; سنڌي شخصيتون: محمد سليمان ميراڻي

22 December, 2025

محمد سليمان ميراڻي

محمد سليمان ميراڻي

استاد به پنهنجا ترها تاري ويو

آصف رضا موريو


مون کي سال ته ياد ڪو نه آهي ته ڀائو محمد سليمان ميراڻي سان ڪڏهن پهرين ملاقات ٿي پر ۱۹۹۸ع يا ۱۹۹۷ع ۾ ساڻس ملاقاتن جي شروعات ٿي. جتي لاڙڪاڻو ريلوي اسٽيشن جي ”لوڪو شيد“ وارو ڦڏو سڌو حصو، شام ڌاري لاڙڪاڻو شهر جي کلاڙين لاءِ راندين جي ميدان جيان هوندو هيو. جتي مان روزانو جوڊو-ڪراٽي جي پريڪٽس ڪرڻ ويندو رهندو هيس. جتي شهر جي مختلف پاسن کان نوجوان رانديگر مختلف رانديون کيڏڻ ايندا رهندا هيا. اتي ئي مرحوم سليمان ميراڻي المعروف استاد بوبي، پنهنجي ٽيم جي دوستن سان ڪرڪٽ کيڏڻ ايندو رهندو ِهيو. جتي ساڻس روز جي بنياد تي کل کيڪار ٿيندي رهندي هئي. هلڪي قد ڪاٺ وارو هي جوان، ان دور ۾ به ڪرڪٽ کيڏندڙن لاءِ تمام گهڻو سهڪاري ڪردار هوندو هيو جنهن لاڙڪاڻو شهر ۾ نون سيکڙاٽن اندر ڪرڪيٽ راند کي ايترو ته پروموٽ ڪيو جنهن جو مثال ملڻ مشڪل آهي.


سليمان ميراڻي جي وڏڙن جو ڳوٺ ڏوڪري شهر ڀرسان واقع نئون آباد نالي وسندي هئي جتان سندس والد محمد عالم ميراڻي لڏي لاڙڪاڻو شهر جي ڏاکڻئين محلي رحمت پور ۾ وڃي ويٺو. جيڪو لاڙڪاڻو جي ڊپٽي ڪمشنر آفيس ۾ ڊرائيور هوندو هيو، جنهن کي علي شير، محمد سليمان ۽ زاهدعلي نالي ٽن پٽن جي اولاد هئي. سليمان ميراڻي جو جنم رحمت پور واري گهر ۾ ۲۵ اپريل ۱۹۶۵ع ڌاري ٿيو.

سليمان ميراڻي پنجين جماعت، رحمت پور جي گورنمنٽ پرائمري اسڪول مان پڙهي، ميٽرڪ گورنمنٽ پائلٽ اسڪول مان پاس ڪئي. ان کان پوءِ انٽرميڊئيٽ گورنمنٽ ڊگري ڪاليج مان پڙهي، بي ڪام گورنمنٽ ڪامرس ڪاليج لاڙڪاڻو مان ڪئي/ جڏهن ته هن اقتصاديات ۾ ماسٽر جي ڊگري گورنمنٽ ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻو مان حاصل ڪئي. ڪجهه عرصي کان پوءِ ايل ايل بي پڻ ڪئي هيائين.

جيئن ته سندس والد ڊي سي آفيس ۾ هوندو هيو تنهن کي هڪ ڀيري لاڙڪاڻو جي ڊپٽي ڪمشنر مبشر حسين چيو ته پنهنجي ڪنهن پٽ جي درخواست ڏي ته نوڪري ڏيانس. اها شايد ۱۹۸۳ع جي ڳالهه هوندي. جلد ئي خالد کرل ڊي سي ٿي آيو تنهن سليمان ميراڻي کي ٽريزري ۾ ڪلرڪ جو آرڊر ڏنو، جتي هو کاتي جا امتحان ڏيندو رهيو. ۱۹۸۹ع سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ۾ پنهنجي کاتي جو امتحان پاس ڪري سب اڪائونٽنٽ مقرر ٿيو. اڳتي هلي هو ڊسٽرڪٽ ٽريزري آفيسر پڻ ٿيو، جتان ارڙهين گريڊ ۾ ڪم ڪندي قمبر ضلع مان ۵ اپريل ۲۰۲۵ع ڌاري رٽائر ٿيو. نوڪريءَ جو آخري ڏهاڪوسليمان ميراڻي لاءِ گهڻو حادثاتي ۽ ڏکائيندڙ رهيو. جو هن سان گڏ سندس ڪجهه دوستن تي به اينٽي ڪرپشن ۽ نيب جهڙي ادارن ۾ ڪيس داخل ٿيا. جنهن جي ڪري اسان جي دوست افتخار ميراڻي ڪيسن جي پريشانين سبب خودڪشي ڪري ڇڏي پر استاد ان دوران مڪمل طور تي هلڻ ڦرڻ کان لاچار هوندي به ويل چيئر تي پاڻ کڻائي مڙس ماڻهو ٿي الزامن، ڪورٽن ۽ ڪيسن سان منهن ڏيندو رهيو، جنهن جي نتيجي ۾ ۹ مئي ۲۰۲۴ع تي کيس باعزت بري ڪري نوڪري تي بحال ڪيو ويو.

ڀائو سليمان ميراڻيءَ جي شادي ۲۵ ڊسمبر ۱۹۸۴ع ۾ ٿي هئي. ڪافي عرصو پوءِ استاد درگاهه پير مٺل واري گهٽي جي ويڙهي مان نڪري ٿورڙو اوڀر ۾ واقع گوشت واري مشهور گهٽي ۾ چنو ذات هي هڪ همراهه کان گهر خريد ڪيو جنهن کي ڊهرائي اتي پنهنجو شاندار بنگلو جوڙايو هيو. کيس ارسلان احمد (۱.۳.۱۹۹۳)، اظهار احمد (۴.۵.۱۹۹۴)، ابرار احمد، ارسلان احمد نالي چار پٽن ۽ ٻن نياڻين جي اولاد آهي. سندس وڏو پٽ اسرار احمد لاڙڪاڻو جو ڊويزنل ٽريزري آفيسر آهي ۽ اظهار احمد ڪراچي رجسٽرار آفيس ۾ سب رجسٽرار آهي.

ڀائو سليمان ميراڻي اٺاسي واري ڏهاڪي جي شروعات ۾ڪرڪيٽ کيڏڻ شروع ڪئي پر ان کي بهتر انداز ۾ نظام تحت کيڏڻ، دوستن کي کيڏائڻ ۽ ٽيم ٺاهڻ وارا ڪم تڏهن ڪيا جڏهن کيس ٽريزري ۾ نوڪري ملي، جنهن سان نه رڳو سندس بيروزگاري واري ڪيفيت مان جان ڇٽي پر سندس شادي به ٿي وئي. هاڻي هو گهر گرهستي سان گڏ ڪرڪيٽ راند متعلق، پنهنجي عشق جون ضرورتون به پوريون ڪري پيو سگهي.

توڙي جو سموري عمر ڀائو سليمان کي اسان ڏٺوسين ته سندس ڇاتي ڪنهن جسماني بيماري سبب اڳتي نڪتل هوندي هئي ته پٺي وارو حصو به ٿورڙو پٺيان اڀريل هيو. ننڍي هوندي هو ٺيڪ ٺاڪ هوندو هيو پر ٽئين درجي ۾ پڙهڻ دوران کيس ڪنڊي ۾ سور پيو هيو. جيئن ته ان دور ۾ لاڙڪاڻو شهر ۾ سٺا ڊاڪٽر ڪونه هوندا هيا تنهن ڪري سندس والد کيس لياقت نيشنل هاسپيٽل ڪراچي کڻائي ويو. جتي ڊاڪٽرن تشخيص ڪيو ته هن کي ڪنڊي جي ٽي بي آهي. ان بيماري جي آپريشن هڏن جي سرجن ڊاڪٽر علي محمد انصاري ڪئي هئي، جيڪو چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج جو پهريون پرنسيپل رهيو هيو. آپريشن دوران ڀائو سليمان جي ڪنڊي مان متاثر هڏيون ڪڍڻ ڪري بعد ازان آهستي آهستي سندس جسم ۾ اهي مخصوص فطري تبديليون ظاهر ٿيون جنهن ۾ ڇاتي ۽ پٺي جو وڌڻ شامل هيو. ان کان پوءِ هن سموري عمر ان پاسي ڏانهن نارمل زندگي گذاري.

ان دور ۾ سليمان ميراڻي اسان جي دوست افضل ڀائي جي جوڙيل الشهبازڪرڪيٽ ٽيم ۾ کيڏندو رهندو هيو جنهن جو سرپرسٽ اعلا به افضل ڀائي هوندو هيو. اڳتي هلي جڏهن افضل ڀائي کي لينار ۾ نوڪري ملي ۽ سندس والد صاحب به گذاري ويو جنهن کي اسٽيشن سامهون بروهي هوٽل ڀرسان واقع پنهنجي گهر اڳيان مٺائي جو دوڪان هوندو هيو. ان دوران سنڌي مهاجر جهيڙا ٿيا جنهن سان سنڌي مهاجر جي محبتن وارو فيبرڪ ٽٽي پيو ته نه رڳو شهرن ۾ سياسيت پر پاڙي اوڙي ۽ دوستن يارن ۾ به سماجي معاملا ڪافي بدلجي ويا. سنڌ اندر جڙندڙ ان ميرانجهي ماحول ۾ سنڌ جو سٺو پڙهيل لکيل طبقو هتان لڏي هليو ويو ۽ جيڪو هتي رهجي ويو تنهن پڻ احتياط سان زندگي گذارڻ کي ترجيح ڏني. اهڙي وقت ۾ افضل ڀائي جي ٽيم جو گهڻي مان گهڻو متحرڪ کلاڙي استاد سليمان ميراڻي هيو جنهن کي افضل ڀائي ٽيم جون سموريون ذميداريون حوالي ڪيون.

ان دور ۾ لاڙڪاڻو شهر ۾ اٺ ڏهه ڪرڪيٽ ڪلبون هونديون هيون جن ۾ الشهباز ڪرڪيٽ ڪلب، يوٿ ڪرڪيٽ ڪلب، العباس ڪرڪيٽ ڪلب، گلوبل ڪرڪيٽ ڪلب، شاهه عبداللطيف ڪرڪيٽ ڪلب، ينگ اسٽار ڪرڪيٽ ڪلب ۽ ماسٽرز ڪرڪيٽ ڪلب وغيره خاص هونديون هيون جن ۾کيڏندڙ مشهور کلاڙي سائين اشتياق انصاري، سائين ڪليم لاشاري، جواد جعفري، فداحسين چانڊيو، استاد حميد تنيو، استاد اسرار تنيو، استاد مجيد رند، خورشيد رند (جنهن کي استاد ڦوٽو چوندا هيا)، عقيل پٺاڻ، نياز چانڊيو، علي گل شيخ، محمد عرس شيخ، زاهدکوسو، گلزار شيخ، زاهد ميراڻي، جاويد انصاري، استاد ديدار کوکر، ڊاڪٽر امداد انصاري، خادم ميمڻ، مظهر ديناري وغيره هوندا هيا.

هي اهو دور هوندو هيو جڏهن مان پوليس هيڊ ڪوارٽر ۾ رهندو هيس ۽ پنهنجي ڪراٽي واري شوق جي ڪري هر روز هيڊ ڪوارٽر وارو روڊ پار ڪري سامهون پاڪستان ريلوي جي لوڪو شيڊ واري حصي جي اوڀر ۾ مٿي واري لان ۾ ايڪسرسائيز ڪرڻ ويندو رهندو هيم. جتي منهنجو دوست نديم رند، اعظم عباسي به ايندو هيو جتي اسان گڏجي پريڪٽس ڪندا هياسين. لوڪو شيڊ جي وسيع پکيڙ واري ميدان ۾ جتي ٻيا کوڙ سارا کلاڙي ڪرڪيٽ کيڏڻ ايندا رهندا هيا اتي استاد سليمان ميراڻي به پنهنجي ٽيم سان روز کيڏڻ ايندو هيو.

مون لوڪو شيڊ جي انگڙ ونگڙ گرائونڊ تي استاد جي ٽيم ۾ رحيم ابڙو، محمدعلي لغاري، شاهنواز ڏاهاڻي، مجاهد سولنگي، اعجاز سمون، صديق ابڙو، مزمل سولنگي، سجاد سانڊاڻو وغيره جهڙي پهرين سطح جي کلاڙين کي کيڏندي ڏٺو جن کي نه رڳو هو کيڏائيندو هيو پر سندن اخلاقي، جسماني ۽ کلاڙي طور پڻ تربيت ڪندو رهندو هيو. مون کي ان دور ۾ ڪرڪيٽ کيڏندڙ سنگتي ٻڌائيندا رهندا هيا ته ٽيم جي اڌ کان وڌيڪ غريب کلاڙين کي کيڏڻ جو سامان استاد سليمان وٺي ڏيندو هيو. الشهباز ڪرڪيٽ ڪلب کي استاد سليمان ميراڻي پي سي بي ۾ به رجسٽر ڪرايو هيو.

کيڏندي کيڏندي اڪثر ڪري سندن ڪرڪيٽ وارو بال اسان جي ويجهو اچي ڪرندو هيو ته مان کين کڻي ڏيندو هيم جتي استاد سان روز هيلو هائي ٿيندي رهندي هئي جيڪو ڪڏهن ڪڏهن صلاحيندو هيو ته ”ننڍڙا ڀاءُ اسان سان اچي ڪرڪيٽ کيڏ“، پر جيئن ته مون کي ڪرڪيٽ ڪڏهن به ڪو نه وڻي ان لاءِ کلي ٽاري ڇڏيندو هيم. سندس ٽيم ۾ اڪثر استاد جو ننڍو ڀاءُ ڊاڪٽرزاهد ميراڻي پڻ کيڏڻ ايندو هيو جيڪو منهنجو دوست هيو، جنهن سان پيون رهاڻيون ٿينديون هيون.

توڙي جو استاد سليمان مجموعي طور تي شاندار کلاڙي هوندو هيو پر سندس خاصيتون اوپنر بيٽس مين ۽ وڪٽ ڪيپر طور گهڻيون سڃاتيون وينديون هيون ۽ هو اهڙو کلاڙي هيو جيڪو ڊبل ڊبل سلپ تي به ڊائيو هڻي ڪيچز پڪڙيندو هيو. ان دور ۾ سنڌ جي مختلف ضلعن ڊويزنن سان ميچ کيڏڻ لاءِ جيڪڏهن لاڙڪاڻو مان پنج کلاڙي به چونڊبا هيا ته پنهنجي ٻنهي خاص ڪيٽيگرين تحت انهن ۾ استاد سليمان بوبي جو نالو ضرور شامل هوندو هيو. ان عرصي دوران استاد سليمان سنڌ ۽ پاڪستان ليول تي پڻ کيڏيو. اسي واري ڏهاڪي ۾ استاد سليمان ميراڻي وقت جي وڏن کلاڙين جهڙوڪ معين خان ۽ رميز راجا وغيره سان انڊر نائنٽين ٽيم ۾ کيڏيو هيو.

لاڙڪاڻو شهر جي ڪرڪيٽ کلاڙين لاءِ استاد سليمان ميراڻي انداتا جيان هوندو هيو. جيڪو غريب کلاڙين کي نه رڳو ڪٽيون، بوٽ ۽ کيڏڻ جو ٻيو ساز سامان وٺي ڏيندو رهندو هيو پر هر پاسي کان مدد ۽ سهائتا پڻ ڪندو رهندو هيو. کيس ڪرڪيٽ کيڏڻ، ٽورنامينٽس کٽڻ ۽ مختلف ڪارڪردگين سبب بيشمار ايوارڊ، اعزاز، شيلڊيون ۽ سرٽيفڪيٽ ملندا رهيا جيڪي هن وقت به الشهباز ڪرڪيٽ ڪلب جي ڪوارٽر نما آفيس ۾ سينگاريل آهن.

استاد سليمان ميراڻي نه رڳو لاڙڪاڻو پر سنڌ ۾ ڪرڪيٽ کي نوجوانن جي ذهنن اندر وجهي پالڻ پوسڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. اڳتي هلي جڏهن سندس والد وفات ڪري ويو ته ان حادثي جو هن تمام گهڻو اثر ورتو ۽ پوءِ سندس ڪجهه جسماني بيضابتگين به مسئلا پيدا ڪيا. جنهن سان سندس پيرن تي بيهڻ ۾ ڪجهه انچن جو فاصلو ٿي پيو ۽ پوءِ ويل چيئر تي اچي ويو. جنهن سان دوائن جا سلسلا به جڙندا رهيا ته هن آهستي آهستي ڪرڪيٽ کيڏڻ ڇڏي ڏني. پر ڪرڪيٽ، ڪرڪيٽ کيڏندڙن ۽ پنهنجي ڪلب کي هن ڪڏهن به ڪو نه ڇڏيو. روز جي بنيادن تي پاڪستان ريلوي جي ڪوارٽرن مان هڪ ڪوارٽر ۾ واقع سندس ڪلب طور مختص ٿيل هڪ ننڍڙو ڪوارٽر سندن اوطاق، اوتارو، ٽڪاڻو ۽ ڪلب پڻ هوندو هيو، جتي نئين پراڻي سنگت گڏ ٿي ڪچهريون ڪندي رهندي هئي.

هن همراهه کي سندس خير خواهي، چڱ ڀلائي ۽ خيراتي معاملن سبب بيواهن، غريبن، مزدورن ۽ اٻوجهن جون تمام گهڻيون دعائون ملنديون رهنديون هيون جو استاد هٿ جو ڪشادو ۽ سخي مرد هوندو هيو. هو نه رڳو بيشمار شاگردن کي هڙان وڙان پڙهائيندو رهندو هيو پر ڪيترن مسڪينن جا گهر، سندس خرچ تي هلندا هيا. هو بي پهچ ماڻهن جي بيماري بڙي ۾ مدد ڪندو رهندو هيو ته غريب گهراڻن کي سندن نياڻين جي شادي ۾ ڏاج ڏيوڻ وٺڻ ۾ به مدد ڪندو رهندو هيو. سندس در تي آيل ضرورتمند ڪڏهن به خالي هٿ ڪو نه ويندا هيا. هن پنهنجي بيشمار ڪرڪيٽ جي شاگردن کي راند ڪوٽا تي سرڪاري نوڪريون وٺرائي ڏنيون هيون. مون کي ياد آهي جڏهن اسان پوليس هيڊ ڪوارٽر ۾ رهندا هياسين ان دور ۾ مرحوم ايس پي قادر رند ۽ ڊي ايس پي حق نواز ڪاراڻي کي پوليس ڪرڪيٽ ٽيم جوڙڻ ۾ به استاد سليمان ميراڻي مدد ڪندي پنهنجا شاگرد ڏنا هيا جن مان گهڻن کي ڊي آئي جي نياز صديقي جي حڪم تي پوليس ۾ پڻ کنيو ويو هيو جن ۾ چاچي رضوان پٺاڻ جو پٽ نعيم (جنهن بعد ۾ خودڪشي ڪئي هئي) ۽ اعجاز پٺاڻ وغيره به شامل هيا.

مون ڏٺو ته ڪيترن ئي سالن کان سندس اوطاق جا دروازا دوستن، احبابن ۽ مهمانن لاءِ کليل هوندا هيا، جتي ويلي مهل ماني به ملندي هئي ته چانھ پاڻي جا دور ته هلندا ئي هيا. مان ڪيترا ئي ڀيرا ساڻس ملڻ ويندو رهندو هيم جتي پراڻيون يادون دهرائي ڀوڳ ٺڪاو ڪندا رهندا هياسين. هو مون کي ساحر لڌيانوي ۽ فيض احمد فيض جا شعر ٻڌائڻ جي فرمائش ڪندو هيو ته وجهه وٺي هڪ اڌ گيت به ٻڌائي وٺندو هيو.

حيرت انگيز طور تي استاد سليمان ميراڻي جي وفات تي هر ماڻهو سندس خير خواهي جي تعريف ڪندي سندس وفات تي دلئون رنج ۾ هيو. استاد جي جنازي نماز پير مٺا جي درگاهه ۾ پڙهي پنهنجي دوست مسلم شيخ سان سندس گهر ويم. جتي چانھ پيئندي مسلم ٻڌايو ته ”هڪ ڀيري منهنجي پوسٽنگ دادو هئي ته سليمان ميراڻي فون ڪري رستي ۾ ملڻ لاءِ چيو. رات ٿي وئي هئي استاد سان پڪٽ تي مليم ته هن گاڏي مان تحفا ڪڍي ڏنا. مون کيس اسڪواڊ ڏنو ته لاڙڪاڻو تائين پڄائن ته اسڪواڊ وارن کي واپسي تي هن ڏهه هزار روپيا ڪڍي ڏنا هيا“. اهڙي ريت منهنجو هڪ دوست بيهه کپائيندو آهي سو به جنازي نماز تي مليو تنهن ٻڌايو ته؛ ”مان جڏهن به استاد جي گهٽي مان گذرندو هيم ته هو مون کي روڪرائي اٽي جون ٿيلهيون ڏيندو هيو“.

وفات کان پنج ڏينهن اڳ، استاد سليمان ڪراچي ويو ته سندس ڀاءُ ڊاڪٽر زاهد ميراڻي کيس دل جي اسپيشلسٽ ڊاڪٽر ناصر کي ڏيکاريو هيو، جنهن ٽيسٽون ڪرايون جن ۾ ظاهر ٿيو ته سندس ڇاتي ۾ ڪجهه مسئلو هيو ۽ رت جو دورو به وڌيل هيس. ان کان علاوه دل جي سائز ۾واڌاري سان گڏ کيس نمونيه پڻ ظاهر ٿيو هيو. ان دوران سندس آڪسيجن سطح مشڪل سان سٺ کان ستر تائين ظاهر ٿي. جنهن جي ڪري کيس نيشنل ميڊيڪل سينٽر ۾ وينٽيليٽر تي پڻ رکيو ويو ته جيئن ڏهن ٻارنهن ڪلاڪن ۾ سندس ساهه کڻڻ ۾ تڪليف ۾ بهتري آئي ته وينٽيليٽر لاهي کيس آئي سي يو وارڊ ۾ رکيو ويو جتي علاج سان گڏ سندس فزيوٿراپي پڻ ٿيندي هئي.

اسپتال وارا ٻه اڍائي ڏينهن ڀائو سليمان جو ڊاڪٽر زاهد سان جهيڙو هلندو رهندو هيو ته ”مان ٺيڪ آهيان تو چڱي ڊاڪٽر کي ڏيکارڻ بجاءِ مون کي هتي اچي واڙيو آهي“. ”ابا مان سوشل ماڻهو آهيان پٺيان کوڙ سارا ڪم ڪار آهن ٻيلي هتان منهنجي جان ڇڏاءِ“. زاهد جي سمجهائڻ تي اڃا به پيو چڙي ته ”ابا تون پاڻ کي وڏو ڊاڪٽر ٿو سمجهين پر لڳي ٿو ڊاڪٽري سکين ئي مون تي ٿو جو مان ڪڏهن نه دل جي دوا کاڌي آهي نه بلڊ پريشر جي پوءِ به چوين ٿو ته دل خراب آهي“.

بھرحال سندس طبيعت ڪجهه سنڀلي تنهن جي باوجود ڊاڪٽر کيس ڇڏڻ جي حق ۾ ڪو نه هيا پر ڀائو سليمان جي گهڻي اصرار تي کيس اسپتال مان فارغ ڪيو ويو ته هو لاڙڪاڻو اچي پهتو، جتي ٻارڙن ٻچڙن سان ملي مزو ورتو. ۹ ڊسمبر ۲۰۲۵ع جي رات جي پهرئين پهر کيس دل جي دوري واري مونجهه شروع ٿي ته کيس ترت ئي شهر جي دل واري اسپتال ۾ کڻائي ويا پر زندگي موت جي دروازي کان نڪري چڪي هئي. ٻئي ڏينهن قريبن ٻي وڳي ڌاري درگاهه پير مٺا جي ميدان ۾ جنازي نماز پڙهائي سندس جسدِ خاڪي کي ابوبڪر مقام ۾ ڌرتي ماءُ جي حوالي ڪيو ويو.

ڀائو سليمان ميراڻي نه رڳو ڪرداري لحاظ کان سادو، سٻاجهو ۽ شاندار ماڻهو هوندو هيو پر اخلاق مند ڀلوڙ، بردبار ۽ محنت تي ڀاڙڻ واري شخص هوندو هيو جيڪو ڪرڪيٽ جي دنيا ۾ نالو ڪمائڻ سان گڏ وس وت آهر مسڪينن، لاچارن ۽ ضرورتمندن جي مدد ڪرڻ ۾ اڳڀرو هوندو هيو. منهنجي ڪائنات جي مالڪ کان دعا آهي ته ڀائو سليمان ميراڻي کي جنت الفردوس ۾ جاءِ ڏئي ۽ پنهنجي جوارِ رحمت ۾ خاص مقام عطا فرمائي. آمين.

 

(آصف رضا موريو جي فيسبڪ پوسٽ ۱۵ ڊسمبر ۲۰۲۵ع)

No comments:

راءِ ڏيندا