; سنڌي شخصيتون: September 2019

23 September, 2019

استاد لغاري

استاد لغاري

بايوڊيٽا ۽ پروفائيل



استاد لغاريءَ جو پورو نالو لقمان ولد محمد عالم (بن حاجي عليمراد بن محمد اسماعيل بن رستم خان بن ڪَوڙا خان بن نورنگ فقير بن محمود بن وليو خان بن پليو خان بن ميئو خان بن مغرو خان بن شاهن بن سهتڪ بن احمد (مورث اعليٰ احمداڻي پاڙو) بن اسماعيل بن بندوخ بن گوارڻ بن عالي بن نوح بن نواب بن رباح بن ڪباح بن شاهن بن ھارون بن رند بن جلال خان بلوچ) آهي. استاد لغاري ۲۱ نومبر ۱۹۵۶ع تي، ڳوٺ مولوي خير محمد احمداڻي تعلقي سانگھڙ ۾ جنم ورتو. پنج درجا سنڌي ۽ ديني تعليم پنهنجي ڳوٺ مان حاصل ڪري، مئٽرڪ ۱۹۷۹ع ۾ ھاءِ اسڪول سانگھڙ مان، انٽر ۱۹۸۶ع ۾ ڊگري ڪاليج کپري مان، بي اي ۱۹۸۸ع ۾، ۽ ايم اي ۱۹۹۱ع ۾، سنڌ يونيورسٽي ڄام شورو مان مڪمل ڪئي. ۱۹۸۳ع ۾ مسجد اسڪول ٽيچر، ۱۹۹۱ع ۾ جي ايس ٽي ۽ سال ۲۰۰۱ع ۾ ايڇ ايس ٽي مقرر ٿيو. انهيءَ دوران، پي ٽي سي، سي ٽي ۽ بي ايڊ جا ڪورس، علامه اقبال اوپن يونيورسٽي اسلام آباد مان ۽ ايم ايڊ جو ڪورس سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊو ڄام مان پاس ڪئي.

22 September, 2019

اوم شرما - ڀارومل امراڻي سوٽھڙ


اوم شرما
صحافي، ليکڪ ۽ مهمان نواز
ڀارومل امراڻي سوٽھڙ
اوم شرما جنهن کي اڄ به ڦڳڻ جي رُت ٿر ۾ ڳوليندي آهي، وسڪاري ۾ چنڊ آسمان تي اُتاولو ٿي پوندو آهي ته هُو ڪهڙي بادل کان اوم جو ڏس پڇي!؟ پر هو مٽي جي امانت هو، مٽي سان ملي مٽي ٿي ويو.

ڊاڪٽر قمر جهان مرزا


ڊاڪٽر قمر جهان مرزا
ڪاش اڃان ھوءَ نه وڃي ھا
نصير مرزا
جوانيءَ کان موٽندڙ وهيءَ تائين هُوءَ ايتري ته سدا بهار، خوش گفتار ۽ شگفته مزاج، جو جڏهن جڏهن به هن سان مليس، لڳو قرته العين حيدر جي ناول ”آگ ڪا دريا“ واري هيروئن ماهه طلعت يا الطاف فاطمه جي ناول ”دستڪ نه دو“ واري نائڪه گيتي آرا سان پيو ملان.... پر هيءُ تذڪرو ڪنهن جو آئون ڇيڙي ويٺو آهيان؟ وڻندڙ موهيندڙ ۽ دوستن وانگر پنهنجي عزيز ترين ڀيڻ پروفيسر ڊاڪٽر قمر جهان مرزا جو، جنهن تازو پنجين محرم الحرام تي هن جهان رنگ مان موڪلايو آهي. هاڻي سچي ڳالهه ته پروفيسر ۽ ڊاڪٽر جي لقبن سان ته هوءَ علمي ۽ ادبي حلقن ۾ معروف هئي، پر خاندان جي فرسٽ، سيڪنڊ، ٿرڊ هڪ جيڏين ڪزنس ۾ ۽ مون لاءِ به، هوءَ قمر ٿورو ئي... ”ادي گيگيءَ“ جي هُجائتي نالي سان سڏبي هئي. اڄ مُڙي ماضي ڏانهن ڏسان ٿو ته، منهنجون ڀيڻون، سئوٽيون، پُڦاٽيون ۽ ادي قمر جتي جتي ۽ جنهن جنهن محفل ۾ گڏبيون هيون، لڳندو هو باغ بُلبُلين سان ڀرجي ويو آهي. چرچا، ڀوڳ، کل، هڪ ٻئي جون نقلون، اَهلون. الاس، انهن منجهان ڪيئي ۽ تازو هيءَ آپا قمر به پنهنجي لحد ۾ جو لهي وئي ته گهرن جا گهر ۽ پينگهن جا پينگها، هاڻي سندن ٽمڪڻ کان جڏهن خالي ٿو ڏسان ته، درد جا گيت ذهن تي تريو اچن.

ڀڳت نيڻو رام - حليم باغي


سنڌ جو سنت
حليم باغي
Related image
ڀڳت نيڻو رام ۱۹۰۱ع ۾ ڄائو ۽ ۱۹۷۹ع ۾ گذاري ويو. اسلام ڪوٽ جي ننڍڙي ۽ خوبصورت ڳوٺ جو ويٺل، لوهاڻي ذات وارو هو. وطن مالوف سنڌ جا مختلف رهاڪو “هندو” پوءِ کڻي مالهي هجن، سونارا هجن، ڪولهي هجن، ڀيل هجن، ميگهواڙ يا اوڏ هجن.
اتر سنڌ جا ماڻهو هر ذات واري هندو کي “ديوان” سڏيندا آهن پر ايئن ڪونهي. ننڍي کنڊ ۾ منو جي جيڪا انسانيت ۾ تفريق وجهڻ جي روايت وڌي اُها تفريق ڏينهن ڏهوڻي ۽ رات ويهوڻي ترقي ڪندي رهي ٿي. ذات قبيلي جو غرور، ڪُل ۽ ڪڙم جو گهمنڊ رهندو آيو آهي. عربيءَ ۽ عجميءَ جا فرق ته تاريخ پاڻ ٻڌائي پئي. سنڌ ۾ جيڪي ڪڙم قبيلا، ذاتيون ۽ نسل رهن ٿا، انهن ڪڙمن قبيلن مان واڻين جي ڪميونٽي به هڪ آهي.

مٺو فقير ڍير وارو


مٺو فقير ڍير وارو
سنڌ جو فرهاد
استاد لغاري
اسان ايران جي مشهور عشقيه لوڪ داستان، “شيرين فرهاد” جو قصو، بچپن کان وٺي ٻڌندا ۽ پڙهندا آيا آهيون. ليڪن اڄ سنڌ جي هڪ اهڙي البيلي عاشق جو صفا سچو ۽ حقيقي قصو پڙهنداسين، جنهن ڪاٺيءَ جي پهوڙيءَ سان يا ٽيڪم سان، ڪنهن به پهاڙ يا جبل جو سينو ته ڪو نه چيريو، پر هن تغاريون، ٽوڪرا ۽ ڏلها کڻي، مٽيءَ جو هڪ وڏو ڍير (پهاڙ وانگر اوچو دڙو) جوڙيو. جنهن تي چڙهي، پنهنجي مٺڙي محبوب جي شهر جي ڏيئن ڏسڻ جو شوق پورو ڪيائين. هن البيلي عاشق جو نالو “مٺو فقير” هيو، جنهن کي “سنڌ جو فرهاد” به سڏيو ويندو آهي.

نظر محمد خان مھيسر


فائونڊر ميمبر ڊسٽرڪٽ ڪائونسل لاڙڪاڻو ۽ فائونڊر چيئرمين يونين ڪائونسل ڌڱاڻو مھيسر
مرحوم نظر محمد خان مھيسر، سن ۱۹۰۹ع ۾ پيدا ٿيا. پاڻ فارسي ۽ عربي جا وڏا ڄاڻو ھئا. ننڍپڻ کان ئي تمام گھڻا ذھين ۽ داناءَ ھئا. سندن ڏاھپ ۽ دانائي، اڄ به مشھور آھي.
نظر محمد خان جن جي سوچ، تمام گهڻي گھري ۽ وسيع ھئي. پاڻ جوانيءَ جي عمر ۾ ئي سوشل ايڪٽيوسٽ طور اڀريا. ان کان علاوه پاڻ تعليم دوست ھئا. سال ۱۹۴۸ع ڌاري ڳوٺ ۾ پرائمري اسڪول منظور ڪرايائون ۽ اڳتي ھلي، جڏھن ۱۹۶۰ع ڌاري بلدياتي نظام متعارف ٿيو ته پاڻ سياسي طور تي سرگرم ٿيا ۽ يو سي ڌڱاڻو مھيسر جا فائونڊر چيئرمين ۽ ضلع ڪائونسل لاڙڪاڻو جا ميمبر منتخب ٿيا.

10 September, 2019

ذوالفقار علي ڀٽو - ۱

ذوالفقار علي ڀٽو
عبدالستار ڀٽي
ذوالفقار علي ڀٽو تاريخ ۵ جنوري ۱۹۲۸ع صبح جو ۳ وڳي سر شاهنواز خان ڀٽو جي لاڙڪاڻي واري رهائشگاهه المرتضيٰ ۾ سندس ٻي گهر واري ليڊي خورشيد بيگم مان پيدا ٿيو. سندس پيدائش تي ڪيترن ڏينهن تائين خوشيون ملهائڻ لاءِ جشن منعقد ٿيا. سڄي سنڌ کان ايندڙ ملاقاتين ۽ مبارڪ ڏيندڙن لاءِ المرتضيٰ هائوس لاڙڪاڻي جا دروازا رهائش ۽ طعام سميت کليل رهيا، سندس نالو هڪ بزرگ پاران تجويز ڪيو ويو. سندس والد هڪ مسجد ۾ تلاوت ڪلام پاڪ کان پوءِ موجود ماڻهن اڳيان خطاب ڪندي اعلان ڪيو ته آئنده هن ٻار کي ذوالفقار علي سان سڏيو وڃي، در اصل ذوالفقار نالو ئي ڏاڍ ۽ جبر خلاف جدوجهد جي تصور جو آهي، حضرت علي پنهنجي ذوالفقار کي حق سچ ۽ ظلم کي ختم ڪرڻ لاءِ استعمال ڪندو هيو ۽ حضرت علي جي تلوار کي ذوالفقار سڏيو ويندو هيو جيڪو وڏي عزت ۽ احترام لائق هيو. جيئن ته ذوالفقار کي پيار مان ذلفي به سڏيو ويندو هيو ۽ ننڍپڻ جو عرصو هن پنهنجي والده محترمه خورشيد شاهنواز ڀٽو سان گذاريو جيڪا هڪ غريب گهراڻي جي اولاد هئي، تنهن ڪري ذوالفقار علي ڀٽو صاحب کي پرورش ۾ والده طرفان رحم، عزت، محبت، احترام، سادگي، صفائي ۽ سچائي جي لوري ملي ته والد طرفان شان، مان ۽ رعب، اعليٰ سوسائٽي، اعليٰ تعليم، بلند ۽ روشن خيالن جا دروازا کليل مليا.

زخمي چانڊيو

زخمي چانڊيو
انسان دوست، سنڌ جو اڏول شاعر
ابراهيم لاشاري
ڇو اچڻ ڀي ڇڏي وئين، ڇو ملڻ ڀي ڇڏي وئين،
سونهاري سنڌ جي تاريخي مطالعي ڪرڻ بعد معلوم ٿئي پيو ته هن سر زمين سنڌ هميشه هميشه ڪئي ڏاها، علم جي اڪابرن، صوفي، ولي، عالم، فاضل، اديب، شاعرن کي پنهنجي گود ۾ قديم زماني کان وٺي پئي جنم ڏنو آهي اهو سلسلو تا قيامت تائين جاري رهندو.

مير محمد خان نياز ٽالپر


مير محمد خان نياز ٽالپر
مير قائم خان ٽالپر
مير محمد خان ٽالپر ولد مير ڄام خان ٽالپر حيدرآباد کان ۱۰ ميل جي مفاصلي تي پنهنجي والد مير ڄام خان ٽالپر جي نالي سان ۱۷۹۰ع ۾ ٽنڊوڄام نالي ڳوٺ ٻڌو، جنهن جي لاءِ رحيم داد خان مولائي شيدائي پنهنجي ڪتاب جنت السنڌ جي صفحي ۶۱۴ تي لکي ٿو ته “مير محمد خان ولد مير ڄام خان ٽنڊو ڄام تعمير ڪرايو” انهي کان علاوه سنڌ جي تاريخ سوالن جوابن ۾ محمود صلاح کهڙو صفحي ۱۷۰ تي لکي ٿو ته “ٽنڊو ڄام مير محمد خان ولد مير ڄام خان تعمير ڪرايو”.

رام ڄيٺملاڻي

رام ڄيٺملاڻي
ھڪ مھان سنڌي سپوت جي موڪلاڻي
شوڪت حسين شورو
اھي سنڌي جن پنھنجي ذھانت ۽ محنت سان سڄي دنيا ۾ نالو ڪمايو، تن ۾ رام ڄيٺملاڻي ھڪ جينئس شخص ھو. پکيڙ ۽ آبادي جي لحاظ کان ھند جھڙي وڏي ملڪ ۾ وڏي ۾ وڏو قانون جو ماھر ۽ وڪيل ھڪ سنڌيءَ کي ليکيو وڃي، اھو اعزاز ملڻ سڄي دنيا جي سنڌين جي لاءِ فخر جو ڪارڻ آھي. رام ڄيٺملاڻي وڏي وڪيل ھجڻ سان گڏ تقرير ڪرڻ جو بادشاھ ۽ ھڪ اھڙو دانشور ھو جيڪو ڪھڙي به طاقتور شخص يا ڌر کي سچ چئي ڏيڻ ۾ ذرو به نه ڪيٻائيندو ھو. ھو جنھن سياسي جماعت ۾ شامل ھوندو ھو، ان جي اڳواڻن جي غلطين تي به تنقيد ڪندو ھو، جنھن ڪري ڪيترا ڀيرا کيس نه رڳو وزارتن تان ھٽايو ويو پر سندس پارٽي ميمبرشپ کي به عارضي طور ختم ڪيو ويو. سچ چوڻ واري ھن قلندر شخص انھن ڳالھين جي ڪڏھن به پرواھ نه ڪئي.

هيمراج سوٽهڙ


هيمراج سوٽهڙ
سگھڙ سياڻو
ڀارومل امراڻي سوٽهڙ
ٿر جي اونداهه راتين ۾ هُن وٽ ڏيئي جھڙي ڏيا هئي، هُن پنهنجي مڻيا سان اوتارو آباد ڪيو هو. سج لهندي چيلهار ۾ هُن جي چوئنري واري اوتاري جي اڳيان ماڻهن جا ميڙا ٿي ويندا هئا. منهنجي اها خوشي نصيبي آهي جو مون کي پنهنجي چاچي هيمراج جي ويجھو رهڻ جو وڏو موقعو مليو. چاچو هيمراج سوٽهڙ ٿرجي لوڪ ڏاهپ جو وڏو ڄا ڻو هو. هن جي ڳالهين ۾ وڏي گھرائي هوندي هئي. هُو سماج جي بنيادي نقطن تي سوچيندو هو. سماجي نفسيات کي سمجھندڙ هن شخص وٽ تجزئي ۽ پرک ڪرڻ جو وڏو تجربو هوندو هو. چاچو چوندو هو ته؛ مڙس ۽ گھوڙي کي پهرين نظر ۾ سڃاڻبو آهي.

هزار خان چانڊيو


هزار خان چانڊيو
هڪ بهادر صحافي ۽ محبوب شخص
حفيظ چانڊيو
زندگي پنهنجي جوهر ۾ ڪيڏي نه پياري ۽ خوبصورت هجي ٿي، جنهن ۾ هر هڪ انسان سينواريل هن سماج جي تبديليءَ لاءِ انيڪ سپنا سانڍي زندگيءَ جو ڪٺن سفر گهاريندو آهي. سپنا جن جي ساڀيائن لاءِ انسان اڀن ڪاون واري راهه تي هلندي پنهنجا پير پٿون ڪندو ٿو رهي ۽ پنهنجي مثبت سوچ ۽ مثالي ڪردار ساڻ ڪري جبل جهاڳڻ جي همت ڪري سپنن جي ساڀيائن لئه نڪري ٿو پئي، تازو وڇڙي ويل دلبر ساٿي هزار خان چانڊيو به اهڙي مثالي ڪردار جو مالڪ هو، جنهن پنهنجي اکين منجهه پاليل انيڪ سپنن جي ساڀيان لاءِ عملي ڪردار ادا ڪيو، هونئن به اها هڪ حقيقيت آهي ته هن سنسار ۾ نيڻن منجهه پاليل هڙئي سپنا ساڀيان ئي ناهن ٿيندا. ان باوجود به ڪي ڪي انسان پنهنجي عظمتن جي ڇانوري ۾ ڪجهه سپنن جي ساڀيان پنهنجو مقدر بڻائيندا آهن، هزار خان چانڊيو سنڌ جو هڪ بي مثال ڪردار هو جنهن جو لاڏاڻو ان وهيءَ ۾ ٿيو آهي، جڏهن جوانيءَ جو صبح ڪچڙي منجهند ۾ تبديل ٿيندو آهي ۽ زندگيءَ جا پاڇا اولهه ڏانهن لڙي رهيا هوندا آهن. هو زندگيءَ جي ڪٺن سفر تي هلندي ڪڏهن به نه ٿڪو، نه ئي مايوس ٿيو پر هن هميشه رستي ۾ ايندڙ هر رڪاوٽ کي مڙسيءَ سان ٿي هٽايو ۽ اڳتي ڪاروان کي روشن مسقبل ڏانهن ڪاهيندو پئي هليو، هن هميشه اڳتي وک وڌائڻ کي مان ڏنو، اهو ئي سبب آهي جو سندس اوچتو وڇوڙي بعد مون سميت سندس سارا دوست هنجون هاري لڙڪ لاريندا رهيا، هو شاهه سائين جي ڪلام جو هڪ لازوال ڪردارن منجهان هڪ اهڙو ڪردار هو،جنهن جي ڪا پڄاڻي نه آ ڇاڪاڻ ته اهڙا ڪردار لازوال هجن ٿا ۽ هميشه رهڻآ آهن، جنهن کي هلڻ جي جستجو ڪڏهن به ماندو نه ڪيو. هو پنهنجي ارادن ۾ هميشه هماليه جيان اڏول رهيو. سندس مضبوط ارادي جو ٻيو ڪهڙو مثال ڏيان ته سينواريل هن سماج جي ستم ظريفين کيس لوڏي سگهيون، نه ئي هن ڪڏهن اهڙين سختين سبب ڪڏهن وري ڪا آڻ ئي مڃي، هو سچ، پيار، محبت، انسانيت جو ڪن فيڪون کان ساهه جي آخري دم تائين ساکي هو، سندس جرئت آڏو ڏاڍ ۽ ڏمر جا پاسدار ڌريون ڏڪي ويندا هيا، هن هميشه پاڻ کي نٽهڻ اس ۾ رکندي به ماڻهن جي لاءِ هڪ گهاٽي وڻ جو ڪردار ادا ڪيو.

پريم شواڻي


پريم شواڻي
قديم ٿر جو جديد ماڻهو.
ڀارومل امراڻي سوٽھڙ
سائين پريم شواڻي ٿر جو سگهارو صحافي، شاعر، ناول نگار، چترڪار، مزاح نگار، منفرد مقرر ۽ استاد هو. جيڪو ڪڏهن انگريزي ۾ سوچيندو هو ته ڍاٽڪي ۾ اظهاريندو هو ته ڪڏهن ڍاٽڪي ۾ سوچي سنڌي ۾ لکندو هو. ڪڏهن لفظن کان لاتعلق ٿي ته پينسل جي لڪيرن ۾ پنهنجي راءِ رکندو هو. پر جي ڀر ۾ برش ملي ويندو هو ته رنگن جي روپ ۾ پنهنجا احساس اتاريندو هو.

07 September, 2019

اي ڊي ناريجو


اي ڊي ناريجو
سياسي ۽ سماجي ڪردار
سليم چنا
سياسي، سماجي ۽ اڻٿڪ محنت جي علامت بڻيل ڳوٺ جهنڊو ناريجو جو الله ڏنو جيڪو پوءِ پنهنجي طويل جدوجهد جي سڄي دور ۾ اي ڊي ناريجو بڻجي سامهون آيو. تنهن، سنڌ جي عظيم سورهيه شهيد هوش محمد شيدي جي آخري آرامگاهه ويجهو ميرن ۽ انگريزن جي جنگ واري علائقي ۾ بهار رُت وارن ڏينهن ۾ ۲۰ مارچ ۱۹۴۵ع ۾ ڳوٺ جهنڊو ناريجا ۾ وڏيري الله بچائي ناريجي جي گهر ۾ جنم ورتو. اي ڊي ناريجو پرائمري تعليم پنهنجي ڳوٺ مان حاصل ڪري، مئٽرڪ نور محمد هاءِ اسڪول، انٽر مسلم ڪاليج مان ڪري جڏهن سچل ڪاليج ۾ آيو ته نوجوان شاگردن جو اڳواڻ ٿيو.

سيد رسول بخش شاهه


سيد رسول بخش شاهه
لطيف جو پارکو ۽ تعليمي ماهر
علي ڏنو جروار
سنڌ سونهاري هر دور ۾ ڪيترا ئي اديب، دانشور، ڏاها، اهلِ علم ۽ تعليمي ماهر پيدا ڪيا آهن، جن مان هن وقت سيد رسول بخش شاهه به اهم حيثيت رکي ٿو، جيڪو تعليمي ماهر هئڻ سان گڏوگڏ ايليمينٽري اسڪولس، هاءِ اسڪولس ۽ هائير سيڪنڊري اسڪولس حيدرآباد ريجن جو ڊائريڪٽر پڻ آهي. ان جو سڀ کان اهم ڪارنامو ۽ ڪردار هي آهي ته هن حيدرآباد ريجن جي سيڪنڊري، هائير سيڪنڊري ۽ ايليمينٽري اسڪولن اندر گذريل ڪجهه سالن کان لطيف شناسيءَ جو هفتو ملهائڻ جو انعقاد ڪيو آهي. سندس اهو ڪارنامو تاريخ جي سونهري لفظن ۾ لکڻ جهڙو آهي. انهيءَ هفتي دوران حيدرآباد ريجن جي اسڪولن ۾ لطيف شناسيءَ جا تقريري مقابلا لطيف جا بت پڙهڻ يعني بيت بازيءَ جا مقابلا، لطيف جي شاعري تي خطاطي، لطيف جي سورمين ۽ ٻين ڪردارن بابت سوالن جوابن جهڙا پروگرام شامل آهن. جن حيدرآباد ريجن جي اسڪولن ۾ نواڻ پيدا ڪري ڇڏي آهي. ڇو ته ان کان اڳ سنڌ جي ڪنهن به اسڪول، ڪاليج يا يونيورسٽيءَ ۾ اهڙو ڪوبه سلسلو باقائدگيءَ سان ۽ رٿابنديءَ سان شروع نه ڪيو ويو آهي. مختلف هنڌن تي مختلف وقتن مطابق اهڙي قسم جا پروگرام ته ٿيندا رهندا آهن پر انهن کي باقائدگيءَ سان ڪا ترتيب ڏنل نه هوندي آهي. هي پهريون موقعو آهي جو سائين رسول بخش شاهه ذاتي طور تي ڪوششون ڪري اهڙي قسم جو سلسلو شروع ڪيو آهي. هونئن ته سنڌ ۾ ڪيترائي تعليمي آفيسر ۽ ٻين کاتن جا آفيسر موجود آهن، جيڪي علم، ادب، ثقافت، ڪلچر سان ته ضرور لاڳاپيل رهيا آهن، پر اهي اهڙي قسم جي پروگرامن ڪرڻ کان پاسيرا رهيا آهن. سائين رسول بخش شاهه صاحب جن کي جس هجي جن اهڙي قسم جا پروگرام ترتيب ڏيڻ جي رٿابندي ڪئي آهي ۽ پاڻ انهن پروگرامن ۾ باقائده ٽائيم سان طئي ڪيل هنڌن تي پهچندو ر هيو آهي.

02 September, 2019

جون ايليا


بُلي شاه اسان مرڻا ناهين، گور پيا ڪو ئي هور
بخشل ٿلهو
مير ۽ غالب کان وٺي ساحر لڌيانوي ۽ فيض تائين، هونئن ته اردو ادب منجهه ڪمال شاعر پيدا ٿيا آهن، انهن ڪمال شاعرن جي ڀر ۾ نه سهي، سندن سُنگ ۾ پنهنجي ئي هڪ نرالي جڳهه پيدا ڪندڙ، دورِ حاضر جو هڪ سرمست شاعر جون ايليا به هو، توڻي جو ڌڻيءَ، مانُ صرف ”عُرفي، خُسرو ۽ مير“ کي ڏنو. باقي غالب کي “۲۵ شعرن جو شاعر” ۽ اقبال کي “مصلحت پسند” سڏي، جنابِ جون پنهنجي دور جي شاعرن کي ته کنگهيو به ڪو نه.

01 September, 2019

ڏيارام گدو مل

سنڌ- هند جو مشهور سماجي خدمتگار ۽ قانوندان
ڏيارام گدو مل، ۳۰ جون ۱۸۵۷ع تي منشي گدو مل جي گهر حيدرآباد سنڌ ۾ ڄائو، جيڪو پاڻ به وڏو سخي مرد هو. سندس ڏاڏو منشي ميگهراج، چانڊڪا پرڳڻي ۾ ڪلهوڙن جي جرنيل شاهه بهاري جو منشي هو. شاهه بهاري سان ويجهڙائپ جي ڪري هنن جو خاندان شاهاڻي سڏجڻ لڳو.

ديدار فقير


ديدار فقير
صوفي بزرگ
۵۶ھين ورسي جي موقعي جي نسبت سان مختصر تاثر
ھن وقت جيتوڻيڪ ھن درگاھ تي انھن قومي ۽ ادبي ميڙاڪن جو اھو ۸۰ واري ڏھاڪي وارو عروج ن رھيو آھي، پر ان ھوندي ب ڪجھ ”مئخانن/ آستانن“ جي اھميت ۽ حيثيت ڏاڍي تاريخي ٿيندي آھي، ھن مئخاني جو ماضي به ان حوالي سان ڏاڍو شاندار رھيو آھي، نوان جتوئي جي تاريخ ۾ ھتي وڏا قومي ۽ ادبي ميڙاڪا ٿيا، ۸۰ واري ڏھاڪي ۾ پوري سنڌ ۾ ڪارو دور ھو، ضياء جي ان آپيشاھي واري ڪاري دور ۾.

ڊاڪٽر نياز سومرو


ڊاڪٽر نياز سومرو
دوستن کي مالها ۾ جوڙيندڙ
مهيش ڪمار
ڇڙوڇڙ دوستن کي جوڙيندڙ دلبر دوست ڊاڪٽر نياز سومرو جي ياد ۾ اڄ خانه بدوش رائيٽرس ڪيفي تي تعزيتي ريفرنس منعقد ٿي رهيو آهي. اهو ڪيترو ڏکائيندڙ مرحلو آهي، ڊاڪٽر نياز ڪيترن سالن کان پوءِ حيدرآباد آيو تمام تڪڙ ۽ جلدي ۾ ڇڙوڇڙ دوستن کي هڪ مالها ۾ جوڙي پنهنجا حالات قابو ۾ نه رکندي موڪلائي به ويو. ڊاڪٽر نياز سومرو جي ڪهاڻي نرالي آهي. راڻيپور جهڙي گرم علائقن مان ڄامشورو جهڙي سرد عاشق موسم ۽ ماحول ۾ اچي ڊاڪٽري پڙهڻ شروع ڇا ڪيو. پاڻ سڀني جو معشوق بڻجي ويو. راڻيپور ۾ سندس حالات قابو ۾ هئا يا نه پر ڄامشورو ۾ ڊاڪٽري پڙهندي حالات سندس مڪمل قابو ۾ هئا. ڊاڪٽر ٿيڻ جو ڪورس مڪمل ڪرڻ واري عرصي جي ڪهاڻي جو ذڪر به عاليشان آهي. پهريائين سندس لاهور ياترا جو ٿورو قصو ڪري ٿا وٺون.

احساس ميرل

احساس ميرل
حساس طبيعت جو مالڪ
سعيد چانڊيو
شاعر جو تخليقي ڪارنامو انھن حقيقتن جو عڪس ھوندو آھي، جيڪي سماج ۾ مروج ھونديون آھن. اُھي حقيقتون دنيا جو حسن، خوبصورتي، چمن، چراگاھون، گلزاريون، گلڪاريون، سمنڊ، نديون، نئيون، واديون، ڍنڍون، ڍورا، بحر، بيابان، ريگستان، جبل، پھاڙ، ٽڪريون، ماٿريون، ٿر، بر، وڻ، ٽڻ، ٻوٽا، گاھ، گل ۽ ٻيا قدرتي نظارا ھوندا آھن، جيڪي ڪشش جو سبب بڻبا آھن . ھن جي شاعريءَ جا موضوع اميد ۽ مايوسي، خواب ۽ خواھشون، آسون، امنگون، رنگ ۽ رتيون، بھار، خزان، سردي، گرمي، سرءُ، سرنھن جا پيلا گل، پيار محبت، شڪوا، شڪايت، سرچاءُ، رسامان، چنڊ، چانڊوڪي، اڪيلائي، ويراڳي، نشيلا نيڻ، ڪڪر، بارشون، بوندون، وڏڦڙا، کنوڻ، گجگوڙ ھوندا آھن. شاعري شاعر جي زندگيءَ جي غير مرتب تاريخ ھوندي آھي، جنھن ۾ شاعر جا داخلي ۽ خارجي، فڪري ۽ سماجي، سياسي ۽ ثقافتي مطلب ته ھر پھلو ظاھر ٿي سامھون ايندا آھن. شاعر جي شاعري ئي سندس آتم ڪٿا آھي، جنھن ۾ ھو پنھنجي زندگي جا عڪس چٽيندو آھي. سندس شاعريءَ ئي حياتيءَ جي آرسي آھي، جنھن ۾ سندس زندگي جا واقعا ۽ وارتائون پسي سگھجن ٿا. شاعر سماج جو اھو فرد ھوندو آھي، جنھن کي سماجي بھتريءَ جو گھڻي کان گھڻو اونو ھوندو آھي. تنھنڪري ئي ھڪ سٺي ۽ سماجي درد رکندڙ شاعر جي شاعريءَ سماجي برائيءَ، ظلم ۽ ستم، ناانصافيءَ ۽ حق تلفيءَ خلاف ھٿيار ثابت ٿيندي آھي.