ڊاڪٽر زاهد ميراڻي
سنڌ جو سريلو ڪوي
آصف رضا موريو
ڊاڪٽر زاهد ميراڻي اسان جو تمام
سهڻو دوست آهي جنهن سان ان دور کان سنگت رهندي آئي آهي جڏهن مان مشڪل سان پندرنهن
سورنهن سالن جو آهيان. ڊگهو، سهڻو، سنهڙو، ڀورو، ٺهيل آڍيل نڪ نقشو، سلڪي وار،
خماريل نيڻ، ڳمڀير ڳالهائڻ، طبيعت ۾ ماٺار، گهمڻ ۾ ڄام ۽ ڇا ڇا نه. واهه جي سهڻي،
سريلي ۽ سرجيل شخصيت آهي. سگريٽ مون کي ڪنهن به ڪونه وڻندو آهي پر زاهد ميراڻي جي
سگريٽ پيئڻ جو انداز به اهڙو مانائتو ۽ وڻندڙ هوندو هيو جو ڪڏهن ڪڏهن سوچيندو هيم
ته جيڪڏهن ”سگريٽ مون کي به اهڙو ٺهي جهڙو زاهد کي ٺهي ٿو ته جيڪر مان به پيئان“.
زاهد ميراڻي جو جنم ۱۴ جون ۱۹۷۱ع ڌاري لاڙڪاڻو شهر جي رحمت پور
محلي ۾ ٿيو. سندس والد روينيو کاتي ۾ ڊرائيور هوندو هيو. جتي سندس سمورو ڪهول پير مٺا
جي درگاهه ڏانهن ويندڙ وڏي گهٽي جي اولاهين پاسي واقع وڏي گهر ۾ رهندو هيو. غريب
گهراڻي سان تعلق هيس پر ننڍي هوندي کان ڪتابي قسم جو هوندو هيو ۽ پڙهائي ڪڙائي سان
دلچسپي هوندي هيس. خوش قسمتي سان ۱۹۸۹ع واري
ارڙهين بئچ ۾ سندس داخلا چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج ۾ ٿي وئي جتي پڻ سندس ڳاڻيٽو پڙهاڪو
شاگردن ۾ ٿيندو هيو.
ايم بي بي ايس ۽ پوءِ هائوس جاب
ڪري، زاهد ميراڻي ۱۹۹۸ع ۾ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو
امتحان پاس ڪري، ڪافي عرصي تائين لاڙڪاڻو ڪورٽ ۾ ڊاڪٽر طور ڪم ڪندو رهيو. جتي پڻ
هفتي ٻئي ڪورٽ ڪينٽين ۾ ساڻس ملاقاتون ٿينديون رهنديون هيون. جتي نه رڳو اسان ۾ ڪتابن
جي ڏي وٺ ٿيندي رهندي هئي پر اسان جا موضوع شاعري، ادب، اديب، رسالا، ڪتاب،
رانديون، شهر ۽ دوست هوندا هيا.
جنرل پرويز مشرف جي دورِ حڪومت
۾ ڊاڪٽر زاهد ميراڻي لاڙڪاڻو ضلع ۾ ڊي ڊي او پروڪريورمنٽ اينڊ لاجسٽڪ رهيو. جنهن
کان پوءِ صحت کاتي ۾ اي ڊي ايڇ او ۽ ڊي ايڇ او به رهيو. ان دوران به ججن جي اصرار
ته ”هي تمام سٺو ڊاڪٽر آهي ۽ اهو ئي اسان وٽ هجڻ گهرجي“ تي ڪورٽ جي ڊاڪٽر جي چارج
به وٽس هوندي هئي. همراهه ذاتي زندگي ۾ به پروگريسو لڏي جو ماڻهو هوندو هيو ته
سندس پاڙهو طبيعت ۽ ڪاڙو مزاج کيس سماجي ۽ ذاتي ترقي ۽ خوشحالي ڏانهن به سدائين جاڳرو
۽ سلهاڙيل رکيو. سال ۲۰۰۶ع ۾ ميڊيسن
۾ ايف سي پي ايس ڪري ٽريننگ لاءِ جناح پوسٽ ڪرڻ ويو جتي ٻه سال ميڊيسن ۽ ٽي سال
نيورو جي تربيت حاصل ڪرڻ کان پوءِ سندس پوسٽنگ سول اسپتال ڪراچي ۾ ٿي جتي هن وقت
هو ”پين مينيجمنٽ“ جو انچارج آهي.
ڊاڪٽر زاهد ميراڻيءَ جي شادي آڪٽوبر
۱۹۸۸ع ۾ ٿي هئي. کيس ٻن نياڻين ۽ هڪ
پٽ جي اولاد آهي. ڪجهه ڏينهن اڳ ڊاڪٽر صاحب جي وڏي ڀاءُ ادا سليمان ميراڻي جو
انتقال ٿيو ته ساڻس دعا گهرڻ ويم جتي دعا کان پوءِ نيون پراڻي يادون پڻ تازيون ٿيون.
سندس ملڻ جا اهي ئي محبتي ۽ دلربائي انداز آهن رڳو سندس اڳيان وار کُسائي پٺيان چوٽي
ايتري ته وڌائي ويا آهن جو مون کي اردو جو شعر ياد اچي ويو ته
"سر
سے گرتی ہیں تو شانون پہ بکھر جاتی ہیں،
تم
نے زلفوں کو بڑا سر پہ چڑہا رکھا ہے"۔
ڊاڪٽر زاهد ميراڻي نه رڳو ڏسڻ ۾
پر پنهنجي ڳالهائڻ ٻولهائڻ ۾ به شاعراڻو، رومانٽڪ، سٻاجهو ۽ سريلو رهيو آهي۔ سندس ڀريل
ڀريل آواز ٻڌي مون کي ريڊيو جو صداڪار اي آر بلوچ ياد اچي ويندو آهي، جيڪو آواز جي
دنيا ۾ منهنجو فيورٽ رهيو آهي. سندس شاعريءَ جي شروعات ظاهر آهي ته ڪنهن نه ڪنهن
اتساهيندر ڪردار جي ڪري ئي ٿي هوندي. توڙي جو۱۹۹۰ع کان ۱۹۹۵ع دوران ئي هن شاعري ڪئي پر ان ٿورڙي
عرصي ۾ ائين چئجي ته سنڌ ۾ شايع ٿيندڙ هر رسالي ۾ سندس ادبي هنرمنديون ڇپيل
ملنديون هيون. ان دور ۾ مان لکندو گهٽ هيم پر پڙهندو جام هيم، بلڪ پڙهڻ جو ديوانو
هوندو هيم. جو لاڙڪاڻو ۾ ايندڙ ته تمام رسالا ۽ ڊائجسٽ وٺندو رهندو هيم. پر جيڪي ڊائجسٽ
منهنجي شهر نه ايندا هيا جهڙوڪ؛ ريڊرز ڊائجسٽ، اسپوٽنڪ ڊائجسٽ، ٽائيم ميگزين،
ايشيئن ويڪ رسالو وغيره ڪراچي ۽ لاهور مان به گهرائي پڙهندو هيم.
ان دور ۾ منهنجي پاڙهو دوستن جي
حلقي ۾ ڊاڪٽر زاهد ميراڻي پڻ هوندو هيو جنهن کي اڪثر هٿ ۾ ڪو نه ڪو ڪتاب هوندو
هيو. اها ٻي ڳالهه آهي ته مان نج ادبي ڪتاب نه پر رسالا، اخبارون، ڊائجسٽ، عمران
سيريز جام پڙهندو هيم جڏهن ته زاهد گهڻو تڻو ڪتاب پڙهندو هيو. ان کان پوءِ هڪ دور
اهڙو آيو جو مان سي ايس ايس جي پڙهائي کي لڳي ويم ۽ ڊاڪٽر شادي ڪري نه رڳو ڪراچي
هليو ويو پر ادبي افق کان به عنقا ٿي ويو.
ان دور ۾ اڃا موبائليون عام ڪو نه
ٿيون هيون ته پنهنجو پاڻ کي پبلش ڪرڻ وارا فيس بڪ جهڙا سولا سلسلا به ڪو نه جڙيا
هيا. جن دوستن احبابن کي هاڻي ڳنڍڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري وري ويجهو آندو آهي. ان
لاءِ پندرنهن ويهه سال زاهد ميراڻي سان ڪو رابطو ڪو نه رهيو ته ڪٿي آهي، ڇا ڪري
رهيو آهي. بس ڪڏهن ڪڏهن لوڪو شيڊ وٽان گذرندي يا رحمت پور سندس گهر جي گهٽي مان
ويندي، سندس ياد جي وير ورائيندي هئي ته کيس ياد ڪري چهري تي مسڪراهٽ تري ايندي
هئي.
زندگي هر روز نوان رنگ، نوان
انگ ۽ اڻڀيون سڻڀيون ادائون ڪندي اڳتي وڌندي رهندي رهي ٿي. جتي ڪڏهن اسان ان کي
ميسر نه هوندا آهيون ته ڪٿي هوءَ اسان سان سهڪار ڪندي نه ملندي آهي. ساڳيو سلسلو
دوستن جي معاملي ۾ به آهي، جو ذميداريون ذاتيات ۽ ذوقن کان ڪڍي الائي جي ڪاڏي کڻي
وينديون آهن ۽ پوءِ اهي دوست احباب اسان جي چوڌاري ڪو نه رهندا آهن، جيڪي اسان جي
شوقن متعلق اسان جي پٺي ٺپيندا، اڪسائيندا ۽ اڀاريندا رهندا آهن. اهڙيءَ ريت روح
جون ڀرجهليون ڪانهون به ٻين ڪنڌين نسرڻ جا سانباها ڪندي، زاهد ميراڻي وٽان شاعري
به ساڻ کڻي ويون ۽ سنڌ جي هن سريلي قوي ۱۹۹۵ع واري سال ۾ شاعري کان منهن موڙي پنهنجي گهر گهاٽ ۽ ڪرت کي معمول بڻائي ڇڏيو.
زاهد ميراڻي دنيا-گرد به رهيو
آهي، جيڪو وتندو آهي زمين تي وسندڙ خوبصورت ملڪ گهمندو، گهمائيندو ۽ اسان کي
تصويرن ۾ گهمائيندو. سنڌ جي ادبي دنيا ۾ سفرنامن جي تمام گهڻي کوٽ آهي، جنهن کي هڪڙو
الطاف شيخ سنڀاليون ويٺو آهي پر جيئن ته سائين هاڻي گهمي گهتي گهٽ پيو ۽ سندس
طبيعت به ناساز رهي ٿي ان لاءِ لکڻ ڏانهن ڌيان گهٽ اٿس. پياري زاهد کي صلاح آهي ته
لکاري ته آهي ۽ ملڪ به جام گهمي ٿو، ان لاءِ سفرنامن تي طبع آزمائي ڪري ته تمام ڀلو
ٿيندو.
ڀلو ٿئي پياري طارق حسين کجڙ جو،
جنهن ڪجهه سال اڳ ڪراچي ۾ ساڻس ملاقات دوران اصرار ڪيو ته ”ٻيلي تون شاعرن سگهڙ سٿ
جو ساهتيه ڪردار رهيو آهين ان لاءِ ٻيهر لکڻ جي شروعات ڪر“. تنهن ڪري هاڻي زاهد
سائين ڪافي عرصي کان وري سنڌ جي ادبي کيتر ۾ شاعر طور نروار ٿيڻ لاءِ پنهنجي ذوق ۽
شوق کي سنڀاريو.
سال سوا اڳ فيس بڪ جهٽيندي،
زاهد جو مرڪندڙ چهرو سندس تازي نڪور شاعري سان سامهون اچي ويو ته تڙ تڪڙ ۾ کيس ڳنڍي
ورتو. ان ڏينهن کان هر ٻئي ڏينهن نه رڳو سوشل ميڊيا جي ان پڌر تي سندس ديدار ٿيندا
رهندا آهن پر سندس شاعري پڻ پڙهڻ لاءِ ملندي رهندي آهي.
سندس نثري نظم جا هي جملا ڪيترا
نه من سڀاوڪ آهن.
”محبوب جي،
وڇوڙي کان وڌيڪ،
دنيا ۾،
ڪا ئي بہ،
محتاجي ناهي”.
يا وري هي نظم ته.
”پل ڀر جي،
داستان ھُئي اسان جي،
پل لاءِ پٽيءَ تي،
لکيا وياسين،
يادِ ڪيا وياسين،
پوءِ........!
پٽيءَ تي ميٽ ملي،
مٽايا وياسين،
ختم ڪيا وياسين،
اھا ھُئي،
اسان جي جيون جي،
مختصر ڪهاڻي“.
ڊاڪٽر زاهد ميراڻي جي هڪ خوبي
ته ڪمال جي آهي جو وقت جا وهڪرا هجن يا زندگيءَ جو ڪٺنائيون، ذميداريون هجن يا مڃتا
جي رڃ، سماج جا سوٽيلا ڪردار هجن يا وڇوڙي جا ڪيترا به ويراڳ هجن، اهي سندس چهري
تان مسڪراهت ۽ تازگي کسڻ ۾ ناڪام رهيا آهن. فيس بڪ تي رکيل هڪ به تصوير مسڪراهٽ
کان وانجهيل ڪونه آهي. ائين لڳندو آهي ڄڻ سندس چهرو ۽ چپ، ڪيميرا جي اپرچر سان
سلهاڙيل هجن.
پيارا زاهد ميراڻي تو سان ملي
ائين ئي لڳو، جيئن تو پنهنجي هڪ غزل ۾ لکيو آهي ته
”جتان پاڻ وڇڙيا ھئاسين، سو وقت
اُتي ئي بيٺو آهي“.
ماڻهو واقعي مٽبا ناهن ۽ تو واري
ساڳي ڳالهه ته
”قبلو هڪ ئي ٿيندو آهي، قبلو ٿوروئي
مٽبو آهي“.
زاهد سائين اسان جي سماج ۾،
دوست احباب ته قبلا ڪعبه مٽايو ويٺا آهن، پر توکي جس آهي جو تون هن دور ۾ به توحيد
جو قائل ٿيندي جي رهيو آهي. زاهد سائين مان سچ ٻڌايانءِ مون کي تنهنجي لکڻين ۾ نظم
کان وڌيڪ نثر ڀلو، ميچوئر ۽ اثر انداز لڳندو آهي. بھرحال سدا خوش رهڻ ۽ آباد هجڻ
جون دعائون.
(آصف رضا موريو جي فيسبڪ وال تان ۱۳ ڊسمبر ۲۰۲۵ع تي رکي/ کنيل)
No comments:
راءِ ڏيندا