; سنڌي شخصيتون

15 January, 2017

محمد بچل تنيو - فضل سليمان قاضي

محمد بچل تنيو
هڪ مفڪر
فضل سليمان قاضي
سنڌ جي سرزمين تي الله تعاليٰ جي خصوصي عنايت رهي آهي جو اتي اعليٰ صفات جا انسان پئدا ٿيا آهن جن جي علم جي بصيرت ۽ علميت سان سنڌ واسيل آهي. ساڳئي وقت، سنڌ ۾ اعليٰ درجي جي محدثن، مفڪرن جو ظهور ٿيندو رهيو آهي. انهن جي تحقيق ۽ تدريس جو سلسلو سنڌ کان ٻاهر عرب ملڪن کي به منور ڪندو رهيو آهي.

05 January, 2017

جسٽس (ر) ظفر حسين مرزا - نصير مرزا


جسٽس (ر) ظفر حسين مرزا

هڪ جرئتمند انسان جو وڇوڙو

جمع ۲۸ آگسٽ ۲۰۱۵ع

نصير مرزا

سنڌ کان اڄ نهايت جرئتمند ۽ پنهنجي فيصلن ۾ To the point جج اسان کان جدا ٿيو آهي. ان ۾ اها جرئت پنهنجي وڏي ڏاڏي مرزا خسرو بيگ مان آئي. جيڪو ٽالپر ميرن جي ايامڪاريءَ ۾ ميرن پاران سفير جي حيثيت ۾ سنڌ دشمن چارلس نيپيئر وٽ سفير بڻجي پهتو هو، ۽ کيس ڀري درٻار ۾ چئلينج ڪيو هو ته ”فرنگي سنڌ ڪا حلوو ڪانهي، جنهن کي تون آساني سان ڳهي ويندين“. مرزا خسرو بيگ جي خانوادي مان هجڻ سبب ئي سنڌ سان هن کي بي پناهه محبت هئي، ۽ هن ساري زندگي سنڌ ڪاز جي لاءِ انصاف جي وڏي سطح تي حمايت ڪئي. جسٽس (ر) ظفر حسين مرزا اهو شاندار ماڻهو ۽ انصاف پسند جج هو، جنهن ان وقت مستعفي ٿيڻ جي ڌمڪي ڏني، جڏهن وزير اعظم بينظير ڀٽو صاحبه کيس هڪ اثر رسوخ واري ماڻهوءَ جي پٽ کي ڊي ايم جي گروپ ۾ رکڻ جي سفارش ڪئي. آخر ڪار محترمه کي مرزا صاحب جي ئي ڳالهه رکڻي پئي ۽ چيائين ته آئون ان ماڻهوءَ کي چوندس ته مرزا صاحب منهنجي نٿو ٻڌي. (جسٽس ظفر حسين اها ڳالهه پنهنجي هڪڙي يادگار انٽرويو ۾ رڪارڊ تي آندي هئي).

ڪامريڊ عاصم آخوند

ڪامريڊ عاصم آخوند

نوجوان مارڪسي استاد ۽ ڪامريڊ سان گهاريل ڪجهه پلَ

سجاد ظهير



اڄ ۲ سيپٽمبر آهي ۽ اڄوڪو ڏينهن سنڌ جي نوجوان فلسفي ۽ مارڪسي استاد ڪامريڊ عاصم آخوند جي جي وڇڙڻ جو ڏهاڙو آهي. سندس وفات ۲۰۰۸ع ۾ ڪراچي جي مقامي اسپتال ۾ ٿي. ڪامريڊ عاصم سان اسان جي دوستي تمام گهري هئي يا نه پر اسان لاءِ اها ڳالهه فخر جوڳي رهندي ته هو جيترو به عرصو بيماري دوران اسپتال ۾ رهيو اسان سندس خدمت ۾ پيش پيش رهياسين. عاصم پنهنجي پهرين آپريشن مان گهڻو مطمئن هو. اسان عزيز آباد واري علائقي جي طبيٰ اسپتال ۾ وٽس روز حاضري ڀريندا هئاسين. آپريشن کان پوءِ پرائيويٽ روم اسان جي ڪچهرين جو مرڪز بڻيل هو. ڪراچي ۾ رهندڙ ملڪ جي ناميارن ڪميونسٽ ۽ ترقي پسندن اڳواڻن پاران ڪيل عيادتن ڪامريڊ عاصم جي بيمار ۽ بائي پاس ٿيل دل کي متحرڪ ڪري ڇڏيو هيو. عاصم صحتياب ٿيڻ کان پوءِ پنهجي گهر حيدرآباد روانو ٿي ويو. گلستانِ سجاد ۾ آرامي ٿيڻ بجاءِ ملاقات لاءِ اچڻ وارن ۽ نظرياتي ساٿين کي سياست، علم، ادب ۽ فلسفو پنهجي جوهري انداز ۾ پڙهائيندو ۽ سمجهائيندو رهيو. عاصم جي بائي پاس ٿيل دل کيس سڪون سان سان ويهڻ نه ڏنو. ڪجهه ئي ڏينهن بعد هڪ دفعو ٻيهر ساڳي اسپتال ۾ پهتو. دل جو مرض هاڻي بخار جي صورت ۾ پويان لڳي ويو. سندس بخار ۱۰۰ ڊگري کان هيٺ لهڻ جو نالو ئي نه پئي ورتو، عاصم بخار جي ان ڪيفيت دوران به فلسفو سائنسي انداز سان پڙهائيندو هئو ۽ اسان جهڙا سيکڙاٽ کانئس پرائيندا هئا، هو اسپتال ۾ به ان وقت ملڪ ۾ هلندڙ وڪيلن جي جمهوري جدوجهد جون ڪاميابيون ٻڌائيندو رهيو.

ڊاڪٽر ايس ايم قريشي

ڊاڪٽر ايس ايم قريشي
ضلع دادو ۾ واقع قديم تاريخي شهر ”بوبڪ“ هميشه کان علم و ادب جو مرڪز رهيو آهي. هن شهر ۾ رهندڙ سيد، قريشي، عباسي، ميمڻ، چنه، ڪمبوه برادري علم و ادب ۽ هنر ۾ پنهنجو مٽ پاڻ هئا. ڪافي اعليٰ عهدا ماڻيندڙ ڪامورا، استاد، اديب، ڊاڪٽر، حڪيم ۽ ناليوار فرد هن شهر سان واسطو رکن ٿا.
نالو؛ شمس الدين قريشي.
ڄم؛ بوبڪ تاريخ ۳ مئي ۱۹۳۶.
ابتدائي تعليم؛ بوبڪ، دادو.
بي اي (سول) ۱۹۵۹ اين اي دي ڪاليج آف انجنيئرنگ ڪراچي.
ايم اي (اسٽرڪچرل انجنيئرنگ) ۱۹۶۵ بئنڪاڪ.
پي ايڇ ڊي (اسٽرڪچرل انجنيئرنگ) ۱۹۷۱ يو ڪي.
پاڻ مهراڻ ڪاليج هاڻي يونيورسٽي جا بنياد وجھندڙ (فائونڊر) ۽ وائيس چانسلر رهيا (۱۹۷۷_۱۹۸۷)

02 January, 2017

خير محمد ڪولاچي

خير محمد ڪولاچي

ڪئناڊا ۾ سنڌين جو سونهون

ذوالفقار شيخ (ٽورانٽو، ڪئناڊا)


سنڌين مان پهريان ته الائي ڪير ۽ ڪڏهن هن ملڪ ڏانهن لڏي آيو جنهن جي ٿڌ جهنم جهڙي آهي، ۽ اهو پهريون سنڌي ڪهڙن مرحلن مان گذري هتي سيٽل ٿيو، پر پنهنجو ديس ڇڏي پرائي ديس ۾ سيٽل ٿيڻ ڪيترو اڻانگو آهي، اهو مون کي هتي اچڻ جي پهرين ٻن چئن مهينن ۾ ئي اندازو ٿي ويو هيو ۽ پهرين ٻن ٽن ميهنن ۾ هر مهيني اهو سوچيندو هيس ته ايندڙ مهينو ڪڍي واپسي ڪبي ڇو ته هر قدم تي ڏکيائيون هيون، انهن ڏکيائين ۾ جيڪر خير محمد ڪولاچي صاحب جهڙي دلبر سونهي جو ساٿ نه هجي هان ته شايد مان دل هاري ويهان هان ۽ ڪڏهو ڪو واپس اچي وڃان هان. ڪولاچي صاحب جو اهو ساٿ رڳو مون لاءِ نه پر هر ان سنڌيءِ لاءِ هر دم ۽ قدم حاضر هوندو آهي جيڪو به ساڻس رابطو ڪندو آهي، هن جي طبيعت ۾ ڄڻ ته جواب نالي ڪو لفظ ئي ڪونهي.

ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو

ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو

[ولادت ۱۳۴۲ هه = ۱۹۲۳ع]

ميمڻ عبدالغفور سنڌي



زنده ليکڪن ۾ لاڙڪاڻي جو لائق رٽايرڊ استاد، پروفيسر عبدالڪريم ولد محراب خان سنديلو به آهي. سندس ولادت ۱۳۴۲ هه مطابق ۳۱ ڊسمبر ۱۹۲۳ع تي، تعلقي ڏوڪريءَ، ضلعي لاڙڪاڻي جي ڳوٺ ”محراب سنديلو“ ۾ ٿي آهي. شروعات ۾ ڪمپائونڊر ٿيو، جتان پرائمري ماستر جي حيثيت سان تعليم کاتي ۾ پير پاتائين. بي اي (آنرز) ايم اي (سنڌي ادب) ۽ لوڪ ادب جي موضوع تي ٿيسز (Theses) لکي، پي ايڇ ڊي (Ph: d) جون ڊگريون به ورتائين نهايت اورچ ۽ محنتي مڙس آهي، جنهن ڪري لڳاتار لوچڻ سان انگريزي استاد مان ليڪچرار ۽ اتان ترقي وٺي، ۵ اپريل ۱۹۷۹ع تي پرنسيپال جي عهدي تان رٽاير ڪيائين. هن وقت گهر ۾ آرم جي زندگي بسر ڪري رهيو آهي.

21 December, 2016

عطا دل - سرواڻ سنڌي


عطا دل

سندس ٻي ورسيءَ جي مناسبت سان اڄ ته آهي الوداع!

سرواڻ سنڌي

ڪجهه ڏينهن اهڙا هوندا آهن جن جي لاءِ دل چوندي آهي ته ڪاش اهي ڏينهن اچڻ کان اڳ ۾ ڪئلينڊر مان ختم ٿي وڃن يا بنا ٻڌائڻ جي گذري وڃن ۽ ان ڏينهن جي موجودگي جو پتو نه پوي، پر ائين ناهي ٿي سگهندو. 20 ڊسمبر به اسان ڪيڏي ڪوششون ڪريون، تڏهن به خاموشي سان نه ٿو گذري. 20 ڊسمبر تي اسان جو پيارو شاعر عطا دل اسان جي آڱرين مان پنهنجو هٿ ڪڍي ائين هليو ويو جو خبر ئي نه پئي، پر 20 ڊسمبر کي اسان جي لاءِ اهڙي طرح ڇڏي ويو آهي جو اسان ان ڏينهن اچڻ تي اهو محسوس ڪريون ٿا ته ”هُو اسان جو دوست ان ڏينهن تي اسان کان جدا ٿيو هو.“

دادي ليلاوتي تلسي داس هرچنداڻي

دادي ليلاوتي تلسي داس هرچنداڻي
ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ
تعارف
دادي ليلاوتي تلسي داس هرچنداڻي جو جنم ۲۰ ڊسمبر ۱۹۱۷ع تي سنڌ جي شهر حيدرآباد ۾ ٿيو. داديءَ جو خاندان پڙهيل لکيل آهي. سندن ڀاءُ واڌواڻي تيرٿ داس مشهور شخص هو ۽ هوتچند مولچند گربخشاڻي وارا سندن پڦيءَ جا پٽ هئا. هن سڄي خاندان کي شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ سان وڏي عقيدت آهي. دادي راڳ جي ڄاڻو، شاهه جي شيدائي ۽ رسالي جي پارکو آهي. هوءَ شاهه صاحب جون ڪافيون ۽ بيت اُڪير سان ڳائيندي آهي، کين مرحوم عثمان علي انصاري ريڊيو تي متعارف ڪرايو ۽ داديءَ سنڌ جي ڪيترين ئي نينگرين کي پنهنجو فن منتقل ڪيو آهي، جن ۾ روبينا قريشي ۽ جيجي زرينه بلوچ جا نالا اهم آهن، سندن خدمتون سنڌ جي نياڻين جي تعليم ۽ تربيت جي سلسلي ۾ اهم آهن. دادي ليلا جي دور ۾ عورتن جي تعليم ايتري عام ڪونه هئي. هن مشهور ڪندن مل گرلس اسڪول مان پڙهيو. عامل خاندان جي ديوانن مان آشا/ غلام فاطمه شيخياڻي (اسلام قبول ڪرڻ کانپوءِ جو نالو) ساڳئي اسڪول مان پڙهندڙ هئي ۽ پوءِ ڊاڪٽر شمس عباسي ۽ پوپٽي هيراننداڻي پڻ ساڳئي اسڪول مان پڙهيون هيون. انهيءَ اسڪول جون ماسترياڻيون داديءَ چواڻي ته Oxford جون پڙهيل هيون. دادي متي، دادي جگو ۽ ٻين کي انگريزي ٻوليءَ تي عبور حاصل هو. دادي ليلا ميوزڪ جي ڊگري پڻ حاصل ڪئي ۽ بي اي ۽ ايم اي (سنڌي) فرسٽ ڪلاس ۾ پاس ڪيائين. اپوا، ريڊ ڪراس، روٽري ڪلب، لئميڪ ۽ ٻين ادارن معرفت هن ڪيترائي سماجي ڀلائيءَ جا ڪم ڪيا آهن. هوءَ سماج سڌارڪ ۽ تعليمي ماهر ۽ فنڪار جي حيثيت ۾ سڃاتي وڃي ٿي. ٽريننگ ڪاليج فار وومين جي پرنسپال کان سنڌ اسيمبليءَ جي ميمبر (ٽي سال) ٿيڻ تائين پاڻ ڪيترن ئي ادارن جي سربراهي سنڀالي، سندس خدمتن جي عيوض هند توڙي سنڌ مان کيس ايوارڊن ۽ انعامن سان نوازيو ويو آهي. چند سال اڳ کيس صدارتي ايوارڊ عطا ٿيو. اڄ نوي سالن کان به وڌيڪ ڄمار هوندي دادي ليلا پنهنجي جنم ڀوميءَ سنڌ ۽ سنڌين جي خدمت کي افضل ڄاتو آهي. مون سندس گهر ٻه دفعا هرچنداڻي مينشن ڀرڳڙي روڊ هيرآباد تي ملاقات ڪئي ۽ کانئس انٽرويو وٺڻ چاهيم، پر داديءَ رسمي انٽرويو کان وڌيڪ جيڪا روبرو ڪچهري ڪئي، اها تمام اثرائتي هئي، جنهن جا اهم نقطا هن ريت آهن:

18 December, 2016

عمر ملاح - مٺل جسڪاڻي


عمر ملاح

سچ ڇا ۽ ڪوڙ ڇا؟

مٺل جسڪاڻي

مون جنهن شخص جي ڳالهه ڪرڻ گهري آهي، اھو شخص آهي، جنھن کي سڃاڻڻ وارا، ڏيھه توڙي پرڏيھه ۾، تمام گھڻا آھن. سندس ڳوٺائي، سندس ھم عمر، سندس ننڍپڻ جا ساٿي، جن سان جواني جي جوڀن تائين روح رچنديون رچايائين، انهن سان، سندس پھرين جيڪا سڃاڻپ ڪرايائين، ان نسبت سان، بدين شھر جي شاھنواز چوڪ مان نڪرندڙ سيراڻي کان به اڳتي ويندڙ روڊ سان قائم ھڪ قديمي ڳوٺ ۾ اک کوليندڙ شخص آهي عمر ملاح، جنھن جي ڳوٺ کان سڏ پنڌ تي دودي سومري جي مزار آھي.

17 December, 2016

تاجل بيوس

تاجل بيوس
بحيثيت شاعر
محمد سليمان وساڻ
خيرپور جي ڪچي ۾ ڳوٺ پير حيات شاهه ۾ تاج محمد سمون ۲۲ سيپٽمبر ۱۹۳۸ع ۾ جنم ورتو. ڪنهن کي به اها خبر نه هئي ته هي ننڍڙو ٻار وڏو ٿي تاجل بيوس بڻبو ۽ سندس ڪلام؛ ”سنڌ منهنجي امان! سونهن تنهنجيءَ مٿان، ڇا لکي ڇا لکان!“ سندس سڃاڻ بڻجي ويندو. سندس والد مرحوم محمد جعفر ڪو وڏو ماڻهو ته ڪونه هو پر ان باوجود هن پنهنجي پٽ کي سٺي تعليم ڏياري. تاجل بيوس ايم اي ته معاشيات ۾ ڪئي، پر هن جي اندر ۾ ننڍپڻ کان وٺي هڪ ڏات ڌڻي لڪل هو، جيڪو گيت تخليق ڪندو رهندو هو. اهو ئي سبب هو جو تاج محمد ادب جي دنيا ۾ تاجل بيوس ٿيڻ کي پسند ڪيو.

16 December, 2016

ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ


ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ
ولادت ۱۳۳۶ هه = ۱۹۱۷ع
ميمڻ عبدالغفور سنڌي
مشهور سنڌي اديب، مورخ، محقق، مبصر، اهل قلم، دانشور ۽ بيباڪ شخص، محترم ڊاڪٽر نبي بخش خان ولد علي محمد خان بلوچ، ۱۳۳۶ هه مطابق ۱۶ ڊسمبر ۱۹۱۷ع تي، ضلعي سانگهڙ، تعلقي سنجهوري جي ڳوٺ ”جعفر خان جمال“ ۾ تولد ٿيو. مئٽرڪ ۱۹۳۵ع ۾، بي اي ۱۹۴۱ع، ايم اي ۽ ايل ايل بي ۱۹۴۳ع ۾ پاس ڪرڻ بعد، آمريڪا جي ڪولمبيا يونيورسٽيءَ مان ايجوڪيشن (education) ۾ پي ايڇ ڊي (ph: D) حاصل ڪيائين. ۱۹۵۱ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ پروفيسر جي عهدي تي فائز ٿيو، جتان ۱۹۶۷ع ۾ وائيس چانسلر جي عهدي تان بدلي ٿي، اسلام آباد ۾ وزارت تعليم جي سيڪريٽريءَ جا فرائض سر انجام ڏيندو رهيو. هينئر رٽايرڊ ٿيڻ بعد، ثقافتي شعبي ۾ ڪم ڪري رهيو آهي.

14 December, 2016

ڊاڪٽر اديب رضوي - سعيد علي پٺاڻ


ڊاڪٽر اديب رضوي

انسان ذات جو مسيحا

سعيد علي پٺاڻ

سنڌ ۾ اصل ۽ پر خلوص تبديلي جو پايو وجهندڙن ۾ ڊاڪٽر اديب رضوي، عبدالستار ايڌي، ڊاڪٽر عشرت حسين، ميڊم انيتا غلام علي، عبدالرحمان ڇيپا، سيلاني ويلفيئر ايسوسيشن ۽ اسرا اسلامڪ فائونڊيشن نمايان آهن. هي بغير ڪنهن لالچ ۽ لوڀ جي ”خدمت خلق، عين عبادت“ تحت انسانذات جي خدمت ۾ مصروف آهن. هنن جي ڪم کي معاشرو عزت جي نگاهه سان ڏسي ٿو ۽ الله پاڪ انهن جي پرخلوص ڪوشش کي ڪاميابي ۾ تبديل ڪري ٿو.

انجنيئر حسين موسوي جي بقول ته ”اسلام آباد منافقن جو شهر آهي ۽ ڪراچي مومنن جو شهر آهي. سيد علي مرتضيٰ زيدي چوندو آهي ته ”اوهان خلوص سان ڪم ڪيو خدا ان ۾ واڌارو آڻيندو، ڪنهن جي به لائين يا دڳ کي ڪٽڻ جي ڪوشش نه ڪيو پر پنهنجي ڪم کي درست ڪرڻ جي ڪوشش ڪيو جيڪو به ڀلو ڪم ڪري ان جو ساٿ ڏيو ڀلي اوهان جو دشمن ڇو نه هجي“. اوهان پنهنجي ڪمن جي ترتيب ٺاهيو جيڪو ڪري سگھو ٿا اهو ڪيو باقي ٻين جي ڪم ۾ انهن جو ساٿ ڏيو.جيڪو ڄاڻو ٿا ان تي عمل ڪيو باقي جيڪو نٿا ڄاڻو خدا سنڀاليندو.

شيخ عبدالرزاق راز

عبدالرزاق (راز) شيخ

جديد سنڌي ادب جو شاعر آزاد نظم جي بانيءَ جي ياد ۾

ابراهيم لاشاري


سونهاري سنڌ کي اهو شرف حاصل آهي ته هن سر زمين وقت به وقت املهه ماڻڪ پيدا ڪيا جن پنهنجي ڏات فن ذريعي پنهنجو ۽ پنهنجي ديس جو نالو ڏيهان ڏيهه مشهور ڪرايو، اهڙن انسان منجهه سنڌي ادبي دنيا جو تمام وڏو ۽ سيبتو شاعر شيخ عبدالرزاق راز به هڪ آهي، جنهن سنڌ ڌرتي جي ٿڌڙي موسم يعني اربع ڏينهن ۲۹ جنوري سال ۱۹۱۹ع پراڻي سکر جي محترم منشي عبدالرئوف شيخ جي گهر منجهه اکيون کوليون سندس زندگي جي ابتدائي تربيت به پڙهيل لکيل ماحول منجهه ٿي ڇو جو سندس ڏاڏي وٽ وڏا عالم ۽ فاصل ڪچهريون ڪرڻ ايندا هئا. عبدالرزاق راز شيخ صاحب کي پنهنجي ادبي، اخلاقي ۽ شاندار تربيت ڪري سهڻيون صلاحون ۽ مشورن سان سر شار پيو ڪندو هو، شيخ صاحب جي ابتدائي تعليم پراڻي سکر جي شاهه خيرالدين جي درگاهه تي قرآن پاڪ جي تعليم سان ٿي، سندس استاد حافظ محمد بخش هو جيڪو ان زماني ۾ وڏو عالم ۽ بزرگ صفت سان سرشار هو ثانوي علم جون سندون پهريان سکر بعد ۾ عليڳڙهه ۽ لاهور منجهان حاصل ٿيس وڌيڪ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ ڪراچي جو رخ ڪيائين اعلي تعليم جا ڇهه ئي سال ڪراچي جي ڊي _جي سائنس ڪاليج  ۾ گذاري اتان ئي سندون حاصل ڪيائين، هن سهڻي سيبتي شاعر شاعري جي صنف جي تڪ بندي پنهنجي استاد (سيد شاهه محمد شاهه) دوستيءَ ۾ سکي، راز شيخ عبدالرزاق ادبي دنيا جو نرالو ۽ وڏو نانءُ پڻ هو، هي پهريون شاعر هو جنهن سنڌي زبان ۾ (آزاد نظم) لکي ڍير ڪيا ۽ سندي ادب جي سونهن ۽ واڌ ۾ تمام جهجهو اضافو پڻ ڪيو، ۱۹۴۵ ع جي زماني ۾ ايم اي  جي تعليم اڌ منجهان  ڇڏي، صحافت ڏانهن لاڙو ڪري (الوحيد) اخبار سان سلهاڙجي ملازمت اختيار ڪيائين .تنهن بعد جلدي سکر شهر اچي وسايائين ۽ ۱۹۴۸ع ڌاري سکر ميونسپالٽي جو (چيف آفيسر) مقرر ٿيو .ڏهه سال مسلسل انهي نوڪري جا فرض سرانجام ڏيندو رهيو، اوچتو اها نوڪري ڇڏي، سال ۱۹۵۸ع ڌاري اسلاميه ڪاليج سکر (مسلم هسٽري) اسلامي تاريخ جو ليڪچرر مقرر ٿي درس تدريس جي شعبي سان لاڳاپو قائم ڪيائين تنهن بعد روهڙي منجهه عطا حسين موسوي ڪاليج جو پرنسپال جي عهدي تي به ڪم ڪندو رهيو، شيخ عبدالرزاق راز ادبي دنيا جو روشن ستارو، لاجواب شاعر، سڀني صنفن ۾ رنگ نرالو جو ڀريو آهي پوءِ ڇو نه غزل هجي، يا آزاد نظم، گيت، بيت، وائي، سندس شاعري سڀني خوبين سان ٽم ٽار لڳي پئي آهي، جدت جو پهلو سندس شاعري منجهان نمايان نظر اچي ٿو سندس شاعري سڀني رنگن سان ڀري پئي آهي هو زندگي جي اهم مسئلن جي ترجماني پڻ شاعري وسيلي پنهنجي اندر ۽ من پاتال منجهان هن  طرح اظهار ڪري ٿو ته: