هيمراج سوٽهڙ
سگھڙ سياڻو
ڀارومل امراڻي سوٽهڙ
ٿر جي اونداهه
راتين ۾ هُن وٽ ڏيئي جھڙي ڏيا هئي، هُن پنهنجي مڻيا سان اوتارو آباد ڪيو هو. سج
لهندي چيلهار ۾ هُن جي چوئنري واري اوتاري جي اڳيان ماڻهن جا ميڙا ٿي ويندا هئا.
منهنجي اها خوشي نصيبي آهي جو مون کي پنهنجي چاچي هيمراج جي ويجھو رهڻ جو وڏو
موقعو مليو. چاچو هيمراج سوٽهڙ ٿرجي لوڪ ڏاهپ جو وڏو ڄا ڻو هو. هن جي ڳالهين ۾ وڏي
گھرائي هوندي هئي. هُو سماج جي بنيادي نقطن تي سوچيندو هو. سماجي نفسيات کي سمجھندڙ
هن شخص وٽ تجزئي ۽ پرک ڪرڻ جو وڏو تجربو هوندو هو. چاچو چوندو هو ته؛ مڙس ۽ گھوڙي
کي پهرين نظر ۾ سڃاڻبو آهي.