ڊاڪٽر زاهد ميراڻي
سنڌ جو سريلو ڪوي
آصف رضا موريو
ڊاڪٽر زاهد ميراڻي اسان جو تمام
سهڻو دوست آهي جنهن سان ان دور کان سنگت رهندي آئي آهي جڏهن مان مشڪل سان پندرنهن
سورنهن سالن جو آهيان. ڊگهو، سهڻو، سنهڙو، ڀورو، ٺهيل آڍيل نڪ نقشو، سلڪي وار،
خماريل نيڻ، ڳمڀير ڳالهائڻ، طبيعت ۾ ماٺار، گهمڻ ۾ ڄام ۽ ڇا ڇا نه. واهه جي سهڻي،
سريلي ۽ سرجيل شخصيت آهي. سگريٽ مون کي ڪنهن به ڪونه وڻندو آهي پر زاهد ميراڻي جي
سگريٽ پيئڻ جو انداز به اهڙو مانائتو ۽ وڻندڙ هوندو هيو جو ڪڏهن ڪڏهن سوچيندو هيم
ته جيڪڏهن ”سگريٽ مون کي به اهڙو ٺهي جهڙو زاهد کي ٺهي ٿو ته جيڪر مان به پيئان“.