راءِ بهادر انجنيئر موٽُومل
آسراڻي
حسيب ناياب منگي
جھڙيءَ ريت شڪارپور جي ماڻھن جي
رهڻي ڪھڻي اعليٰ رهندي آئي آهي، تھڙيءَ طرح ئي هو کاڌي پيتي جا به شوقين رهيا آهن.
روشنين سان شھر کي روشن ڪرڻ وارا ۽ ميلن ملاکڙن ۽ ٻي راند روند سان پنھنجي زندگيءَ
۾ خوشين جا رنگَ ڀري خوشگوار زندگي گذارڻ وارا هي زندھه دل شھري هر دؤر ۾ پنھنجي ڀيٽَ
پاڻ ئي رھيا آهن. هو پنھنجي شھر جي ترقيءَ لاءِ پنھنجي کيسي مان خرچ ڪندي به ڪونه ڪيٻائيندا
هئا. شڪارپور جي ماڻھن شھرَ جي علمي، سماجي توڙي ثقافتي ادارن جي تعمير ۽ ترقيءَ
لاءِ جنھن نموني پاڻ ملهايو آهي، تنهن جو ذڪر اڄ به تاريخ جي ورقن ۾ سونھري اکرن
سان لکيل آهي. هن خوشقسمت شھر جي هر گهٽيءَ ۾ پڙهيل لکيل، واپاري، آفيسر طبقي جي
ماڻهن توڙي سماجي املھه موتين جو، هر زماني ۾ ڄمڻ به شڪارپور جي ترقيءَ جو هڪ اهم
سبب رهيو آهي. وقت بوقت اهي سڀئي پنهنجي شھر ۽ شھرين جي ڀلائيءَ لاءِ پاڻ پتوڙيندا
رهيا ۽ انھن جو آواز، مسئلن جو حل ثابت ٿيندو رهيو.