شيخ فرازي
مان نه شاعر هيس، عشق
ٿيڻ کان اڳي
منير ڊومڪي
سنڌي ادبي آکيڙي ۾ هو نئين ٽهي
جي تخليڪارن منجھ شايد پهريون تخليڪار هوندو، جنهن پنهنجي صوفي منش شخصيت ۽ منفرد ڏات جي ڪري جلد هي منهنجي من اندر آکيرو ٺاهي گهرو
تاثر ڇڏيو، جيئن سنڌ جو “شمشير” صرف هڪڙو ئي هو تيئن لاڙڪاڻي جو هو “فرازي” به صرف
هڪ ئي آهي، ٻيو ڪو به نه. عام زندگيءَ ۾ سڪندر شيخ جي نالي سان ڄاتل سڃاتل هو شخص
تخليق جي دنيا ۾ فرازي جي نالي سان ڄاتو (معاف ڪجو! نه ڄاتو) ويندو آهي. فرازي نئين
نسل جي غزل جي صنف جو هڪ اڀرندڙ مخلص شاعر آهي، هو آزاد
طبع رومانوي شاعر آهي. هن
جا گھرا فڪري خيال به عنبر ۾ هر وقت اڏام ۾ هوندا آهن.هو جمال جو ڪمال جو ڪوي آهي،
سندس اڪثر ڪويتائن ۾ان جو مظهر پڻ نظر اچي ٿو.هو جديد جُڳ جي سنڌي شاعريءَ ۾رديف ۽
قافيو جي قابليت جي حوالي کان پنهجي هڪ الڳ ۽ انفرادي حيثيت رکي ٿو. هن پنهنجي
گھري فڪري شاعريءَ ۾ نوان استعاره ۽ اڻ ڇهندڙ تشبيهون ڪتب آنديون آهن،جيڪي سنڌ جي
اڪثر شاعرن جي شعرن ۾ اڻ لڀ آهن.