; سنڌي شخصيتون: گل محمد گاد

21 December, 2025

گل محمد گاد

گل محمد گاد

سنڌ پرست دوست

منظور ڪوھيار


چيني فلاسافر ” لائوتز“ جو چوڻ آھي ته

Life and death are one thread; the same line viewed from different sides.

(زندگي ۽ موت هڪ ڌاڳي جيان آھن. جن کي ساڳي سڌائي ۾ مختلف طرفن کان ڏٺو وڃي ٿو۔)

موت, زندگي جو لاڳاپيل ۽ اڻٽٽ حصو آھي. ان کي ھر صورت ۾ تسليم ڪرڻ گھرجي. جيئن چئبو آھي ته موت ناھي مهڻو، پرڻو ناهي گار. پر ڏسڻو اھو آھي، ته مرحوم جو زندگي ۾ ڪو اھڙو ڦلدائڪ ڪم ٿيل ھجي، جنهن کي ماڻهو ياد ڪندي رشڪ ڪن.

رومن فلاسافر ”سسرو“ جو قؤل آھي ته .

The life of the dead is placed in the memory of the living

(مرحوم جي زندگي، زنده ماڻهن جي ساروڻين ۾ موجود ھوندي آهي)


لاشڪ ته گل محمد قابل رشڪ ڪم سرانجام ڏئي هن دنيا مان ۱۷ ڊسمبر ۲۰۲۵ع تي رخصت ٿيو. پر کيس سرخرو ڪندڙ ساروڻيون، سدائين ساريندڙن جي سنگ سنگ رهنديون ۔۔۔۔

گل محمد گاد جو وڏي ۾ وڏو ڪم، جيڪو ڪڏهن به پئي پراڻو نه ٿيندو. اهو آهي لاڙڪاڻي جي حوالي سان مختلف موضوعن تي سھيڙيل ضخيم ڪتاب ”لاڙڪاڻو ساھ سيباڻو“ کي آڻڻ. هي ڪتاب لاڙڪاڻي جي حوالي سان ڄڻ ته گنج نامو آھي. ھڪ شخص نور نچوئي ايڏو وڏو ڪم ڪيو جيڪا لاڙڪاڻي جي نام نهاد ”ھسٽاريڪل سوسائٽي“ به نه ڪري سگھي. ھي ھڪ اھڙو سهيڙيل مواد آهي، جنهن جي بنياد تي حال ۽ مستقبل جا محقق مٿا ڪٽ ڪندا رهندا. گل محمد گاد جي حوالي سان ڪجھ يادون منهنجي حافظي ۾ آهن. هڪ ياد جو حوالو ڏجي ٿو جڏهن پاڻ ميونسپل ڪاميٽي لاڙڪاڻي لائبرئري جو انچارج ھيو مان لائبرئري مان ڪڏهن تاريخ جي حوالي سان ڀيرومل مهر چند آڏواڻي جو ڪتاب ”قديم سنڌ“ ته ڪڏهن مولائي شيدائيءَ جي ”تاريخ تمدن سنڌ“ کڻي پڙهندو هيس. ڪڏهن مرزا قليچ جا ڪيل مختلف موضوعن تي ترجما، ته ڪڏهن علامه نياز فتح پوري جو ڪتاب ”من و يزدان“ وغيره. هڪ دفعي ”طلسم ھوش ربا“ ۽ ٻي دفعي ”الف ليله و ليله“ جا ڪتاب کنيم، ته ڏسي چيائين؛ ”منظور! توکي مان سمجھي نه سگھيو آھيان. تون مون کي ڏاڍو پيچيده شخصيت لڳندو آھين. ٻڌاءِ تو آھين ڪهڙي بلا...؟“

کلي وراڻيومانس؛ ”مان اڃا پاڻ کي نه سڃاڻي نه سگھيو آهيان، ته ڇا ٻڌايانءِ!“

”يار! هن لائبرئري ۾ جي ايم سيد جا ڪتاب موجود ناھن. پر اھي وٺي پڙهندو ڪر!“

”پڙهندو آھيان!“ نالا وٺي ٻڌايومانس ته چيائين؛ ”جڏهن به لکڻ شروع ڪرين ته سنڌ جي مسئلن تي ضرور لکجانءِ!“

جڏهن مان ۱۹۸۹ع ۾، ھلالِ پاڪستان اخبار ۾ ڪالم ”فڪر ڦرھي ھٿ ۾“ لکڻ شروع ڪيو. پڙهيائين ته خوشيءَ جو اظهار ڪيائين.

گل محمد گاد جي شخصيت کي، جي بنھ مختصر لفظن ۾ بيان ڪجي ته ھو هڪ ترقي پسند سوچ رکندڙ سڄاڻ، علم و ادب جو دلداده ۽ کرو انسان هيو. بغير ڪنهن لائي چائي جي سنئون سڌو چئي ڏيندو ھيو، پوءِ ڪنهن کي وڻي نه وڻي.

استاد سقراط اٿينس جي ڪورٽ ۾ آخري بيان ڏيندي موت بابت جيڪا وضاحت ڪئي ھئي، تنهن باشعور ماڻهن کي موت جي ڀؤڀولن کان نجات ڏياري ڇڏي..... ”موت ڪو ايڏو خراب ڪونهي. مرڻ کانپوءِ ماڻهو هڪ اھڙي صورت حال ۾ هوندو ته نه کيس سردي، نه گرمي، نه فڪر، نه فاقو تنگ ڪندو، ڄڻ ته ماڻهو هڪ بي خواب گھري ننڊ ۾ هوندو. پر جي موت هڪ دنيا کان ٻي دنيا جو سفر آھي ته اتي دنيا جي سٺن ماڻهن سان ميل ملاقات ٿي ويندي. ان ڪري موت کان ڊڄڻ اجايو آهي.“

لطيف سرڪار به سڄاڻ ماڻهن لاءِ ائين فرمايو ھيو ته

نه ڪا دل دوزخ ڏي، نڪو بهشت گھرن،

اڀا ائين چون، ته پرين ڪجي پنهنجو. (لطيف)

گل محمد گاد جو نظريو اول آخر سنڌ هئي. هو سنڌ پرست ھيو. جنهن کي ھن پرين ڪري پنهنجو ڪيو. مان ”انتقال پر ملال“ تي سندس اولاد، ويجھن عزيزن ۽ دوستن سان شريڪِ غم آھيان. خاص ڪري نسيم پارس گاد سان، جيڪو سندس ڀاڻج ۽ فهميدو نوجوان دوست آھي. مان نه صرف سندس لکت کان، پر سندس عملي طور تي شائستگي کان به متاثر آھيان. هو مون کي سدائين ”سر!“ چئي مخاطب ٿيندو آھي. مان جڏي جيءَ ھجڻ (پٺيءَ جي ڪنڊي ۾ سور ھئڻ) ڪري ٻن ڪلاڪن کان وڌيڪ سفر ڪرڻ جھڙو ناھيان. ان ڪري مرحوم جي سڀن عزيز و اقارب سان سنڌ جي مختصر مگر جامع تعزيت واري انداز ۾ اظهار ڪيان ٿو.

 ”ادا! ادي!سائين! سانئڻ! جيڪو حڪم ڌڻيءَ جو!!!"

 

(منظور ڪوھيار جي فيسبڪ پوسٽ ۲۰ ڊسمبر ۲۰۲۵ع)


 

گل محمد گاد

لازوال پورھيو

سراج ڪلھوڙو

تاريخ جي ورقن ۾ لاڙڪاڻي جا ڪي اڻ وسرندڙ ڪردار ليکي ۾ آڻبا ته انھن م ھڪڙو ڪردار چاچي گل محمد گاد جو به ليکي ۾ ضرور آندو ويندو.. چاچو گل محمد گاد ھونئن ته ميونسپل ڪاميٽي لاڙڪاڻي جو ملازم ھيو، جيڪو ڪنھن دور ۾ ميونسپل ڪاميٽي لاڙڪاڻي پاران جناح باغ (ھوشو پارڪ) جي حدن ۾ قائم لئبريري کي به سنڀالڻ جو ذميدار ھيو.. شايد ان ئي دوران ھن جي ذھن ۾ اھڙو ڪم سرانجام ڏيڻ جو خيال آيو جنھن کيس لاڙڪاڻي جي منفرد شخصيتين جي قطار ۾ بيھاري ڇڏيو. سندس اھڙو ڪم لاڙڪاڻي جي تاريخ کي ھڪ ضخيم ڪتاب لاڙڪاڻو ساھ سيباڻو کي سھيڙڻ وارو ھيو ..

جنھن ۾ ھن سالن جا سال عرق ريزي ڪري مواد گڏ ڪرڻ لاء محنتون بلڪه جفاڪشون ڪيون .. چاچو گل محمد جيئن ته بنيادي طور ان فيلڊ جو ماڻھو نه ھيو تنھن ڪري ان باوجود ھن جڏھن کوڙ سارو مواد گڏ ڪيو ۽ لاڙڪاڻي جي معتبر اديب سڳورن سان رابطو ڪري کانئن رھنمائي ۽ مدد طلبي ھئي ته انھن سڳورن سندس خاطر خواھ مدد ته نه ڪئي ھئي پر ويتر سندس دلشڪني وارو ڪردار ادا ڪيو ھيو پر ھن پرعزم شخصيت پنھنجي اٽل ارادي ۾ ڪا لچڪ نه آندي ۽ لاڙڪاڻي واسين کي ھڪ شاندار تاريخي ڪتاب تحفي ۾ ڏئي ويو .. ائين به نه اھي ته ڪنھن بہ سندس دلجوئي نه ڪئي ، ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي کانسواء سائين علي نواز پٺاڻ، سائين محمد ھاشم مڪول، سائين خادم حسين شاھ ۽ ٻين به کوڙ سارن ڪردارن کيس نه رڳو همٿايو پر کيس مواد ھٿ ڪري ڏيڻ کان ويندي پروف ريڊنگ ۽ ٻين کوڙ سارن مامرن ۾ مدد ۽ رھنمائي ڪئي ھئي. اھا شايد جميل گاد يا ويندي چاچي گل محمد کي به خبر نه ھجي ته سندس ڪتاب ۾ معاونت لاء رڳو انھن جو ڪردار نه ھيو جن کان معاونت چاچي گل محمد طلبي ھئي پر انھن جو به ڪردار ھيو جن کي وري ڪن ٻين معاونت لاء چيو ۽ انھن مواد ھٿ ڪري ڏيڻ ۽ پروف ريڊنگ توڙي مضمون وغيره لکي ڏيڻ ۾ به معاونت ڪئي ھئي .. انھن ڪردارن ۾ ھڪڙو ڪردار مون کي معلوم ٿي سگهيو آھي جنھن کي اھو ڪم سائين علي نواز پٺاڻ سونپيو ھيو .. اھو ڪردار سائين محمد ھاشم مڪول ھيو ..

رڳو اھو نہ پر ان سلسلي ۾ چاچي گل محمد گاد سان وڏي ۾ وڏو سھڪار ۽ ھمت افزائي لاڙڪاڻي جي ميونسپل ڪاميٽي جو تڏھوڪي چيئرمين قربان عباسي صاحب ڪئي جنھن کانسواء شايد اھو ڪتاب اچي نه سگهي ھا .

اسيء جي ڏھاڪي ۾ ڇپيل اھو ھزارن جي تعداد ۾ ڇپيل شاھڪار ڪتاب اڄ ڪنھن ڪتاب گهر ۾ ته موجود نه آھي پر شاھنواز لئبريري سميت ٻين لئبررين منجهان به غائب ٿي ويو آھي ..

نئين نسل ان ڪتاب جو نالو ته ٻڌو آھي پر پڙھڻ ته ٺھيو پر ڏسڻ به کين نصيب نه ٿيو آھي . ھن ڪتاب ۾ تاريخي دستاويزن ۽ لکڻين سميت جيڪي مختلف ماڳن مڪانن ادارن جنسي شين وغيره جون جيڪي تصويرون آھن تن کي ھٿ ڪري ھميشہ لاء محفوظ ڪرڻ چاچي گل محمد گاد جي تمام وڏي جاکوڙ ۽ پنھنجي شھر کي تاريخ ۾ زنده جاويد رکڻ جي عظمت ڀري سوچ جو مظھر آھي .. ھن ڪتاب ۾ اھڙيون نادر تصويرون به آھن جيڪي ڪنھن به سرڪاري گزيٽ وغيره ۾ به نه ٿيون ملن جيئن جيلس بازار وٽان گذرندڙ گهاڙ واھ جي پل جي تصوير وغيره به ھن ڪتاب ۾ ھٿ ڪري ڏني وئي ھئي. بھرحال ان اھڙي شاھڪار ڪتاب جو خالق چاچو گل محمد گاد گذريل ڏينھن اسان کان ھميشہ لاء وڇڙي ويو ..

ڪالھ جڏھن سندس تڏي تي ويٺو ھوس ته سندس فرزند جميل گاد ٻڌايو ته ڪتاب جو نئون واڌاريل ۽ سڌاريل ڇاپو نئين رنگ ڍنگ ۾ ڇپائي جي آخري مرحلن ۾ آھي .جيڪو جلد ئي عوام جي ھٿن ۾ ھوندو ، جنھن جي سموري ترتيب ۽ مواد پڻ سائين گل محمد گاد پاڻ ئي ڪري ويو ھيو .. سچ ته چاچي گل محمد جھڙا ڪردار قومن جو سرمايو ھوندا آھن .. ھن پنھنجي زندگيء ۾ پنھنجي ٻڇڙن جي پرورش ڪرڻ سان گڏ پنھنجي شھر جي تاريخ کي سھيڙڻ جو جيڪو ڪارنامو سرانجام ڏنو عمل کيس تاريخ جي ورقن ۾ ھميشہ زنده رکندو ... سندس پويون نسل ته ڪجهہ ڏھاڪن کانپوء شايد وساري به ڇڏي پر سندس ھي پورھيو ڪڏھن به کيس وسارجڻ نه ڏيندو .. نه رڳو لاڙڪاڻو پر سڄي سنڌ بلڪ دنيا جي اندر چاچي گل محمد گاد جو نالو سندس لازوال ڪردار جي ذريعي سلامت رھندو

 

(سراج ڪلھوڙو جي فيسبڪ پوسٽ ۲۰ ڊسمبر ۲۰۲۵ع تي رکيل)


 

سائين گل محمد گاد

سنڌ جو ساڃاهوند انسان به اسان کان وڇڙي ويو

آصف رضا موريو

سورنهن ڊسمبر ۲۰۲۵ع تي سوشل ميڊيا ذريعي هن دکدائڪ خبر انتهائي ملول ڪيو ته محترم سائين گل محمد گاد جن لاڙڪاڻو جي هڪ اسپتال ۾ لاڏاڻو ڪري ويا. مرحوم هڪ اعلا پائي جو محقق، اديب، ڪالمنگار، تاريخدان، سگهڙ، ساڃاهوند ۽ علم دوست انسان هيو جنهن جي ذهن ۾ نه رڳو لاڙڪاڻو جي هر گهٽي، محلي، عمارت، شخص جي تاريخ هوندي حفظ هوندي هئي پر هن شهر کي سماجي، تاريخي، سياسي ۽ شهري اتهاس جا پنا پڻ ازبر هوندا هيا. مان اڪثر اوقات سندس ان علمي قابليت مان مستفيظ ٿيندو رهندو هيم جو جيڪڏهن ڪٿي ڪنهن ماڳ يا ماڻهو متعلق لکڻ ۾ منجهندو هيس ته ساڻس ڪچهري ڪري ڄاڻ وٺي وٺندو هيم.

سائين گل محمد گاد جو جنم لاڙڪاڻو جي اوڀارئين وسندي ”عاقل“ جي درياهه پار (ڪچي واري علائقي) ۾ ۱۵ آگسٽ ۱۹۴۱ع ڌاري محمدبچل گاد جي گهر ۾ ٿيو. سندس والد بڻيادي طور تي ڪڙمت ڪرڻ سان گڏ ڳوٺ ۾ ڪرياني جو دوڪان پڻ هلائيندو هيو جنهن پنهنجي ڪاروبار کي وڌائڻ سانگي خيرپور مان ساريون، ڪڻڪ، چانور، ڪڪڙا ۽ ٻيو ضرورت جو سامان گهرائي پنهنجي دوڪان تي کپائيندو هيو. اڳتي هلي هن نه رڳوخوشحال داس نالي هڪ هندو سان مکڻ جو ڪاروبار شروع ڪيو پر ديهه دودائي ۾ ڪجهه ٻني ٻارا به خريد ڪيا ۽ پوءِ روينييو کاتي جي ٻيلن جي ٺيڪيداري پڻ ڪندو هيو. هو هڪ محنت ڪش ماڻهو هيو پر پنهنجي ڳوٺ ۾ زندهه دل ۽ خوش مزاج طور سڃاتو ويندو هيو.

سائين سان پٺين پندرنهن ويهن سالن کان ڪچهريون ٿينديون رهنديون هيون جو هو ٻڌائيندو هيو ته مان به پراڻي عاقل ۾ پيدا ٿيو هيس جو عاقل جي ڪنڌي واري ڳوٺ کي قديم دور کان سنڌو درياهه پائيندي پائيندي اڳتي ڌڪيندو رهندو آهي ۽ عاقل ڇهه دفعا درياهه بادشاهه جي پيٽ ۾ پوندي پوندي نڪرندو رهيو آهي جڏهن ته موجوده عاقل ستون ڳوٺ آهي جيڪو آخري ڀيرو ۱۹۳۸ع ڌاري جڙيو هيو. ۱۹۸۹ع کان پوءِ واري روينيو جي نقشن ۾ ديهه عاقل ۾ ”گادن جا ڳوٺ ۽ ڪڙيا“ اڪريل ملن ٿا جن جا جد امجد عاقل ۽ خالد نالي زمينداري وارا شخص هيا جن پنهنجي پنهنجي نالي تي ڳوٺ آبادڪرايا هيا جن مان ”خالد ڳوٺ“ سٺ ستر سال اڳ درياهه پائي ويو هيو جڏهن ته عاقل پنهنجي بقا جي جنگ وڙهندي جيئندو رهيو آهي.

ننڍي هوندي کان گل محمد گاد ڳوٺائي ٻار هوندي پنهنجي وڏي ڀاءُ عبدالطيف سان گڏجي مال پڻ چاريندو هيو ته اهي والد کي ساهي پٽرائڻ لاءِ سندس دوڪان تي به ويهندا هيا. حالات بهتر ٿيا ته سندس والد کيس لاڙڪاڻو شهر پڙهڻ سانگي موڪليو جتي هو پنهنجي مٽن وٽ رهندو هيو پر ترت ئي سندس والد به پنهنجي چئني ڀائرن سان صلاحي ٿي ڳوٺان کان لاڙڪاڻو شهر ۾ لڏي آيو.

سائين گل محمد گاد کي تعليم واسطي ۱۹۴۸ع ڌاري شاهه محمد پرائمري اسڪول ۾ داخل ڪرايو ويو پر هو ٽئين درجي مان ئي تعليم اڌ ۾ ڇڏي پنهنجي والد سان ڪاٺين واري دوڪان تي ويهي ڪاروبار سنڀالڻ لڳو. هڪ ڀيري سندس والد جي دوست چنديرام کيس دوڪان تي ويٺل ڏسي پنهنجي دوست کي ننديو ته ”ننڍڙي جي زندگي خراب نه ڪر کيس پڙهاءِ“، تي ٻيهر تعليم جو سلسلو جوڙڻ لاءِ کيس گورنمنٽ ميونسپل هائي اسڪول ۾ داخل ڪرايو ويو. ۱۹۵۹ع ۾ هن ميٽرڪ فرسٽ ڪلاس ۾ پاس ڪري، ۱۹۶۵ع ۾ گورنمنٽ ڪامرس ڪاليج لاڙڪاڻو مان انٽرميڊئيٽ پاس ڪئي. ۱۹۶۷ع ڌاري هن سنڌ يونيورسٽي مان بي. اي فرسٽ ڪلاس ۾ ڪئي هئي. ان کان علاوه هن ۱۹۷۱ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان ”لائبرري سائنس ۾ ڊپلوما“ جي ڊگري پڻ فرسٽ ڪلاس ۾ ورتي.

سائين گل محمد گاد جي شادي مسمات سردار خاتون سان ٿي ۽ کين جميل گاد، ڊاڪٽرتنويراحمد گاد، جاويد احمد، غلام عباس، آصف علي ۽ عبداللطيف نالي ڇهن پٽن ۽ چار نياڻين جي اولاد ٿي. پاڻ پنهنجي فيملي سان لاڙڪاڻو شهر جي اوڀارئين تاريخي محلي قافلا سراءِ ۾ ايمپائر سينيما جي سامهون رهندا هيا.

سائين گل محمد گاد کي ۱۹۶۱ع ۾ ڪوآپريٽو ڊيپارٽمنٽ جي ڪريش پروگرام ۾ سب انسپيڪٽر جي نوڪري ملي هئي جو سندس پهرين پوسٽنگ شهداد ڪوٽ ۾ ٿي هئي جتي کيس سٺ روپيا پگهار ۽ ۳۵ روپيا مهانگائي الائونس ملندو هيو. ۱۹۶۲ع ۾ هو ڇهن مهينن لاءِ ڊيپارٽمنٽ جي امتحال لاءِ ”سنڌ ڪوآپريٽو ٽريننگ انسٽيٽيوٽ“ حيدرآباد ويو هيو جتي غوث بخش قريشي پرنسيپل هيو ۽ مرزاقليچ بيگ جو والد اسد علي بيگ استاد هوندو هيو. ٽريننگ مڪمل ٿيڻ تي ٿيل امتحان ۾ هو پوري سنڌ ۾ ٽيون نمبر آيو.

۵جون ۱۹۶۴ع ميونسپل ڪاميٽي لاڙڪاڻو ۾ نوڪري مليس ۽ سندس پهرين پوسٽنگ ميونسپل جناح لائبريري لاڙڪاڻو ۾ لائبريرين طور ملي هئي جتي شهر نه رڳو سندس چوڌاري ڪتابن، اخبارن، رسالن ۽ ڊائجسٽن جي دنيا هوندي هئي پر روز مرهه جي حساب سان اتي شهر ۽ تر جا پڙهيل لکيل ماڻهو ايندا رهندا هيا جن ۾ شيخ اياز، ڪامريڊ سوڀوگيانچنداڻي، ڪامريڊ حيدربخش جتوئي، پيرحسان الدين راشدي، پير علي محمد راشدي، قاضي فيض محمد، ڪامريڊ نبي بخش تنيو، غلام الرسول ڪيهر، حاجي محمد پيرزادو، ڊاڪٽر ايازقادري، ڪامريڊ نذير حسين جتوئي، مولانا جان محمدعباسي، عبدالوحيد ڪٽپر، ڊاڪٽرميرمحمد شيخ، حبيب الله ناريجو، بهاول خان انڙ، عبدالغفورڀرڳڙي، سيد جمال الدين بخاري، ڊاڪٽر ايس ايم ادريس، قربان علي بگٽي، ميمڻ عبدالمجيد سنڌي، ڊاڪٽرعبدالڪريم سنديلو، صاحب خان چنو، فداحسين قادري وغيره شامل خاص هوندا هيا.

اديبن،ڏاهن۽ دانشمندن سان ادبي، علمي ۽ تاريخي ڪچهرين سبب کيس لکڻ پڙهڻ جو شوق پيدا ٿيڻ سان گڏ ادب ۽ ادب نوازي سان دلي لڳاوُ جڙيو جنهن اڳتي هلي کيس اهلِ ڪتاب ٿيڻ تي به اڪسايو ۽ اڀاريو. لائيبري جي بند ٿيڻ کان پوءِ ميونسپل ڪاميٽي لاڙڪاڻي ۾ شاپ انسپيڪٽر ۽ پوءِ اينٽي انڪروچمينٽ انسپيڪٽر مقرر ٿيو. ميونسپل ڪاميٽيءَ ۾ نوڪريءَ دوران جڏهن هن ڏٺو تهه پٺين ڏيڍ سو سالن کان ميونسپل جي ملازمن جي حقن جي حاصلات لاءِ ڪو پليٽ فارم ڪونه آهي ته۱۹۷۱ع ۾ هن ”ميونسپل ايمپلائيز يونين“ جو بنياد جهندي سموري عمر ميونسپل جي صفائي ڪندڙ عملي جي چڱ ڀلائي لاءِ هڙان وڙان لوڙيو ۽ لوچيو. سندس ڪوششن سان ميونسپل عملي لاءِ رهائشي ڪالوني پڻ جڙي هئي.

تاريخ جو ننڍڙو طالبِ علم هئڻ ناطي مان سائين گل محمد گاد جهڙي ماڻهن کي ڳولي ڦولي ملڻ منهنجو ذوق به رهيو آهي ته شوق به ۽ ٻيو ته سندن لکيل لاڙڪاڻو تي ترتيب ڏنيل ڪتاب ـلاڙڪاڻو ساهه سيباڻو“ به تاريخ متعلق لکندڙن لاءِ بڻيادي ۽ وڏي حوالو رهندو آيو آهي. مان اڪثر ڪري قافلا سراءِ واري گهر ۾ ساڻس ملڻ ويندو رهندو هيم پر جيڪڏهن ملڻ نه ٿيندو هيو ته فون تي حال احوال ضرور ٿيندا رهندا هيا. ٻه اڍائي ڀيرا ملاقات ڪندي ٻڌايو هيائين ته ”مان ڪوشش ۾ آهيان ته ”لاڙڪاڻو ساهه سيباڻو“ واري ڪتاب کي ٻيهر ڇپرايان“. هر ڀيري ڳالهائڻ ۾ هو مون کي ٻه اڍائي ٽاپڪ به ڏيندو هيو ته جيڪي پهرئين ڪتاب ۾ رهجي ويا هيا جن مان ڪافي مون کيس لکي به موڪليا هيا. هو ٻڌائيندو هيو ته سندس فرزند لطيف گاد ان سلسلي ۾ ڪم ڪري رهيوآهي پر کيس وقت گهٽ آهي.

مرحوم سائين گل محمد گاد جو لاڙڪاڻو ۽ سنڌ جي ادبي کيتر ۾ وڏي ۾ وڏو ڪارنامو لاڙڪاڻو جي تاريخ متعلق سندس سهيڙيل ڪتاب ”لاڙڪاڻو ساهه سيباڻو“ آهي. مجموعي طور تي ۸۷۱ صفحن واري ان ڪتاب ۾ ۷۶۰ صفحا سنڌي حصي جا هيا، ۸۰ صفحا اردو حصي جا ۽ ۳۱ صفحا انگريزي حصي جا هيا. ميونسپل ايمپلائيز يونين لاڙڪاڻو سنڌ پاران شايع ٿيل ”لاڙڪاڻو ساهه سيباڻو“ جو سرپرستِ اعلا قربان علي عباسي، نگران ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي، مرتب گل محمد گاد، ٻانهن بيلي محمد افضل عباسي هيا.

۲۷ ڊسمبر ۱۹۸۴ ۾ ”قادريه پرنٽنگ پريس لاڙڪاڻو“ وٽان ڇپجندڙ هن ڪتاب جي مھورتي تقريب ۶ اپريل ۱۹۸۵ع ۾ سر شاهنواز ڀٽو لائبريري جي هال ۾ پيرعلي محمد راشدي هٿان ٿي هئي جتي شهر جي تمام معززين، اديبن، شاعرن ۽ ساڃاهوندن شرڪت ڪئي هئي. ان رات ٿيندڙ محفل موسيقي ۾ استاد گلزارعلي خان ۽ عابده پروين پڻ پنهنجي گيتن سان محفل کي منور ڪيو هيو. سندس ادبي دنيا ۾ مڃتا طور رئيس المهاجرين جان محمد جوڻيجي جي ورسي تقريب دوران کيس"لاڙڪاڻو ساهه سيباڻو" سهيڙي پبلش ڪرائڻ واري ڪارنامي تي مڃتا ايوارڊ پڻ ڏنو ويو هيو.

مان اڪثر کيس عرض رکندو هيم ته ”سائين توهان رڳو مون اجازت ڏيو ته ”لاڙڪاڻو ساهه سيباڻو“ توهان کي نه رڳو ڪمپوز ڪرائي ڏيان پر ڇپرائي به ڏيان“. ڳالهيون هلنديون رهيون، آخر هڪ ڀيري چيائين ته ”ادا موريا تون ڪتاب ڀلي ڪمپوز ڪراءِ پوءِ ڇپرائڻ جو بندوبست ڪري وٺنداسين“. مون ڪتاب ڪمپوزڪرائي کيس اطلاع ڪيو ته چيائين ”ڪڏهن وقت ڪڍو ته ڊي سي يا ڪمشنر ڏي هلنداسين ته جيئن اهي ڇپرائڻ ۾ مدد ڪن“. سندس اهڙي ڳالهين تي مان اڪثرکيس سمجهائيندو هيم ته ”سائين هاڻي ڪامورا شاهي اها ادب دوست، انسان دوست ۽ تاريخ دوست ڪونه رهي آهي جيڪا توهان جي دور ۾ هوندي هئي“. ۽ ”توهان معزز ماڻهو آهيو نه ٿو ٺهي ته توهان جهڙو ماڻهو هاڻي اهڙن آفيسرن وٽ وڃي نه هئي منهنجو مزاج آهي ته مان اهڙن درن تي وڃان جتي سنڌ ۽ ادب لاءِ نه وقت آهي نه جذبا“. بحرحال وقت، زندگي، حالات، معاملا، ترجيحون اڳتي پوئتي ڌڪينديون رهيون ۽ ان ڪتاب جو ڪم سائين جن ڪيترو اڳتي ڪيو ان جي کيس خبر پر مان جيڪو ڪمپوز ڪرايو سو اڃان تائين مون وٽ پيو آهي. اڄ هي مضمون لکڻ وقت سوچيان ٿو ته پياري جميل ۽ تنويرسان ڪڏهن ڪچهري ڪري ان کي ٻيهر ڇپرائڻ جي ڪوشش وٺڻ گهرجي.

سائين گل محمد گاد کي سنڌ، سنڌ جي ماڻهن ۽ محترم جي ايم سيد سان پڻ عشق هوندو هيو جنهن متعلق پنهنجي لکڻين، ڳالهين ٻولهين ۽ عملي زندگي ۾ به سموري عمر هو پنهنجي ڪامريڊي لڏي ۽ نظرئي جي پرچار ڪندو رهندو هيو۔عشق جي ان مڃتا طور نه رڳوجيل ٿاڻا ڏٺا پڻ کيس، سندس اولاد ۽ خاندان کي بيشمار ڪٺنائين سان منهن ڏيڻو پيو. عمر جي آخري حصي ۾ طبيعت جي ناسازي هوندي به سنڌ، ٻيلن ۽ سنڌو درياهه سان ٿيندڙ ناجائزين واري ميڙاڪن ۽ احتجاجن ۾ شريڪ ٿيندو رهندو هيو. ڪيئي سالکن کان هن سوشل ميڊيا تي باقاعدگي سان ڊائري لکڻ پڻ شروع ڪئي هئي جنهن جي اٽيچمينٽ مون ڏانهن به موڪليندو رهندو هيو جنهن تي ڪڏهن ڪڏهن پاڻ ٻئي فون تي بحث ڪندا رهندا هياسين.

سندس وڇوڙي تي لاڙڪاڻو کان هڪ شاندار انسان ۽ ادب دوست تاريخي ڪردار کسجي ويو جنهن کان سندس زندگي ۾ شهر جي تاريخ متعلق مواد لکرائڻ گهربو هيو پر افسوس آهي جو هاڻي ڪاموراشاهي هجي يا شهر جي سياست سماجيت انهن ۾ وطن دوست، ادب نواز ۽ تاريخ سان پيار واري جاءِ تي پيسي، پيسي ۽ رڳو پيسي جاءِ ولاري ڇڏي آهي جتي ضمير هجي يا عزت، روشن ضميري هجي يا ذاتي معتبرائپ سڀ ڪجهه لٽائي، وڃائي ۽ کپائي به سنگت پيسا ۽ پوسٽنگ بچائي رهياآهن. تن لاءِ چواڻي ته ”جيڪي لوهه ڪٽن لوهار تن کي ڪهڙو قدر سون جو“.

مان پنهنجي قلم قبيلي طرفان سائين گل محمد گاد جي سموري فرزندن، خاندان ۽ گاد فيملي سان تعذيت ڪندي مرحوم جي بلند درجات لاءِ مالڪِ ڪائنات کان سربه سجود ٿي دعاگوآهيان.

 

 

(فيسبڪ پوسٽ ۱۷ ڊسمبر ۲۰۲۵ع)


 

گل محمد گاد

برڪت جيھو

گل محمد گاد صاحب بہ ھميشه لاء ان ڏيھ ڏانھن روانو ٿي ويو جتان اڄ تائين ڪوبہ ڪون موٽيو آھي گاد صاحب اسان جو بزرگ دوست ھو سندس وڇوڙو اسان سڀني لاء ڪنھن سانحي کان گهٽ نہ آهي پاڻ ھڪ پيار ڪندڙ پيارو انسان ھوھو جڏھن بہ ملندو ھو وڏي اڪير سان ڀاڪر ڀري ملندو ھو گل محمد گاد جا پنجو ديري ۽ نئين ديري ۾ ڪافي دوست ۽ چاھندڙ ھئا ۽ آھن پنجو ديري ۾ پنھل قادري مرحوم محمد ايوب قادري مرحوم ۽ آزاد انعام لاڙڪ صاحب خاص دوستن ۾ شامل آھن نئون ديري ۾ پروفيسر غلام حسين ڪٽپر برڪت جيھو حسين بخش ناريجو سندس دوستن۾ شامل آھن گل محمد گاد ھڪ ترقي پسند ۽ روشن خيال انسان ھو ڳالھائڻ جو سچو کرو ۽ سئون سڌو انسان ھو مون سان تہ گھڻي حجت ڪندو ھو فيس بوڪ تي جيڪڏھن ڪا پوسٽ منھنجي نہ وڻندي ھئس تہ ڪو بہ رکاء نہ ڪندو ھو ائين سائين غلام حسين ڪٽپر سان بہ ڪمينٽس جي .معاملي ۾ حجت ڪندو ھو پر پوء آسين ٻئي ٽاري ڇڏيندا ھئا سون . سندس زندگيءَ جا کوڙ سارا پاسا ۽ حوالا ھئا پاڻ عالم ، مرتب ، اديب ۽ علم دوست انسان هيو جيڪو لاڙڪاڻي جي هر ھڪ پاڙي ، جڳھ ۽ ماڻھن کان واقف ھوسندس جنم لاڙڪاڻو جي مشھور ڳوٺ ”عاقل“ جي درياهه واري پاسي ۱۵ آگسٽ ۱۹۴۱ع ڌاري محمدبچل گاد جي گهر ٿيو

سندس تعليم جي شروعات ۱۹۴۸ع ڌاري شاهه محمد پرائمري اسڪول کان ٿي ڪجھ عرصو تعليم کان ڪٽيل رھيو پر وري ٻيھر ۱۹۵۹ع ۾ گورنمنٽ ميونسپل هائي اسڪول ۾ داخل ٿيو . ۱۹۵۹ع ۾ هن ميٽرڪ فرسٽ ڪلاس ۾ پاس ڪئي ، ۱۹۶۵ع ۾ گورنمنٽ ڪامرس ڪاليج لاڙڪاڻو مان انٽرميڊئيٽ پاس ڪيائين. ۱۹۶۷ع ۾ سنڌ يونيورسٽي مان بي. اي فرسٽ ڪلاس ۾ پاس ڪيائين . ان کان علاوه هن ۱۹۷۱ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان ”لائبرري سائنس ۾ ڊپلوما“ جي ڊگري پڻ فرسٽ ڪلاس ۾ پاس ڪئي.

گل محمد گاد کي ۱۹۶۱ع ۾ ڪوآپريٽ ڊيپارٽمنٽ جي ڪريش پروگرام ۾ سب انسپيڪٽر جي نوڪري ملي اھا گاد صاحب جي پهرين نوڪري ھئي سندس پوسٽنگ شهداد ڪوٽ ۾ ٿي . ۱۹۶۲ع ۾ هو ڇهن مهينن لاءِ ڊيپارٽمنٽ جي امتحال لاءِ ”سنڌ ڪوآپريٽو ٽريننگ انسٽيٽيوٽ“ حيدرآباد ويو جتي غوث بخش قريشي پرنسيپل هيو ۽ مرزاقليچ بيگ جو والد اسد علي بيگ استاد هوندو هيو. ٽريننگ مڪمل ٿيڻ تي ٿيل امتحان ۾ هو پوري سنڌ ۾ ٽيون نمبر آيو.

۵جون ۱۹۶۴ع ميونسپل ڪاميٽي لاڙڪاڻو کيس نوڪري ملي سندس پوسٽنگ ميونسپل جناح لائبريري لاڙڪاڻو ۾ لائبريرين طور ٿي جتان ئي کيس علم ادب جي جستجو ڪر موڙي اٿي اتي ئي شھر جي عالمن اديبن سان شناسائي ٿي جن مان شيخ اياز، ڪامريڊ سوڀوگيانچنداڻي، ڪامريڊ حيدربخش جتوئي، پيرحسان الدين راشدي، پير علي محمد راشدي، قاضي فيض محمد، ڪامريڊ نبي بخش تنيو، غلام الرسول ڪيهر، حاجي محمد پيرزادو، ڊاڪٽر ايازقادري، ڪامريڊ نذير حسين جتوئي، مولانا جان محمدعباسي، عبدالوحيد ڪٽپر، ڊاڪٽر مير محمد شيخ، حبيب الله ناريجو، بهاول خان انڙ، عبدالغفور ڀرڳڙي، سيد جمال الدين بخاري، ڊاڪٽر ايس ايم ادريس، قربان علي بگٽي، ميمڻ عبدالمجيد سنڌي، ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو، صاحب خان چنو، فدا حسين قادري جھڙن پائي جي عالمن اديبن سان سڃاڻ ٿي

انھن ادبي ڪچهرين ئي کيس لکڻ پڙهڻ ڏانھن راغب ڪيو جنھن شوق يا ائين کڻي چئجي عشق ھڪ ضخيم ڪتاب لکڻ تي آمادہ ڪيو . گاد صاحب ان کان پوءِ ميونسپل ڪاميٽي لاڙڪاڻي ۾ شاپ انسپيڪٽر مقرر ٿيو ۽ بعد ۾ اينٽي انڪروچمينٽ انسپيڪٽر بڻيو ٿيو. جتي ميونسپل ڪاميٽيءَ ۾ ۱۹۷۱ع ۾ هن ”ميونسپل ايمپلائيز يونين“ جو بنياد وڌو جنھن پليٽ فارم تان گاد صاحب ميونسپل ملازمن ۽ ٻئي عملي لاءِ رهائشي ڪالوني حڪومت کان منظور ڪرائي. گاد صاحب جو سھيڙيل ”لاڙڪاڻو ساهه سيباڻو“ ھڪ لاڙڪاڻي جي تاريخ۾ بنيادي دستاويز آھي. جيڪو ۸۷۱ تي مشتمل آھي جنھن ۾ ۷۶۰ صفحا سنڌي ٻوليءَ جا آھن جا آھن، اردوء جا ۸۰ صفحا ۽ انگريزي ٻوليء جا ۳۱ صفحا آھن جيڪو ڪتاب ميونسپل ايمپلائيز يونين لاڙڪاڻي ڇپايو ”لاڙڪاڻو ساهه سيباڻو“ ڪتاب جو سرپرستِ قربان علي عباسي، نگران ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي، مرتب گل محمد گاد، ٻانهن بيلي محمد افضل عباسي سٿ ۾ شامل رھيا . ھي ڪتاب ۲۷ ڊسمبر ۱۹۸۴ ۾ ”قادريه پرنٽنگ پريس لاڙڪاڻي وارن ڇاپيو ھن ڪتاب جي مھورت ۶ اپريل ۱۹۸۵ع تي سر شاهنواز ڀٽو لائبريري جي هال ۾ ٿي مھورت نامياري سياستدان اديب ڪالم نگار ۽ وزير سفير پيرعلي محمد راشديء ڪئي ھن تقريب ۾ اديبن شاعرن ۽ شھر جي معززن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي پير علي محمد راشدي ھن ڪتاب جي ساراھ جا ڍڪ ڀريا ان کان علاوه فرمايائين ته پاڪستان ٺاھڻ ۾ لاڙڪاڻي جو وڏو حصو رھيو وڌيڪ چيائين ته پاڪستان جي ھڏي تي ڪتا مون ويڙھايا ھئا ھن پروگرام ۾ پير علي محمد راشدي ڪي ڳالھيون اھڙيون ڪيون ھيون جو پروگرام ۾ شامل ماڻھو کل روڪي نہ سگھيا ھئا ۽ ڀوڳن ڀوڳن ۾ گاد صاحب سان مخاطب ٿيو ھو ته اجرڪ ۽ گل مئلن جي مٿان وجھبا آھن جيڪر تہ مونکي لنگي اوڍايو ھا، وڌيڪ چيائين ته جيڪڏھن مسجد منزل گاھ جو فساد نہ ڪرايون ھا تہ پاڪستان ڪون ٺھي ان پروگرام جي سلسلي ۾ رات جو محفل موسيقي پڻ گاد صاحب ڪرائي ھئي جنھن ۾ استاد گلزارعلي خان ۽ عابده پروين محفل کي رونڪ بخشي ھئي. گل محمد گاد صاحب کي ڪتاب جي مرتب طور رئيس المهاجرين جان محمد جوڻيجي ورسيء جي پروگرام ۾ کيس مڃتا ايوارڊ ڏنو ويو اسان اميد ٿا ڪريون تہ سندس اولاد مان ڪو جيڪڏھن گاد صاحب جي سڃاڻ ڪتاب لاڙڪاڻي ساھ سيباڻي کي ٻيھر ڇپائي پڌرو ڪري تہ گاد صاحب جي روح کي فرحت ٿيندي.

 

(برڪت جيھو جي فيسبڪ پوسٽ ۱۷ ڊسمبر ۲۰۲۵ع)


 

گل محمد گاد

تاريخ ۾ لاڙڪاڻو جيڪو هڪ ماڻهوءَ جي ياد ۾ زندھ رهندو...!

فقير محمد سنڌي

ڪي ماڻهو شهرن ۾ رهن ٿا ۽ ڪي ماڻهو شهرن کي پنهنجي اندر کڻي هلن ٿا. گل محمد گاد انهن مان هو، جنهن لاءِ لاڙڪاڻو رڳو هڪ جغرافيائي نالو نہ پر جيئرو ساھ، هلندڙ تاريخ ۽ ڳالهائيندڙ ياد هو. هو جڏهن ڪنهن گهٽيءَ جو نالو وٺندو هو، تہ ساڳي گهٽيءَ جا صدين پراڻا قدم ٻڌڻ ۾ ايندا هئا. ڪنهن عمارت جو ذڪر ڪندو هو، تہ ان سان جڙيل انسان، زمانو ۽ حادثا پاڻهي ظاهر ٿي پوندا هئا.

هو پاڻ وساري شهر کي ياد رکندو رهيو،

لاڙڪاڻو سندس ساھ ۾ ساھ وانگر گڏ هوندو هيس.

گل محمد گاد علم کي نمائش نہ بڻايوهن علم کي ذميواري بڻايو. ڪتابن سان سندس رشتو عبادت جهڙو هو۽ گفتگوءَ ۾ تڪلف بدران سچائي هوندي هئي.

گل محمد گاد جو جنم ۱۵ آگسٽ ۱۹۴۱ع ڌاري لاڙڪاڻي ڀرسان عاقل جي ڪچي واري علائقي ۾ ٿيو اهو علائقو جتي سنڌو درياھ جي وهڪري سان گڏ وقت بہ پنهنجا نشان بدلائيندو رهيو آهي. هو اهڙي زمين جو پيدائش هو جتي ڳوٺ رڳو آباد نہ ٿيندا آهن پر درياھ سان وڙهي وجود قائم رکندا آهن. شايد اهوئي سبب هو جو گل محمد گاد جي شخصيت ۾ بہ استقامت، يادگيري ۽ تاريخ سان جڙيل رهڻ جي وصف شروع کان سمايل هيس. ڪچي جي مٽي، درياھ جي بيقراري ۽ وسندين جي لڏپلاڻ سندس شعور ۾ شهرن، ماڻهن ۽ ماڳن کي محفوظ رکڻ جو جذبوعطا ڪيو جيڪو اڳتي هلي لاڙڪاڻي جي تاريخ سان نالو هميشہ ياد جي گيلريءَ ۾ شامل رهندو.

هو ٻڌائيندو هو، پر مٿان ويهي نہ،

سمجهائيندو هو پر حڪم ڏئي نہ.

نہ نام کی خواہش، نہ صلے کی تمنا،

بس علم کو علم کی خاطر بانٹتے رہے.

جناح لائبريري لاڙڪاڻي ۾ سندس موجودگي

علمي اداري کان گهٽ نہ هئي.

اتي خيالن جون ڪچهريون، اخلاقيات جا آداب،

۽ تاريخ جا وسريل ورق ٻيهر کلي پوندا هئا.

شيخ اياز کان وٺي حيدر بخش جتوئي تائين ڪيترن ذهنن سندس صحبت ۾لفظن کي نئون روپ ڏنو.

وہ شہر کی گلیوں کو کتابوں میں سمیٹے رہے،

تاریخ کے بکھرے ہوئے اوراق سنوارتے رہے.

 گل محمد گاد رڳو لائبريرين يا تاريخدان نہ هو انهن ماڻهن مان هو جيڪي نوڪريءَ کي بہ سماجي فرض بڻائيندا آهن.ميونسپل ايمپلائيز يونين جو بنياد وڌو. صفائي ڪندڙ عملي جي حقن لاءِ جدوجهد ڪرڻ سندس عملي انسان دوستيءَ جو ثبوت هو.

محنت جو نتيجو جيڪو پوءِ آيو اهو ڪتاب

“لاڙڪاڻو ساھ سيباڻو”

جنهن ۾ شهر رڳو لکيل نہ هوپر جيئرو هو.

اهو ڪتاب پڙهندي محسوس ٿيندو آهي

تہ لاڙڪاڻو پاڻ ڳالهائي رهيو آهي.

درياھ جهڙو وسيع هو سندس ذهن،

هر گهٽي، هر ماڻهوسندس ياد جو فن.

سندس فڪر جي مرڪز ۾ سنڌ هئي، سنڌو درياھ هو ۽ جي ايم سيد جو خواب هو. نظرين جي قيمت ڄاڻندو هو. تنهن ڪري گهڻي تڪليف ۽ اڪيلائي بہ قبول ڪيائين پر سوديبازي نہ ڪيائين.

وہ ایک چراغ تھا جو خود جلتا رہا،

اندھیروں میں دوسروں کو راستہ دیتا رہا.

۱۶هين ڊسمبر ۲۰۲۵ع تي تاريخ جو حصو گل محمد گاد ڪراچي ۾ خاموش ٿي ويو دنيا ان کي لاڏاڻو چئي پيش ڪيو.

ائين لڳو ڄڻ لاڙڪاڻي مان هڪ هلندڙ حوالو خاموش ٿي ويو.

پر ڪجھ ماڻهو مرندا ناهن،

هو ياد بڻجي شهرن ۾ رهندا آهن.

هو هليو ويو پر ڇڏي ويو نشان،

لفظن ۾ شهر، شهر ۾ انسان.

 

(ڏھاڙي آجيان شڪارپور ۾ ۱۸ ڊسمبر ۲۰۲۵ع تي ڇپيل)


 

مرحوم ڪامريڊ ۽ ليکڪ گل محمد گاد

لاڙڪاڻي جي ساهه سيباڻي تاريخ جو امين

(مسڪين ارباب علي)

(باني دي سمبارا يوگا پاڪستان)

محترم مرحوم گل محمد گاد جي فرزندن سان تعزيت ڪندي ۽ محرم جي لاءِ ڪمينٽس لکندي...

مرحوم ڪامريڊ گل محمد گاد لاڙڪاڻي جي ان سجاڳ ڌرتيءَ جو سچو سپوت هو، جنهن پنهنجي سڄي حياتي علم، شعور، جدوجهد ۽ سماجي سچ جي ڳولا لاءِ وقف ڪري ڇڏي. هو اهڙو فڪر رکندڙ انسان هو، جنهن لاءِ لکڻ صرف اظهار نه، پر ذميواري، مزاحمت ۽ تاريخي امانت هئي. سندس زندگي سادگي، اصول پسندي ۽ عوام دوست سوچ جو عملي مثال هئي.

گل محمد گاد جو تعلق انهن ماڻهن مان هو، جيڪي تاريخ کي صرف بادشاهن، حڪمرانن يا طاقتور طبقن تائين محدود نٿا سمجهن، پر عام انسان، پورهيت، مزاحمتي ڪردار ۽ وساريل آواز به تاريخ جو اهم حصو سمجهن ٿا. هن سوچ تحت هن پنهنجي قلم وسيلي لاڙڪاڻي جي ماضي، حال ۽ سماجي ڍانچي کي سمجهڻ ۽ سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي.

سندس شاهڪار ڪتاب "تاريخ لاڙڪاڻو – ساهه سيباڻو" لاڙڪاڻي جي تاريخ بابت هڪ اهم ۽ معتبر حوالو آهي. هن ڪتاب ۾ لاڙڪاڻي جي تهذيبي ارتقا، سماجي تحريڪن، سياسي جدوجهد، مزاحمتي شخصيتن ۽ انهن حقيقتن کي قلمبند ڪيو ويو آهي، جيڪي وقت سان گڏ وساريون ويون هيون يا دانسته طور نظرانداز ڪيون ويون. هي ڪتاب رڳو تاريخي معلومات جو ذخيرو نه، پر ڌرتيءَ سان بي لوث محبت ۽ سچ سان وفاداري جو اظهار پڻ آهي.

گل محمد گاد جو قلم مظلومن جي آواز، پورهيتن جي درد ۽ سماجي ناانصافين خلاف بيباڪ احتجاج هو. هو ترقي پسند سوچ رکندڙ ڪامريڊ هو، جنهن انسانيت، برابري، حق ۽ انصاف کي پنهنجي فڪر جو مرڪز بڻايو. سندس لکڻين ۾ روايتي خوشامد يا طاقتور ڌرين جي واکاڻ بدران، سچ جي ڳولا ۽ عوامي حقن جي ڳالهه نمايان نظر اچي ٿي.

هو نوجوان نسل لاءِ فڪري راهه روشن ڪندڙ هو، جيڪو تاريخ مان سکڻ، حال کي سمجهڻ ۽ مستقبل کي بهتر بڻائڻ جو شعور پيدا ڪندو رهيو. سندس فڪر نوجوانن کي سوال ڪرڻ، سوچڻ ۽ سماجي ذميواري قبول ڪرڻ جو حوصلو ڏئي ٿو.

مرحوم گل محمد گاد جو نالو لاڙڪاڻي جي تاريخ، سنڌي ادب ۽ سياسي شعور ۾ هميشه عزت ۽ احترام سان ورتو ويندو. اهڙا ماڻهو جسماني طور اسان کان جدا ٿي وڃن ٿا، پر پنهنجي فڪر، ڪتابن ۽ لکڻين ذريعي صدين تائين زنده رهندا آهن. گل محمد گاد به انهن امر ڪردارن مان هڪ آهي، جنهن لاڙڪاڻي جي ساهه سيباڻي تاريخ کي هميشه لاءِ محفوظ ڪري ڇڏيو.

 

(مسڪين ارباب علي جي فيسبڪ پوسٽ ۱۸ ڊسمبر ۲۰۲۵ع)

No comments:

راءِ ڏيندا