سائين ضيا
ابڙو
يوناني
ديوتائن جهڙو خوبصورت
آصف رضا موريو
محترم سائين ضيا ابڙو عزت افزائي ڪندي ڪالهه منهنجي گهر
ڪهي آيو جتي ساڻس کوڙ ساريون ڪچهريون ۽ اوڀاريان لنهوارا حال
احوال ٿيا. ضيا ابڙو سنڌ جو نامور تنقيدنگار، شاعر، ڪهاڻيڪار، سماج ڏانهن پارکو،
ادب ڏانهن سورنهن آنا سلهاڙيل اديب هجڻ سان گڏ دوستن جو هڏڏوکي، نئين اديبن کي
اتساهيندڙ، ڪتابن وٺڻ پڙهڻ جو ڪوڏيو ۽ انسانن کي پڙهڻ جو شوقين همراهه آهي. اسان
جي جن سهڻي دوست لاءِ چئي سگهجي ٿو ته هو پنهنجي ذات ۾ هڪ ادارو، انجمن ۽ هڪ اهڙي
رزميه داستان آهي جنهن کي پڙهڻ ۾ دل ڍاپندي ئي ڪونه آهي.
يوناني فلاسفرن ۽ ديوتائن جهڙو ڏيک ٻکيندڙ، مرداڻي وجاهت
جي مڪمل نموني تي شهڪاريل، ٺاهوڪو قد ڪاٺ، ڏسڻ ۾ ڏهيسر، ڳالهائڻ ۾ عاشق، وهسڻ ۾
معشوق، خاموشي ۾ ملوڪ هجڻ جي خاصيتن سان سلهاڙيل هي جوان سنگت ۽ يارويسي جي انيڪ
خوبين جو مجموعو ڀانئيو ويندو آهي جنهن جا عام ماڻهن سان به ڀلائي جا ڀال هوندا
آهن. سندس خوبصورت مڇن ۽ مٿي جا اڇڙا اجرا وار ڏسي مون کي پنهنجو دوست قاضي منظور
ياد اچي ويو جنهن کي ضيا ابڙو جيان اڇا وار اهڙو ته ٺهندا آهن جو دل چوندي آهي بس
ويٺو ڏس ۽ ڳالهيون ڪر. ”واهه واهه“.
۴ اپريل ۱۹۶۴ع
ڌاري لاڙڪاڻو جي اترئين پاسي سلهاڙيل مديجي شهر جي حيات شاهه محلي ۾ نصرت حسين
ابڙو جي گهر ٿيو. ۱ ڊسمبر ۱۹۳۸ع ۾ جنم وٺندڙ سندس والد نصرت
حسين ابڙو سهڻي شڪل شبيهه وارو همراهه هوندو هيو جيڪو گهڻو ڪري چولي تي سنڌي
پهرياڻ پائيندو هيو جيڪو سندس مخصوص جسماني بيهڪ تي تمام سهڻو لڳندو هيو. هو تمام
سٺو لکاري، پر مزاح نگار ۽ صحافي هيو جنهن ۱۹۶۴ع ۾ ڪراچي يونيورسٽي
مان صحافت ۾ ماسٽرز ڪرڻ وارو پهريون شاگرد هيو. اڳتي هلي هن سنڌ پبلڪ سروس جو
امتحال پاس ڪري سڌ سماءُ کاتو سنڌ ۾ سورهين گريڊ ۾ انفارميشن آفيسر طور نوڪري ڪئي
جتي ترقي ڪندي ضلعي سکر ۽ لاڙڪاڻو ۾ ڊائريڪٽر انفارميشن رهيا ۽ پوءِ ڊائريڪٽر جنرل
جي عهدي تان رٽائرمنٽ ورتي. نوڪري دوران سنڌ جي
گورنر بيگم رعنا لياقت علي خان ۽ جنرل جهانداد خان جا اسٽاف آفيسر پڻ رهيا. هن ”ڪراچي روشنين جو شهر“ ۽ ”سنڌ جا ڪالمنگار“ نالي ڪتاب پڻ لکيا هيا. سندس وفات ۲۲ جنوري ۲۰۰۴ع تي سچل ڳوٺ ڪراچي
۾ ٿي هئي.
ضيا ابڙو پنجين جماعت مديجي جي هائي اسڪول مان پڙهي۱۹۸۱ع ڌاري لڏي ويا جتي
ايئرپورٽ ڀرسان ناٿاخان اسٽاپ جي ڏکڻ ۾ واقع ڊرگ ڪالوني ( شاهه فيصل ڪالوني) ۾
رهائش هوندي هئي جتي ضيا ۽ سندس ڀائر ڇهين ستين جماعت ۾ پڙهندا رهيا. ان دوران
سندن والد ٻي شادي ڪئي ته پهرين گهرواري ۽ ٻچڙا ڳوٺ هليا ويا ته انهن جي ڪراچي
واري تعليم اڌوري رهجي وئي. مديجي ۾ انهن نئين سر داخلائون ورتيون ۽ ضيا ابڙو
ميٽرڪ جو امتحان مديجي جي هاءِ اسڪول مان پاس ڪري رتوديرو ڪاليج مان اقتصاديات ۾
ماسٽرز (پرائيويٽ) ڪئي. ڪافي عرصو پوءِ سندس ڪراچي يونيورسٽي وڃڻ ٿيو جتي ماس
ڪميونيڪيشن ڊيپارٽمنٽ ۾ پروفيسرساجدزڪريا صاحب سان ملڻ ٿيو جيڪو سندس والد جو به
استاد رهيو هيو تنهن جي اسرار تي ضياابڙو اتان ايم اي صحافت پڻ ڪئي.
ضيا ابڙو جو ۱۹۸۲ع ڌاري مديجي ۾
پنهنجي سوٽ سان وهانوءُ ٿيو ۽ کيس عمار ابڙو نالي هڪ پٽ ۽ هڪ نياڻي جي اولاد آهي. عمار پيشي جي لحاظ کان ته ٽيڪس وڪيل آهي پر ”فنون
لطيفه سان سلهاڙجڻ واري“ پنهنجي والد جي صلاح تي عمل ڪندي هن ڊفينس ڪراچي ۾ واقع Auditorium School of Photography مان ڪورس ڪيو ۽ هاڻي
هو ايسٽريو فوٽو گرافي ۾ شاندار ڪم ڪري رهيو آهي.
ڳوٺاڻو هئڻ سبب ضيا ابڙو کي فطرت جي حسناڪين ۽ قدرتي
نظارن سان پيار ڄمندي ورثي ۾ مليو هيو. هو پنهنجي ڳوٺ مديجي کي ”پريم ڀومي ۽ گيان
ڀومي“ ڀائيندي چوندو آهي ته ”مديجي دنيا جي حسين ترين وسندي آهي جنهن جي هر گهٽي
هر ادا ۽ هر نظارو منهنجي روح ۾ سمايل هوندو آهي“. ان جو سبب شايد اهو آهي ته رئيس
ڪينال، دادو ڪينال، وارهه ڪينال، ڊکڻ شاخ ۽ ترائي شاخ اتان وهن ٿا. هي رئيس ڪينال
آهي، هي دادو ڪينال ته هي وارهه ڪينال آهي. مٿان وري علي شاهه جو کوهه ۽ حيدرشاهه
جي درگاهه. فطرت جون مجموعي خوبصورتيون، جهلي بند جا جادو، ڪچي جا رستا، پڪي جون
پاڙون ان شهر جي سونهن آهن.
ضيا ابڙو اڳتي هلي نوڪري جي تلاش ۾ ڪراچي ويو جتي ساڻس
لاءِ وڏي ۾ وڏو رهڻ مسئلو رهائش جو هوندو هيو. هڪ ڀيري لانڍي سوشل سيڪيورٽي اسپتال
هليو ويو جتي رتوديرو جو عبدالله گهانگهرو ميڊيڪل سپرينٽينڊنٽ هوندو هيو تنهن سان
ملي ضياابڙو نوڪري ڏيڻ جي گذارش ڪئي. جيئن ته هو سندس والد کي به سڃاڻندو هيو ان
لاءِ کيس اسپتال ۾ ڪلرڪ جي نوڪري ڏني ته هن همراهه لاءِ سڻائي ٿي ته ڀرسان گدڙ
ڪالوني ۾ ڪرائي جو گهر وٺي رهائش اختيار ڪئي.
ان اسپتال ۾ ليباريٽري ٽيڪنيشن طور ڪم ڪندڙ ستار پيرزادي
سان ملاقات ضيا ابڙو لاءِ ادبي دنيا ڏانهن دروازا کوليا جتي شاهه محمد پيرزادو ان
اسپتال کي ميڊيڪل جو سامان سپلاءِ ڪندو هيو جنهن سان پڻ ضيا جي سنگت ٿي وئي. اسپتال ۾ لاڙڪاڻو جي هڪ ٻئي دوست صادق بڙدي سان
ملاقات پڻ ضيا ابڙو لاءِ لاڀائتي رهي جيڪو ليفٽ جو سٺو ڪارڪن ۽ پڙهيل ڳڙهيل ماڻهو
هوندو هيو
توڙي جو ضيا ابڙو جي گهر ۾ ادب،
صحافت ۽ فائن آرٽ سان لاڳاپيل ڀاتي هوندا هياجن جو اثر سندس شخصيت تي ننڍپڻ کان
رهيو جنهن ۾ نکار اسپتال واري نوڪري کان پوءِ آيو. شڪارپور جي جاويد ڀٽو جو ڀاءُ ڊاڪٽر زاهد ڀٽو به ان اسپتال ۾ نوڪري
ڪندو هيو جنهن جو اسٽيل مل ۾ نوڪري ڪندڙ ڀاءُ شاهد ڀٽو موسيقار به ايندو رهندو هيو
جنهن پوءِ وائس گروپ پڻ جوڙيو هيون. اهڙيون ٻيون انيڪ ادبي ۽ فنونِ لطيفه سان
سلهاڙيل ننڍيون وڏيون شخصيتون به اتي دوستن وٽ اينديون رهنديون هيون جن سان
ڪچهريون ڪندي ضيا ابڙو کي ادب ڏانهن وابستگي جڙڻ شروع ٿي.
ضياابڙو ۱۹۷۸ع ڌاري لکڻ شروع ڪيو سندس
پهريون ڪجهه ڪچيون پڪيون تحريرون سگهڙين سٿ رسالي ۾ ڇپيون جڏهن ته ”ڪرفيو“ نالي
سندس پهرين ڪهاڻي ۱۹۸۵ع ڌاري هزارداستان ڊائجسٽ ۾ ڇپي. تنهن کان پوءِ اهو
سلسلو هلندو رهيو ۽ اڃان تائين هلي رهيو آهي. توڙي جو ضيا ابڙو لکڻ جو سست آهي پر
ڪافي سارا نثري نظم لکڻ سان گڏ ڪافي ڪهاڻين ۽ ڪالمن جي ذخيري سان سنڌي ادبي کيتر ۾
پنهنجي پتي وجهندو رهيو آهي.
ادب، فلسفو، آرٽ، موسيقي سان سلهاڙيل هنرمندن کان علاوه
کاٻي ۽ ساڄي ڌر جي ڪارڪنن جي ڪچهرين ضيا جي من ۾ مانڌاڻ مچائي ڄڻ ته نئون بنون
بڻائي هڪ اهڙي قطار ۾ اچي بيهاريو جتي سندس اڳيان ڪتابن ۽ نظرين جي اٿاهه دنيا
آباد هئي. اتي ئي زندگي، ادب، سماج ۽ مختلف شين کي ڏسڻ ۽ پرکڻ جا ماپا جيڪي جڙيا
تن کين گهڻ پاسائي رخن کي سندس اندر ۾ آباد ڪيو.
سندس لاءِ اسپتال هڪ اوطاق جيان هوندي هئي جتي روز جي
بڻياد تي سنگت جا ادبي ۽ تنظيمي منڊل مچندا رهندا هيا جن کي عبدالله گهانگهرو صاحب
ته نظر انداز ڪندو رهندو هيو پر ان کان پوءِ هڪ ڪرنل حسيني نالي همراهه جڏهن
ميڊيڪل سپرينٽينڊنت ٿي آيو ته ان کي اسپتال جي ملازمن جو اهي حرڪتون سي به اسپتال
جي ماحول ۾ ڪونه وڻيون تنهن صادق بڙدي ۽ ضيا ابڙو کي نوڪري مان ڪڍي ڇڏيو.
هن همراهه مس مس اتي ساهه پٽي بهتر بڻيادن واري زندگي
ڏانهن موٽ ڪئي تنهن تي ٻيهر بيروزگاري جو ڌڪ پچائڻ سندس لاءِ ڏکيو ٿي پيو. ڪيئي
ڏينهن جي پيهه پيهان کان پوءِ به جڏهن ڳالهه سمجهه ۾ ڪونه آيس ته مايوس ٿي خودڪشي
ڪرڻ جو پهه ڪري ناٿا خان اسٽاپ وٽ اچي بيهي رهيو ته جيئن اتان ان دور ۾ گذرندڙ ايس
آر ٽي سي جي ۱۶ D بس هيٺان ٽپو ڏئي
زندگي مان جان ڇڏائجي. اتي ويٺي ويٺي سندس اندر جي رومانوي انسان ۽ نفيس شاعر سان
سندس نظرياتي ويڙهاند هلندي رهي. بس صبح جو ستين وڳي ڌاري آئي ته ان جي مٿان مزدور
مڙا ۽ گهڻا بهُوش پٺاڻ جبا پايون ويهندي ڏسي اندر جي پنهنجي اندر ٽوڪيس ته ”ضيا
اهڙي بس ۾ مرڻ مڙس ماڻهائپ ڪونه آهي ۽ جيڪڏهن مرڻو ئي اٿئي ته گهٽ ۾ گهٽ اهڙي گاڏي
هيٺان مر جنهن ۾ ڪي چهرا ته چڱا ويٺل هجن“.
ان وقت کيس پنهنجي پسنديده شاعره ساراشگفته به ياد اچي
رهي هئي جنهن ۴ جون ۱۹۸۴ع واري ڏينهن ان ئي علائقي ۾
خودڪشي ڪئي هئي ۽ جنهن تي امرتاپريتم ”ايڪ ٿي ساره“، انورسن راءِ ”ذلتون ڪي اسير“
ڪتابون لکيون هيون.
ضيا سائين پنهنجي ساهه جو تانگو تارڻ لاءِ بس ۾ نظرون
کپايون ويٺو هيو پر اندر جي مانڌاڻ متل هيو ته اهڙي گندي گاڏي هيٺان مرندم ته دوست
به گلا ڪندا ته ”ضيا جهڙو رومان پسند شاعر ۽ رومان پرور انسان ڪهڙي گاڏي هيٺان وڃي
مئو“. ان لاءِ انتظار ۾ ويٺو واجهائيندو رهيو ته ڪا حسين چهرن سان ڀريل گاڏي اچي
ته پاڻ اڇليان پر ان آنڌ مانڌ ۾ زندگي کيس واپس موٽايو ته متان منهنجي بزدلاڻي موت
تي ڪو اديب دوست امرتاپريتم جيان ”براڪيتو اي صاحبان“ لکي. ان لاءِ خودڪشي چڱي
ڳالهه ڪونه آهي واري ڳالهه سوچي“، ۽ هن سان ٻيهر وفا ڪري ڏسجي، سوچي گهر ڏانهن
واپس راهي ٿيو.
ٿري مور جهڙي اوچي ڳاٽان جيئندڙ هي گرناري ۽ گوندرائي
همراهه گهمڻ گهتڻ جو به ٺاهوڪو شوقين آهي جو وتندو آهي جو سندس سنگت جا آهيرا سنڌ
جي هن ڪنڊ کان هن پاسين، ڪشمور کان ڪارونجهر، ٻلهڙيجي کان واهي ٻانڌي تائين ورايل
آهن. ان لاءِ آئي ڏينهن هي لاهري ور کڻي، ڪف ڪجي کاهوڙين جا کوراکاهيندو ۽ جاکوڙين
سان جوڙ جوڙيندي ٽهڪندو ٽهڪائيندي وتندو آهي ٻينن جا ٻنا اڪاريندو، ڪلر اڏاريندو،
ڪارونجهر جا پاڇا پائيندو ته ڪڏهن وري سج جي اڀرندڙ اولن ۽ لهندڙ ڳاڙهسري شامن جا
مزا لڻندو.
ضيا ابڙو فطري طور تي رومان پسند ۽ سونهن ساڀيان متعلق
عاشق مزاج ماڻهو آهي جنهن لاءِ ڪتابن جون بازارون، ٺيلا، ريڙهيون، لائيبرريون،
سگهڙن جا سٿ، صوفين جون ٽوليون، لاڪوفي لاهرين جا لاڏا ۽ سنگت جون ڪچهريون، اٺن
جون قطارون، خوبصورت نظارا، سمنڊ جا ويڪرا سينا ۽ اڻ کٽ ڪنارا، ساوڪ سان چهچيل
زمينون، فصلون، باغ باغيچا، ٻهڪندڙ چهرا، مشاعرا، ادبي ڪانفرنسون سندس زندگي ۾ فل
اسٽاپن ۽ ڪاما جهڙيون ڏٺيون ويون آهن.
مون کي ضياسائين جي هاڪانڌي سنگت هجڻ سان ساڙ ٿيندو آهي
جيڪا گهڻي تڻي ادب جي آڪاسي ڪردارن سان رهندي آئي آهي جو شيرمهراڻوي، اخلاق
انصاري، سليمان وساڻ، رضوان گل، اسحاق انصاري، اشتياق انصاري وغيره ۽ ٻي سموري
نئين ادبي پود ته سندس پيار جي ڀاڪر ۾ آهي پر امر جليل کان الطاف شيخ تائين، علي
بابا کان مدد علي سنڌي، تاجل بيوس کان علي نواز شوق، آغاسليم کان تاج بلوچ تائين
سندس محبتن جا اهڙا اٽوٽ ٻنڌڻ رهيا آهن جيڪي ۽ جيترا مون ٻئي ڪنهن قلمڪار جي نصيب
۾ سرندي ڪونه ڏٺا آهن. ان کان علاوه کيس گرنارين، گودڙاين، ڪنٺائن ۽ ڪولابين سينگاريل
جسمن جي ته انهن سان به روحاني طور تي ارپيل ڏٺو ويو آهي.
پنهنجي شخصيت ۽ ڪچهر ي ۾ چونڊ سنڌي ڪهاڻين جو مجموعي
تاثر ۽ ڀٽائي جي شاعري جو عڪس چٽيندڙ ضيا ابڙو سچ ۾ اڄ جي عام لٻاڙي اديبن کان
نسورو مختلف آهي جنهن سان ملي سنڌ جي ادبي کيتر ۾ موجود رڃ ۽ اصلوڪيت جي اڻاٺ واري
ماحول ۾ پنهنجو پاڻ کي ڪنهن ٿڌي چشمي جي هجڻ واري احساس سان وڪيڙيل ڀانئيو.
هي همراهه ڀٽائي جي شعر ”اک الٽي ڌار“ اچاريندي عام کان
ابتو وهندو آهي ان جو سبب شايد اهو به هجي ته هن جو هن دنيا ۾ اچڻ ابتو ٿيو هيو جو
عام ماڻهو مٿي ڀر پيدا ٿيندا آهن پر ضيا ابڙو هيٺئين وجود سان پيرين ڀر جنم وٺندڙ
هڪ مزاحمتي اديب، ڀلوڙ انسان ۽ خوبصورت وجود آهي. مولا سائين کيس سدا سلامت رکي.
آمين.
(آصف رضا موريو جي فيسبڪ وال تان ۵ ڊسمبر ۲۰۲۵ع تي رکيل/ کنيل)
No comments:
راءِ ڏيندا