گلشن صوفي
لاڙڪاڻو جو سنڌي انڊين
اداڪار موسيقار
آصف رضا موريو
گلشن صوفي جو نالو پهريون ڀيرو
مون پنهنجي دوست مرحوم عثمان فليش مين جي واتان ٻڌو هيو. بعد ۾ تحقيق ڪرڻ تي پڌرو ٿيو
ته گلشن صوفي متحده هندستان ۾ اداڪار، گلوڪار، موسيقار، ليکڪ، پروڊيوسر ۽ شاعرهئڻ
سبب گهڻ پاسائين شخصيت ڀائنيو ويندو هيو. لاڙڪاڻي واسين منجهان هي اڪيلو سنڌي هيو
جنهن کي ورهاڱي کان اڳ هندستان جي فلم انڊسٽري جي تمام افقن کي ڇهندي پنهنجي دور
جي سپر اسٽارن منجهان ليکيو وينديو ويو.
گلشن صوفي سال ۱۹۱۴ع ۾ سنڌ جي لاڙڪاڻو شهر ۾ پيدا ٿيو جتي ننڍڙي هوندي کان سندس والدين وفات ڪري
ويا ته کيس ڪيترا سال يتيمي سبب کيس ننچري عمر ۾ محنت مزدوري ڪري پيٽ پالڻو پيو. ڪجهه
سالن کان پوءِ غلام نبي صوفي نالي هڪ انسان دوست سندس پرورش ڪري وڏو ڪيو ان لاءِ
ئي گلشن به پنهنجي نالي پٺيان صوفي لقب رکيو. توڙي جو گلشن صوفي محنت مزدوري ڪرڻ
وارو بندو هيو پر کيس ننڍي هوندي کان ئي سندس لاڙو ٿيٽر جي دنيا جي طرف هوندو هيو
جتي سندس ڪم ڪار کان پوءِ واندڪائي جو دور گزرندو هيو.
نوجواني کي رسيو ته واڍڪو ڪم ڪري
پنهنجو گزر سفر ڪندو هيو جڏهن ته موجود مڇي مارڪيٽ لاڙڪاڻو جي سامهون ريشم گلي
ويندڙ گهٽي ۾ واقع هڪ ڪچي گهر ۾ سندس رهائش هوندي هئي جيڪا سندس دوستن جي سموري لڏي
لاءِ سکياگهر، سنگيت ڪلب، اسٽيج، اکاڙو ۽ بيٺڪ پڻ هوندي هئي. پياري بدر ابڙو
منهنجي معلومات ۾ اضافو ڪندي ٻڌايو ته ”گلشن صوفي ريلوي اسٽيشن جي ڦاٽڪ تي به نوڪري
ڪندو هيو“.
لاڙڪاڻو ۾ سندس دور اسٽيج درامن
۽ ناٽڪ منڊلين جو شاندار دور هوندو هيو جتي پنجاهه سٺ کان مٿي ڊرامه پراڊڪش، اسٽيج
۽ ناٽڪ جا ادارا هوندا هيا ۽ مشهور ڊراما نگار ۽ ايمپائر واري جاءِ تي پڻ ٿيندا
رهندا هيا جتي بعد ۾ شايد ۱۹۴۰ع چاري
روي ڪشن جي ايمپائر سينيما ٺهرائي.
نگارسينيما کان ٿورڙو اڳيان
نانو پڌر واري مشهور محلي ۾ سدائين محفلون، ناٽڪ، منڊليون متل هونديون هيون جتي ڀڳت
ڪنور رام به اچي پيار جي پرچار جون ڀڳتيون ڳائيندو هيو. شاهه لطيف بيت، سامي جا
سلوڪ ۽ سچل جي ڪلام تي ڀڳت ڪنور رام جو پرسوز آواز ڪمال جو ماحول جوڙي ڇڏيندو هيو
جو ٻڌندڙ ان ۾ موهجي پوندا هئا، ڀڳت ڪنور رام ڳائڻ کان پوءِ پنهنجي قميص جو پلهه
پکيڙي داد طور ماڻهن کان پيسا وٺندو هيو جيڪي ان وقت ئي غريب ماڻهن ۾ ورهائي ڇڏيندو
هيو.
سندس گهر جي ڀرسان ميان محمد
صالح قادري جي ناٽڪ منڊلي پڻ هوندي هئي ته ٻيا کوڙ سارا فن اداڪاري ۽ موسيقي سان
سلهاڙيل دوست احباب به پاڙي اوڙي ۾ رهندا هيا ته سندس سامهون واري ايمپائر روڊ تي
دادا سام ۽ ان جي گڻي پتني ڊاڪٽر سرلا پڻ رهندا هيا جن جي گهر ٿيندڙ محفلن ۾ سام ۽
ٻين سنتن جا گيت جهونگاريندي هئي پر مي رقصم جو عملي مجموعو ٿي محفلون مچائي اندر
اجاريندي رهندي هئي. هن کي نه رڳو موسيقي سان گهڻو شغف هوندو هيو پر مختلف قسم جي
سازن وڄائڻ ۾ چڱيرڙي دسترس رکندي گائڪي ۾ به قابلِ تعريف معيار رکندي هئي. سام جا
صوفي دوست ۽ پرچارڪ احترام وچان کيس “صوفي ماتا” ڪوٺيندا هيا. اڪثر ائين به ٿيندو
هيو ته هوءَ باجو يا هارمونيم وڄائيندي هئي ته دادا سام راڳ ڳائي سندس دل
وندرائيندو هيو. اهڙي ريت ٻئي فونن تي پڻ گانا ٻڌندا هيا ته گلشن صوفي انهن وٽ پڻ
وڃي محفلون ڪندو ۽ سکندو هيو.
سڪو تلاءُ پڻ شهر واسين لاءِ
تفريحي مقام هوندي هئي. جتي زبردست ميلا ملاکڙا رهندا هئا. هر طرف ڄڻ ته ماڻهن جو
سمنڊ پيو جهاڳيندو هيو. پري پري جي ڳوٺن کان ماڻهو ڪهي اچي گهمڻ ايندا هئا. هتي
رام ليلا جا جلوس پڻ ڪڍيا ويندا هئا جن ۾ رام، سيتا، لڇمڻ سان گڏ هنومان ۽ ان جي
باندرن جي فوج به هوندي هئي. شهر جا شرارتي ۽ خوش مزاج نوجوان پنهنجي جسم تي کاٻر
ويڙهي، پڇ ٺاهي، لنگورن ۽ باندرن جهڙي شڪل ٺاهي هنومان ۽ ان جي فوج وانگر نچندا ڪڏندا
جلوس سان گڏ هلندا هئا. سڪو تلاءُ ۽ ٻين ميدانن ۾ ان وقت ڪوڏي ڪوڏي، ملهه ۽ ڪشتيءَ
جون رانديون پڻ ٿينديون هيون جن ۾ سنڌ جا مشهور پهلوان اچي پنهنجاپنهنجا فن جي ڪارنامن
جو مظاهرو ڪندا هئا جتي پڻ گلشن صوفي ۽ ان جي اکاڙي جا پهلوان دوست ويندا رهندا
هيا.
ساڳي روڊ تي نيڻو جي پڌر ۾ جڏهن
ڀڳت ڪنوررام، جيوڻي ٻائي ۽ هند سنڌ جا ڪي مشهور گائڻا اچي محفلون ڪندا هيا ته اتي
به پنهنجي سنگتين سان گڏجي گلشن صوفي ويندو رهندو هيو جتي کيس موسيقي ۾ انهن وڏي
فنڪارن جيان نالو پيدا ڪرڻ جو شوق پيدا ٿيو جيڪو لاڙڪاڻو ۾ رهندي ممڪن ڪونه هيو جو
گلشن صوفي کي سندس فن جي آبياري لاءِ اڃان به ڪو وسيع ميدان کپندو هيو جتي هو
پنهنجي صلاحيتن کي صحيح طريقي سان مڃرائي سگهي.
پياري نثار گوهر شيخ گلشن صوفي
جي باري ۾ ٻڌايو ته ”ان جا ڳايل ريڪارڊ منهنجي بابا سائين وٽ به هوندا هيا جيڪي
گرانڊو ڪمپني انگلينڊ جي ريڊيو گرام تي ڀريل هوندا هيا سي اسان به بابا سائين جن
سان گڏ پراڻي دور ۾ ٻڌندا رهندا هياسين“.
پنهنجي شوق ۽ هنرمندين کي ڪو
بهتر مقام وسرائڻ جي اميد کڻي هڪ ڏينهن هو لاڙڪاڻي مان ڀڄي انڊيا هليو ويو جتي
آگري ۾ بريصغير جي شيڪسپيئر چورائيندڙ آغا حشرڪاشميري جي ٿيٽر منڊلي جو وڃي حصو ٿيو
جتي هو پارسي ٿيٽرن لاءِ ڊراما لکندو هيو. آغا صاحب کي پنهنجي ٿيٽر ڪمپني ڪونه هئي
جنهن پنهنجي ڪم جي شروعات نيو الفريڊ ٿيٽريڪل ڪمپني مان ڪئي هئي پر اڳتي هلي هي
شاندار ڊرامه نگارڪيترين ئي پارسي ٿيٽر ڪمپنين سان سلهاڙيل رهيو جتي ڪجهه سالن
تائين گلشن صوفي پڻ موسيقي، اسٽيج، هدايتڪاري ۽ اداڪاري جي سکيا ورتي.
ڪجهه سال اتي ڪم ڪري پنهنجي فنِ
اداڪاري ۾ پختگي حاصل ڪري بعد ۾ افسانوي گائڪ ۽ اداڪار ڀائي ڊيساءِ جي مدد سان هو
بمبئي پهتو ۽ ڪولمبيا رڪارڊنگ ڪمپنيءَ ۾ پنهنجي آواز ۾ ڪجهه گيت رڪارڊ ڪرايا. ۱۹۳۷ع ۾هن سنڌي گيتن جي واڌ ويجهه لاءِ هڪ گراما فون ڪمپنيءَ ۾ شموليت اختيار ڪئي.
گلشن صوفيءَ جي اداڪار طور
پهرين فلم ”رشڪِ ليلا عرف جانِ من“ هئي جڏهن ته هن هندستان جي بيشمار فلمن ۾ مختلف
ڪردار ادا ڪيا جهڙوڪ وطن، جنگل پرنسيس، غلط فهمي، هندِ قيصري، رنگيلا، مزدور،
بجلي، ڇوٽي سي دنيا، آئينه، ساٿي، پتي سيوا، فريادي، گهمنڊ، رنگيلا جوان وغيره. ان
دوران هو آل انڊيا ريڊيو جو مشهور گائڪ پڻ ٿي چڪو هيو.
گلشن صوفي هندستان جي بيشمار
فلمن ۾ گانا پڻ ڳائيندو ته ڪيترين ئي فلمن جي موسيقي پڻ ترتيب ڏني جن مان ۱۹۴۴ع ۾ ٺهيل فلم ”آئينه“گيتن کي خوبصورت ڌنون ڏنيون. ان فلم لاءِ تنوير نقوي
جو لکيل گيت "خوشی کے ترانے سناتا چلا جاچلا جا یہی گیت گاتا چلا جا" تمام گهڻو مقبول ٿيو هيو.
اهڙي ريت ۱۹۳۴ع کان ۱۹۴وع واري عرصي ۾ پنهنجي دوست
گلشن صوفي جي چوڻ تي ڪريم بخش نظاماڻي هندو مسلم ايڪتا جي پسمنظر ۾ ٺهيل ننڍي کنڊ
جي پهرين بليڪ اينڊ وائيٽ سنڌي فلم ايڪتا ٺاهي جنهن جي موسيقي ڏيڻ جو اعزاز به
گلشن صوفي کي آهي. بمبئي جي واڊيامون تون فلم اسٽيوڊيو ۾ تيار ٿيل ان فلم جو لکاري
کيئل داس فاني، هدايتڪار جمشيد واڊي جو ڀاءُ هومي واڊيا، پروڊيوسر رام پنجواڻي
هيوجڏهن ته ان جي خاص اداڪارن ۾ ڪريم بخش نظاماڻي، ڪوشيلا يابيگ، هري شوداساڻي،
ماياديوي، سڪندر، گلشن صوفي، فاني ۽ چانڊوشوداساڻي هيا. ان فلم جا گانا ”مون کي ننڍڙي
ڀيڻ کپي“ ۽ ”ڀلو آهي ساري جهان کان“ ۽ ٻيا گانا به فلم جي هيروئڻ ڪوشيلا سان گڏجي
گلشن صوفي ڳايا هيا. ان فلم جي موسيقي تخليق ڪرڻ تي گلشن صوفي کي بهترين موسيقار
جي ايوارڊ سان نوازيو به ويو هيو.
۱۹۵۳ع ۾
شانتارام هدايتڪاري ۾ ٺهيل فلم ”تین بتی چار
راستے“ ۾ شِيلا ڪيولراماڻي ھڪ سنڌي ڇوڪريءَ جو ڪردار ادا ڪيو
جنھن تي رام پنجواڻي جو لکيل هڪ مشهور سنڌي ڪلام ”سِڪ ۾، او سِڪ ۾“ پڪچرائيز ڪيو
ويو ھيو تنهن جي ڌن پڻ باليووڊ جي مشھور موسيقار گلشن صوفيءَ ڌُن ڪمپوز ڪئي ھئي.
شيلا ڪيولراماڻي اها ئي هندستان جي سپراسٽار هئي جنهن تي مزاحيه فلم ”انوکي“ ۾
زبيدا خانم جو جڳ مشهور گانو "گاڑی
کو چلانا بابو ذرا ہلکے ہلکے" پڪچرائيز ڪيو ويو هيو.
افسوس آهي جو سنڌ جي هن سريلي
شاعر، موسيقار، اداڪار ۽ فنون لطيفه جي مڙني صنفن سان سلهاڙيل هن گڻي انسان گلش
صوفي جي زندگي، خاندان ۽ ٻي جدوجهد متعلق ڪا خاص معلومات ڳولڻ سان به ڪونه ٿي ملي.
۱۹۵۵ع ۾ گلشن صوفي جو لاڏاڻو ٿيو ۽
کيس بمبئيءَ جي هڪ قبرستان ۾ دفن ڪيو ويو هيو.
(آصف رضا موريو جي فيسبڪ وال تي ۲ ڊسمبر ۲۰۲۵ع تي رکيل/ کنيل)
No comments:
راءِ ڏيندا