05 April, 2016
مٺو ڪلهوڙو - محمد عثمان ميمڻ
محمد خان جوڻيجو ارشاد احمد بوزار
18 مارچ 1993ع تي اڳوڻو وزيراعظم
۽ پاڪستان مسلم ليگ جو صدر محمد خان جوڻيجو وفات ڪري ويو هو. مرحوم پاڪستان جي سياست
۾ اهم مقام رکندو هو. دوست توڙي دشمن سندس ايمانداري، شرافت ۽ سادگي جا قائل هئا. هر
ڪو کيس عزت جي نگاهه سان ڏسندو هو. محمد خان جوڻيجو هڪ غير متنازع ۽ قابل احترام شخصيت
جو مالڪ هو.04 April, 2016
مايا رام راٺي - رشيد سومرو
ڊاڪٽر ابو سلمان شاهجهانپوري - مختيار ملاح
28 March, 2016
مير صفي الله ”فدا“ علوي - حسيب ناياب منگي
وينا شرنگي
وينا شرنگي
ريڊيو کان سنڌي ادب ۽ ثقافت تائين
مير اعظم علي ٽالپر
سنڌ ڄائي شهدادڪوٽ جي شهزاديءَ وينا
شرنگي جو نالو اڄڪلهه سنڌ ۽ هنڌ جي ادب، ثقافت ۽ فن جي دنيا ۾ هڪ ڄاتل سڃاتل سمجهيو
وڃي ٿو. پر آئون نومبر ۱۹۷۱ع کان ان
وقت واقف ٿيس جڏهن هندستان سرڪار ۱۹۷۱ع جي جنگ
جي خبرن لاءِ اولهه پاڪستان ۾ رسائي حاصل ڪرڻ لاءِ ان وقت اردو، بنگالي، سنڌي ريڊيو
جي نشريات لاءِ ايڪسٽرنل سروس جي شروعات ڪئي. جڏهن روزانه شام ۵
بجي کان ۶ بجي تائين هڪ سنڌي پروگرام خاص سنڌ واسين لاءِ نشر ٿيڻ لڳو، بنگالين لاءِ ڪلڪتو،
اگر تلا، ڪشميرين لاءِ وادي ڪي آواز (سري نگر)، پنجاب لاءِ امرتسر ريڊيو اسٽيشن اڳ
۾ ڪم ڪندڙ هنيون. ان وقت آل انڊيا ورلڊ جي سنڌي سروس ۾ نارائڻ پارواڻي اول نمبر تي
هوندي هئي، جنهن ۾ نوان آواز شاليني هاڻ شالني ساگر آهي ۽ وينا شرنگي ٻئي ڀينرون پڻ
سنڌي سروس ۾ شامل ٿي ويون.
15 February, 2016
شهيد شاهجهان - وزير فرهاد سولنگي
سائين سليم سولنگي - لياقت علي ٿهيم
14 February, 2016
آسو ڪولهي - شهر بانو
ڊاڪٽر جي ايم مهڪري - مختيار احمد ملاح
قاضي محمد اڪبر
قاضي محمد اڪبر
سياست ۽ صحافت جو معتبر نانءُ
وجاهت حسين
سنڌ پنهنجي ڪُک مان سدائين اهڙين
شخصيتن کي پئي جنم ڏنو آهي، جن سدائين پنهنجي صلاحيتن سان پنهنجي وطن واسين جي سُک
سلامتيءَ لاءِ پاڻ پتوڙيو آهي. سماج ۾ جيڪڏهن ٿوري گهڻي سجاڳي آهي، ماڻهو ڀلي بُري
جي پرک رکن ٿا ته اُن پٺيان اُنهن شخصيتن جي محنتن جو ئي ڪمال آهي. پر افسوس ته اسان
ويساري مزاج سبب اُنهن کي گهربل مانُ نٿا ڏيون. جيڪا هن سماج جي بدقسمتي ئي چئي سگهجي
ٿي.
مظهر يوسف - مختيار احمد ملاح
04 February, 2016
گلزار علي خان سانگھڙائي
گلزار علي خان سانگھڙائي
سدا حيات ۽ ڪلاڪار خانصاحب استاد
ناصر مقصود گل
مولا علي عليه السلام جن جو فرمانِ عاليشان آهي ته: ”هڪ
عالِم جو موت، پوري عالَم جو موت آهي“ ڇاڪاڻ ته هڪ علم وارو انسان، جڏهن هي جهان
ڇڏي پنهنجي خالقِ حقيقي سان وڃي ملندو آهي ته پنهنجي پٺيان پوريءَ دنيا کي سوڳوار
ڇڏي ويندو آهي. جيڪڏهن مولا علي عليه السلام جي هن قول جي گهرائيءَ تائين وڃجي ته
ان جو مقصد اهوئي آهي ته علم کي اهڙي فضيلت ۽ درجو حاصل آهي، جو جڏهن هڪ علم وارو
انسان هِن جهان مان هن جهان ڏي روانو ٿيندو آهي ته اڻ گھڙيءَ ڄڻ ته سندس فيض کان
پورو عالَم محروم ٿي ويندو آهي. علم وارا انسان فرد واحد هوندي به اهڙن ادارن مثل
هوندا آهن، جيڪي ڏات ۽ فن جي ڪري سدائين قدر دان ماڻهن جي دلين ۾ آباد هوندا آهن،
اهي ماڻهو جهڙيءَ ريت جيئري ماڻهن جون دليون جيئاريندا رهندا آهن، اهڙيءَ ريت سان
مُئي پڄاڻان سموري ديس کي اداس ڪري ويندا آهن.







