; سنڌي شخصيتون: صلاح الدين پنهور، حسين ڪپري، ٻاورلو،
Showing posts with label صلاح الدين پنهور، حسين ڪپري، ٻاورلو،. Show all posts
Showing posts with label صلاح الدين پنهور، حسين ڪپري، ٻاورلو،. Show all posts

22 December, 2025

صلاح الدين پنهور

صلاح الدين پنهور

جنين جڳ جرڪايو

حسين ڪپري

صلاح الدين پنهور سان سڃاڻپ پراڻي، تعلق موچارو ۽ ملڻ بي قاعدا رهيو. ساڳي شهر ۾ ڪجهه سال گڏ رلياسين، کلياسين، بحث ڪياسين، ڪڏهن وڙهي، ڪڏهن پرچي اٿياسين. ماڻهو همراز هجي، غمگسار هجي، هجت ڪري سگهي ته وقت سٺو گذري ٿو.

مگر هر شخص جي اندر ۾ هڪ ٻي دنيا به هوندي آهي، جنهن جي قربتن ۾ فاصلا ۽ نزديڪين ۾ دوريون رهنديون آهن، تنهنڪري سالن جي واقفيت جي باوجود به کيس گهڻو ڪو نه سڃاڻان.