نثار احمد هَڪڙو
سنڌ جو سچو عاشق
حسيب ناياب منگي
سنڌ سان
پيار ڪندڙ ۽ سنڌ جي خوشحاليءَ جا خواب ڏسندڙ، سنڌ مان ناانصافيءَ جي پاڙ پٽڻ لاءِ
وقت به وقت پنهنجي اعليٰ صلاحيتن جو استعمال ڪندڙ توڙي پنهنجي تقريرن ۽ تحريرن
وسيلي نوجوانن جي سيرتن جو ٺاهيندڙ سائين نثار هڪڙو پنهنجي خدا داد صلاحيتن جي ڪري
پنهنجي اباڻي شهر شڪارپور ۾ ئي نه پر سنڌ ۽ سنڌ کان ٻاهر به نالو ڪڍندڙ توڙي پاڻ
مڃرائيندڙ شخص هو. هن جون ڪچهريون ۽ هن جون ڳالهيون ڪنهن درس کان گهٽ نه هيون. هن
پنهنجي آدرشن کي جنهن شخصيت جي پوئلڳي تي پنهنجي جيون جو حصو بڻايو هو، سو هو
سائين جي ايم سيد! سيد جي وائيءَ کي وات رکي هو سرهو ٿيندو هو. سندس فڪر مان به ته
ڏات جا ڏهه ڏهه ڏيئا روشن ٿيندا هئا. سيد جا پيروڪار ڪتاب ۽ اخلاق کان پري هجن اهو
ممڪن ئي نه هو. سائين نثار هڪڙو به ان راهه جو راهي هو. فضيلت وارو، خوش اخلاق ۽
خوش لباس! ڳالهائڻ جو پيارو ۽ محبت ڪرڻ وارو هو. صلاحن جو گهر، منجهيل کي رستو
ڏيکاريندڙ ۽ هٿ جو سخي هو. محتاجن جي مدد ڪرڻ ۽ غريبن جي واهر ڪرڻ سان گڏوگڏ کين
هٿ پير هڻڻ جي تلقين به ڪندو هو. وس پڄندي کين روزيءَ سان به رسائيندو هو. سچ ته
هو عبدالواحد آريسر ۽ شهيد قيوم منگيءَ وانگر سياسي، سماجي ۽ ادبي طور تي سائين جي
ايم سيد جو سچو ۽ پڪو مقلد هو. سائينءَ جيان آزاديءَ جا خواب هن جي سوچ جو محور
هئا. هُو انسانن جي ظالمن قوتن آڏو قيدي هئڻ جو مخالف هو. پوءِ اها قيد ضمير جي
هجي يا خيالن جي هجي. هو پنهنجي بلند خيالن سان ڪيترائي ذهن صاف ڪري ويو ۽ گهڻا
مئل ضمير سندس سجاڳ لفظن توڙي سهڻي سمجهاڻيءَ سان بيدار ٿيا. جيئي سنڌ محاذ جي
آئين سازيءَ کان تحريڪ جي ڪاميابي تائين سائين نثار هڪڙي جون بي انت خدمتون
سرانجام ڏنل آهن، تن کي ڪڏهن به فراموش نٿو ڪري سگهجي.






