; سنڌي شخصيتون: محمد سليمان ميراڻي، آصف رضا موريو،
Showing posts with label محمد سليمان ميراڻي، آصف رضا موريو،. Show all posts
Showing posts with label محمد سليمان ميراڻي، آصف رضا موريو،. Show all posts

22 December, 2025

محمد سليمان ميراڻي

محمد سليمان ميراڻي

استاد به پنهنجا ترها تاري ويو

آصف رضا موريو


مون کي سال ته ياد ڪو نه آهي ته ڀائو محمد سليمان ميراڻي سان ڪڏهن پهرين ملاقات ٿي پر ۱۹۹۸ع يا ۱۹۹۷ع ۾ ساڻس ملاقاتن جي شروعات ٿي. جتي لاڙڪاڻو ريلوي اسٽيشن جي ”لوڪو شيد“ وارو ڦڏو سڌو حصو، شام ڌاري لاڙڪاڻو شهر جي کلاڙين لاءِ راندين جي ميدان جيان هوندو هيو. جتي مان روزانو جوڊو-ڪراٽي جي پريڪٽس ڪرڻ ويندو رهندو هيس. جتي شهر جي مختلف پاسن کان نوجوان رانديگر مختلف رانديون کيڏڻ ايندا رهندا هيا. اتي ئي مرحوم سليمان ميراڻي المعروف استاد بوبي، پنهنجي ٽيم جي دوستن سان ڪرڪٽ کيڏڻ ايندو رهندو ِهيو. جتي ساڻس روز جي بنياد تي کل کيڪار ٿيندي رهندي هئي. هلڪي قد ڪاٺ وارو هي جوان، ان دور ۾ به ڪرڪٽ کيڏندڙن لاءِ تمام گهڻو سهڪاري ڪردار هوندو هيو جنهن لاڙڪاڻو شهر ۾ نون سيکڙاٽن اندر ڪرڪيٽ راند کي ايترو ته پروموٽ ڪيو جنهن جو مثال ملڻ مشڪل آهي.