; سنڌي شخصيتون: ذوالفقار علي ڀٽو، عبدالستار ڀٽي، گل محمد جکراڻي، عاجز جمالي، شمشاد قريشي، ابراهيم لاشاري، استاد لغاري،
Showing posts with label ذوالفقار علي ڀٽو، عبدالستار ڀٽي، گل محمد جکراڻي، عاجز جمالي، شمشاد قريشي، ابراهيم لاشاري، استاد لغاري،. Show all posts
Showing posts with label ذوالفقار علي ڀٽو، عبدالستار ڀٽي، گل محمد جکراڻي، عاجز جمالي، شمشاد قريشي، ابراهيم لاشاري، استاد لغاري،. Show all posts

10 September, 2019

ذوالفقار علي ڀٽو - ۱

ذوالفقار علي ڀٽو
عبدالستار ڀٽي
ذوالفقار علي ڀٽو تاريخ ۵ جنوري ۱۹۲۸ع صبح جو ۳ وڳي سر شاهنواز خان ڀٽو جي لاڙڪاڻي واري رهائشگاهه المرتضيٰ ۾ سندس ٻي گهر واري ليڊي خورشيد بيگم مان پيدا ٿيو. سندس پيدائش تي ڪيترن ڏينهن تائين خوشيون ملهائڻ لاءِ جشن منعقد ٿيا. سڄي سنڌ کان ايندڙ ملاقاتين ۽ مبارڪ ڏيندڙن لاءِ المرتضيٰ هائوس لاڙڪاڻي جا دروازا رهائش ۽ طعام سميت کليل رهيا، سندس نالو هڪ بزرگ پاران تجويز ڪيو ويو. سندس والد هڪ مسجد ۾ تلاوت ڪلام پاڪ کان پوءِ موجود ماڻهن اڳيان خطاب ڪندي اعلان ڪيو ته آئنده هن ٻار کي ذوالفقار علي سان سڏيو وڃي، در اصل ذوالفقار نالو ئي ڏاڍ ۽ جبر خلاف جدوجهد جي تصور جو آهي، حضرت علي پنهنجي ذوالفقار کي حق سچ ۽ ظلم کي ختم ڪرڻ لاءِ استعمال ڪندو هيو ۽ حضرت علي جي تلوار کي ذوالفقار سڏيو ويندو هيو جيڪو وڏي عزت ۽ احترام لائق هيو. جيئن ته ذوالفقار کي پيار مان ذلفي به سڏيو ويندو هيو ۽ ننڍپڻ جو عرصو هن پنهنجي والده محترمه خورشيد شاهنواز ڀٽو سان گذاريو جيڪا هڪ غريب گهراڻي جي اولاد هئي، تنهن ڪري ذوالفقار علي ڀٽو صاحب کي پرورش ۾ والده طرفان رحم، عزت، محبت، احترام، سادگي، صفائي ۽ سچائي جي لوري ملي ته والد طرفان شان، مان ۽ رعب، اعليٰ سوسائٽي، اعليٰ تعليم، بلند ۽ روشن خيالن جا دروازا کليل مليا.