; سنڌي شخصيتون

05 April, 2016

مٺو ڪلهوڙو - محمد عثمان ميمڻ

مٺو ڪلهوڙو
سُر جو چمڪندڙ ستارو
محمد عثمان ميمڻ
مٺو ڪلهوڙي لاءِ رئيس ڪريم بخش نظاماڻيءَ پنهنجي آتم ڪٿا ’ڪيئي ڪتاب‘ جلد پهرئين ۾ لکيو آهي ته: ”ناچو ڳائڻ وارا، جيڪي ميڙن ۾ وڃي ڳائيندا ۽ نچندا هئا، سي مختصر هئا، تن جا ميلن ۾ نهايت مشهور ۽ چمڪندڙ جوڙ هوندا هئا، جيڪي ناچڻين کان به ڪثر ۽ گوءِ کڻي ويندا هئا..... جيوڻي ٻائي ۽ ماسٽر چندر جو مقابلو فقط گرامون فون رڪارڊنگس تائين محدود هوندو هو، باقي ميڙن ۽ ميلن ۾ چندر جو مقابلو صرف مٺو ڪلهوڙي سان هوندو هو. مٺو ڪلهوڙو موقعه شناس، رمز آشنا، آواز باز ۽ نهايت ڀاڳاون هوندو هو، مٺو ڪلهوڙي جا به ڪيئي رڪارڊ گرامون رڪارڊ ڀريا ويا، جن ڪافي شهرت حاصل ڪئي. جن ۾ سندس اواز ۾ ڀريل رڪارڊ ’طوطل تِوِ وِوِ، تِوِ وِوِ‘ ڪافي شهرت حاصل ڪئي ۽ هزارن جي تعداد ۾ هليو ۽ وڪرو ٿيو.“

محمد خان جوڻيجو ارشاد احمد بوزار

محمد خان جوڻيجو
ارشاد احمد بوزار
JunejoPM.jpg18 مارچ 1993ع تي اڳوڻو وزيراعظم ۽ پاڪستان مسلم ليگ جو صدر محمد خان جوڻيجو وفات ڪري ويو هو. مرحوم پاڪستان جي سياست ۾ اهم مقام رکندو هو. دوست توڙي دشمن سندس ايمانداري، شرافت ۽ سادگي جا قائل هئا. هر ڪو کيس عزت جي نگاهه سان ڏسندو هو. محمد خان جوڻيجو هڪ غير متنازع ۽ قابل احترام شخصيت جو مالڪ هو.
محمد خان جوڻيجو 18 آگسٽ 1932ع تي ضلعي سانگهڙ جي ننڍڙي شهر سنڌڙيءَ ۾ پيدا ٿيو. سندس والد جو نالو دين محمد خان هو، جنهن کي خانصاحب دين محمد خان چيو ويندو هو. خان صاحب جي وفات وقت محمد خان اڃا صغير هو، کيس والده نهايت لاڏ ڪوڏ سان پاليو. ميرپورخاص مان ابتدائي تعليم حاصل ڪرڻ کانپوءِ وڌيڪ تعليم لاءِ محمد خان کي ڪراچي موڪليو ويو، جتي هن سينٽ پيٽرڪ اسڪول مان تعليم حاصل ڪئي. مرحوم جو خانداني پيشو زمينداري هو، جنهن جي ترقي لاءِ هو لنڊن پڙهڻ ويو، جتي هن زراعت ۾ وڏي ڊگري حاصل ڪئي. محمد خان جوڻيجي ٻاويهه سالن جي ڄمار ۾ سياسي ميدان ۾ پير پاتو. پهرين سانگهڙ ڊسٽرڪٽ بورڊ جو ميمبر چونڊيو ويو بعد ۾ کيس چيئرمين چونڊيو ويو. 1962ع ۾ مرحوم اولهه پاڪستان جي اسيمبلي جو ميمبر منتخب ٿيو. صدر فيلڊ مارشل ايوب خان جي دور ۾ ريلوي جو وزير رهيو. مرحوم تمام ٿورو وقت پيپلز پارٽي ۾ به رهيو پر جلد ئي پارٽي کي الوداع ڪيائين.

04 April, 2016

مايا رام راٺي - رشيد سومرو

مايا رام راٺي
عبرت جي گلدستي مان ڇڻي ويل گل
رشيد سومرو
روزاني عبرت کي پنهنجي حياتي جا سٺ سال ارپيندڙ روزاني عبرت جو ايڊورٽائيزمينٽ مئنيجر مايا رام راٺي هاڻي اسان ۾ نه رهيو آهي، پر هن جو ڪردار، عملي خدمت ۽ پنهنجي اداري جي ڪيل خدمت تاريخ جي ورقن ۾ هميشه زنده رهندي. مايا رام راٺي بظاهر مزاج جو ڪڙڪ پر هو اندر جو وڏو شفيق ۽ عظيم انسان هو. هن جي پوري زندگي جو محور هن جو گهر ۽ هن جي آفيس هو. هو صبح جو سوير پنهنجي آفيس ۾ اچي سڄو ڏينهن ڪم ڪرڻ ۾ گذاري رات جو دير سان واپس پنهنجي گهر هليو ويندو هو. هن عظيم انسان جي پنهنجي پيشي سان وفاداري جي انتها ۽ اخلاص جو اندازو ان ڳالهه مان لڳائي سگهجي ٿو ته اٺ سال اڳ هن کي دل جو دورو پيو ۽ فالج جو حملو ٿيو. ان جي باوجود هو هر روز پنهنجي آفيس ۾ اچي حسب معمول هڪ هٿ سان پنهنجو آفيس جو ڪم ڪندو هو ۽ جڏهن 14 آگسٽ يا شهيد ڀٽو جي ورسي جي موقعن تي ورتل اشتهار هن وٽ آفيس آندا ويندا هئا ته بيماري ۽ معذوري جي باوجود هو خود انهن کي وصول ڪندو هو.

ڊاڪٽر ابو سلمان شاهجهانپوري - مختيار ملاح

ڊاڪٽر ابو سلمان شاهجهانپوري
مختيار ملاح
تاريخ پاڪستان ۾ سنڌ جو تمام وڏو حصوآهي، بلڪ ڪيتريون ئي تحريڪون سنڌ مان شروع ٿيون، جن سنڌ جي قومي ڪارڪنن ۽ اڳواڻن پوري هندستان ۾ انهن تحريڪن کي واڌيو ۽ فعال بنايو. انهن جي ڊگهي فهرست آهي. مسلم ليگ جي ٺهڻ کان وٺي پاڪستان جي گهر ۽ اسيمبلي تائين ۽  پاڪستان جي ٺهراءَ تائين سنڌ جو ڪردار تمام ڀرپور رهيو. خلافت تحريڪ ۽ ريشمي رومال تحريڪن ۾ به سنڌ جي اڳواڻن جو اهم ڪردار رهيو هو. انهن تحريڪن جي تاريخ تي ڪيترن ئي ليکڪن پنهنجا ڪتاب لکيا آهن، مگر جنهن دل لڳيءَ ۽ جستجو سان ڊاڪٽر ابو سلمان لکيو آهي، ان جو مثال ملڻ مشڪل آهي.

28 March, 2016

مير صفي الله ”فدا“ علوي - حسيب ناياب منگي

مير صفي الله ”فدا“ علوي
حسيب ناياب منگي
شڪارپور جڏهن سنڌ جي سونهن هو، تڏهن علم ۽ ادب جي دنيا جو روشن ستارو به هو، سياست، تعليم، ادب ۽ واپار تائين هر شعبي ۾ هتان جو ماڻهو زور نڪتو، انهن ناميارن مان حضرت حاجي فقير الله علوي رحه جي خاندان جو چشم و چراغ جنهن جي علمي روشني ۽ اخلاق جا ڪرڻا نه صرف ٻارن جي رهبري ۽ رهنمائي لاءِ ڪم آيا، پر سخن طرازيءَ ۾ به جوهر ڏيکاري ويو. اسان وٽ اهڙن ماڻهن کي نظرانداز ڪري تاريخ سان ۽ انهن ڪردارن سان ڪيڏي نه ناانصافي ڪئي ويندي آهي، اهڙي سزا سالن تائين نسلون ڀوڳينديون آهن، اهڙي صورت ۾ جو ڪردارن جي ڪيل ادبي پورهئي مٿان مٽيءَ جا دز ڄمي ويندا آهن، نه اهو منظر عام تي اچي سگهبو آهي نه وري ان مان ڪو ڪجهه پرائي سگهندو آهي، يا سندن پورهيو چورائجي ويندو آهي يا وري اوڏهيءَ جي نظر ٿي ختم ٿي ويندو آهي. هن ڪردار سان به ڪجهه ائين ئي ٿيل آهي، ورقن جا ورق جيڪي لکي ويو، سي محفوظ به نه ٿي سگهيا نه ئي سندس ڪو ڪتاب ئي ڇپجي سگهيو. نانصافي اها به ته چئبي جو سنڌي ادب جو ابو شمس العلما مرزا قليچ بيگ شڪارپور جي ٻن صاحب ڪتاب شاعرن عبدالغفور مفتون همايوني ۽ مير علي نواز علوي لاءِ لکيو هو ته:

وينا شرنگي

وينا شرنگي

ريڊيو کان سنڌي ادب ۽ ثقافت تائين

مير اعظم علي ٽالپر



سنڌ ڄائي شهدادڪوٽ جي شهزاديءَ وينا شرنگي جو نالو اڄڪلهه سنڌ ۽ هنڌ جي ادب، ثقافت ۽ فن جي دنيا ۾ هڪ ڄاتل سڃاتل سمجهيو وڃي ٿو. پر آئون نومبر ۱۹۷۱ع کان ان وقت واقف ٿيس جڏهن هندستان سرڪار ۱۹۷۱ع جي جنگ جي خبرن لاءِ اولهه پاڪستان ۾ رسائي حاصل ڪرڻ لاءِ ان وقت اردو، بنگالي، سنڌي ريڊيو جي نشريات لاءِ ايڪسٽرنل سروس جي شروعات ڪئي. جڏهن روزانه شام ۵ بجي کان ۶ بجي تائين هڪ سنڌي پروگرام خاص سنڌ واسين لاءِ نشر ٿيڻ لڳو، بنگالين لاءِ ڪلڪتو، اگر تلا، ڪشميرين لاءِ وادي ڪي آواز (سري نگر)، پنجاب لاءِ امرتسر ريڊيو اسٽيشن اڳ ۾ ڪم ڪندڙ هنيون. ان وقت آل انڊيا ورلڊ جي سنڌي سروس ۾ نارائڻ پارواڻي اول نمبر تي هوندي هئي، جنهن ۾ نوان آواز شاليني هاڻ شالني ساگر آهي ۽ وينا شرنگي ٻئي ڀينرون پڻ سنڌي سروس ۾ شامل ٿي ويون.

15 February, 2016

شهيد شاهجهان - وزير فرهاد سولنگي

شهيد شاهجهان
دادو جو معصوم
وزير فرهاد سولنگي
دادو شهر جي چاندني چوڪ پاڙي ۾ رهندڙ هڪ استاد لالا عبدالستار قريشي جنهن پنهنجي سڄي زندگي درس و تدريس ڏيندي گذاري ۽ پاڻ ڊگري ڪاليج دادو ۾ فزيڪل استاد جي حيثيت سان پنهنجون خدمتون ڏيندو رهيو. هن 1985ع ڌاري پنهنجي ئي ڪٽنب مان شادي ڪئي ۽ کيس پنجن ٻارن جو اولاد ٿيو، جنهن ۾ هر هڪ 1. شاهه رخ، 2. ڪنول، 3. شهريار، 4. شاهجهان، 5. شاهزيب آهن.

سائين سليم سولنگي - لياقت علي ٿهيم

سائين سليم سولنگي
هڪڙو پيارو ماڻهو
لياقت علي ٿهيم
سائين سليم سان منهنجي ملاقات جو سبب، انگريزي ٻولي هئي، جي انگريزي سکڻ جو شوق نه هجيم ها ته شايد سائين سان ملڻ نصيب نه ٿئي ها ۽ جيڪڏهن سائين سان نه ملان ها ته ڪڏهن به لکڻ ۽ پڙهڻ نه اچيم ها. ٿيو هينئن جو ميٽرڪ پاس ڪرڻ بعد مون کي خبر پئي ته مون کي ڪجھه به نٿو اچي، نه حساب، نه ڊرائنگ، نه سنڌي نه سائنس، نه ڳالهائڻ ٿو اچيم نه لکڻ. سوچيم هاڻي ڇا ڪريان جو ڪنهن نه ڪنهن موضوع جي باري ۾ ڪجھه ته اچي جو ڪاليج ۾ داخلا وٺان. منهنجي هڪ مائٽ، ڪاليج جي ڏينهن ۾ سائين سليم جا ڪجھه ڪلاس اٽينڊ ڪيا هئا. تنهن صلاح ڏني ته تون سليم سولنگي وٽ وڃي پڙھ، توکي ٻن ٽن مهينن ۾ انگريزي پڙهڻ جيتري ٻولي اچي ويندي.

14 February, 2016

آسو ڪولهي - شهر بانو

آسو ڪولهي
تعليم لاءِ جاکوڙيندڙ ھڪ باھمت ۽ باحوصله عورت جي ڪٿا
پينل: شهر بانو، آصف ٿيٻو ۽ سارنگ جويو


سوال: توهان سان زندگي جو ايڏو وڏو حادثو ڪئين پيش آيو؟
آسو ڪولهي؛ منهنجي ڄمڻ جي تاريخ 13 نومبر 1994ع آهي. بابا سائين چوندو هيو ته، جڏهن مان ٻن سالن جي هُيَس ان وقت تيز بُخار جي صورت ۾ انجيڪشن لڳائي وئي، جنهن جي ڪري منهنجي هڪ ڄنگهه مُتاثر ٿي. مان ان وقت ٻار هُيَس مون کي اندازو نه هيو زندگي ۾ پيش ايندڙ ڊاڪٽر جي غلطي جي ڪري منهنجي زندگي جون مُسڪراهٽون ايئن ختم ٿي وينديون. نيٺ وقت هلندو رهيو، جڏهن پنجن سالن جي ٿيس ته بابا سائين مون کي اسڪول ۾ داخل ڪرايو. منهنجي بابا جي خواهش هئي ته مان پڙهي لکي استاد ٿيان. بابا چوندو هو ته، جيڪي غريب ٻارڙا آهن انهن کي ضرور تعليم ڏجان. جڏهن پهرين ڏينهن منهنجو بابا مون کي اسڪول ڇڏڻ هليو ته مون کي چيائين ته پُٽَ هڪ پڙهيل لکيل عورت پوري معاشري کي پڙهائيندي ۽ سُڌاريندي آهي. بابا سائين جو خواب هو ته مان هن معاشري کي تعليم جي ذريعي تبديل ڪريان. تعليم ته پري جي ڳالهه آهي،  پر اسان جي عورت کي هميشه پردي ۾ رکيو ويندو آهي. ان عورت کي اهو حق به ناهي هوندو ته، پردو کولي پنهنجي حق لاءِ آواز بُلند ڪري سگهي. عورت کي پنهنجي حق لاءِ ڳالهائڻ تي به ڏوهي سمجهيو ويندو آهي. مرد هميشه عورت کي پنهنجي پيرن جي جُتيءَ برابر سمجهيو آهي، پر مرد کي ان ڳالهه جو بلڪل احساس ناهي هوندو ته، هڪ عورت ڪنهن جي ڀيڻ هوندي آهي، ڪنهن جي زال هوندي آهي، جڏهن اها ساڳي عورت ماءُ جو روپ وٺي ٿي ان وقت ان جي پيرن هيٺان جنت هوندي آهي. ان ئي عورت تي هميشه کان ظُلم ٿيندو رهيو آهي. بابا سائين هميشه اهو چوندو هو ته عورت ديوي جو روپ آهي، ان ديوي تي هي  کوکلو سماج  سدائين ظُلم ڪندو رهيو آهي. ان ڪري ئي بابا سائين مون کي پڙهايو ته، آئون پورا پنج سال گوڏن تي گِسڪي گِسڪي اسڪول ويندي هُيَس، جڏهن شام جو گهر واپس موٽندي هُيَس ته بابا چوندو هو ته، ”پُٽَ آسو ڪڏهن به همت نه هارجان،  پنهنجو حوصلو هميشه بُلند رکجان.“ اسان وَٽ تمام گهڻي غربت هوندي هئي. تڏهن بابا مون کي ڏهه رپيا خرچي ڏيندو هيو، تنهن مان مونکي ٻن بَسُن جو سفر ڪري ساماري  پهچڻو هوندو هو. ان وقت مون ڇهين ڪلاس ۾ داخلا ورتي هئي، جڏهن مان مئٽرڪ جو امتحان ڏنو هو، ان وقت منهنجو بابا سخت بيمار ٿي پيو هو. ڪافي علاج ڪرايو، ڊاڪٽرن ڪاري سائي ڏَسي، جنهن کي هاڻي جديد دور ۾ هيپاٽائيٽس سي چوندا آهن. مان جڏهن اسڪول مان واپس موٽيس ته بابا جي طبيعت تمام گهڻي خراب هئي. بابا مون کي آخري لفظ اهي چيا ته پُٽ آسو زندگي ۾ حوصلو ڪڏهن به نه هارجان. بابا کان پوءِ منهنجي امڙ محنت ڪري، مزدوري ڪري مون کي (بي اي) تائين پهچايو. تنهن کان پوءِ جڏهن مان پنهنجا ڪاغذ کڻي چونڊيل نمائندن وٽ وَيَس ته انهن مون سان کوڙ سارا وَچن ڪيا ته؛ ”اسان تو کي آر او پلانٽ  ڏينداسين، تنهنجي ڳوٺ کي بجلي ڏينداسين، مون انهن کي صرف ايترو عرض ڪيو ته، مون کي ڪجهه نه ٿو کپي، مون کي صرف توهان ماستريٰ جو آرڊر ڏيو ته، جيئن مان پنهنجي زندگي جو مقصد جاري رکي سگهان، پر انهن نمائندن آخر ۾ مون کي صرف سؤ رپيا ڏئي روانو ڪيو، پر پوءِ به مون همت نه هاري نيٺ مون پنهنجي همت سان پنهجي ڳوٺ جي ٻارن کي ويهاري تعليم جي شروعات ڪئي.

ڊاڪٽر جي ايم مهڪري - مختيار احمد ملاح

ڊاڪٽر جي ايم مهڪري
سندس تاريخي خدمتون
مختيار احمد ملاح
سنڌ جي مٽيءَ ۾ هڪ خاص ڪشش آهي، هتي جيڪي به ٻاهران آيا، انهن هن مٽيءَ سان محبت ڪئي آهي، هن ڌرتي جي علم ۽ ادب سان پنهنجو رشتو جوڙيو آهي، تاريخون لکيون آهن، نون ۽ پراڻن مسئلن جي نشاندهي ڪئي آهي، انهن جا حل ٻڌايا آهن، يا چوڻ گهرجي ته هنن سنڌ لاءِ پنهنجو پاڻ کي ارپي  ڇڏيو آهي، اهڙن نالن ۾ هڪ نالو  ڊاڪٽر جي ايم مهڪري به جو به آهي جيڪو علمي ۽ ادبي دنيا ۾ وڏي حيثيت رکي ٿو.

قاضي محمد اڪبر

قاضي محمد اڪبر

سياست ۽ صحافت جو معتبر نانءُ

وجاهت حسين



سنڌ پنهنجي ڪُک مان سدائين اهڙين شخصيتن کي پئي جنم ڏنو آهي، جن سدائين پنهنجي صلاحيتن سان پنهنجي وطن واسين جي سُک سلامتيءَ لاءِ پاڻ پتوڙيو آهي. سماج ۾ جيڪڏهن ٿوري گهڻي سجاڳي آهي، ماڻهو ڀلي بُري جي پرک رکن ٿا ته اُن پٺيان اُنهن شخصيتن جي محنتن جو ئي ڪمال آهي. پر افسوس ته اسان ويساري مزاج سبب اُنهن کي گهربل مانُ نٿا ڏيون. جيڪا هن سماج جي بدقسمتي ئي چئي سگهجي ٿي.

مظهر يوسف - مختيار احمد ملاح

مظهر يوسف
سنڌي علم ۽ ادب لاءِ ڪيل سندس خدمتون
مختيار احمد ملاح
سنڌي ٻولي ادب، ثقافت، آرڪيالاجي ۽ ٻين شعبن ۾ فقط سنڌي عالمن اديبن ئي نه جاکوڙيو آهي، مگر ڪيترا ئي اهڙا اهل قلم، دانشور عالم وغيره ملندا، جن جو جنم ته سنڌ ۾ ڪو نه ٿيو هو، پر انهن سنڌ جي خدمت پنهنجي دل ۽ جان سان ڪئي آهي. اهڙن نالن ۾ هڪ نالو مظهر يوسف جو به آهي. هو خود هڪ جاءِ تي لکي ٿو ته “مون وانگر ڊاڪٽر مهڪري پاڻ کي سنڌ لاءِ وقف ڪري ڇڏيو هو. جيتوڻيڪ اسان ٻنهي کي پنهنجي اباڻن شهرن سان پيار آهي، هن کي بئنگلور سان ۽ مون کي ميرٺ سان، پر اسان پنهنجي وس آهر سنڌ جي خدمت ڪئي آهي.

04 February, 2016

گلزار علي خان سانگھڙائي

گلزار علي خان سانگھڙائي

سدا حيات ۽ ڪلاڪار خانصاحب استاد

ناصر مقصود گل



مولا علي عليه السلام جن جو فرمانِ عاليشان آهي ته: ”هڪ عالِم جو موت، پوري عالَم جو موت آهي“ ڇاڪاڻ ته هڪ علم وارو انسان، جڏهن هي جهان ڇڏي پنهنجي خالقِ حقيقي سان وڃي ملندو آهي ته پنهنجي پٺيان پوريءَ دنيا کي سوڳوار ڇڏي ويندو آهي. جيڪڏهن مولا علي عليه السلام جي هن قول جي گهرائيءَ تائين وڃجي ته ان جو مقصد اهوئي آهي ته علم کي اهڙي فضيلت ۽ درجو حاصل آهي، جو جڏهن هڪ علم وارو انسان هِن جهان مان هن جهان ڏي روانو ٿيندو آهي ته اڻ گھڙيءَ ڄڻ ته سندس فيض کان پورو عالَم محروم ٿي ويندو آهي. علم وارا انسان فرد واحد هوندي به اهڙن ادارن مثل هوندا آهن، جيڪي ڏات ۽ فن جي ڪري سدائين قدر دان ماڻهن جي دلين ۾ آباد هوندا آهن، اهي ماڻهو جهڙيءَ ريت جيئري ماڻهن جون دليون جيئاريندا رهندا آهن، اهڙيءَ ريت سان مُئي پڄاڻان سموري ديس کي اداس ڪري ويندا آهن.