ڊاڪٽر ثناءُ الله رستماڻي
ياد رفتگان
ميان مير چانڊيو
موسمون بدلبيون رهنديون آھن،
انساني سوچ جا معيار به وقت سان بدلبا رهندا آھن. ماڻھن جي موسمن، محبتن، ماڻھن،
جانورن، آرٽ، ادب، ۽ نظرين ڏانهن رويا ۽ خيال به بدلجندا رهندا آھن. جيئن جڏھن سخت
سرديون ٿين ٿيون ته ماڻھو پنهنجي سر، سيءَ مان تنگ ٿي اونهاري جو انتظار ڪرڻ لڳندا
آھن ۽ جڏھن وري اونهارو شروع ٿيندو آھي ته سياري جو انتظار ۽ گهرج ٿيڻ شروع ٿيندي
آھي. اهڙي طرح ماڻھن جو گهاٽيون ياريون وري روين ذاتي مفادن جي بنياد تي ٽُٽي ڦاٽي
دشمنين ۾ بدلبيون رهنديون آھن يا وري پالتو جانورن مان جڏھن انسانن جا مفاد ختم ٿيندا
آھن، مثال طور، ڊوڙندڙ ڏاندن جو پوڙهو ٿي وڃڻ، ڀلين ڪنڊين مينهن جو کير گهٽائي وڃڻ،
گهوڙن جو پوڙهو ٿي وڃڻ يا ٻين سببن ڪري من پسند جانورن ۾ خاميون نظراچڻ لڳنديون
آھن، جنهن ڪري اهي ناپسند جي بنياد تي يا وري ضرورت ڄاڻائي وڪيا ويندا آھن. نظريا
به ائين ماڻھن جي دلين ۾ سٺا ۽ خراب بڻجي واسو ڪرڻ لڳندا آھن. پر ٿورا ئي اهڙا
انسان هوندا آھن جيڪي موسمن، محبتن، جانورن توڙي انسانن سان قائم ڪيل سندن اڳوڻي
عقيدت يا اظهار سان هميشه رهندا آھن.