ’لطيف ڊي‘ تي عبدالله مڪانيءَ جا لکيل ڊرامه عمومًا شاھ جي سورمين متعلق هوندا هيا. انهن ڊرامن جو مان عيني شاھد آھيان. جنهن ۾ قلندربخش ڪلو ”ھيرو“ ۽ ھيروئن جو ڪردار شفيع محمد سنديلو ادا ڪندا هيا. مان جيئن ته چاچي عبدالله مڪاني جي مانَ، مرتبي ۽ علمي حيثيت کان واقف هيس. ان ڪري کيس ”ميگھ ملهار ادبي سنگت“ جي گڏجاڻيءَ ۾ شرڪت ڪرڻ جي ڪانڍ ڏنم. جنهن ۾ هن شرڪت ڪري اسان جو مانُ مٿانهون ڪيو هيو. اتفاق سان ”ميگھ ملهار ادبي سنگت لاڙڪاڻي“ جو، گھر جي ڪُنڊَ سُنڊَ ۾ پيل ھڪ بيگ مان ڪارروائي رجسٽر ملي ويو. ذهن تي زور ڏيڻ يا مٿا ڪٽ ڪرڻ بجاءِ، سنئين سڌي خود وضاحتي گڏجاڻي نمبر ۴ جي ڪارروائي پيشِ خدمت آھي.

ميگھ ملهار ادبي سنگت جي گڏجاڻي ۲۴ فبروري ۱۹۸۹ع تي جناب ”عبدالله مڪاني“ جي صدارت ۾ ٿي گذري. جنهن ۾ پهريائين ”گل بليدي“ افلاطون جو لکيل ”سئمپوزيم“ جو سنڌيءَ ۾ ڪيل ترجمو پڙهيو. جنهن تي ويٺلن پسنديدگيءَ جو اظهار ڪيو. البته ”انيس انصاري“ کيس صلاح ڏني ته لفظ ”خدائن“ بدلي ”ديوتائن“ استعمال ڪيو وڃي ته بهتر ٿيندو. صدر صاحب پڻ انيس انصاري جي تائيد ڪئي. ان کانپوءِ انيس انصاري پنهنجي طبعزاد ڪهاڻي ”نه، اڃا نه!“ پڙهي. منظور ڪوهيار راءِ ڏيندي ڪهاڻيءَ کي احساساتي ڪوٺيو. محمد علي پٺاڻ ڪهاڻيءَ کي علامتي قرار ڏنو. جڏهن ته شعيب علي عمراڻي ڪهاڻي کي مرڪزي خيال جي لحاظ کان صاف ۽ واضح چيو. البته لفظ ”ڌنڌ“ بجاءِ ”ڪوهيڙو“ استعمال ڪرڻ جي صلاح ڏني. عنايت مگسي ڪهاڻي جي ڪجھ لفظن مثلًا ”بي هنگم“، ”پسيني“ وغيره تي اعتراض ڪيو ۽ چيو ته ڪهاڻي ڪافي حد تائين منجھيل آهي. جڏهن ته عبدالله مڪاني صدارتي راءِ ڏيندي ڪهاڻيءَ کي حقيقت نگاريءَ جي حوالي سان جهنجهوڙيندڙ ڪوٺيو ۽ چيو ته جيڪا ڪهاڻي سوچڻ تي مجبور ڪري اھا ڪامياب آهي. باقي رهيو ڪجھ لفظن جو مسئلو ته اهو ڪهاڻيڪار جو استحقاق آهي ته قبول ڪري يا نه......

نثر کانپوءِ نظم ۾ ڪڪن باغي (عبدالله مڪاني جو ننڍو فرزند طلعت حسين مڪاني) ”اڌوري دنيا“ جي عنوان سان پنهنجو آزاد نظم پڙهيو. جنهن جي مجموعي طور تي سڀن ساراھ ڪئي. تنهن کان پوءِ سعيد عاقلي (سعيد ميمڻ) پنهنجا دوها پڙهيا. جنهن جي به سڀن تعريف ڪئي. محمد علي پٺاڻ ”رات“ جي عنوان سان نظم پڙهيو. جنهن تي ڪامريڊ ڪريم بلوچ نظم کي نعري بازي جو شڪار ڪوٺيو. جڏهن ته مجموعي طور تي سامعين سندس نظم کي بھتر قرار ڏنو. صدر صاحب راءِ ڏيندي چيو ته ”نعري بازي ظلم ۽ جبر اڳيان ضرور ٿيڻ گھرجي، بس اها بي تڪي ۽ بي وقتي نه هجي. ان ڪري محمدعلي پٺاڻ جو نظم وقتائتو ۽ بامقصد آھي.“ تنهن کانپوءِ منظور ڪوهيار پنهنجو آزاد نظم ”شام جو ڪنول“ پڙهيو. عنايت مگسي تنقيد ڪندي چيو ته آزاد نظم کٽل ۽ اينٽي ڪلائيميڪس جو شڪار آھي. جڏهن ته گڏجاڻيءَ ۾ شرڪت ڪندڙن ۽ صدر صاحب آزاد نظم کي ڪلائيميڪس جي لحاظ کان مڪمل ڄاڻايو. افضل قادريءَ، واري اچڻ تي، پنهنجي وائي پيش ڪئي. جنهن تي ويٺلن ۽ صدر صاحب شاعر جي قومي جذبي ۽ عزم کي ساراھيو. انيس انصاري صاحب پنهنجو آزاد نظم ”نئون آدم“ پڙهيو. ان کي به سامعين قابلِ تحسين ڄاڻايو. خاص ڪري غفار عباسي سندس نظم کي عالمگير سچائي قرار ڏنو. عبدالله مڪاني نظم جي مرڪزي خيال تي ڳالهائيندي چيو ته؛ ”ماضي، حال تي نظر وجھندي شاعر جو شعر ۾ مستقبل جي حوالي سان هڪ مثبت پيغام ڏنل آھي..!“

آخر ۾ سرڪش سنڌي پنهنجو غزل پڙهيو، جنهن جا ٻه بند قومي جذبي جي حدت ۽ شدت سان ڀرپور هيا. ٻڌندڙن کيس داد سان ڀرپور موٽ ڏني.

 بند حاضرِ خدمت آهن،

”ڪجھ نه ڪجھ منهنجي محبت جو ڀرم رهجي اچي

جھڻڪ محفل ۾ ڏيڻ چاهين، ته کلي ڏيندو ڪر

ٻي سزا ڪهڙي هجي قوم جا دشمن توکي

پاڻ کي هڪڙو بجو روز اٿي ڏيندو ڪر...!“

سندس شعر تي شعيب علي عمراڻي تبصرو ڪندي چيو، ”رُوح جي گھراين ۾ لهي ويندڙ شعر آھي. غوث بخش رونگھي ۽ ڪيلاش غزل کي فڪر جي لحاظ کان لاجواب ڪوٺيو. صدر صاحب مختصر مگر جامع راءِ ڏيندي فرمايو؛ ”غزل، فن ۽ فڪر جي لحاظ سان پُر اثر، پختو ۽ قومي جذبي سان ڀرپور آهي.“

آخر ۾ ميگھ ملهار ادبي سنگت جي گڏجاڻي جي حوالي سان صدارتي راءِ ڏيندي چيائين ته؛ ”اڄوڪي گڏجاڻيءَ ۾ جن دوستن به نثر يا نظم ۾ صنفون پيش ڪيون آهن، اهي اميد افزا ۽ لائقِ تحسين آھن. البته تنقيد جي حوالي سان اهو چوندس ته ادب جي اھم پر ڏاڍي ڏکي صنف آھي. جنهن لاءِ گھڻي مطالعي ۽ بي ريا ٿيڻ جي ضرورت آهي. نه ته ٻي صورت ۾ تنقيد صرف ساڙ ۽ حسد پڄائڻ جو اظهار سمجھيو ويندو. بهرحال مون کي خوشي محسوس ٿي ٿئي ته گھر جي سامهون، ڪوهيار پنهنجي اوطاق ۾ لاڙڪاڻي جي اديبن ۽ ادب دوستن کي گھرائي انڊ لٺي رنگ رچائي ٿو. ٽيٽيھن سالن کان پوءِ ڪنهن ادبي محفل ۾ شرڪت ڪئي اٿم. توهان جي ادبي ماحول کان ڏاڍو متاثر ٿيو آھيان. دل چوي ٿي ته وري لکڻ شروع ڪيان. مون کي هن محفل ۾ مانُ بخشڻ لاءِ اوهان جي وڏي مهرباني...!“

عبدالله مڪاني جي صدارتي راءِ کانپوءِ، سندس ئي اجازت سان گڏجاڻي جي پڄاڻي جو اعلان ڪيو ويو.

هن گڏجاڻي ۾ بحيثيت بنيادي ميمبر جي سهيل مڪاني جي به شرڪت هئي، پر گڏجاڻي دؤران پنهنجي قيمتي راءِ نه ڏيڻ جو سبب تعظيم و تڪريم کان وڌيڪ پنهنجي والد گرامي (عبدالله مڪاني) جي سرزنش جو ڀئو هيس. جيئن مان پنهنجي پياري دوست ڊاڪٽر خادم حسين سومرو جي خاڪي ۾ ڄاڻائي چڪو آھيان ته ”اونهاري ۾ سياري جي، ۽ سياري ۾ اونهاري جي ڳالھ ڪندو آهي.“ سهيل مڪاني وري ان کان ٻه ھٿ مٿي آھي. جي نثر نگار، تذڪره زمين جو ڪندو ته سوال ستين آسمان جو ڪندس. پر جي شاعر محبوبه جي ”زلف پُر خم“ جي ڳالھ ڪندو ته زيرِ ناف هليو ويندس. بحثا بحثي وڌي وئي ته کڙيون کڻندس. سندس تنقيد جي نشتر جو ذڪر سندس خاڪي ۾ ڪجي يا سندس ڏنل چهڪن جو عنايت ميمڻ کان پڇجي ته بهتر رهندو......

--- ۴ ---

تاريخي طور تي راندين کي امن ۽ آشتي جي اخلاقي قدر طور تڏهن مڃتا ملي، جڏهن ان جو بنياد يوناني رياستن ۸ صدي قبل مسيح ۾ وڌو ۽ ۴ صدي عيسوي تائين اھو سلسلو جاري رهيو، جنهن ۾ يونان جون دنگئي رياستون جنگ بند ڪري ”اولمپيا“ جي ميدان تي راندين جا مقابلا ڪرائينديون هيون. راندين ذريعي امن ۽ آشتي واري اخلاقي قدر کي ھٿي ڏيارڻ خاطر ۱۸۹۴ع ۾ انٽرنيشنل اولمپڪ ڪميٽي جوڙي وئي ۽ ۱۸۹۶ع ۾ ماڊرن اولمپڪ جو يونان جي گاديءَ جي هنڌ ”اٿينس“ ۾ انعقاد ٿيو. ائين چئن سالن جي وقفي کان پوءِ اولمپڪ راندين جو سلسلو شروع ٿي ويو. پهرين ۽ ٻي مهاڀاري لڙائي، اولمپڪ راندين جي مقابلي ۾ وٿي وڌي. پر اولمپڪ راندين جي جذبي کي ڏسندي دنيا ۾ راندين ذريعي ملڪن ۽ ماڻهن جي لڳ لاڳاپي ۽ ميل جول جو سلسلو وڌندو رهيو. جديد سماجي نفسياتي ماھرن به راندين جي اهميت کي اجاگر ڪندي ٻڌايو ته اھي انساني ويڙھ واري جبلت Fighting Instinct ۾ گھٽتائي آڻين ٿيون ۽ Relaxation theory تحت آرام ۽ سڪون بخشين ٿيون. دنيا ۾ اسپورٽسمئن اسپرٽ (Sportsman Spirt) جو اصطلاح عام ٿيڻ لڳو.. جنهن ۾ هارائڻ کانپوءِ به هارائڻ وارو کلندو نڪرندو، اهو سوچي ته هن دفعي نه سهي ته ٻي دفعي ضرور کٽبو.... کٽڻ وارن کي ماڻهو مبارڪون ڏيندا ۽ هارائڻ وارن کي به ”ويل ڊن يا هارڊ لڪ!“ چئي آٿت ڏيندا ھيا... ھار ۽ جيت کي خوشي خوشي قبول ڪيو ويندو هيو. کلاڙين جو هڪ ٻئي سان ملنساري ۽ محبت وارو سڀاءُ هوندو هيو. راند جي قاعدي ۽ قانون جو احترام ڪيو ويندو هيو. مان ان زماني جي ڳالھ ٿو ڪيان جڏهن عبدالله مڪاني جھڙا اسپورٽسمئن موجود هيا. جيڪي اسپورٽس کي امن، محبت ۽ ڀائيچاري جي علامت سمجھندا ھيا. جن اھو سيکاريو ته just play, have a fun, enjoy يعني راند کي راند سمجھي مزو ماڻيو ۽ خوش باش رھو. پر جڏهن کان راند ۾ جوارين پير پاتو، سياست ۽ آپيپڻيو اچي ويو، ته نه صرف لوڪل ليول تي، پر عالمي ليول تي راند جو اصلي مقصد فوت ٿي ويو، ان جا وڏا مثال جڏهن ۱۹۸۰ع، ماسڪو (سويت يونين) ۾ منعقد ٿيندڙ اولمپڪ راندين جو آمريڪي بلاڪ ۽ ۱۹۸۴ع ڌاري لاس اينجلس (آمريڪا) ۾ سويت يونين جي بلاڪ وارن ملڪن بائيڪاٽ ڪيو. ٻين بين الاقوامي راندين جو حال پڻ اهو رهيو ته راند کي راند سمجھي مزو ماڻڻ وارو جذبو ختم ٿيندو ويو. ان حوالي سان وڏو مثال هندوستان ۽ پاڪستان جي ڪرڪيٽ مئچ دؤران ٻنهي ملڪن جا ماڻهو لطف اندوز ٿيڻ بجاءِ ڄڻ ذهني عذاب ۽ ڪشمڪش ۾ مبتلا هوندا آهن. ڪرڪيٽ جو گرائونڊ نه پر ڄڻ جنگ جو ميدان بڻجي ويندو آھي. ائين عالمي ليول تي فوٽ بال راند جي مقابلن ۾ ماڻهن جي حالت ڇتڪتائي واري هوندي آهي. ان حوالي سان ڪيترائي المناڪ حادثه رونما ٿيا آهن. تماشائين جي ويڙھ جھيڙ ۽ ڌينگا مشتي ڪري ”هلس بورو اسٽيڊيم (انگلينڊ)“ ۾ ۹۶ ماڻهن، ۽ ”هيسل اسٽيديم (بيلجم)“ ۾ ۳۹ ماڻهن جي مرڻ جا واقعا بدترين مثال آھن..

چاچو عبدالله مڪاني اسپورٽس جي حوالي سان ڄڻ ته زندھ تاريخ هيو. ٻڌائيندو ھيو ته ڪرڪيٽ راند انگريزن جي ايامڪاري ۾ سنڌ اندر کيڏڻ جو رواج پيو. پهريان ڪراچي جي انگريزن اها راند شروع ڪئي. انهن کان پارسين ۽ يهودين سکي. تنهن کان پوءِ هندو ڪميونٽي ۽ آخر ۾ مسلمانن کيڏڻ شروع ڪيو. لاڙڪاڻي جي حوالي سان ۱۹ صديءَ جي آخري سالن ۾ هيءَ راند ميونسپل هاءِ اسڪول ۾ متعارف ٿي. ميونسپل اسڪول جو بنياد ۱۸۸۶ع ۾ پيو، پر اها راند تڏهن مقبول ٿي، جڏهن ۱۹۰۱ع ۾ مدرسته السلام لاڙڪاڻو ۽ ۱۹۱۹ع ۾ گورنمينٽ هاءِ اسڪول لاڙڪاڻي جو بنياد پيو. ان دؤر ۾ اسڪولن ۾ غيرنصابي سرگرمين تي به گھڻو توجهه ڏنو ويندو هيو، ته جيئن پڙهائي کانپوءِ شاگرد راندين جي قاعدن قانون جي پوئواري ڪندي نظم و ضبط سکن. وڌيڪ اهو به ٻڌايو هيائين ته جڏهن هو پرائمري اسڪول ۾ پڙهندو هيو، ته هن ڪليڪٽري ۽ پوليس گرائونڊ تي ڪرڪيٽ ٿيندي ڏٺي. ان وقت لاڙڪاڻي ٽيم جا سٺا رانديگر هندو سنڌي هيا. جن ۾ پمن لال لاهوري بهترين بئٽسمئن ۽ فاسٽ بالر هيو. هڪ هندو وڪيل به سٺو وڪيٽ ڪيپر ۽ بئٽس مئن هيو، پر کيس نالو ياد ناھي رهيو. گھڻو ڪري ته اهي سنڌ جي ٽيم ۾ به سليڪٽ ٿيا ھيا. ورھاڱي کان اڳ سنڌ ٽيم سان ٽڪر کائڻ واري سواءِ لاڙڪاڻي ضلعي جي ٽيم جي ٻي ڪا نه هئي. ڪرڪيٽ جي سنڌ ٽيم اها هئي، جنهن جا رانديگر گڏيل هندوستان جي ٽيم ۾ شامل هوندا هيا. جن ۾ ”گلاب راءِ رامچند“ پوءِ جيڪو هندوستاني ٽيم جو ڪيپٽن بڻيو. ٻيو نائون مل جيئومل ماکيجا جيڪو بهترين بئٽسمئن ۽ اِسپن بالر هيو. ٽيون گوگومل ڪشنچند هريسنگھاڻي جيڪو ميڊيم فاسٽ بالر ۽ بئٽسمئن هيو. اھڙي طرح پارسي سنڌي رانديگر ”جمشيد خداداد“، ”نوشيروان ڊنشا“ مسلمان سنڌي رانديگرن ۾ عباس خان ۽ وڪيٽ ڪيپر ماسٽر عزيز مشهور ٿيا.

سندس ڏنل ڄاڻ مطابق ته ۱۹۴۸ع ۾ جڏهن ھن (عبدالله مڪاني) ڪرڪيٽ کيڏڻ شروع ڪئي ھئي ته هندو رانديگرن جا ڪافي خاندان لڏپلاڻ ڪري چڪا هيا. ورھاڱي کان پوءِ سندن ڪرڪيٽ ڪلبون به ختم ٿي ويون. لاڙڪاڻي ۾ صرف ٽي وڏيون ڪلبون بچيون. هڪ منگين جي ڪلب، جنهن جو ڪيپٽن غلام نبي منگي هيو، ٻيو قريشين جي ڪلب، جنهن جو ڪيپٽن عنايت الله قريشي هيو. ٽيون لاهوري محلا ڪلب، جنهن جو ڪيپٽن عبد الرحيم علوي هيو. جيڪو ۱۹۵۶ع تائين لاڙڪاڻي ڊسٽرڪٽ ٽيم جو ڪيپٽن پڻ رهيو. ان کانپوءِ ۱۹۵۶ع کان ۱۹۶۱ع تائين ڊسٽرڪٽ لاڙڪاڻي جي ٽيم جو ڪيپٽن پاڻ (عبدالله مڪاني) رهيو، ۱۹۶۲ع ۾ ھن رٽائرمينٽ جو اعلان ڪري ڇڏيو. سندس چوڻ مطابق ته ۱۹۴۸ع کان ۱۹۶۲ع تائين ڊسٽرڪٽ لاڙڪاڻي جي ٽيم جي نمايان رانديگرن ۾ عبد الرحيم علوي، منظور آرائين، منير احمد شيخ، نظر محمد جوڻيجو، ابراهيم شيخ، محمد بچل تنيو، منظور رند بلوچ، غلام نبي سولنگي، عنايت الله قريشي، احمد علي مڪاني، حاجي حسين، نواب خان، مظفر حسين، حسيب الله ۽ هادي بخش بلوچ ھيا.

چاچي عبدالله مڪاني اھا اضافي ڄاڻ به ڏني هئي ته سندس والد محترم محمد حسين مڪاني فوٽ بال جو وڏو رانديگر هيو، جيڪو لاڙڪاڻي جي ٽيم جو ڪيپٽن بڻجي جوناڳڙھ ۾ ٿيندڙ ٽورنامينٽس ۾ حصو وٺڻ ويندو هيو. پاڻ (عبدالله مڪاني) به فوٽ بال کيڏندو هيو، پر سندس دلچسپي ڪرڪيٽ ۾ گھڻي هئي. جيتري قدر فوٽ بال جو تعلق آهي، ٻڌايو ھيائين ته سندس والد جي وفات کانپوءِ لاڙڪاڻي ۾ فوٽ بال زوال پذير ٿي چڪي ھئي. البته اتر سنڌ ۾ جيڪب آباد نالو ڪڍي وئي، پر سنڌ ۾ لياري (ڪراچي) جي فوٽ بال جون ٽيمون پڻ سرفهرست هيون.

بقول چاچي عبدالله مڪاني صاحب جي ته هاڪي لاڙڪاڻي ۾ پاڪستان ٿيڻ کانپوءِ شروع ٿي. هاڪي کي ۱۹۴۸ع ۾ گورنمينٽ هاءِ اسڪول جي اُستاد ”جئي خان“ ميونسپل هاءِ اسڪول ۾ سندس ننڍي ڀاءُ ”ڪرامت خان“ متعارف ڪرايو. ائين هاڪي هڪ ئي سال ۾ مقبول ٿي وئي. سنڌ ليول تي جن رانديگرن لاڙڪاڻي کي نامور ڪيو، تن ۾ جيئي خان، ڪرامت خان، اڪرم ڪريم قدوائي، وسيم خان، حشمت علي قريشي، خورشيد احمد، سعيد احمد، نثار احمد جتوئي، غلام حسين شيخ، عبدالقيوم، امان الله ڀرڳڙي، قدير عباسي، اطهر ڪريم قدوائي، عبدالاحد ۽ احمد علي مڪاني (عبدالله مڪاني جو وڏو ڀاءُ) ۽ عاشق رند شامل هيا. پنجاھ ۽ سٺ جي ڏهاڪي ۾ لاڙڪاڻي ۾ گورنمينٽ هاءِ اسڪول جي ليجنڊ هيڊماستر جي نانءَ سان ”آل پاڪستان ايف ڊي قريشي هاڪي ٽورنامينٽ“ شروع ٿي، جنهن هاڪيءَ جي فروغ ۾ وڏو ۽ اھم ڪردار ادا ڪيو.

مون کانئس پڇيو ته ”ايف ڊي قريشي“ ڪير هيو...؟“

ٻڌايو هيائين ته ”فتح محمد قريشي صاحب گورنمينٽ هاءِ اسڪول لاڙڪاڻي جو چار دفعا هيڊ ماستر ٿي رهيو. پهريون دفعو ۱۹۴۸ع کان ۱۹۵۰ع تائين، جنهن زماني ۾ مون مئٽرڪ ڪئي هئي. ان عرصي ۾ ھو ايترو هر دلعزيز ٿي ويو، جو لاڙڪاڻي جو پڙهيل ڳڙهيل طبقو کيس پنهنجو مرشد سمجھي عزت ڪندو هيو. سندس بدلي ٿيڻ تي لاڙڪاڻي جي ماڻهن تعليم کاتي کان پرزور مطالبو ڪيو ته کيس واپس رکيو وڃي. جڏهن ٻيو دفعو پهرين مئي ۱۹۵۰ع ۾ کيس واپس آندو ويو ته ان وقت ۸ مئي ۱۹۵۰ع تي قاضي فضل الله سنڌ جو چيف منسٽر بڻيو. تنهن کيس مهينو به هلڻ نه ڏنو...“

”سبب؟“

”اسانجي سياستدانن کي اها پراڻي بيماري آھي ته هو صرف پاڻ کي ھر دلعزيز ٿيڻ جو حق رکندا آهن. انهن جي نظر ۾ ڪو استاد، ڊاڪٽر، انجنيئر يا آفيسر قابل عزت ناهي هوندو. لاڙڪاڻي جي ماڻهن ان عمل تي باقاعدي احتجاج ڪندي جلوس ڪڍيا ھيا. قاضي فضل الله جيئن ئي مارچ ۱۹۵۱ع ۾ وزارت تان لٿو ته لاڙڪاڻي جي ماڻهن جي مطالبي تي ٽيهر اپريل ۱۹۵۱ع ۾ ايف ڊي قريشي کي گورنمينٽ هاءِ اسڪول جي چارج ملي. ٻه سال کن رهيو، پوءِ بدلي ٿيس. وري ڪجھ مهينن کان پوءِ ۱۹۵۴ع ۾ واپس وريو.... “

”ايف ڊي قريشي جي شهرت جي وجھ ڪهڙي هئي...؟“ مون کانئس پڇيو هيو.

”بهترين منتظم، تعليم ۽ راند جي حوالي سان انتهائي درجي جي متحرڪ شخصيت ۽ منهنجو به هر حوالي سان آئيڊل رهيو. راند جي حوالي سان ڳالھ ڪجي ته ’آل پاڪستان ايف ڊي قريشي ٽورنامينٽ‘ منعقد ٿيڻ ڪري لاڙڪاڻي جا ٽي رانديگر عاشق علي رند، غلام محمد ۽ سيد احمد مھدي نيشنل ليول تي سليڪٽ ٿيا هيا۔ پر جڏهن نيشنل ليول جي ڪيمپ لڳندي هئي ته اَٽينڊ ڪرڻ لاءِ کين ليٽر تڏهن پهچندو هيو، جڏهن ڪئمپ ختم ٿي چڪي هوندي هئي يا نيشنل ٽيم ٻاهرين ملڪ جي دؤري تي وڃي چڪي هوندي هئي. اهو ئي سبب هيو جو پاڪستان ۾ اقربا پروري ۽ تعصب جي ڪري هاڪي ختم ٿي وئي. رهي سهي ڪسر اسپورٽس ايسوسيئشنس جي پئريلل باڊيز (Parallel Bodies) ٺهڻ ۽ ڊپارٽٽمينٽل ٽيمن جي ختم ٿيڻ سان به نڪتي ۽ رانديون زوال پذيري طرف گامزن ٿي ويون.

اھو به ٻڌايو هيائين ته والي بال ۾ دادو کانپوءِ لاڙڪاڻي جو نمبر هوندو هيو. عبدالغفور ڀرڳڙي والي بال جي بهترين رانديگرن منجھان هڪ هيو. سنڌ جي ”انٽرنيشنل والي بال“ راند کي پاڪستان ۾ متعارف ٿيل ”شوٽنگ“ بال به ڌڪ رسايو. ان ڪري پاڪستان بين الاقوامي والي بال جي مقابلن کان ڄڻ ته ٻاهر نڪري ويو. مجموعي طور تي راندين جي حوالي سان ناقص پاليسي ۽ رٿابندي جي ڪري، پاڪستان جيڪو پنجاھ ۽ سٺ جي ڏهاڪي ۾ اڳتي وڌي رهيو هيو، سو ڌڪجي ويو....

پنهنجي حوالي سان ٻڌائيندو هلان ته مان ۱۹۷۱ع ۾ لاڙڪاڻي اسٽيڊيم ۾ چاچي عبدالله مڪاني کي ”فرينڊس ڪلب“ پاران شو مئچ کيڏندي ڏٺو، جنهن ۾ هن بئٽنگ ڪندي گوڏو کوڙي ليگ تي ٻه دفعا شاٽ هڻي چار رنسون ٺاھيون هيون. جنهن مان اندازو ٿيو هيو ته هو پنهنجي دؤر جو سٺو بئٽس مئن هيو. چاچو عبدالله مڪاني ۱۹۸۰ع تائين ڊسٽرڪٽ اسپورٽس ڪميٽي جو ۽ ڪرڪيٽ ٽيم جي سليڪشن ڪميٽي جو ميمبر ۽ چئرمئن به ٿي رهيو. لاڙڪاڻه اسپورٽس جي حوالي سان جھڙوڪر انسائيڪلوپيڊيا ھيو. چاچي عبدالله جي ڪچهري مان اسان کي گھڻو ڪجھ ٻڌڻ ۽ سکڻ لاءِ ملندو هيو، پر افسوس جو نه سهيل ۽ نه مان کيس رڪارڊ ڪري سگھياسين، اهو سمجھي ڪري ته

”مون ڀانيو مون وٽ، هميشه هوندا پرين،

ويڙھو ڏيئي ويڪرو، پھري ويا پٽ،

ساھ جنين جي سٽ، وڪيم ٿي وڻڪار ۾......“

--- ۵ ---

چاچي عبدالله مڪاني جي ھڪ مثبت سرگرمي اسڪائوٽس جي حوالي سان به هئي. ٻڌائيندو هيو ته ۱۱ سالن جي عمر يعني ڇهين درجي ۾ شاهين اسڪائوٽس ليول کان ھن اسڪائوٽ جي سرگرمين ۾ حصو وٺڻ شروع ڪيو ھيو، پوءِ اسڪول جي بوائز اسڪائوٽ ۾ سرگرم ٿي رهيو. ائين اسڪائوٽنگ سندس زندگيءَ جو ڄڻ ته لازم حصو بڻجي وئي. چاچو عبدالله مڪاني اسڪائوٽنگ ۾ گروپ ليڊر، ڪانٽيجنٽ ليڊر، ڪئمپ چيف ۽ پروگرام ڊائريڪٽر واريون حيثيتون حاصل ڪندي، ۱۹۶۶ع ۾ اسڪائوٽ ماسٽر، ۱۹۷۴ع ۾ اسسٽنٽ ليڊر ٽرينر ۽ ۱۹۷۶ع ۾ ليڊر ٽرينر بڻيو ۽ ۱۹۷۴ع کان ۱۹۹۶ع تائين لاڙڪاڻه بوائز اسڪائوٽس ايسوسيئشن جو سيڪريٽري ٿي رھيو.

توڙي جو منهنجي نظر ۾ اسڪائوٽنگ سرگرمي پر ڪشش هئي. ھم عمر بئچ ميٽس کي ڳچين ۾ رنگبرنگي اسڪارف وڌل، سيني تي مختلف قسم جا بيج سجايل سٺا لڳندا هيا. پر ٻه گدرا ھڪ مُٺ ۾ نه اچن. راند روند ۾ حد کان وڌيڪ دلچسپي ڪري وقت وٿي نه ڏيندو ھيو. پر جيئن چئبو آهي ته شادي نه ڪئي هئيسي، پر ڄاڃي ضرور ٿيا هياسي. خاص ڪري، جڏهن ميونسپل هاءِ اسڪول يا گورنمينٽ هاءِ اسڪول جي ميدان تي سردين ۾ بوائز اسڪائوٽس جي ڪئمپ لڳندي هئي، ته مون جھڙا کوڙ ”مان نه مان، مين تيرا مهمان“ ٿي پهچندا ھياسي. اسڪول جي گرائونڊ تي ميٽوڙي رنگ جا صاف سٿرا خيما لڳل هوندا ھيا. جن آڏو رنگبرنگي جھنڊا ڦڙڪندا هيا. ڪنهن نه ڪنهن خيمي آڏو ’فليگ آف آنر‘ لڳل هوندو هيو. رات جو ڪئمپ فائر ٿيندي هئي. وچ ميدان ۾ باھ جو مچ ٻرندو هيو. چؤڌاري بوائز اسڪائوٽس (۱۱ کان ۱۷ سالن جي عمر تائين) ويٺل هوندا هيا. ان ميڙاڪي ۾ اسڪولن سان گڏ مختلف اوپن اسڪائوٽس گروپ به شامل هوندا ھيا. اسڪائوٽس مزاحيه ۽ اصلاحي ٽوٽڪا، ناٽڪ، گيت يا ڊانس جو آئٽم پيش ڪندا ھيا. جنهن ۾ بحيثيت چاچو عبدالله مڪاني اسڪائوٽ ماسٽر جي آخر ۾ ڏسندڙن کان راءِ وٺندو هيو، ”بابا! ڪيئن ٿيو...؟“

چؤڌاري ويٺل چوندا ھيا، ”سٺو ٿيو...!“

پوءِ ٻه ٽي دفعا، ”ڪيئن ٿيو...؟“، ”سٺو ٿيو!“ جو تڪرار هلندو ۽ پوءِ ڪو نئون آئٽم پيش ٿيندو هيو. مثلًا اردو ۾ اھو گيت ڪورس جي انداز ۾ پيش ٿيندو هيو،

”ايسي کير پڪائين، جو ساري مل ڪي کائين!

ڪون کائيگا، ڊونگي نال

مين کائونگا ڊونگي نال..!!“

جنهن کي ”شابس! شاباس!“ يا مخصوص انداز ۾ تاڙين جي ڦهڪي سان داد يا اسڪائوٽ اصطلاح ۾ Yell ڏنو ويندو هيو.

سنڌيءَ ۾ اسڪائوٽس جي حوالي سان به هڪ سلوڻو گيت پيش ٿيندو هيو، جنهن جا ٻول هيا.

”اچو اسڪائوٽي ٻار

رهون ملڪ مددگار

ماڻهو چون سڀ

واھ! واھ! واھ !...“

هڪ دفعي چاچي عبدالله مڪاني پيش ٿيندڙ آئٽمس کي پوزيشن ڏيڻ لاءِ مون کي ”جيوري“ ۾ ويهاري مان ڏنو ۽ ۱۹۸۰ع جي ڏهاڪي ۾ هڪ لڱا گورنمينٽ هاءِ اسڪول ۾ منعقد ٿيل ڪيمپ فائر جي آخري ڏينهن تي چيف گيسٽ بڻائي پڻ عزت بخشي هئي.

صوبائي ليول تي اسڪائوٽ جي اجتماع کي ڪئمپوري ۽ ملڪي سطح جي اجتماع کي ”جمبوري“ سڏبو آھي، ۱۹۸۵ع جي سنڌ اسڪائوٽس بوائز ڪئمپوري ۾ چاچي عبدالله مڪاني لاڙڪاڻه اسڪائوٽس بوائز گروپ طرفان ”ڍڳو پير پيران“ آئٽم پيش ڪيو هيو، جنهن پهرين پوزيشن کڻي لاڙڪاڻي جو ثقافتي حوالي سان مان مٿانهون ڪيو هيو. اهڙي طرح ۱۹۸۷ع جي ملڪي ليول تي منعقد ٿيل ”جمبوري“ ۾ ”مور ٿو ٽلي راڻا...!“ جو آئٽم پيش ڪري ٻي پوزيشن کنئي هئي. نه صرف ايترو پر جانباز فورس ۾ به پنهنجي ڪارڪردگي ڏيکارڻ تي کيس ۱۹۸۲ع ۾ جي ايڇ ڪيو پاران ڪمپني ڪمانڊر جو خطاب مليو ھيو.

چاچي عبدالله مڪاني جي زندگيءَ جو هڪ وڏو باب اسڪائوٽ سان سلھاڙيل آهي. جڏهن ته مون کي صرف مٿاڇري معلومات آهي. ٿي سگھي ٿو ته ڪا گھاٽي واڌي به ٿي ھجي ته معافي وٺڻ نه پر درستگيءَ جو طلبگار آھيان. اميد ڪيان ٿو ته لاڙڪاڻي جا لکاري اسڪائوٽس ”عبدالله مڪاني“ جي ان باب کي ووڙي وستار سان بيان ڪندا. خاص ڪري مان اهو بار ”استاد گل دايي“ تي رکان ٿو، جيڪو هڪ ئي وقت بهترين استاد، اسڪائوٽ ليڊر، اسپورٽس مئن، اديب ۽ ريڊيو ڪمپيئر آھي! ھاڻي جي نه لکيائين ته مان کيس ان مسڪين جيان اها ميار ڏيڻ ۾ حق بجانب هوندس ته ”اھڙا ٻرڙ به نه وسن ته اک وڃڻ جا پار...!“

منهنجي خيال ۾ ته چاچي عبدالله مڪاني جي وڏي ۾ وڏي حيثيت، مان ۽ مرتبو هڪ بهترين استاد ۽ ھيڊ ماستر وارو رهيو آھي. ٻاڪرا ڦر، کٿابي ۽ شاگرد سنڀالڻ ڏاڍا ڏکيا ھوندا آھن. انهن جا سور ھڪ ٻڪرار، ٻيو مدرسي جي مولوي ۽ ٽيون هيڊ ماستر يا پرنسپال کان پڇجن، ته سنئين دڳ لائڻ لاءِ کين ڪيڏا نه جُهد ۽ جتن ڪرڻا پون ٿا. مان پنهنجي مشاھدي تحت ھام ھڻان ٿو ته لاڙڪاڻي ۾ جن ھيڊ ماسترن، شاگردن ۽ استادن کي نظم و ضبط سان ھلايو. انهن مان هڪ گورنمينٽ هاءِ اسڪول جو هيڊ ماستر عبدالواحد شيخ ۽ ٻيو ميونسپل هاءِ اسڪول جو عبدالله مڪاني ھيا. ٻيا به ڀلا! ڀلان ڀليءَ جو ڇيھ ڪونھي، پر هنن جي مَٽ، نه ڪو ثاني... ڪڏهن ڏس ته آفيس ۾ ويٺا آهن، ته ڪڏهن لڪڻ يا رول هٿ ۾ اسڪول جو رائونڊ ھڻندا وتن. خوامخواه ڪلاس کان ٻاھر ڍومان ھڻندڙ شاگرد جو مٽ سوڙهو ۽ استاد کي خشڪي... باقي سٺن استادن ۽ شاگردن کي نه ڪي لھر، نه ڪي لوڏو.... چاچو عبدالله مڪاني ۱۹۷۲ع کان وٺي ۱۹۸۶ع تائين ميونسپل هاءِ اسڪول جو هيڊ ماستر ٿي رهيو. ۱۹۸۶ع کان ۱۹۹۱ع تائين ڊسٽرڪٽ ڪو آرڊينيٽر ۽ ڊپٽي ڊائريڪٽر ايجوڪيشن جي عھدي تي رسي، عزت آبرو ۽ مان شان سان رٽائر ڪيائين. سندس بي لوث خدمتن جي عيوض پاڪستان حڪومت کيس ٻه دفعا صدارتي ايوارڊ ڏنا. ھڪڙو ۱۹۸۵ع ۾ ۽ ٻيو ۲۰۰۴ع ۾. ازنسواءِ ٻيا ڪيترائي ننڍا وڏا ڊسٽرڪٽ، ڊويزن، ريجنل ۽ صوبائي ليول تي ايوارڊ مليل هيس.

جي مان سندس وسيع مطالعي جي ڳالھ ڪيان ته آخري عمر تائين مطالعي جي عادت نه ويس. اخبارون، ڊائجسٽون، ناول، تاريخي، ادبي ۽ مذهبي ڪتاب سيرانديءَ کان پيل هوندا هيس. ۹۰ سالن جي عمر ۾ به منهنجو ضخيم ناول ”طريقت جو سج“ ھفتي جي اندر پڙهي پورو ڪري، پنهنجي راءِ ڏيندي چيو ھيائين ته ”منظور! تون قلندري طريقت جي بنيادي اصولن مزاحمت Resistance، جدوجھد Struggle، مذھبي آزادي Secularism، آزاد خيالي Liberalism ۽ وحدت الوجود جي صوفياڻي فلسفي کي جھڙي طرح ناول ۾ بيان ڪيو آھي، ڪاش! ڪو اسان جي نقشبندي طريقت وارو اديب، سلطان الاولياء مخدوم محمد زمان لنواري شريف جي جي عبادت Worship، عقيدت Devotion، ذڪر فڪر Meditation، عاجزي godliness کي ناول جي صنف ۾ پيش ڪري ھا... تو قلندري طريقت کي واقعاتي انداز ۾ پيش ڪري قابلِ قدر ڪم ڪيو آھي. يقينًا تنهنجي ڏاڏي ”علي شير“ جو روح مطمئن ٿيو هوندو، جنهن جي نالي تي تو هي ڪتاب منسوب ڪيو آھي. مان توکي اھڙي ڪم تي جَسُ ڏيان ٿو!“ سچ پچ ته منهنجي لاءِ اها هڪ اھلِ علم شخصيت راءِ ڪنهن وڏي کان وڏي ايوارڊ کان گھٽ نه هئي. اھڙي قسم جي راءِ ايڊوڪيٽ ھاء ڪورٽ ”ڪي بي لغاري“ جي والد مرحوم جي به هئي، جنهن اهو ناول پڙهي ڪري فون تي عزت افزائي ڪئي هئي۔

چاچو عبدالله مڪاني سچو پچو عاشقِ رسول هيو. ھڪڙو حج ۽ ست ڀيرا عمره جي سعادت حاصل ٿي ھيس. طريقت جي لحاظ کان هو حضرت سلطان الاولياء خواجه محمد الزمان لنواري واري جي نقشبندي راھ تي گامزن هيو. سال بسال بنان ڪنهن ڏيکاءَ ويکاءَ جي سندس درگاھ تي نهايت عقيدت و احترام سان ڀيرو ڪندڙ هيو. آخري دفعو ۲۰۲۱ع ۾ پنهنجي فرزندن سان گڏجي زيارت ڪري آيو. آخري ٻن ٽن سالن ۾ طبيعت جي مستقل ناسازيءَ ڪري نه وڃي سگھيو. پر دل ۾ مرشدن لاءِ حب ھيڪاندي هيس. دعا سان گڏ سندس ملفوظات ۽ شعر ورجائيندو رھندو ھيو. خاص ڪري هي شعر

”سڄڻ ڏٺو جن، تن ڏسڻ غير گناھ،

جنين لڌي راھ، ويھڻ تنين وِھ ٿيو.

سنڌ ۾ خواجه محمد زمان لنواري واري جي نقشبندي طريقت جو دڳ بالڪل منفرد هيو. جنهن جو مولانا غلام محمد گرامي جي ان تقرير مان اندازو ڪري سگھجي ٿو، جيڪا هن ۱۹ نومبر ۱۹۷۴ع تي خواجه جي عرس جي موقعي تي ڪئي هئي.

”حضرات! نقش بندي ٿيڻ جو مطلب ئي اھو آھي، وحدت الشھود جو لازمي طور سان قائم رهڻ.. ڪو نقشبندي به هجي ۽ وحدت الشهود جو قائل نه هجي. اها ناممڪن ڳالھ آھي يا اھو اجتماع الضدين آھي، جنهن جي تطبيق ڪرڻ کان اسان قاصر آهيون.. بهرحال حضرت سلطان الاولياءُ جو اهو انفرادي ڪمال آھي، جو پاڻ وحدت الوجود جي تائيد ۽ تصديق به ڪيائون ۽ ان جي تجديد ۽ تڪميل به ڪيائون. تڏهن ته فرمايائون ته

سرتيون! سٽ ڪپاھ، ماريو مَ منصور کي،

ٿي ترڪيب تباھ، وحدت وائي وات ۾.“

اھو ئي سبب هيو، جون مون چاچي عبدالله مڪاني کي ڪڏهن به الجھندي يا فروعي مسئلن تي بحث ڪندي نه ڏٺو ۽ نه وري پنهنجو نقطه نظر ٿاڦيندي ٻڌو. توڙي جو منهنجو تعلق ھڪ قسم جي لبرل ”قلندري طريقت“ سان هيو.

جنوري ۲۰۲۳ع ۾، مان جڏهن سندس گھر وڃي طبيعت جو حال پڇيو هيو ته پنهنجي فرزند ارجمند محمد حسين مڪاني سامهون پنهنجي مرشد جو اھو شعر ٻڌايو هيائين، جنهن لاءِ چيو وڃي ٿو ته خواجه محمد الزمان قدس سره پنهنجي آخري ايامن ۾ اڪثر پڙهندو ھيو،

اوڏڻ اوڏي آءُ، توکي لاکي ڪوٺئو،

تان لهي تو مٿاءَ، سندو مٽيءَ مامرو.

چاچو عبدالله مڪاني، ۱۴ آڪٽوبر ۲۰۲۴ع تي رضا الاهي سان دارالفنا کي ڇڏي، دارالبقا ڏانهن راھي ٿيو. جيڏانهن ھر انسان کي اَوس وڃڻو آهي. سندس ئي مرشد خواجه محمد زمان لواري قدس سره جو هيٺيون بيت کيس ڀيٽا طور پيش ڪيان ٿو. يقين آهي ته سندس روح کي راحت بخشيندو؛

سڪ روحاني سامئين، جسمي جاھلن،

ٻگھن مڇي من، پارس پسن ڪينڪي.



سائين عبدالله مڪاني جو وڇوڙو

دور ٿيندا وڃن روز جوڳيئڙآ

آصف رضا موريو


لاڙڪاڻو مان نج، اصلوڪا ۽ تاريخي نوعيت جا سٻاجها ماڻهو وتن ٿا پنهنجي ٻيڙي ڪنڌيءَ لائيندا. ٿوڙي دير پهريون هڪ دوست فون ڪري ٻڌايو ته شهر جو مشهور تعليمدان، اسڪائوٽنگ جو پايو وجهندڙ ۽ شهر جي شاگردن کي ٻه اڍائي ڏهاڪا کيڏ ڪود ۽ مختلف راندين جي تربيت ڏيندڙ سائين عبدالله مڪاڻي پڻ راهه رباني رسيو.

عبدالله مڪاني ۱۷ جون ۱۹۳۱ع تي لاهوري محلي لاڙڪاڻو ۾ جنم ورتو سندس والد جو نالو محمود حسين هيو. عبدالله مڪاني پرائمري تعليم پنهنجي محلي جي پرائمري اسڪول مان ۽ پوءِ انٽرميڊئيٽ تائين مڇي مارڪيٽ ڀرسان واقع گورنمنٽ ديني مدرسي هاءِ اسڪول مان پڙهيو. ۱۹۵۵ع ۾ گورنمنٽ سروري ڪاليج هالا مان بي اي جي ڊگري ورتي. ان ڪاليج ۾ پڙهڻ دوران هو شاگرد يونين جو نائب صد، جيمخانه سوسائٽيءَ جو سيڪريٽري، ڊراماٽڪ ڪلب جو سيڪريٽري ۽ ڪرڪيٽ ڪلب جو ڪيپٽن پڻ هوندو هيو. ۱۹۶۲ع ۾ سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو مان ماسٽرز ڪئي ۽ پوءِ بي ٽي جو امتحان پڻ اتان ئي ڏنو. ڄامشورو ۾ پڙهائي دوران به هو حيدرآباد ڊويزن ۽ ضلعي جي ڪرڪيٽ ۽ هاڪي ٽيم جو سٺو کلاڙي رهيو.

مڪاني صاحب کي گريجويٽ ڪري ۱۹۵۶ع ۾ پرائمري استاد جي نوڪري ملي. ۱۹۷۲ع ڌاري هو لاڙڪاڻو جي ميونسپل هاءِ اسڪول ۾ هيڊماسٽر مقرر ٿيو جتي ۱۹۸۶ع تائين رهيو. ۱۹۸۶ع کان ۱۹۸۸ع تائين ايجوڪيشن ڊپارٽمينٽ ۾ ڊسٽرڪٽ ڪوآرڊينيٽر آفيسر طور مقرر ٿيو. اهڙي ريت تعليم کاتي ۾ مختلف اسڪولن اندر پنجٽيهن سالن تائين خدمتون سرانجام ڏيندي مڪاني صاحب ۱۶ جون ۱۹۹۱ع تي رٽائر ٿيو. ان کان پوءِ به ڪيترن سالن تائين هو هڙان وڙان شاگردن کي اسڪائوٽنگ، ڪرڪٽ ۽ هاڪي کي سکيا ڏيندورهندو هيو.

عبدالله مڪاني کي ننڍپڻ کان راندين کيڏڻ سان دلچسپي هوندي هئي. سندس لاهوري محلي واري گهرجي ڏکڻ ۾ گورنمنٽ پائلٽ اسڪول جو ويڪرو ميدان ۽ اسٽيڊيم شهر جي رانديگر ڇوڪرن جو ٿاڪ هوندو هيو. مڪاني صاحب جي مزاج سان گڏ خون ۾ به اسپورٽس ۽ اسڪائوٽنگ هوندي هئي. سندس خيال هوندو هيوته ”اسڪائوٽنگ سان نوجوانن جي ذهني، جسماني ۽ روحاني صلاحيتن کي اجاگر ڪري سگهجي ٿو“. ان کان علاوه ”نوجوان شاگردن ۾ خوداعتمادي، تنظيم سازي، باهمي امداد ۽ احساسِ ذميداري پڻ پيدا ٿئي ٿي“.

مڪاني صاحب ڪرڪيٽ کيل جو تمام گهڻو شوقين هوندو هيو. هو گورنمينٽ هاءِ اسڪول لاڙڪاڻي ۾ ڪرڪيٽ جو ڪئپٽن هئڻ سان گڏ هاڪي ۽ فوٽ بال جو پڻ بهترين رانديگر هوندو هيو. ڪرڪيٽ کيڏڻ ۽ کيڏائڻ ۾ هو منفرد اسٽائل رکندو هيو تنهن ڪري ئي کيس ”اسٽائلش بيٽسمين“ جو لقب پڻ مليل هوندو هيو.

راندين متعلق به سندن مخصوص احساس هوندا هيا. ساڻس ڪچهري ۾ هن مون کي سمجهائيندي چيو هيو ته ”جهڙي ريت راند روند نوجوانن ۾ جسماني ۽ دماغي قائدانه صلاحيتون پيدا ڪندي آهي اهڙو سينگار ۽ خوداعتمادي تعليم به ڪونه بخشيندي آهي“. هن هڪ تمام سهڻي ڳالهه ڪئي هئي ته ”راند ۾ کٽڻ واري کي ته مان ملندوآهي پر هارڻ وارو به ڪونه هاريندوآهي جو هو به ڪجهه نه ڪجهه پرائيندو آهي“.

مڪاني صاحب ۱۹۷۰ع کان ۱۹۹۳ع تائين ڊسٽرڪٽ اسپورٽس ڪميٽيءَ لاڙڪاڻو جو سيڪريٽري رهيو. پنهنجي دور ۾ هن اڪيچار راندين جا مقابلا برپا ڪرايا جن ۾ ايٿليٽڪس، فوٽ بال، هاڪي، ٽيبل ٽينس، بيڊمنٽن ۽ ڪرڪيٽ سرفهرست آهن. انهن مقابلن لاڙڪاڻي جي نوجوان نسل ۾ راندين جي شوق کي نئين زندگي بخشي.

هن ۱۹۴۴ع ۾ ڪراچي جي هيرانند اڪيدومي مان فرسٽ ڪلاس اسڪائوٽنگ جو بيج حاصل ڪيو هيو جتي ٽريننگ دوران به هو پئٽرول ليڊر اسڪائونٽنگ هوندو هيو. هو لاڙڪاڻي جو پهريون اسڪائوٽ ليڊر بڻجي بوائز اسڪائوٽنگ ايسوسيئيشن لاڙڪاڻو جو ضلعه سيڪريٽري چونڊيو ويو. بعد ۾ ۱۹۶۸ع کان ۱۹۹۲ع تائين ڊسٽرڪٽ اسڪائوٽ ايسوسيئيشن لاڙڪاڻي جو سيڪريٽري رهيو ۽ صوبي ۾ سوين نوجوان اسڪائوٽ پيدا ڪيا. هو لاڙڪاڻي مان پهريون اسڪائوٽ ليڊر هيو جنهن ڪمپني ڪمانڊر جي ٽريننگ جانباز فورس مان حاصل ڪئي جيڪا ۱۹۸۲ع ۾ جي ايڇ ڪيو راولپنڊي ۾ رکي وئي هئي. سندس قابليت هئي جو ۱۹۷۴ع ۾ کيس قائداعظم جمبوري ڪيمپس لاهور جوڪانٽيجنٽ ليڊر پڻ چونڊيو ويو هيو. ان کان علاوه مڪاني صاحب هجره ڪئمپ اسلام آباد، ڪوئٽا، لاهور، پشاور ۾ منعقد ٿيندڙ جمبوري ڪئمپن ۾ پهريون، ٻيون ۽ ٽيون نمبر ايوارڊ حاصل ڪري سموري ملڪ ۾ نالو ڪمايو. سنڌ ڪئمپ، نيشنل روور موٽ لاهور ڪئمپ ۾ گولڊ ميڊل ۽ بيج آف آنر حاصل ڪيائين. سندسن خدمتن جي اعتراف طور کيس اسڪائوٽنگ جي بين الاقومي رينڪ اسسٽنٽ ليڊ ٽرينر جي عهدي تي ترقي ڏني وئي. ان کان سواءِ هي ايگزيڪيٽو ڪميٽيءَ جو ميمبر، گورنر صوبائي ڪائونسل، سنڌ اسڪائوٽنگ ايسوسيئيشن جو ميمبر پڻ رهيو آهي. کيس خدمتن جي مڃتا طور صدر پاڪستان طرفان ‘ميڊل آف ميرٽ’ اوارڊ سان نوازيو ويو.

مڪاني صاحب لاڙڪاڻو ۽ سنڌ ۾ ڪم ڪندڙ بيشمار فلاحي تنظيمن جو سهڪاري ميمبر پڻ هوندو هيو. هوغريب غربن ۽ نادار ماڻهن لاءِ لاڙڪاڻو شهر ۽ ان جي پسگردائي ۾ مفت ميڊيڪل ڪئمپون پڻ لڳرائيندو رهندو هيو. لاڙڪاڻو جي تاريخ ۾ آيل ٻوڏن دوران ٿيندڙ هنگامي حالتن ۾ منهن ڏيڻ لاءِ مڪاني صاحب پنهنجي اسڪائوٽس ٽيمن سان بهترين خدمتون سرانجام ڏيندو رهندو هيو.

سائين عبدالله مڪاني اسپورٽس جي فيلڊ ۾ ڪيل خدمتن جي اعتراف طور حڪومتِ وقت کان ۱۹۷۸ع ۾ فضل الاهي چوڌري کيس صدارتي ايوارڊ ڏنو ويو هيو جنهن کان ٻن سالن بعد ۱۹۸۰ع ۾ کيس تمغئه امتياز (حسن ڪارڪردگي) پڻ ڏنو ويو. سال ۱۹۸۸ع ۾ گورنر سنڌ ايوارڊ سان نوازيو ويو جنهن کان علاوه به کيس اسپورٽس، اسڪائوٽنگ، ايجوڪيشن ۽ سماجي ڀلائي جي ميدان ۾ ڪيل بي لوث خدمات جي صِلي ۾ ٻيا ڪيترائي ايوارڊ، ٽرافيون ۽ تمغا ڏنا ويا هيا.

سائين عبدالله مڪاني توڙي جو نه مون کي پڙهايو ۽ نه ئي ڪنهن راند ۾ سندس شاگرد رهيم پر ان جي باوجود مان سندس خدمتن جو اعتراف ڪندي گهڻو احترام ڪندو هيم. ساڻن اڪثر ملاقات لاڙڪاڻو اسٽيڊيم ۾ ٿيندي هئي جتي مان ماسٽرزجمنازيم ۾ باڊي بلڊنگ ڪرڻ ويندو هيم ۽ وارم اپ ٿيڻ لاءِ جوگنگ ڪندي اڪثرسائين جن جو ديدار ٿيندو رهندو هيو ته قدم بوسي ڪري وٺندو هيم.

مڪاني صاحب سان منهنجي آخري ملاقات جنوري ۲۰۱۲ع ۾ ٿي هئي جڏهن مان پنهنجي انگريزي ڪتاب Larkano, The Pictorial Profile لاءِ سندن پروفائيل لکڻ سانگي ڪچهري ڪرڻ ويو هيم. سا ڪچهري سندن لاهوري محلي واري گهر۾ ٿي جيڪو سائين منظورڪوهيار جي گهر جي سامهون ۽ سائين ڄام کوکر جي گهرجي ڀرسان هيو ۽ هاڻي به اتي ئي آهي. ان وقت به سائين جن جي طبيعت ناساز هئي پر تنهن جي باوجود هي ڏاڍي اڪير ۽ محبت سان مليو. واهه جي نسل هئي اها ايماندار، سلڇڻي،ادب دوست،علم دوست، صحت دوست، سنواريندڙ، سجائيندڙ، رستوڏيندڙ، پيار ڪندڙ ۽ پاليندڙ.

سائين عبدالله مڪاني جو پٽ سهيل مڪاني پڻ ڪافي عرصي تائين پنهنجي والد جي معتبر ورثي کي سنڀالي لاڙڪاڻو شهر جي نوجوانن ۾صحت، راند ۽ اسڪائوٽنگ جي تعليم ۽ تربيت لاءِ جاکوڙيندو رهيو پر ڪيترن ئي سالن کان هو پڻ منظر تان هٽيل آهي. لاڙڪاڻو شهر ۾ اسپورٽس جي حوالي سان عبدالله مڪاني ۽ سائين اسحاق ابڙو تمام گهڻا مانائتا رهيا آهن. مان دعوا سان چئي سگهان ٿو ته هن وقت به شهر ۾ راندين ۽ اسڪائوٽنگ جي دنيا انهن جي لڳايل پود سان آباد آهي پر افسوس آهي جو اهڙي قابل خوبصورت انسانن، شاندار پروفائيلن، قابل جوهرن ۽ هيرن کي اسان جي نسل وساري چڪي آهي.

 

(آصف رضا موريو جي فيسبڪ وال تي ۱۰ ڊسمبر ۲۰۲۵ع تي رکيل/ کنيل)



سائين عبدالله مڪاني صاحب

منهنجو محسن - لاڙڪاڻو ميڊيا سينٽر

تاثرات: عبدالرزاق ڏيرو رحمت پور، لاڙڪاڻو

گهڻا سال اڳ ۱۹۷۷ع ۾، جڏهن مان مئٽرڪ ڪلاس ۾ ڊي سي هاءِ اسڪول ۾ پڙهندو هئس۔ انهن ڏينهن ڀٽو صاحب کي المرتظيٰ هائوس مان رات جو گرفتار ڪيو ويو، اها خبر ملڻ تي مون ڊي سي هاءِ اسڪول مان هڪ شاگردن جو جلوس موڪل ۾ ڪڍرايو ۽ مارشل لا خلاف نعرا هڻايا۔

ٻي ڏينهن تي ڊي سي هاءِ اسڪول جي هيڊ ماستر سائين فدا حسين قادري صاحب، مونکي اسڪول ليونگ سرٽيفيڪٽ هٿ ۾ ڏيئي چيو ته؛ ”بابا مان غريب ماڻھو آھيان، مارشل لا وارن سان منهن ڏيڻ جي مون ۾ طاقت نه آھي، تون ڪنهن ٻئي اسڪول ۾ وڃي پڙھ!“

ليونگ سرٽيفيڪٽ ملڻ بعد مونکي پنهنجي غلطي جو احساس ٿيو پر پوءِ ڇا ٿو ڪري سگهجي؟ مون اها ڳالھ پنهنجي گهر وارن کي ب ن ٻڌائي۔ 

بس پوءِ سرٽيفڪٽ کڻي سڌو ميونسپل هاءِ اسڪول ويس ۽ سائين عبدالله مڪاني صاحب، هيڊ ماستر سان مليس ۽ داخلا لاءِ عرض ڪيم۔ سائين ڊي سي هاء اسڪول مان نڪرڻ جو سبب پڇيو۔ مون کيس سڀ سچ ٻڌائي ڇڏيو۔ سائين مڪاني جي منهن مبارڪ تي مرڪ تري آئي۔ مئٽرڪ ۾ داخلا ڏنائين ان واعدي تحت ته وري مئٽرڪ تائين سياسي سرگرميون نه ڪندي، مون کيس پيرن تي هٿ رکيا ۽ واعدو ڪيو۔ سائين بعد ۾ مونکي ٻڌايو ته: ”مون تو کي داخلا تنهنجي ڪانفينڊنس، سياست ۾ دلچسپي ۽ تنهنجي باڊي بلڊنگ جي محنت ۽ دلچسپي سبب به ڏني هئي.“ اصل ۾ سائين مڪاني صاحب راندين جو ۽ اسڪائوٽس جو وڏو شوقين هو ۽ مون انهن ڏينهن ۾ سخت ورزشون ڪري پنهنجي باڊي بلڊنگ ڪئي هئي ۽ آءِ الشهباز اسڪائوٽس ۾ شامل هئس۔

وقت گذري ويو پر مان ڪڏهن ڪڏهن سوچيندو آھيان ته جيڪڏهن سائين مڪاني صاحب مونکي مئٽرڪ ۾ داخلا نه ڏئي ها ته پوءِ منهنجي تعليم جو ڇا ٿئي ها؟

اڄ به مان سائين عبدالله مڪاني صاحب جو پاڻ کي احسانمند ۽ ٿورائتو سمجهندو آھيان.

هي سندس تازي تصوير آھي جيڪا يونيورسل اسڪائوٽس گروپ جي دوستن شعر ڪئي ھئي

قلم تازو: ڪجهه ڏينهن اڳ سائين عبدالله مڪاني جو وڏو فرزند سھيل مڪاني مليو ھو جنهن ٻڌايو ته بابا ڪجهه مھينا اڳ انتقال ڪري ويو آهي.

الله سائين جي در دعا آھي ته کيس پنهنجي جوار رحمت ۾ جڳهه عنايت ڪري ۽ سندس خاندان کي ھميشه شاد ۽ آباد رکي۔۔۔ آمين.

 

(عبدالرزاق ڏيرو جي فيسبڪ پوسٽ ۲۵ آگسٽ ۲۰۱۹ع)

No comments:

راءِ ڏيندا