; سنڌي شخصيتون: سگهڙ فقير لکاڏنو نوتيار

22 December, 2025

سگهڙ فقير لکاڏنو نوتيار

سگهڙ فقير لکاڏنو نوتيار

ٿرپارڪر جو اڻ ملھ ستارو

محمد حسن نهڙيو


هن سونهاري سنڌ ڌرتيءَ تي ڪيترن ئي سگهڙن عالمن، فاضلن، ليکڪن، صوفين جنم ورتو آهي. اهڙن انمول انسانن مان ٿرپارڪر ضلعي جي تعلقي ڪلوئي جي ڀٽن جي ڀر ۾ ڳوٺ مهراڻي بيگن نوتيار ۾ هڪ سگهڙ لکاڏنو ولد محمد حسين نوتيار ۱۹۹۰ع ڌاري اجري اڱڻ ۾ پير پاتو. جيئن تہ لکاڏنو نوتيار ماءَ پيءَ جو اڪيلو پٽ آهي. ان وقت انهيءَ علائقي ۾ تعليم جو شعور گهٽ هو پر اتي اڃا تائين تعليم نه ھئڻ برابر آھي. سندس والد صاحب پرائمري تعليم جا چار درجا پنهنجي ڳوٺ مان حاصل ڪيائين. ميٽرڪ جي امتحان ۾ پهرين پوزيشن حاصل ڪيائين. غربت سبب وڌيڪ تعليم حاصل ڪري نہ سگهيو. ۱۴ سالن جي عمر ۾ سنڌ جي نامياري سگهڙ فقير سڪندر علي جانيارو کان شاھ عبداللطيف ڀٽائيءَ جي شاعريءَ جي سمجهه ۽ تربيت جي شروعات ڪئي، جيڪا اڃان تائين جاري ۽ ساري آهي. ان بعد سندس استاد سڪندر علي جانيارو ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جي پروگرام سڳنڌ ۽ سلسلو سرَهي سرَهي سوچ جي ميزبان شاھ عبداللطيف ڀٽائيءَ جي سگهڙ سيد ماڪن شاھ رضوي سان ملاقات ڪرائي. ان وقت ۾ سگهڙ فقير محمد لائق خاناڻي جت بہ ساڳي پروگرام جو لسنر هو. سگهڙ فقير محمد لائق خاناڻي جت شاھ عبداللطيف ڀٽائيءَ جي رسالي جو پارکو هو، جنهن سان ملاقات سيد ماڪن شاھ رضوي ڪرائي. توڻي جو فقير محمد لائق خاناڻي جت عمر جو وڏو هو پر شاھ لطيف جي رسالي جو پتنگ عاشق هو. ان سان گڏجي سگهڙ لکاڏنو نوتيار بہ شاھ صاحب جي بيتن بابت خط و ڪتابت جو سلسلو شروع ڪيو آهي. سون جي تعداد ۾ شاھ صاحب جا اڻ ڇپيل ۲۰۵ بيت پروگرام سرَهي سرَهي سوچ ۾ موڪلي ٻڌندڙن ۾ مقبوليت ماڻي ۽ آهستي آهستي سڄي سنڌ ۾ مشهور ٿيو. سگهڙ فقير لکاڏنو نوتيار دوستن جو دوست ۽ يار ويس انسان آهي. سندس ويجھڙائي شاعرن، ليکڪن، صحافين، سگهڙن سان آهي. لاڙ پٽ جي جڳ مشھور شاعر ۽ دنيا ۾ پھريون ڀيرو ڪلام پاٽ جو سنڌي ٻولي ۾ منظوم ترجمو ڪندڙ مولوي حاجي احمد ملاح رح جون مونکي دوست لاءِ سٽون دل ۾ ياد اچن ٿيون دوست جي نانءُ ڪجن ٿيون.


دوست تنھنجي دوستي جو، داستانو ٻيءَ طرح،

ڪئين ديوانا ديس ۾، تنھنجو ديوانو ٻيءَ طرح، (مولوي حاجي احمد ملاح رحہ)

سگهڙ فقير لکاڏنو نوتيار جڏهن الڙ جواني ۾ آيو تہ ۲۰۱۲ ۾ پسندي جي شادي ڪيائين جنهن مان کيس هڪ پٽ ۽ ٻہ نياڻين جو اولاد آهي فقير لکاڏنو نوتيار هن وقت زندگي جون ۳۵ بهارون ڏسي چڪو آهي پر غربت سبب ۲۰۱۳ کان وٺي ڪراچي جي علائقي ايوب ڳوٺ ۾ درزڪو پورهيو ڪري پنهنجن ٻچن جو پيٽ گذر ڪري ٿو ڪافي تعداد ۾ لطيف سرڪار جي رسالي مان شاگرد بہ ٺاهيا آهن ڪجھ لطيف سرڪار ڇڏي ويا آهن پر سندس ثقافت کاتي طرفان کيس ڪو ايوارڊ نہ مليو آهي سندس چوڻ آهي تہ دوستن جي صرف محبت ڪافي آهي کيس زندگي جي آخري تمنا آهي تہ اولاد پڙهي پوي جيئن ملڪ جو نالو روشن ڪري سگهن.

کلي کاهوڙين ڏند، نہ اگهاڙيو ڪڏهين،

پوئين رات پٻ مان، اوڇنگارون اچن،

عمر پنڌ اٿن، وتن هميشہ هلندا. (شاھ لطيف ڀٽائيءَ)

 

(ڏھاڙي پنھنجي اخبار ڪراچيءَ ۾ ۲۱ ڊسمبر ۲۰۲۵ع تي ڇپيل)

No comments:

راءِ ڏيندا