; سنڌي شخصيتون: ڊاڪٽر غلام محمد لاکو، محمد پُنهل ڏهر،
Showing posts with label ڊاڪٽر غلام محمد لاکو، محمد پُنهل ڏهر،. Show all posts
Showing posts with label ڊاڪٽر غلام محمد لاکو، محمد پُنهل ڏهر،. Show all posts

21 December, 2025

ڊاڪٽر غلام محمد لاکو

ڊاڪٽر غلام محمد لاکو

سوانح ۽ سندس علمي ادبي ڪارناما

محمد پُنهل ڏهر

ڊاڪٽر غلام محمد لاکو ملڪ جي انھن ناميارن عالمن، اديبن ۽ محققن مان هڪ هو، جن تحقيق جي ميدان ۾ ملڪي سطح تي تمام گهڻي شھرت ماڻي. هن تاريخ ۶ جولاءِ ۱۹۵۴ع تي ڳوٺ مٺا خان جوکيو (تعلقو دولتپور صفن ضلعو شھيد بينظيرآباد) ۾ محمد ابراهيم لاکي جي گهر ۾ جنم ورتو. محمد ابراهيم لاکي کي پنجن پٽن ۽ هڪ نياڻي جو اولاد هو، ڊاڪٽر غلام محمد لاکو سندس پٽن جي اولاد مان ٻئي نمبر تي هو.