; سنڌي شخصيتون: سيٺ لڻيندا سنگهه بجاج

23 December, 2025

سيٺ لڻيندا سنگهه بجاج

سيٺ لڻيندا سنگهه بجاج

حسيب ناياب منگي


ڪو دؤر هو! جو شڪارپور ۾ لُلا، جماڻي ۽ بجاج آڪَھِيُن جا سيٺ، خلق جي خدمت ۾ پنهنجو مٽ پاڻ هوندا هئا ۽ سندن سخاوت توڙي فياضيءَ جي ھاڪ سموري ترَ ۾ عام هوندي ھئي. اڄ سندن ڌن ۽ دولتَ، شڪارپور جي عوامي عمارتن تي ايئن خرچ ٿيل ٿي ڏسجي، ڄڻ اُهي عمارتون هُو پنھنجي ذاتي سُک لاءِ ٺهرائي ويا هجن. اهڙن ڌَنويرن ۾ سيٺ لُڻيندا سنگهه بجاج کي وسارڻ وڏي ناانصافي ٿيندي، جنهن سياسي هلچل کان وٺي سماجي خدمت تائين خوب پاڻ ملهايو. هُن جي ڏُور رس نگاهه سچ پچ ته شڪارپور جي شھرين لاءِ هڪ وڏو آٿت ثابت ٿي. ماضيءَ ۾ عوام لاءِ سندس ادا ڪيل ڪردار تي نظر وجهجي ٿي ته کيس جَس ڏيڻ کانسواءِ رهِي نٿو سگهجي!


سيٺ لُڻيندا سنگهه سترام سنگهه بجاج، شڪارپور ۾ ۴ ڊسمبر ۱۸۶۵ع تي ڄائو. معياري وِديا ۽ تربيت جو اهڙو گھرو اثر دل ۽ دماغ تي ٿيس جو عوام جو درد سمجهندي، خلق جِي خدمت جي جذبي تحت پنهنجيءَ ڳنڍ کي ڳنڍيُون ڏيڻ بدران نوٽن کي عام جي سُک لاءِ وقف ڪرڻ جو ارادو ڪيائين. خير جا ڪم ڪرڻ لڳو ته صرافڪي ڌنڌي مان وڌيو ۽ شھر ۾ خدمت جي ميدان ۾ نانءُ ڪڍيائين. شھر ۽ شھر واسين جو ايڏو همدرد هو، جو ڪٿي ڪنھن عمارت جِي سِرَ به ڪِري ته سيٺ جِي ننڊ اُڏامي وڃي! ڪٿي ڪنھن يتيم ۽ بي ذسهاري کي دربدر ڏسي ته بيچين ٿي وڃي! هُو نارين جي تعليم ۽ سِبڻ سکڻ لاءِ به هميشه فڪرمند رهندو هو. سندس ئي آڪهه وارن توڙي ڀائرن: جئسا سنگهه، نارائڻ سنگهه ۽ چيلا سنگهه به هن وانگر شڪارپورين جي خدمت جو جهنڊو هٿ ۾ کڻي خوب پاڻ ملهايو. هي سڀئي ڀائرَ، ذشڪارپور جي تعليمي ادارن جون عمارتون ٺھرائڻ، انهن ۾ پڙهندڙ شاگردن کي سُٺي ڪارڪردگيءَ تي چانديءَ جا ڪَپ ٺهرائي ڏيڻ ۽ غريب عورتن جي ٻارن جي سار سنڀال لھڻ جھڙن ڪمن ۾ چڱي ڀلي سيٺ کي پوئتي ڇڏي ويا.

پنھنجي ڪٽنب ۾ استطاعت وارو، سيٺ لُڻيندا سنگهه، شڪارپور وارن لاءِ “ننگر سيٺ” جي لقب سان تڏهن مشهور ٿيو، جڏهن هُن شڪارپور جي اسٽيشن روڊ تي پنهنجي پِتا جي نالي پٺيان “سيٺ سترام سِنگهه بجاج مسافرخانو” کوليو، جنهن ۾ مسافرن جي سُک ۽ آرام سان گڏ کاڌي پيتي جو به خوب بندوبست ٿيل هوندو هو. گڏوگڏ “سترام سنگهه ناري سِول شالا” جو قيام عمل ۾ آندائين ته شڪارپور ۾ سندس عزت ۽ نيڪ نانءُ اڃا وڌي ويو. ڇو جو ان ناري شالا ۾ غريب زالون ڪپڙا سبڻ ۽ ڀرٿ ڀرڻ جو ڪم مفت ۾ سکي، پنھنجو پيٽ گذر ڪرڻ لڳيون هيون. سندس سخاوت سبب شڪارپور جون ناريون به واٽ ويندي کيس نمشڪار ڪنديون هيون.

۱۹۳۳ع ۾ “لکيدر پرائمري اسڪول” جي عمارت برسات سبب ڊَهِي پئي ته مرد جي ننڊ ڦٽي وئي! شھرَ جا چار چڱا به وٽس لڙي ويا. شڪارپور جُون ٻڍڙيُون به وٽس وڃي پھتيون ته “ننگر سيٺ! تو وٽ ڌڻيءَ جا گنج آهن. اسانکي مان ڏئي تون اسڪول کي ٻيھر ٺھرائي ٻارڙن لاءِ علمَ جا رستا روشن ڪر!” ان تي سيٺ لُڻيندا سنگهه بجاجَ سيٺ منگهن مل سرتو مل بجاج سان گڏجي اسڪول جي عمارت ٻيھر تعمير ڪرائي. هي اسڪول اڄ تائين هلي رهيو آهي.

شڪارپور ۾ پنھنجن بجاجن توڙي ٻين شھرين وٽ سيٺ لڻيندا سنگهه بجاج جو سِڪو ڄميل هو. جنھن مٿان شفقت جو هٿ رکي، تنهن کي اَڏي ڇڏي! جڏهن به شھر ۾ ڪا سماجي يا ثقافتي تقريب ٿيندي هئي يا ڪو ڌرمي منڊل مچندو هو ته ان لاءِ ڪڏهن به وٽس وڃي آرام سان گهربل رقم ڳنھي سگهبي هئي ۽ عوام کي گڏ ڪيو ويندو هو. سيٺ شڪارپور ۾ سماجي ۽ ڌرمي خدمتن کان علاوه سياست ۾ به سرگرم رهيو. هي شڪارپور جي واحد شخصيت هو، جنهن وٽ هندوستان جا سڀ کان وڌيڪ سياسي اڳواڻ اچي مھمان ٿيندا هئا. خان عبدالغفار باچا خان، جواهر لال نھرُوءَ ۽ مھاتما گانڌيءَ سميت ننڍي کنڊ جا ڪيترائي مدبر وٽس اچي ترسيا، جيڪي شڪارپور ۾ ڪڏهن “جُماڻي هال” ته ڪڏهن “ڪاڪڙن جي ٿَلھي” تي ڪچھريون ۽ ميڙاڪا ڪندا هئا ۽ شھرين سان ملندا هئا. چون ٿا ته شڪارپور ۾ ‘سنڌ راڄنيتڪ ڪانفرنس’ جو سڏ ڏنو ويو ۽ اعلان ڪيو ويو ته بنگال جو ناليوارو اڳواڻ ‘بپن چندپال’ ان ۾ شريڪ ٿيندو، ته شڪارپورين جي اهڙي فيصلي تي انگريز سرڪار کي اچي ڊپ ورايو ۽ عملدارن جي ننڊ اڏامي وئي ته ڪٿي ڪو انقلاب نه اچي وڃي. شڪارپور جا نؤجوانَ هاڻي ان معاملي ۾ اچي مُنجهيا ته سرڪار جي نمائندن سان مُنھن ڏيڻ لاءِ ننگر سيٺ جو در کڙڪايائون ۽ حجت ڪري کيس ڪانفرنس ڪميٽيءَ جو چيئرمئن مقرر ڪري ڇڏيائون. سيٺ لڻيندا پنهنجيءَ بصيرت سان، سياسي سوچ استعمال ڪندي ڪانفرنس کي بپن چند پال جي موجودگيءَ ۾ ڪاميابيءَ سان منعقد ڪرايو.

هن انسان دوست ۽ ناليواري سماجي اڳواڻَ ــ سيٺ لُڻيندا سنگهه سترام سنگهه بجاجَ ۱۹۴۶ع ۾ پرلوڪ پڌاريو. سندس ديھانت کانپوءِ سندس سخي پُٽ ــ سيٺ پرشوتم سنگهه بجاج، پيءُ وانگر شھرين جِي خدمت ۽ لوڪ سيوا جا ڪار ڪرڻ لڳو. هن تعليم ۽ صحت کي ترجيح ڏيندي نه صرف شڪارپور ۾ خير جا ڪم ڪيا، پر ورهاڱي کانپوءِ بئنگلور لڏي وڃي اُتي ‘بئنگلور ڪارپوريشن’ جِي مدد سان پنهنجي پِتا جي نالي پٺيان نياڻين لاءِ سيٺ لڻيندا سنگهه بجاج گرلس هاءِ اسڪول قائم ڪرائي علم جي واڌاري لاءِ پاڻ پتوڙيندو رهيو. کيس به پنهنجي پِتا وانگر سياستدانن سان ويجهن رستن رکڻ وارو ماحول مليو. تنهنڪري هندوستان ۾ وڏن وڏن سياستدانن سان سندس گھرا تعلقات استوار ٿيا. اڄ به سيٺ لڻيندا سنگهه بجاج جِي آڪَهِه بئنگلور ۾ رهي ٿي ۽ وڏن جي نقشِ قدم تي هلندي انسانذات جي خدمت ۾ مصروف آهي. اڄ شڪارپور شھر ۽ شڪارپور واسي، هن عظيم انسان کي سندس ۱۶۰هين جنم ڏينهن تي ياد ڪن ٿا ۽ اسين کيس لفظن جِي ڀيٽا پيش ڪريو ٿا.

 

(ڏھاڙي عوامي آواز ڪراچيءَ ۾ ۴ ڊسمبر ۲۰۲۵ع تي ڇپيل)

No comments:

راءِ ڏيندا