; سنڌي شخصيتون: زاهده حنا، اياز لطيف دايو،
Showing posts with label زاهده حنا، اياز لطيف دايو،. Show all posts
Showing posts with label زاهده حنا، اياز لطيف دايو،. Show all posts

22 December, 2025

زاهده حنا

زاهده حنا

قصو سندس بيماريءَ ۽ ساڻس ملاقات جو

اياز لطيف دايو


”عورت ٿيڻ، افسانا لکڻ، اختلاف ڪرڻ، ٽيئي اسان جي سماج جون خرابيون آهن ۽ مان انهن جو مجموعو آهيان“هي لفظ آهن زاهده حنا جا جنهن جا کوڙ سارا تعارف آهن، ڪالم نويس، افسانا نگار، ڊراما نويس، شاعرا پر هن جو تمام وڏو ۽ شاندار تعارف اهو آهي ته جڏهن سندس خدمتن جي عيوض ۲۰۰۶ع ۾ پرائيڊ آف پرفارمنس ڏيڻ جو اعلان ڪيو ويو ته هن اهو انهيءَ دور جي آمر مشرف جي هٿان وٺڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، ڇاڪاڻ ته هن سموري زندگي ملڪ جي مظلوم محڪوم ۽ مجبور ماڻهن جي ڪيمپ جي طرفداري ڪندي پنهنجي قلم انهن جي لاءِ استعمال ڪئي ته اهو ممڪن نه هو ته هوءَ ڪنهن ڦورو، لٽيري ۽ غاصب حڪمران کان اهڙو اعزاز حاصل ڪرڻ ۾ فخر محسوس ڪري ، اها زاهده حنا جنهن جي ڪهاڻي کي فيض احمد فيض جهڙي انقلابي شاعر انگريزي ۾ ترجمو ڪيو، انهيءَ ۱۹۷۰ ۾ ناليواري شاعر جون ايليا سان انهي وقت پيار جي شادي ڪئي هئي، جڏهن جون ايليا هڪ ادبي رسالي انشاء جو ايڊيٽر هو، ٻنهي جي ملاقات ٿي ۽ هڪٻئي جي رومانس جي احساسن کي انهن پنهنجي عمر جي ويجهو اچڻ نه ڏنو ڇاڪاڻ ته جون ايليا زاھدہ حنا کان چوڏهن پندرهن سال عمر ۾ وڏو هو، انهن جي وچ ۾ گهڻو عرصو اهو محبتن جو سٻنڌ جاري رهي نه سگهيو ۽ ۱۹۸۰ع ۾ ٻنهي جي وچ ۾ طلاق ٿي وئي، ٻنهي گڏجي رضامندي سان هڪٻئي کان ڌار ٿيڻ جو فيصلو ڪيو ۽ نشاني طور انهن ٻن ڌيئرن فنانا، سهانا ۽ هڪ پٽ زريون کي جنم ڏنو، جيڪي هاڻي پنهنجي ماءُ سان گڏ آهن، ٻنهي جي وچ ۾ علحدگي ٿيڻي هئي ٿي وئي پر جون ايليا پنهنجي زندگيءَ کي اڌورو سمجهي شراب نوشي ۾ پناهه ورتي، فراريت هن جي وجود ۾ داخل ٿي وئي ۽ ۲۰۰۲ ۾ هو ڪافي ڏينهن بيمارين سان جهيڙيندي ابدي سفر ڏي راهي ٿي ويو پر برصغير هڪڙي اردو جي عظيم شاعر کان محروم ٿي ويو، جون ۽ زاهده جي ڌار ٿيڻ بعد ٻنهي جو علمي، ادبي فڪري ۽ شعوري سفر جاري رهيو، ڇاڪاڻ ته انهن جي تربيت ئي اهڙي گهراڻي ۾ ٿي هئي جتي علم ۽ ادب جي مشعل کين ورثي ۾ ملي هئي.