; سنڌي شخصيتون: منظور ڪوھيار، سراج ڪلھوڙو، آصف رضا موريو، برڪت جيھو، فقير محمد سنڌي، مسڪين ارباب علي،
Showing posts with label منظور ڪوھيار، سراج ڪلھوڙو، آصف رضا موريو، برڪت جيھو، فقير محمد سنڌي، مسڪين ارباب علي،. Show all posts
Showing posts with label منظور ڪوھيار، سراج ڪلھوڙو، آصف رضا موريو، برڪت جيھو، فقير محمد سنڌي، مسڪين ارباب علي،. Show all posts

21 December, 2025

گل محمد گاد

گل محمد گاد

سنڌ پرست دوست

منظور ڪوھيار


چيني فلاسافر ” لائوتز“ جو چوڻ آھي ته

Life and death are one thread; the same line viewed from different sides.

(زندگي ۽ موت هڪ ڌاڳي جيان آھن. جن کي ساڳي سڌائي ۾ مختلف طرفن کان ڏٺو وڃي ٿو۔)

موت, زندگي جو لاڳاپيل ۽ اڻٽٽ حصو آھي. ان کي ھر صورت ۾ تسليم ڪرڻ گھرجي. جيئن چئبو آھي ته موت ناھي مهڻو، پرڻو ناهي گار. پر ڏسڻو اھو آھي، ته مرحوم جو زندگي ۾ ڪو اھڙو ڦلدائڪ ڪم ٿيل ھجي، جنهن کي ماڻهو ياد ڪندي رشڪ ڪن.

رومن فلاسافر ”سسرو“ جو قؤل آھي ته .

The life of the dead is placed in the memory of the living

(مرحوم جي زندگي، زنده ماڻهن جي ساروڻين ۾ موجود ھوندي آهي)