; سنڌي شخصيتون: ضيا ابڙو، آصف رضا موريو،
Showing posts with label ضيا ابڙو، آصف رضا موريو،. Show all posts
Showing posts with label ضيا ابڙو، آصف رضا موريو،. Show all posts

23 December, 2025

ضيا ابڙو

سائين ضيا ابڙو

يوناني ديوتائن جهڙو خوبصورت

آصف رضا موريو


محترم سائين ضيا ابڙو عزت افزائي ڪندي ڪالهه منهنجي گهر ڪهي آيو جتي ساڻس کوڙ ساريون ڪچهريون ۽ اوڀاريان لنهوارا حال احوال ٿيا. ضيا ابڙو سنڌ جو نامور تنقيدنگار، شاعر، ڪهاڻيڪار، سماج ڏانهن پارکو، ادب ڏانهن سورنهن آنا سلهاڙيل اديب هجڻ سان گڏ دوستن جو هڏڏوکي، نئين اديبن کي اتساهيندڙ، ڪتابن وٺڻ پڙهڻ جو ڪوڏيو ۽ انسانن کي پڙهڻ جو شوقين همراهه آهي. اسان جي جن سهڻي دوست لاءِ چئي سگهجي ٿو ته هو پنهنجي ذات ۾ هڪ ادارو، انجمن ۽ هڪ اهڙي رزميه داستان آهي جنهن کي پڙهڻ ۾ دل ڍاپندي ئي ڪونه آهي.