; سنڌي شخصيتون: سيٺ لڻيندا سنگهه بجاج، حسيب ناياب منگي،
Showing posts with label سيٺ لڻيندا سنگهه بجاج، حسيب ناياب منگي،. Show all posts
Showing posts with label سيٺ لڻيندا سنگهه بجاج، حسيب ناياب منگي،. Show all posts

23 December, 2025

سيٺ لڻيندا سنگهه بجاج

سيٺ لڻيندا سنگهه بجاج

حسيب ناياب منگي


ڪو دؤر هو! جو شڪارپور ۾ لُلا، جماڻي ۽ بجاج آڪَھِيُن جا سيٺ، خلق جي خدمت ۾ پنهنجو مٽ پاڻ هوندا هئا ۽ سندن سخاوت توڙي فياضيءَ جي ھاڪ سموري ترَ ۾ عام هوندي ھئي. اڄ سندن ڌن ۽ دولتَ، شڪارپور جي عوامي عمارتن تي ايئن خرچ ٿيل ٿي ڏسجي، ڄڻ اُهي عمارتون هُو پنھنجي ذاتي سُک لاءِ ٺهرائي ويا هجن. اهڙن ڌَنويرن ۾ سيٺ لُڻيندا سنگهه بجاج کي وسارڻ وڏي ناانصافي ٿيندي، جنهن سياسي هلچل کان وٺي سماجي خدمت تائين خوب پاڻ ملهايو. هُن جي ڏُور رس نگاهه سچ پچ ته شڪارپور جي شھرين لاءِ هڪ وڏو آٿت ثابت ٿي. ماضيءَ ۾ عوام لاءِ سندس ادا ڪيل ڪردار تي نظر وجهجي ٿي ته کيس جَس ڏيڻ کانسواءِ رهِي نٿو سگهجي!